03/11/2014

صوفي حضرت غمدل فقير- هيمون ڪالاڻي (Hemo Kalani)

رمزون رند ئي پروڙين
هيمون ڪالاڻي
تصوف جي مالها جپڻ سنڌ جي خمير جي مرڪ آهي، سنڌ جي سر زمين جي آغوش ۾ جهڙيءَ ريت صوفي ازم پروان چڙهي سماجي سائنس جي طرز فڪر اختيار ڪري ذات جي خودشناسيءَ کان انسانن جي وجود کي ڪائنات جي محرڪ واري حيثيت ڏيارڻ واري غرض تائين جيڪو درس ڏيئي تدريس ۽ تبليغ ڪئي آهي، ان جو مثال نه ٻڌي فڪر توڙي جين مت ۽ ٻين مذهبن جي روشن خيال زاوين ۾ به نه ٿو ملي.

سنڌ جي صوفيت جي اشهد آڱر تي سدائين سُر ۾ سونهن ۽ ازلي عشق جي رمز کي آواز ڏيڻ واري تند رهي آهي، تند سان جند جوڙيندڙ هنن انالحق صوفين جهڙيءَ طرح انساني عظمت جا ڳڻ ڳائي پنهنجي روح کي پرڀايو آهي، ان جي طفيل ئي سنڌ اڄ ائٽم جي بارود واري ڍير تان بيهي سنڌ جي روشن فڪر خيال ڏانهن واجھائي ٿي، جنهن ۾ انساني اوصافن سميت ڪائنات جي هر هڪ ذري سان رموز عشق وارو ناتو وابسته آهي.
سنڌ جي صوفين جي سرمستي ۽ انالحق واري صدا تي ڪنائبو، ته لاڙڪاڻي جي سون ورني سرزمين تي مقيم سنڌ جي ابو جهاد شهيد بشير خان قريشيءَ جي جنم ڀومي رتيديري ۾ صوفي حضرت غمدل فقير جي اوتاري جو پڙلاءُ ڪنين ضرور پوندو. رتوديرو ۽ اتان جا هي اٻالڪ صوفي سرن جون صدائون، حقيقت جي شناسائي، خود نمائي، تارڪ الدنيا ٿيڻ بجاءِ سماج ۾ ويهي ماڻهن ۾ ماڻهپي لاءِ پاڻ کي سرگردان ڪرڻ واريون روايتون ضرور لطيف، سچل، صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ بلاولي تحريڪ جي روحِ روان مخدوم بلاول جي تصوف واري فڪر جون امين آهن، تڏهن صوفي غمدل فقير جي سوز ۽ سڪ ۽ سرن ۾ انالحق جا نعرا گونجي اڄ به هتان سنڌ جي پيڙهين کي ماڻهپي ۽ انساني مرياده جا سبق ڏين ٿا.
صوفي غمدل فقير جي آستاني ۽ تدريس فڪر جو سرگردان فقير لطف علي، جنهن ننڍي هوندي پني عاقل شهر جي شهر ۾ پالنا ورتي هئي، جڏهن والد غمدل فقير جي آغوش ۾ نپيو ۽ رتيديري جي مٺڙي مائي کان به وڌيڪ مٺاڻ سندس مزاج ۾ پيوند ٿيو ته هن پڻ ڪوسن جھولن جي تاب ۾تکيرو ٿيڻ بجاءِ تند سان نينهن جوڙيو. فقير لطف عليءَ ۱۹۲۵ع ۾ پني عاقل ۾ جنم ورتو ۽ ۱۹۴۸ع تائين اتي رهيو. سنڌي فائينل تعليم حاصل ڪري استاد پڻ ٿيو ۽ ڪيتري عرصي تائين استاد واري پيغمبري پيشي کي احسن طريقي سان تڪميل ڏنائين، جتي پڻ نصابي تعليم سان گڏوگڏ سندس تعليمات جو محرڪ صوفياڻي تعليم هئي. فقير لطف علي پنهنجي سرشت ۾ پنهنجي والد جي تند کي لفظي آراڌاين جي مالها پارائي. سندس والدِ محترم صوفيت جا ٻول اچاريا ۽ انهن کي سرن جي ڪائنات ۾ اکٽ سنگ ۽ سر لتائون بخشيون ته ان جي برعڪس هن انهن سرن کي سگھه ڏيندڙ لفظن جون مالهائون جپيون. سندس سنڌي ۽ سرائيڪي واري شاعري ان جو ضرب المثل نمونو آهي.
ڇڏي ڇپر ڇوري، ويا زوارن زوري
لونءَ لونءَ ۾ لائي ويا لالڻ لوري
لڳي جيءَ جھوري، جهورن ٿا جھوراڻا
سانگي سانگ سانگي سانگ تي سڏاڻا
مڙيا ڪين مانجھي، اصل ڏي اڏاڻا!
فقير لطف علي پنهنجي ڏات جي سنگ ۾ بلڪل پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ جو مالڪ هو، اسان جي سماج جي ڪيترين ئي ستم ظريفين مان هڪ ستم ظريفي هيءَ به آهي ته ’نانءَ چڙهيا کٽيو کائيندا آهن‘ نه ته صوفي غمدل فقير جي سنگ مان موتي جپيندڙ صوفي شاعرن جي شاعري ٻولي، ترنم، فڪر ۽ فن ۾ ايتري سگھاري آهي، جيڪڏهن ان تي ادارتي ڪم ٿئي ته هوند رتيديري ۾ قائم هيءُ آستانو مڪمل طرح هڪ ‘School of thought’ يعني مڪتبه فڪر آهي. هن صوفياڻي درگاهه جو فڪري ناتو سچل سائين ۽ مريديءَ وارو ڳانڍاپو ان جي ئي فڪر سان واڳيل حضرت صوفي قلندر شاهه جيلانيءَ ۽ حضرت صوفي وريل فقير ابڙي جي درگاهن سان آهي. فقيري رنگ ۾ هي شعوري وابستگين سان سرمستيءَ جي ڪيف ۾ يڪتارن ۽ چپڙين تي سماع ڪندڙ به آهن ته هنن ۾ ٺهراءُ ۽ روانيءَ واري پانت ڀانت جي سانت به آهي. صوفي فقير لطف علي پنهنجي والدِ محترم سائين غمدل فقير جي شاعريءَ جو ديوان ’ديوانِ گلزارِ غمدل‘ جي عنوان سان ۱۹۸۹ع ۾ ترتيب ڏئي شايع ڪرايو.

۱۸ ڊسمبر ۲۰۱۱ع آچر جي ڏينهن شام جي پهر ۾ فقير لطف عليءَ ذات حقيقي جو معراج ماڻيو ۽ قطرو وڃي قلزم سان گڏيو. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ ۾ سندس مرشد سيد قلندر شاهه جيلانيءَ جي پيرانديءَ ۽ پنهنجي والد صوفي غمدل فقير جي ڀر ۾ آهي. فقير لطف عليءَ جي شاعريءَ ۾ رندانه ڪيف، فڪري جاذبيت، رومانيت جون پاڇوليون نظر اچن ٿيون ۽ سندس شاعريءَ جي لفظن جا هجوم سنڌي ٻوليءَ جي ندرت ۽ قدرت جا ائين نظارا ڪرائين ٿا، جيئن سنڌو نديءَ جي سانوڻ مند ۾ روانيءَ واري وهڪ پنهنجو پورو جوڀن ماڻي سرمستيون ڪري سرزمين سنڌ کي سيراب ڪندي ويندي آهي. ضرورت فقط ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي هنن فقيراڻين خانقاهن ۽ گادين طرف عملي ۽ عقلي موٽ کائجي ۽ فقيري جلال واريون رمزون پروڙي سنڌ جو سنهرو مستقبل اڏجي! جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي.

No comments:

Post a Comment