14/12/2014

ريٽا شهاڻي - تاج جويو (Taj Joyo)

وئي هوءَ اُڏري اڪيلي اڪيلي...!
تاج جويو
من ته نه ٿو مڃي، پر موهن مدهوش چوي ٿو ته کيس لليتا فون ڪري چيو آهي ته، ”مميءَ جي ميز تي سوين ڪاغذ، اڌوريون ڪهاڻيون ۽ اڌورا گيت ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، پر ممي هلي وئي، پرلوڪ پڌاري وئي!“الا! ڪجهه ڏينهن ئي ته ٿيا هوندا، جو ريٽا پوني مان فون ڪري، مون کان منهنجي طبيعت جي باري ۾ پڇيو هو، ته مون کيس چيو هو ته، ”دِيدي! پنهنجو خيال رکجو، سياري ۾ توهان کي سهڪو ٿيندو آهي، پنهنجي صحت جي سنڀال ڪجو“ ۽ هُن هميشه جيان وڏا ٽهڪ ڏيندي چيو هو، ”تاج! پريشان نه ٿي، آئون اڃا جيئري رهنديس.“ پر اڄ قلم کي لڙڪن ۾ ٻوڙي لکڻو پوي ٿو ته اڃا دادي سُندري اتمچنداڻيءَ کي سرڳواس ٿئي ٻه مهينا ست ڏينهن مس ٿيا آهن ۽ 16 سيپٽمبر تي سندس سدوري نياڻي آشا چاند، ”پوپٽي، سندري ۽ ڪلا پرڪاش“ جي انٽرويوئن تي مشتمل هڪ وڊيو ڪئسيٽ ”سنڌي ساهت جون ٽي برک ليکڪائون“ نالي سان، دبئي ۽ ممبئيءَ مان هڪ ئي وقت رليز ڪرڻ واري آهي ته هڪ ڏينهن اڳ ريٽا، پوني ۾ بوٽ ڪلب روڊ واري پنهنجي گهر ۾، ڌيءَ لليتا ۽ ڪمار سميت، اسان سنڌ ۽ هند جي سنڌي اديبن کي دلي صدمو رسائي، سرڳ لوڪ ڏانهن هلي وئي ۽ وڃي پوپٽي ۽ سندريءَ سان ملي، جڏهن ته ڪلا پرڪاش، اسان وانگر اڪيلي لڙڪ لاڙيندي رهجي وئي!
ريٽا سان منهنجي پهرين ملاقات 1987ع ڌاري سندس گهر، 8- فلورينا اسٽيٽس، بوٽ ڪلب روڊ، پوني ۾ ٿي هئي، جتي آئون، موهن ڪلپنا ۽ پنهنجي دوست جمن دربدر سان گڏ بنا اطلاع وڃي سندس مهمان ٿيو هوس. اُتي ڪچهريءَ دوران ريٽا جي شعري مجموعي ’منهنجي حد آڪاش‘ مان جڏهن جمن دربدر هڪ گيت ’اڪيلي اڪيلي‘ پنهنجي سُريلي آواز ۾ ڳاتو هو ته ريٽا هڪدم ڊوڙندي گهر جي ڪمري ۾ وئي. هن ٽيپ رڪارڊ کڻي اچي جمن جي ڳايل ڌُن رڪارڊ ڪئي. اُن ئي زماني ۾ ريٽا نوجوان ڇوڪرين جي هڪ نرتيه گروپ وسيلي پنهنجي ڪتاب ’گيت رامائڻ‘ (منظوم) کي ’دور درشن‘ ۽ اسٽيج ذريعي پيش ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. اسان کيس شيخ اياز جي مشهور وائي ’سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان‘ کي به ساڳئي نرتيه گروپ ذريعي پيش ڪرڻ جي گذارش ڪئي هئي، جنهن جو هُن وعدو ڪيو هو. ائين پوءِ ريٽا سان ادبي ناتو اهڙو جُڙيو، جيڪو سندس زندگيءَ جي آخري پساهن تائين جاري رهيو.
