02/11/2014

علي! تون خاموش ڇو آهين؟! - اقبال هاليپوٽو (Iqbal Halepoto)

علي! تون خاموش ڇو آهين؟!
اقبال هاليپوٽو

ارسطوءَ چيو آهي ته ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ ڳوڙهي ۽ پيچيده آهي، ۽ فلسفي کان وڌيڪ گهرائي رکندڙ اظهار جو طريقو آهي“. اهو ته خيال آهي ارسطوءَ جو، پر حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ته شاعري جيتري پيچيده ۽ ڳُوڙهي آهي اوتري وري سادي سلجهيل سُٽ جيان آهي، جيڪا ازخود روح جي گهراين تائين گهڻن الجهيل سُٽن کي سلجهائي به ويندي آهي، ۽ اها ئي هڪ شاعر جي خوبي هوندي آهي ته هو الجهيل شين کي ڪيترو سلجهائي ٿو سگهي. تڏهن ته شاعري هر محاذ تي رهبريءَ جي دعوى ڪندي رهي آهي جيڪا سچ به ثابت ٿي آهي. سماج جي ننڍن ننڍن مسئلن کان وٺي قومي بقا جي جنگن تائين شاعري ئي پنهنجي ڀرپور ڪردار سان اڳيان اڳيان هلندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ئي شاعر قومن جا نه رڳو ورثا قبول ڪيا ويندا آهن پر انهن کي اهو مقام به مهيا ٿيندو رهيو آهي جنهن تي قومون پنهنجي تاريخ ۾ هميشه ناز ڪنديون رهيون آهن. شاعري جيسين زنده هوندي آهي تيسين قومون پنهنجي بقا جي جنگ ڏاڍي جاندار انداز سان وڙهنديون رهنديون آهن. ائين اسان به پنهنجي قومي تاريخي ورثن سميت ان شاعري تي فخر ئي ڪندا رهيا آهيون جنهن جي طفيل اسان جا نسل پنهنجو ڪنڌ اوچو رکندا آيا آهن.

جڏهن سنڌي شاعريءَ جو ذڪر هجي ۽ اتي علي آڪاش جو ذڪر نه هجي، ته اهو موضوع نه رڳو اڻپورو پر پنهنجي دؤر سان نا انصافيءَ جي سبب به ڳڻجندو. علي آڪاش پنهنجي عهد جو هڪ اهڙو تخليقڪار آهي جنهن وٽ ڏات جا رنگ ڏاڍا گهرا ۽ پرين جي ڀاڪرن جهڙا حسين احساس پسي سگهجن ٿا. علي جڏهن شاعراڻي سفر تي نڪري ٿو ته گهڻيون الجهيل ڳالهيون به سلجهڻ لڳن ٿيون. علي آڪاش پنهنجي دور جي انهن تمام ٿورڙن تخليقڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو جن پنهنجو گس پاڻ ڳولي لڌو آهي، هن ڪنهن به ٻي جي پيرن تي پير رکي ڪو سفر طَي ناهي ڪيو، پر اهي مسافريون ڪيون آهن جن لاءِ هن جا پير پنهنجا پنڌ پاڻ تلاش ڪندا رهيا آهن جنهنڪري ئي هو جڏهن به لکڻ جي حوالي سان خاموش ٿئي ٿو ته پنهنجي دؤر کي ان جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ته هڪ ڀرپور آواز ڇو خاموش ٿي ويو آهي؟ اها ئي هن جي وڏي ڪاميابي آهي جو هن پنهنجو احساس ٻين کان ڪرائي ورتو آهي ۽ هن کي ان تي فخر به آهي ۽ اهو هر تخليقڪار جو حق آهي ته هو پنهنجي غير روايتي اظهار تي فخر ڪري ۽ پنهنجي هئڻ جو اعلان ڪري، ته ڏسو آئون به هن جهان ۾ آهيان.
اجهامي نه ڪڏهن، اها اڃ آهيون
سوين مئڪدا پِي، ڪندا سڃ آهيون
متان ايئن سمجهين رڳو سَڌ آهيون
وٽي جو وڌائي
اسين سر وڌايون
اسان لاءِ ارهي ڪٿي آ اڏي
ڀلا ڇو نه هوندي اسان کي مڳي
علي آڪاش پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ جي سگهه پڻ رکي ٿو. هن وٽ اهو فن آهي جو هن جا نظم هر دؤر ۾ پنهنجي نسلن کي سندن اندر جي آوازن جو پڙاڏو محسوس ٿيندا رهيا آهن، جنهن جو ئي ڪارڻ آهي جو هن وٽ هر پڙهندڙ کي پنهنجي اندر جي احساسن جو روپ ملي ٿو. هن وٽ شاعراڻو اظهار ايترو ته سگهارو ۽ حسناڪين سان ڀرپور آهي جو ماڻهو ان جي سحر ۾ ڪيترائي ڏينهن گم رهي ٿو. اِها ئي اُها افاديت آهي جيڪا هڪ شاعر کي نمايا ڪري اڀاري ٿي. علي جڏهن هي نظم ” مان ڌراڙو، پر ڪراڙو“، لکي ٿو ته سندس شعر جو سونهن کان ڀلا ڪهڙو منڪر انڪار ڪري سگهندو جنهن جي شاعراڻي ادراڪ ۾ ماڻهو صدين جو سفر به چند لمحن ۾ ڪري ٿو وٺي.
فصل ڪيڏا راحتن جا مون چُڳيا
ٻارِ جئن مون ننڊ چوري
ڪيترين اَلهڙ جوانين جِي ڪئي
ڪيترائي پيار آواندن جيان مون لئه کُليا
ڪيترن ئي هينئڙن ۾ عشق منهنجو
ڇاڇ جئن ڇلندو رهيو
علي آڪاش جتي پنهنجي شاعراڻي سفر ۾ جدت جي رنگن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو اتي هن پنهنجي ان ڪلاسيڪل ورثي کي به پنهنجي فقيراڻي گودڙيءَ ۾ سميٽي رکيو آهي، ۽ اها ته پاڻ سڀني کي خبر آهي ته جيستائين اسان کي پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي جي اهميت ۽ افاديت جي ڄاڻ هئڻ سان گڏ جديد ادب جي گهرجن کان واقفيت نه هوندي ان وقت تائين آرٽ جي انهن گهرجن کي پورو نٿو ڪري سگهجي جن کان سواءِ شاعري ۽ ادب ۾ پنهنجي سڃاڻ سان گڏ پنهنجي دؤر کي اهڙو وکر نٿو ڏئي سگهجي جنهن جي ان کي گهرج هوندي آهي. ۽ علي انهن