23/12/2014

رضوان گل ــ هڪ مستقل مزاج ليکڪ - ڊاڪٽر اسحاق انصاري (Dr. Ishaq Ansari)

رضوان گل ــ هڪ مستقل مزاج ليکڪ
ڊاڪٽر اسحاق انصاري
رضوان گل سنڌ جو هڪ سجاڳ ليکڪ آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته هو مستقل لکندڙن مان آهي سندس قلم ڪڏهن به سستي منجھان سُتو ناهي. مون کي ته ائين لڳي ٿو ته اسان جا ڪجھ ئي تخليقڪار شايد اهڙا آهن جيڪي ايتري مستقل مزاجيءَ سان لکندا رهندا هجن. رضوان گل نه رڳو ليکڪ آهي پر ان کان علاوه هن انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ آرٽسٽن جا البم ۽ مختلف ڪتابن جا خوبصورت ٽائيٽل پڻ ٺاهيا آهن.
سندس ڪهاڻين جو ڪتاب جڏهن مون کي پڙهڻ لاءِ مليو ته مون کي خوشي ٿي ته اسان جا سنڌي ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ کي اڇوتا رنگ ارپي رهيا آهن ۽ سندن موضوعن جي چونڊ پڻ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.
مون کي چِڙ لڳندي آهي انهن ليکڪن تي جيڪي هڪ ٻه ڪتاب لکي، اهو سوچيندا آهن ته هو ڪي وڏا ليکڪ ٿي ويا آهن ۽ پوءِ سندن پهريون بيان اهو هوندو آهي ته ’اڄڪلهه سٺي ڪهاڻي نه پئي لکي وڃي.‘ ٻيو ته ڇڏيو، شاعر حضرات به ڪهاڻي جي اڻ هوند ۽ ان جي معيار جي باري ۾ راءِ ڏيندي نظر ايندا. جڏهن ته سچ اهو آهي ته هنن ڪهاڻيون پڙهيون ئي نه هونديون آهن. رڳو پيا راءِ ڏيندا آهن. 
اهڙن ئي لٻاڙن تي انيس انصاري اڪيڊمي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران ڪرايل ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ جي موقعي تي امر جليل ڏاڍا سٺا لفظ چيا هيا:
”آئن اسٽائن جي مرڻ کان پوءِ سائنسي ايجادن کي ٻنجو نه آيو آهي. سقراط جي مرڻ کان پوءِ به فلسفو نه مئو آهي. مائيڪل اينجلو جي مرڻ کان پوءِ حقيقي آرٽ ۽ مجسمه سازيءَ جو فن فنا نه ٿيو آهي. پڪاسو جي مرڻ کان پوءِ تجريدي آرٽ ختم نه ٿيو آهي. هيمنگوي جي مرڻ سان آمريڪي ڪهاڻيءَ جو خاتمو نه ٿيو آهي. ڪرشن چندر جي مرڻ کان پوءِ اردو ڪهاڻيءَ جو انت نه آيو آهي. خليل جبران جي مرڻ کان پوءِ صوفياڻي پيرائي ۾ ڳالهه ٻڌائڻ جو هنر موڪلائي نه ويو آهي. اڄ تائين ڪو اهڙو انسان دنيا ۾ نه آيو آهي جنهن جي اسهڻ سان هن وايو منڊل جو، ڪائنات جو ڪاروبار هڪ گھڙيءَ لاءِ بيهي رهيو هجي. اسين مري وينداسين، سنڌي ڪهاڻي نه مرندي.“
مان هتي اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي ادب جو بنياد وجھڻ ۾ اسان جي سينئر ليکڪن جو ڀرپور حصو رهيو آهي پر اهو سفر هڪ تسلسل سان جاري آهي. سٺ جي ڏهاڪي ۾ اڀري آيل اديبن کان پوءِ سڃ واڪا نه ٿي ڪري پر هر فيلڊ ۾ پوءِ اها ڪهاڻي هجي، شاعري هجي، تحقيق هجي يا ترجمو، اسان جا نوجوان ڀرپور نموني حصو وٺي رهيا آهن. 
