30/11/2014

تخليق خالق کان سواءِ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



تخليق خالق کان سواءِ
رکيل مورائي
جڳ مشهور ليکڪ عمر عطيلا ايرگيءَ جو ڪتاب ”تخليق خالق کان سواءِ؟“ گهڻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب جو موضوع ئي اهڙو آهي. تخليق خالق، مادو، روح، ارتقا ۽ ٻين اهڙن خاص موضوعن تي اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن، جيڪي پڙهيا پڻ ويا آهن. هيءُ ڪتاب به تخليق، ڪائنات ۽ ان جي جوڙجڪ بابت آهي، سالن کان هلندڙ هن بحث کي اڃا ڪيترا ئي سال هلڻو آهي، جيستائين هيءَ ڪائنات هلڻي آهي، ۽ سائنس جون نيون درافتون رڪڻيون ناهن. ائين ماڻهوءَ جا شخصي عقيدا پڻ هن ڪائنات، ان جي خالق ۽ ان کي هڪ حسين ترتيب سان هلائڻ بابت اهم حيثيت رکن ٿا.

هيءُ ڪتاب بنيادي طور عقيدي جي ويجهو آهي ۽ سائنس جي ويجهو پڻ، ڇاڪاڻ ته ايرگيءَ جتي مذهب کي دليل طور ڪم آندو آهي، اتي هن سائنس به پڻ پنهنجي دليل ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن سبب هيءُ ڪتاب هڪ اهم بحث جي صورت وٺي بيٺو آهي ۽ علم جو ڀنڊار ٿي پيو آهي. ڪائنات ڇا آهي؟ ان جو خالق ڪير آهي؟ ان کي هلائي ڪير ٿو؟ ان ۾ ترتيب جو ڪهڙو سبب آهي؟ اهي ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪيترا سوال آهن جيڪي هن ڪتاب ۾ بحث هيٺ آندا ويا آهن، جيڪي پڙهندڙ کي وسيع علم ڏين ٿا. قدرت ۾ موجود ڪروڙين اسرار ڪيئن قائم آهن، اهو سڀ علم پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ۽ جن ڪتابن ۾ اهڙو علم موجود آهي، اهي وري وري پڙهڻ جهڙا آهن، جن ۾ عمر عطيلا جو هيءُ ڪتاب به آهي. هن ڪتاب ۾ تخليق ۽ خالق بابت ڪيترائي اهم سوال آهن ۽ انهن جا جواب آهن، جن سان سهمت هجڻ توڻي نه هجڻ باوجود هڪ ڄاڻ ڏنل آهي، جيڪا ٻنهي رخن کان پڙهندڙ کي پلئه پوڻي آهي. پڙهندڙ جي تلاش علم هوندو آهي، جيڪو هن کي ڪنهن به طرح حاصل ڪرڻو آهي ۽ هيءُ ڪتاب علم ڏيندڙ آهي. هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءَ ڪائنات جي تخليق ان جي ترتيب ۽ اها ترتيب لڳاتار هلندو رهڻ بابت علم آهي ۽ ڪتاب پورو ڪرڻ کان پوءِ پڙهندڙ ڪنهن فيصلي تي پهچي، اهو هن ڪتاب جو مول مقصد آهي. ساڳئي وقت سنڌي پڙهندڙ ڪتاب کان پوءِ شاهه سائينءَ جو هي بيت به آسانيءَ سان سمجهي سگهندو ته:
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکڻ لک هزار
جيءُ هر ڪنهن جيءَ سين، درشن ڌارون ڌار
پريم! تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان
ڪا به تخليق جيڪڏهن آهي ته ان جو خالق اوس هجڻ گهرجي، اها ته پڪ هئڻ کپي. ائين هيءَ ڪائنات جيڪڏهن تخليق آهي ته خالق کي ياد رکڻ کپي، اهو سڀ هيءُ ڪتاب ٻڌائي ٿو. اسان جي دوست ۽ ترجمن ۾ خاص اهيت رکندڙ ليکڪ مظفر بخاري صاحب هيءُ اهم ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو جنهن جو ڀاڳي آهي. ٻه سئو پنجن صفحن جو هيءُ پڪي جلد وارو خوبصورت ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڇپيو آهي جنهن ڪتاب جو ملهه ٻه سَو رپيا رکيو آهي.

No comments:

Post a Comment