سڀني گهرجن کان واقف به آهي، ته هن ان اهميت کي نظر ۾ رکندي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي پنهنجي دؤر سان گڏ ايندڙ نسلن کي به آرٽ جي ان اهميت کان واقف ڪيو آهي ۽ اهو گس به مهيا ڪيو آهي جنهن تان اسان بهتري طرف پنهنجو سفر روان دوان رکي سگهون ٿا. سندس هي خوبصورت دها پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي سان جڙيل هئڻ سان گڏ سندس فڪري بلندي جو مظهر آهن ته
”گوڙي مندر“ جاڳيو آهي، موٽيو مهاوير
پر جو ماڻهوءَ کي جاڳائي، سوئي منهنجو پِيرُ
يا
عشقُ نماڻو اهڙو آهي، ڀورَ ڪري ارڏائي،
مندر مان اڄ ديوي نڪري، پوڄاريءَ گھر آئي.
مختلف شخصيتن يا ڪردارن تي ته هر دؤر ۾ لکيو ويو آهي ۽ انهن کي شاعريءَ ۾ ڀيٽا ڏني وئي آهي پر جڏهن اسان ان جو هڪ اڻڌريي پڙهندڙ جي نگاهه سان جائزو وٺنداسين ته اهي گهڻي ڀاڱي قصيدا گوئي ۾ شمار ٿيندا. اسان جي ماضي کان وٺي موجوده دؤر تائين اسان جي گهڻ شاعرن اهڙي قصيدا گوئي ڪئي جو پڙهندڙ دنگ رهجيو وڃي پر ان سان گڏ اها به تاريخي حقيقت آهي ته قصيدا گوئي هڪڙي مخصوص وقت تائين ته پنهنجي اهميت رکندي آهي پر مستقبل ان کي پاڻ وٽ ڪابه جڳهه ناهي ڏيندو ان ڪري جيڪي آفاقي شاعر آهن انهن گهڻي ڀاڱي قصيده گوئي کان پاسو ڪيو آهي ۽ تاريخ به اهڙي عمل کي چڱي نگاهه سان ناهي ڏٺو. تخليقڪار جڏهن ڪنهن شخصيت جي چونڊ ڪري ان تي لکي ته ان ۾ اهو تخليقي جوهر ۽ آرٽ جي فڪري اڏام موجود هجي ته پوءِ اها ان کي متضاد نٿي بڻائي، ۽ پوءِ اهڙي تخليق کي قصيده گوئي نٿو چئي سگهجي. علي آڪاش اتي به ان تاريخي شعور کان واقف آهي تڏهن ته هن ڪنهن به شخصيت تي لکڻ کان اڳ ان جي تاريخي ڪردار سان گڏ پنهنجي شاعراڻي ايپروچ جي ڪري آرٽ جي ان گهرجن مطابق تخليق سرجي آهي جو ڪو به تاريخدان يا مورخ هن تي قصيده گوئي جو الزام نٿو هڻي سگهي بلڪ پنهنجي ايندڙ نسل به هن جي اهڙي عمل کي ساراهه جوڳي نگاهه سان ضرور ڏسندا، هو جڏهن سنڌ جي ڏاهي محترم سائين ابرهيم جويو جهڙي آفاقي شخصيت تي لکي ٿو اتي سندس ڏات جي حسناڪي ته ڏسو.
وسريل آهي
سڀ کان ڳٽُ غلاميءَ وارو
پر ڏئي سٽَ ڇنڻ ٿو چاهين
ڏاها تنهنجو ڏڍ غضب جو
۽ هيءُ تنهنجو وڍُ به گهَرو
هن پيريءَ ۾
سونَ سريکي زنجيريءَ ۾
آزاديءَ جو پتلو چاهين
چئه تون ڇاهين!
يا همعصر جي همعصر واري جيلسي جيڪا اسان جي سماج ۾ هڪ رويو بڻجي چڪي آهي، اتي علي آڪاش ان رويي کي نظرانداز ڪندي ملي ٿو اهو ئي سبب آهي جو هو ايوب گل جهڙي خوبصورت ۽ پنهنجي همعصر شاعر کي ڀيٽا ڏئي ٿو، ۽ اها ڀيٽا به پنهنجي خوبصورت شاعراڻي اظهار سان گڏ هڪ پيغام پڻ آهي جيڪو هو پنهنجي نسلن کي منتقل ڪري ٿو ته  جمود ۽ انتشار هيئن به گهٽائي سگهجي ٿو:
پاڻ ههڙا پلَ پيارا ڇو وڃايون
جي وري مِلڻا نه آهن
هن وهيءَ جي وڻَ مان جي ويا ڇڻي
ٻيهر ڪڏهن کِلڻا نه آهن
ان ڪري ئي
آءُ پيارا پيار جا ئي ٿي وڃون
جي نه پنهنجو ٿو ٿئي، پو ڇا ڀلا؟

هُن يار جا ئي ٿي وڃون.

No comments:

Post a Comment