30/11/2014

انسانذات جي ڪهاڻي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



انسانذات جي ڪهاڻي
رکيل مورائي
انسانذات جي ڪهاڻي ڪيتري پراڻي آهي. انسان ڪيترو وقت ارتقا جا مرحلا طئي ڪيا آهن، ڪهڙين تڪليفن ۽ عذابن مان گذري اڄ جي منزل تي پهتو آهي ۽ اڳتي هو ڪيڏانهن وڃڻو آهي. جيتوڻيڪ اهي سڀ موضوع الڳ الڳ به آهن، ته ساڳئي وقت گڏيل به آهن.
انسان جي ارتقا بابت ڪيترن ئي عالمن، اڪابرن، سائنسدانن ۽ تاريخدانن گهڻو لکيو آهي ۽ سچ اهو به آهي ته جيترو گهڻو لکيو ويو آهي، اوترو ئي ٿورو سمجهڻ گهرجي. انسان جي ارتقا هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي جيترو لکيو ويندو اوترو وڌيڪ لکڻ لاءِ رستا کٽندا ويندا ۽ انسان پنهنجي سفر کي ٿورو يا گهڻو سمجهندو ويندو.

هڪ پاسي مذهب جون ڪٿائون آهن ۽ ٻئي پاسي سائنس جون حيرت انگيزيون آهن، وچ ۾ انسانذات جو سفر آهي، جنهن جي ٻنهي پاسي ٻه ڪشادگيون آهن ۽ ڏسجي ائين ٿو ته پئي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي رهيون آهن ۽ انهن وڇوٽين کي ٻنهي پاسي جا عالم ۽ اڪابر گهٽ ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل آهن، جن مان يورپي ليکڪ هينرڪ ولم ون لون جو نالو به آهي، جنهن پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي کان پوءِ انساني ارتقا بابت هڪ اهم ڪتاب لکيو آهي جيڪو تازو ئي سنڌيءَ ۾ ”انسانذات جي ڪهاڻي“ جي نالي سان ترجمو ٿي ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ انسان جي ارتقا بابت لکيو آهي ته ان ڪيئن الڳ الڳ مرحلا پار ڪري هن ڌرتيءَ جي گولي تي پنهنجي جاءَ جوڙي آهي. جيتوڻيڪ ڌرتيءَ جي گولي تي کائنس اڳ به ڪيئي ڪروڙين جاندار موجود هئا پر هو سڀنيءَ کان تيزيءَ سان ارتقا جا مرحلا طئي ڪندو اڄ جي صورت ۾ پهتو آهي. ليکڪ جو هيءُ ڪتاب انساني ارتقا بابت لکيل ڪتابن جي ان فهرست ۾ آهي، جن ان ڏس ۾ انسان کي پاڻ بابت گهڻي معلومات فراهم ڪئي آهي.
هينرڪ ولم وان لون جو هيءُ ڪتاب جڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي. تڏهن يقينن هڪ اهڙي ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي، جيڪي ڪتاب انساني ارتقا بابت علم ڏيندڙ آهن ۽ هيءُ ڪتاب دنيا جي انهن علائقن لاءِ ته تهائين وڌيڪ اهم آهن جتي اڃا تائين انسان پنهنجو پاڻ نه سڃاتو آهي ۽ نه ئي انهن ملڪن وٽ ڪي جديد علم پهتا آهن. اسان جو ملڪ ۽ اسان جا ماڻهو هن قسم جي علمن کي جيستائين نه سمجهندا، تيستائين پاڻ بابت ڪو به اهم فيصلو نه ڪري سگهندا. ان سلسلي ۾ هيءُ ڪتاب اهم آهي، جيڪو اسان جي دوست خير محمد لغاريءَ سنڌيءَ ۾ نهايت سٺي سهڻي ۽ سمجهه ۾آساني پيدا ڪندڙ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. خير محمد لغاريءَ هڪ اهم ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب سان وَڙُ ڪيو آهي جنهن لاءِ کيرون لهڻي، ساڳئي وقت کيرون اسان جو پنهنجو ادارو سنڌيڪا اڪيڊمي به لهڻي، جنهن هيءُ نهايت علمي ڪتاب بيحد سهڻو ڪري ڇاپيو آهي. هن سنڌي ترجمي ٿيل ڪتاب ۾ٽي سَو اٺهٺ صفحا آهن ۽ هن خوبصورت پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي ڇپيل ڪتاب جو ملهه 350 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment