ننڍڙا تارا سپنا منهنجا
خوبصورت شاعر ملهار چانڊئي جي شاعريءَ تي لکيل تاثر
علي زاهد
هر شاعر اندر نُون. مِيم راشد جو “حَسن ڪوزاگر” ويٺل آهي جيڪو لفظن
جا ٿانوَ لسائي خيال جي آويءَ ۾ پچائي ٿو ۽ سندس اهو عمل کيس به ان خيال سان گڏ
آويءَ ۾ پچائي ٿو. تخليق اهو کورو آهي جنهن ۾ کامڻ اوس آهي، پر تنقيد هٿ آڱر جي
اها ٺڪ ٺوڪ آهي جيڪا جاچيندي آهي ته ان ٿانوَ ۾ ڪيترو ست آهي. منهنجي نظر ۾ نقاد
اها اک آهي جيڪا آئينو بڻجي تخليقڪار جي اڳيان بيهي ٿي رهي جنهن ۾ هو پنهنجي تخليق
جي چهري جي ٻيهار سنوار ڪري سگهي ٿو، پر آئيني لاءِ اهو به شرط آهي ته ان کي به
صاف شفاف هئڻ گهرجي، جيڪڏهن ان تي خود داغ هوندا ته اهو ڪنهن ٻئي کي ڪهڙو چٽو عڪس
پسائڻ جي دعوى ڪري سگهي ٿو.
نه ڄاڻ ڇو هرڪو ان ڳالھ تي اتفاق ڪندو آهي ته سمورا شاعر انائن جي
مٽيءَ مان ڳوهيل هوندا آهن، ضرور هوندا پر مون اهڙا ڪيترائي شاعر ڏٺا آهن جيڪي نه
صرف شاعر خوبصورت هوندا آهن پر اهي ماڻهو به ڏاڍا موچارا هوندا آهن. سندن شاعريءَ
۾ بيان ڪيل داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون هوبهو سندن مزاج، شخصيت ۽ ماڻهپي جي عڪاسي
ڪنديون آهن. منهنجو اهو مقصد هرگز ناهي ته جن شاعرن يا ماڻهن ۾ انا هوندي آهي ته
انهن ۾ ماڻهپو ناهي هوندو. سنڌ اندر شاعرن جي جيڪا مالها آهي ان ۾ ڪيترا ئي اهڙا
خوبصورت موتي موجود آهن جن وٽ اها چمڪ ته آهي جيڪا ڪنهن جو به ڌيان پاڻ طرف ڇڪائي
سگهي پر انهن طرف ڄاڻي واڻي ڌيان جا در ناهن کوليا ويندا، يا انهن تخليقڪارن جا
ڪجھ ٻيا پاسا تمام سگهارا هوندا آهن جنهن جي ڪري هر ڪو سندن خوبصورت تخليقن طرف
ڌيان ڌرڻ بجاءِ سندن ٻين خوبين جا ڳڻ ڳائيندو رهندو آهي. سنڌ جي اهڙي ئي هڪ
خوبصورت تخليقڪار ملهار چانڊئي کي به جڏهن ياد
ڪجي ٿو ته هڪ کل مُک چهرو اکين آڏو تري اچي ٿو جنهن جي نهٺائي ۽ نوڙت جي باري ۾
سوچي چپن تي پاڻمرادو هڪ مرڪ تري اچي ٿي جيڪا ان ڳالھ جي ساکي هوندي آهي ته ملهار
ڪيڏو نه جهيڻو مزاج رکندڙ ۽ دلبر ماڻهو آهي. انائن کان وانجهيل، جهيڙن جهميلن کان
پرانهون ملهار چانڊيو نه صرف پنهنجي اندر جي ماڻهوءَ کي جيئرو رکندو پيو اچي پر
سندس اندر ۾ جيڪو شاعر ويٺل آهي اهو به شاعر گلزار
جيان ڏاڍو نفيس آهي. ملهار جو انداز بيان ڏاڍو دلفريب آهي، ننڍن بحرن ۾ لکيل سندس
غزل اهي مالهائون ڀاسندا آهن جن ۾ سندس خيالن جا املھ موتي پوئيل هوندا آهن. ملهار
جا ڪجھ خيال سندس نالي جيان مينهن ڪڻيون بڻجي اندر جي ٺوٺ ڌرتيءَ تي وسن ٿا جنهن سبب
پڙهندڙ پنهنجو پاڻ ۾ منظرن جون حسناڪيون ۽ ڀنل مٽيءَ جو هڳاءُ ماڻي ٿو.
جيڪڏهن هڪ شاعر جي نظر سان دنيا کي ڏسڻو هجي ته پوءِ عام نظر کان
بي نظر ٿيڻو پوندو ڇاڪاڻ ته شاعر ٻه حق رکي ٿو. هڪ اهو ته شاعر فطرت کي اصل شڪل ۾
بيان ڪري ٿو ۽ ٻيو اهو ته هو فظرت ۾ هٿ چراند به ڪرڻ جو حق رکي ٿو ان هٿ چراند کي
شاعريءَ جي زبان ۾ تشبيهون ۽ استعارا چيو ويندو آهي. پنهنجي ان حق کي ملهار ڏاڍي
سهڻي انداز سان ڪتب آندو آهي جنهن جو هڪڙو مثال سندس هن شعر مان چڱيءَ پر پروڙي
سگهجي ٿو:
تنهنجو هر هڪ خواب آ سورج،
ننڍڙا تارا سپنا منهنجا.