هوءَ جڏهن پهريون ڀيرو 2001ع ۾ سنڌ آئي هئي ته سندس ٻن ڪتابن جو هتي مهورت ٿيو هو. سندس ناول ’گونگي گگن سان گفتگو‘ جو مهورت، ماهتاب محبوب جي گهر ۾ ٿيو هو، ۽ هي منفرد نفسياتي ناول هُن ماهتاب محبوب کي هنن لفظن ۾ ارپيو هو: ”سڳوريءَ سنڌ جي سينڌ جي سونهن، ماهتاب محبوب- سنڌ ڄائيءَ کي، سنڌ ڄائيءَ وٽان“. اهڙيءَ طرح سندس ٻيو ڪتاب گوناگون مضمونن تي مشتمل ’جيون ۽ ساهت‘ جو مهورت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هال ۾ ٿيو هو، جيڪو ڪتاب هن ”وليرام ولڀ ۽ تاج جويي“ کي ارپيو هو. ريٽا، سنڌ ۾ ’سنڌيت جي سفير‘ هري موٽواڻيءَ سان گڏجي آئي هئي ۽ ماهتاب محبوب جي گهر ’ارم نما‘ ۾ اچي رهي هئي ۽ پهرينءَ رات آڌيءَ ويلي هُن پنهنجي ڊائريءَ ۾ هيٺيون سٽون درج ڪيون هيون:
”مان ڪهڙي جڳهه تي پهتي آهيان؟ هتي، جتي منهنجون جڙون آهن، منهنجي پرکن (وڏن) جو شهر! پوين چند سالن کان مون پاڻ کي ڪيڏو نه اڪيلو محسوس ڪيو هو، بلڪل تنها هئس مان ۽ جيئن تيئن جي رهي هئس، ڪنهن کي منهنجو قدر ڪونه هو، منهنجي حياتي وئرٿ هئي. مان جيئان يا مران، ڪهڙو فرق پوڻو هو؟ هرڪو پنهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ بيحد مصروف هو، شهري زندگيءَ جي ڀڄ ڀڄان ڪجهه اهڙي آهي، پر هِتي پهچي مون کي پروڙ پئي آهي ته مان اڪيلي ناهيان. منهنجو قدر ڪرڻ وارا، مون کي چاهڻ وارا هن جهان ۾ موجود آهن. منهنجي زندگي اجائي ناهي، منهنجو به ڪو ملهه آهي. هتي پارکو ويٺا آهن، هو مون کي سڃاڻي سگهيا آهن، مون کي سمجهي سگهيا آهن، اسان جي Wave Length لڳ ڀڳ هڪجهڙي آهي. زندگيءَ ۾ نئون اتساهه جاڳيو آهي، مون کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پختي جڳهه ملي آهي. مان تنها ناهيان، اڪيچار قدردان، منهنجا خيرخواهه، منهنجا متر آهن ۽ منهنجو جيون معنيٰ خيز بڻجي پيو آهي.“
1997ع ۾ جڏهن ريٽا شهاڻيءَ جو ور، وشنو شهاڻي وفات ڪري ويو هو ته هوءَ بلڪل اڪيلي ٿي پئي هئي، پر جڏهن هوءَ 2001ع ۾ سنڌ ۾ آئي ۽ پنهنجن سان اچي ملي ته سندس اڪيلائيءَ وارا احساس ختم ٿي ويا هئا. ريٽا شهاڻيءَ جو جنم 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد ۾ درسگاهن جي ٽمورتي- نور محمد هاءِ اسڪول، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (فارمين) ۽ پگٽ گرلس هاءِ اسڪول جي ڀرسان ٿيو هو. سندس دل چاهيو هو ته پنهنجي پراڻي گهر جو درشن ڪري، ننڍپڻ جي يادن کي سهارو ڏئي، پر جڏهن هوءَ وليرام ولڀ ۽ اسان سان گڏ، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۽ نور محمد هاءِ اسڪول جي ڪُنڊ وٽ پهچي، پنهنجي اباڻي گهر کي ڳولڻ لڳي هئي ته اوچتو سندس اکين مان لڙڪن جون لارون وهي هليون هيون، ڇاڪاڻ ته سندس سهڻو ٻه ماڙ گهر ڊهي پٽ ٿي چڪو هو ۽ اُن جي جاءِ هڪ بدنما پلازه والاري چڪو هو، جنهن جي هيٺان دڪانن جون قطارون هيون! ريٽا حيدرآباد ۾ چوٿون درجو انگريزي پڙهندي هئي، تڏهن جولاءِ 1947ع جي 23 تاريخ هئي، جو کيس پنهنجي مائٽن سان گڏ پيءُ جي بيماريءَ ڪارڻ لکنؤ وڃڻو پيو هو. کين اتي ٻه مهينا رهڻو هو ۽ پيءُ جي ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ واپس سنڌ اچڻو هو، پر 21 ڏينهن به نه گذريا هئا ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي ويو ۽ هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ هڪ لڪير ڇڪجي وئي ۽ ريٽا به هري موٽواڻيءَ وانگر، پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ هند ۾ رهجي وئي. 55 سالن کانپوءِ هُن پنهنجو وطن سنڌ ته اچي ڏٺو، پر پنهنجو گهر ٻيو ڀيرو وڃائي ويٺي. اُهي سموريون يادون، هن پنهنجي سنڌ جي سفرنامي ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ ۾ لکيون آهن. هوءَ لکي ٿي ته جڏهن سندس سنڌ وڃڻ جي ڄاڻ سندس اديب دوستن کي پئي ته هري دلگير ۽ ٻين کيس نيڪ خواهشن وارا خط لکيا، پر پوني جي بزرگ شاعر ڀڳوان کلناڻيءَ، کيس خط سان گڏ هڪ غزل ڏياري موڪليو:
کڻي وڃ اسان جون دعائون کڻي وڃ،
اُتي جون سُڳنڌي هوائون کڻي اچ.
اتي جي، جي مٽي نه آڻي سگهين تون،
مٽيءَ سان ڀريل سي فضائون کڻي اچ.
وطن جي جدائيءَ ڏنا زخم جيڪي،
ڇُٽائڻ لاءِ تن جون دوائون کڻي اچ.
گهٽين ۾ اڃا گونجنديون جي هجن ڪي،
سي راندين ڪرڻ جون صدائون کڻي اچ.
بهارون سدائين رهن سنڌ ۾ شل،
سنڌي پيار جون هت گهٽائون کڻي اچ.
هوءَ سنڌ آئي، سنڌ مان اڻ مئي پيار سان گڏ ڪي ڏُکارا منظر به پاڻ سان کڻي وئي، 15 سيپٽمبر جو نڀاڳو ڏينهن هو، جڏهن هوائن جي دوش تي اها خبر اچي پهتي ته ريٽا پرلوڪ پڌاري وئي. موهن جي ڇا حالت ٿي هوندي، سا هُو ئي ڄاڻي، پر مون کان اوڇنگار نڪري وئي. جڏهن سندس سٻاجهي پٽ ڪمار سان فون تي رابطو ٿيو ۽ کيس پرچاڻي ڏنم، تڏهن مون محسوس ڪيو ته ڪمار ۽ منهنجي نيڻن ۽ دل جي ساڳي حالت هئي، پر ريٽا شايد پنهنجو ئي هيٺيون گيت ڳائي اڪيلي اڪيلي اُڏامي وئي!
پکي ٿي مان هيڪر، اُڏامان مان جيڪر،
وڃان آئون اُڏري اڪيلي اڪيلي!

                                                             (ريٽا)

No comments:

Post a Comment