گذريل ڪجھه سالن کان وٺي مان ور ور ڪري اها ڳالهه ڪندو آهيان ته سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي جيتوڻيڪ عمر گھڻي وڏي ڪونهي. ڇو جو اسان وٽ اڳ ۾ داستان ته رهيا پر نئون نثر اسان وٽ 19 صديءَ ۾ الفابيٽ ٺهڻ کان پوءِ انگريزن جي زماني ۾ آيو. ان کان پوءِ اسان وٽ ناول، ڪهاڻيون ترجما ٿيا ۽ ڪجھه اصلي ڪهاڻيون ۽ ناول به لکيا ويا. پوءِ ورهاڱو ٿيو ته وري هڪ کوٽ پيدا ٿي وئي. اسان جا گھڻا ليکڪ هتان لڏي ويا. اسان جي سينيئر ليکڪن ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. اصل ۾ منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جي ڪهاڻي جي روايت گهڻي پراڻي ناهي پر ان هوندي به اسان جا ليکڪ ان ميدان ۾ ڪنهن کان به گھٽ ناهن. سنڌي ليکڪن ڪهاڻيءَ ۾ تجربا به ڪيا آهن. هاڻي ته ليکڪ مختصر ترين ڪهاڻيون به لکي رهيا آهن. گذريل ڀيري جڏهن سائين لڇمڻ ڪومل آيو هو ته هن هڪ تقريب ۾ گھڻو ڪري تامل ٻولي جي هڪ مختصر ڪهاڻي ٻڌائي هئي جيڪا ٻڌي اتي ويٺلن تي ڏک جي لهر ڇانئنجي وئي هئي. ڪهاڻي ڪجھ هن ريت هئي ”هڪ گھر ۾ ٻن ڀائرن جي فيملي رهندي هئي ۽ هنن سان گڏ سندن پوڙهي ماءُ به رهندي هئي. ٻنهي ڀائرن اهو فيصلو ڪيو هو ته هڪ ڏينهن هڪ ڀاءُ ماءُ کي کاڌو موڪليندو ۽ ٻي ڏينهن ٻيو ڀاءُ، پر جنهن مهيني ۾ ايڪٽيهين تاريخ هوندي هئي ان ڏينهن ماڻهَن بکي سمهندي هئي.“
ان سڄي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جي ڪهاڻي سگھاري آهي. ان جو تازو ثبوت رضوان گل جو هي تازو مجموعو ”سپنن جو انت“ آهي. جڏهن اهي ڪهاڻيون پڙهي رهيو هيس ته پهريون منهنجي ذهن ۾ جنهن خيال جنم ورتو ته اهي ڪهاڻيون اهڙي عاشق جون آهن جيڪو ريشنل به آهي، هن جي عشق ۾ جنونيت ناهي پر جنونيت جي حدن کي ڇهندي ڇهندي وري ڪنهن موڙ تي زمان ۽ مڪان جي سچاين ۾ واپس اچي ٿو. ڪهاڻين جو ٻيو روپ اهو آهي جنهن ۾ معاشري جي مسئلن جي اپٽار ڪئي وئي آهي. پر گھڻو ڪري انهن ۾ به رشتن جي بي حِسي ۽ مطلب پرستي شامل آهي جيئن سندس هڪ ڪهاڻي ”اسٽنٽ پروفيسر“ ۾ ڀاءُ پنهنجي اسسٽنٽ پروفيسر ڀيڻ جي شادي ان ڪري نه ٿو ڪرائي جو سندس گھر جو خرچ هلائيندڙ پگھاردار ڀيڻ پرڻجي ويندي ته سندس گھر ڪير هلائيندو. يا وري پٽ ۽ نُنهن جي ڏنگيل پيءُ جي ڪهاڻي، ”اجھاڻيل ڏيئو“ ۾ بيان ڪئي وئي آهي.
رضوان گل جي هڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته هن ڪردار يا ڪهاڻين جا پلاٽ ديومالائي نه کنيا آهن پر اهي سڀ سندس ارد گرد ڦرندڙ ماڻهن ۽ مسئلن تي ٻڌل آهن. جيئن سندس هڪ ڪهاڻي اهڙي پروفيسر جي آهي جيڪا بهتر کان بهتر جي تلاش ڪندي پنهنجي جواني گذاري ٿي ڇڏي. اهو الميو اسان وٽ نوڪري ڪندڙ ۽ پڙهيل لکيل ڪافي عورتن جو آهي. جڏهن سندن عمر اهڙي حد تي پهچي ٿي جتي رشتا اچڻ بند ٿيڻ لڳن ٿا ته ڪي ته قناعت ڪندي جيڪو رشتو ملي ٿو اهو قبول ڪري ڇڏين ٿيون ته ڪي وري سڄي عمر اڪيلائي کي پنهنجو ساٿي بڻائيندي، زندگي ڪافيءَ جي ڪوپ جي اٿندڙ ٻاڦ تي پراڻين يادن کي ورجائيندي گذاري ڇڏين ٿيون.
ان کان علاوه رضوان جي جنهن ڳالهه مون کي متاثر ڪيو اها سندس ٻولي آهي. سندس ٻولي نج سنڌي آهي، گھڻن وانگر انگريزي لفظن جي استعمال کان پاڻ بچايو اٿائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس هڪ لفظ جيڪو ٻن ٽن ڪهاڻين ۾ مون کي آئڙي ٿو اهو آهي ”سماعتون“، حالانڪ اهو لفظ اسان وٽ مروج آهي پر اڃا تائين عام جي ٻولي جو حصو نه بڻجي سگھيو آهي صرف ڪجھه ريڊيو ڪمپيئر دوستن جي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندو آهي.
رضوان گل جي ٻي شعوري يا لاشعوري ڪوشش ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي آهي. هو گھڻو ڪري پنهنجين ڪهاڻين جي پڄاڻي مثبت جملن ۽ روين سان ڪري ٿو. هتي ڪجھه مثال رکان ٿو:
نڪمو: ... پکين آکيرن مان اڏرڻ شروع ڪيو هو. سڀئي اٿيا هئا! وسيم ڀونڊن واري زندگيءَ کان بيزار هو، هن اٿڻ نه پئي چاهيو، پر هن کي اٿڻو هيو، جيئڻو هيو، تڙپڻو هيو ۽ زندگيءَ لاءِ جاکوڙڻو هيو.
روشنيءَ جو سفر: ڪجهه ڏينهن کان پوءِ.... صحتياب ٿي شام جي وقت به پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. سندس آمدنيءَ ۾ خوشگوار اضافو ٿي ويو هو. محسوس ڪري ٿو زندگيءَ ۾ ڏکن، پريشانين ۽ سوچن جي تپيل سيخن لڳڻ سان ئي کيس جستجو ڪرڻ ۽ جيئڻ جو حوصلو ملي ويو هو ۽ هن پاڻ کي اونداهي کاهيءَ ۾ ڪرندي ڪرندي سنڀالي ورتو هو... کيس محسوس ٿيو ته هاڻي هو روشنين جي سفر ڏانهن روان دوان ٿي چڪو هو.
ڏنگيل خوشيون: مان آپريشن ٿيٽر جي ٻاهران فرش تي ويٺل آهيان... آپريشن ختم ٿي چڪي آهي... مون کي هڪ دوست سهارو ڏيندي اٿاريو. رياض جي جان بچي وئي... هاڻي هو خطري کان ٻاهر آهي... سندس خوشين کي لڳل ڏنگ جي زهر کي ٻُهاري ڪڍيو ويو... منهنجون اکيون ڪاريڊور جي ڇت ۾ اٽڪي پيون... تانيئڙي جي ٺاهيل ڄار مان هڪ ننڍڙو وجود پنهنجو پورو زور لڳائي نڪري ويو...

منحوس: .... ۽ اڄ زرينه ماءُ بڻجي وئي هئي پر نه ڄاڻ ڇو سندس ٻارڙيءَ لاءِ به ساڳيون ئي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ’هوءَ منحوس آهي، اچڻ سان ئي ڪٿي ماءُ جو سرُ کنيون هئائين.‘ زرينه جون ٻوٽيل اکيون کُلي ويون، ڌيءُ کي هنج ۾ کڻي انهن عورتن ڏانهن غصي مان ڏٺائين ۽ پوءِ کين مخاطب ٿيندي وڏي واڪي چيائين: ”منهنجي ڌيءَ منحوس ناهي! ناهي منهنجي ڌيءَ منحوس! هن سماج جون هٿ ٺوڪيون روايتون آهن منحوس.“ روئڻهارڪي لهجي ۾ ”منحوس آهي توهان جي سوچ جيڪا توهان جي ذهنن ۾ موجود جهالت جو نتيجو آهي!“ 
مون کي يقين آهي ته رضوان گل جون ڪهاڻيون سنڌي ادب جي ڪهاڻي کيتر ۾ هڪ اهم جاءِ والارينديون.

No comments:

Post a Comment