ملهار پنهنجي محبوبه يا ڪنهن پياري ماڻهوءَ جي خوابن کي سج سان
ڀيٽي ۽ پنهنجن سپنن کي ننڍڙا ستار ڪوٺي ظاهري طور تي پنهنجن خوابن کي معمولي ڪوٺيو
آهي، ننڍڙو سڏيو آهي پر هن پنهنجي ڪيفيت بيان ڪرڻ لاءِ فطرت جي انتهائي خوبصورت
حسن جو سهارو ورتو آهي. هڪ شاعر جي سڃاڻپ لاءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو لفظ ڪتب آڻجي ته اهو
هوندو عام ماڻهن کان وڌيڪ حساس، هڪ شاعر پنهنجي چوڏس فطرت جي نظارن کي پنهنجي اندر
جي ڪيفيتن ۾ ٻڏل محسوس ڪندو آهي. سمورن پهرن ۾ ڪو به پهر شاعر لاءِ بي معنيٰ ناهي
هوندو هر پهر جو عڪس هن جي شاعريءَ ۾ چٽو نظر ايندو آهي پر شيخ
اياز چواڻي ته “ننڊ شاعريءَ جي پهاڄ هوندي آهي”، ملهار به اياز جي ان
ڳالھ کي سمجهي ورتو آهي، پنهنجن اکين کي اوجاڳن جو هيراڪ بڻائي شاعريءَ کي پنهنجو
ڪيو آهي ڇو ته رات جا پويان پهر اهي پهر هوندا آهن جتي هڪ شاعر پنهنجو پاڻ سان
سولائيءَ سان ملاقات ڪري سگهي ٿو ۽ پاڻ ۾ ۽ زماني ۾ فرق ڳولي سگهي ٿو، ملهار جي اها
ڳولا سندس هنن سٽن مان پسي سگهجي ٿي:
چنڊ ڇو خفا آهي؟
رات کان جدا آهي.
مان وفا جو متلاشي،
شهر بيوفا آهي.
اهو هڪ شاعراڻو سوال آهي، چنڊ جو رات کان جدا هجڻ وارو خيال ڏاڍو
خوبصورت ۽ نفيس آهي. ملهار جي شاعري جيڪا به مون پڙهي آهي ان ۾ مايوسي واريون
ڪيفيتون جام ملن ٿيون، مايوسي هر انسان جي زندگيءَ جو حصو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها
مايوسي زندگيءَ کان به مايوس ڪري ڇڏيندي آهي پر زندگيءَ جون ڪجھ سرگرميون جيئڻ
لاءِ اتساھ جو ڪارڻ بڻبيون آهن پر جي انهن ۾ ڪا رڪاوٽ اچي وڃي ته پوءِ زندگي بي
رونق محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، انهن اندر جي مايوسين کي اورڻ جو ڪمال وري ڪنهن ڪنهن وٽ
هوندو آهي جيئن ملهار پنهنجن اهڙين ڪيفيتن کي ڪيڏو نه ڀرپور نموني سان بيان ڪيو
آهي:
جستجو ناڪام ٿي وئي،
زندگيءَ جي شام ٿي وئي.
اهي سٽون جيتوڻيڪ اداس ڪندڙ آهن پر اهو سوچڻ تي ضرور مجبور ڪن ٿيون
ته شاعر پاڻ ڪيڏو نه ڪرب مان گذريو هوندو جڏهن اهي سٽون سرجيون هوندائين؟
جيڪڏهن شاعريءَ مان محبوب ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ شاعري ۽ شاعر ڇا معنيٰ؟
شاعر ڀلجان پنهنجي قلم جو رخ ڪهڙي به پاسي وٺي وڃي پر محبوب جو عڪس سندس خيال کان
پري ٿيڻو ئي ناهي سندس خيال کي محبوب جي رهبري انتهائي ضروري آهي نه ته دڳ ڀلجڻ
اوس آهي، پر جنهن جي آس ۽ محبوب جي خيال جي تشبيھ ساڳي هجي، ان جو دڳ ڀلجڻ ڪيئن ٿو
ممڪن ٿي سگهي؟ ملهار جي هڪ وائيءَ جي هنن سٽن کي سولائيءَ سان نظرانداز نٿو ڪري
سگهجي:
من ۾ آس ٻري
ميڻ بتيءَ وانگر،
منهنجي سوچن تي
تنهنجو عڪس تري
ميڻ بتيءَ وانگر، دنيا ۾ ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن ۾ برداشت جو
مادو گهڻو هوندو آهي. اسان اڄ ڪلھ جنهن دور مان گذري رهيا آهيون اهو نفسا نفسي جو
دور آهي، اهڙي ماحول ۾ ڪير به ڪنهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي پر هنن سٽن ۾
ملهار پنهنجي خوبي پاڻ ئي بيان ڪري منهنجي ڳالھ سولي ڪري ڇڏي آهي:
زندگيءَ ڀر چُپ رهيس،
اي ستمگر چُپ رهيس.
ٺوڪرون وک وک مليون،
بڻجي پٿر چپ رهيس.
پوءِ اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ڪو سڏ ڪري ٿو ته ان جو سڏ نه ورنائڻ وارو
عمل هڪ غير يقيني صورتحال کي جنم ڏئي ٿو، اڍنگا رويا برداشت ڪري ڪري ماڻهو پنهنجو
به يقين وڃائي ويهندو آهي ۽ پوءِ هر سڏ معنائون وڃائي ويهندو آهي ملهار به ڪجھ
اهڙن سڏن کي ورنائڻ کان چپ رهڻ کي ترجيھ ته ڏئي ٿو پر سندس من ۾ هورا کورا پڻ
هوندي جنهن کيس اهو لکڻ تي مجبور ڪيو ته:
ڪنهن سڏيو هُن ڀر ملهار،
آنءُ هِن ڀر چُپ رهيس.
No comments:
Post a Comment