14/12/2014

سنڌي ميڊيا ۾ مسخري ۽ مسخرا - سيد يار محمد شاهه (Syed Yar Muhammad Shah)

سنڌي ميڊيا ۾ مسخري ۽ مسخرا
سيد يار محمد شاهه
ميڊيا تي سدائين مسخري پئي ٿيندي آهي، اڄ اسان ميڊيا مسخريءَ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين. ان تاريخ ۾ به اسان سنڌي مسخرن جي ميڊيا مسخريءَ تي مختصر جائزو وٺنداسين. انگريز مسخرا چارلي چپلن کان وٺي اٺ جي مسخري تائين انڊيا ۾ گوپ يعقوب کان وٺي اڄ جي جاني ليور تائين. پاڪستان جي نذر، لهري، رنگيلا کان وٺي عمر شريف، شڪيل صديقيءَ تائين. سنڌيءَ ۾ محمد مسخري کان وٺي علي گل ملاح ۽ لطيف مني تائين. سنڌي مزاحيه اداڪارن جي مختصر تاريخ آهي. سنڌي فلم عمر مارئي ۾ هندوستان مان آيل ميمڻ (گجراتي) انڊيا جو مشهور مزاحيه اداڪار لطيف چارلي جنهن فاضلاڻي صاحب جي سنڌي فلمن ۽ شيخ حسن جيڪو پڻ گجراتي هو جي ڪجهه اردو فلمن ۾ به ڪم ڪيو. بليڪ اينڊ وائيٽ سنڌي فلمن ۾ جيڪي مزاحيه اداڪار آيا انهن ۾ ملڪ انوکي ۽ مشتاق جسڪاڻي جيڪي ٽيليويزن جا به وڏا اداڪار هئا، تمام گهڻين فلمن ۾ اهي ٻئي بطور مزاحيه اداڪار طور لازمي ڪاسٽ ڪيا ويندا هئا، انهن کان علاوه جن ٻين سنڌي فلمن ۾ مزاحيه اداڪاري ڪئي انهن ۾ ساقي صاحب، شيخ سنڌي، انور سولنگي، خميسو جانوري ۽ لطيف منو به شامل آهن. سنڌي فلم انڊسٽري هڪ ڀيرو فلم عمر مارئي ۽ پرديسي واري ڪمال کان پوءِ وري زوال تي اچي وئي ۽ وري ٻيهر مشتاق چنگيزي جيڪو مزاحيه اداڪار ٿيڻ شيخ حسن وٽ آيو هو ان کي هيرو بناڻي ڇڏيائين، ان کانپوءِ ملڪ انوکي جو دور هليو ويو ۽ انڊسٽري وري ڊائون ٿي ويئي ۽ وري ساڳي ٽيم جي فلم “مٺڙا شال ملن” وري سنڌي فلم انڊسٽري ڪجهه عرصي لاءِ ساهه کنيو. ان عرصي ۾ ڪراچيءَ جي لاسي برادران جيڪي سنڌي فلمون ٺاهيون انهن ۾ گهڻو ڪري خميسو جانوري ۽ انور شيخ يا مشتاق جسڪاڻي شامل هوندا هئا. جڏهن ته ڪراچيءَ کان ٽيليويزن جي شروعات ٿي ته ان وقت مرحوم عبدالڪريم بلوچ ريڊيو پروڊيوسر هو پر لطيف فن جي ان سفر جا راهي بلوچ صاحب کي مسيحه محسوس ڪندا هئا. ان جي معرفت ڪيترائي راڳي، ڪيترائي ليکڪ، ڪيترائي پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، ايڪٽر ۽ ڪاميڊين آيا ۽ بلوچ صاحب پاڻ به ڪيترائي مزاحيه ڊرامه لکيا ۽ ڊائريڪٽ ڪيا. سندس ڪمال اهو هو جو هن خوبرو نوجوان هيرو اداڪارن کي به مزاحيه اداڪار بنائي ڇڏيو. ان کانپوءِ منظور قريشي جيڪو خوبرو مزاحيه اداڪار ۽ هدايتڪار طور پاڻ مڃائي چڪو هو، حالانڪ اردو ڳالهائيندڙ پروڊيوسر تاجدار عادل، ذوالفقار نقوي ۽ اقبال لطيف وارن به سنڌي پروگرام ڪيا.

مزاحيه خاڪن جو هڪ پروگرام ”سچو ڪوڙ“ مزاحيه خاڪن جو ابتدائي پروگرام هو، جنهن جي ذريعي مزاحيه خاڪن جي پروگرامن جا فنڪار ۽ رائيٽر مارڪيٽ ۾ اچڻ لڳا. منظور قريشيءَ جي سنڌي ڊرامه سيريل ”دنيا ديواني“ جنهن جون ڪل ۶ قسطون هيون پر محمود صديقي جي هڪ غلطيءَ مان پروڊيوسر منظور قريشي ڇهن قسطن مان چوويهه قسطون بنائي ڇڏيون. ان ۾ ٽيليويزن ڪراچيءَ جو اصلوڪو سنڌي لطيف منو ۽ اردو اداڪار ماجد جهانگير ۽ منهنجو پنهنجو مٽياريءَ جو فنڪار سيف الدين قاضي خالص مزاحيه فنڪارن جي حيثيت ۾ سامهون آيا جڏهن ته اسان سڀ منظور قريشيءَ جا دوست مزاحيه اداڪاري به ڪندا هئاسين جن ۾ آئون، فريد نواز بلوچ، عابد نويد، يوسف علي، محمود صديقي، مقصود مغل ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ٻيا خانداني نوجوان به اسان سان اڪثر عيد پلي يا عيد شو ڪندا رهندا هئا. هونئن ته ڪراچي ٽيليويزن تي ڪئين پروگرام آيا جن مان وڏا وڏا مزاحيه اداڪار جيئن معين اختر، عمر شريف، شڪيل صديقي، رئوف لالا نروار ٿيا. اهڙي طرح ٻيا ڪئين مزاحيه اداڪار ۽ منظور قرِيشيءَ جي بيحد مقبول مزاحيه پروگرام ”چهچٽو“ جيڪو مسلسل ٽي سال ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تان وڏي ڪاميابيءَ سان نشر ٿيو ۽ تمام گهڻا فنڪار، رائيٽر ۽ اداڪار پيدا ڪيا جن ۾ آئون، فريد نواز بلوچ، لطيف منو، يوسف علي ۽ ٻيا به ان وقت جا مارڪيٽ ۾ موجود فنڪار ڪاميڊي سيريل يا سيريز جيئن مرحوم يوسف علي جي مزاحيه سيريل ”گامون سچار“ ڏاڍي مقبول ٿي جڏهن ته عبدالقادر جوڻيجو جو لکيل ۽ هارون رند جو پروڊيوس ڪيل ڊرامون ”خانصاحب“ به يوسف عليءَ جو لائيٽ ڪاميڊي جو خوبصورت ڊرامه سيريل هئي، جيڪا اڳتي هلي اردو ۾ به ”ڇوٽي سي دنيا“ جي نالي سان هڪ ڪلاسيڪل ڊرامه سيريل بنجي ويئي. هن ڊرامه ۾ هر سنجيده اداڪار خوبصورت مزاحيه اداڪاري ڪئي، جن ۾ نور محمد لاشاري، انور سولنگي، منظور مراد، منصور بلوچ، سڪينه سمون، اي آر بلوچ، رشيد صابر، گل شريف ۽ ٻين سنجيده اداڪارن لائيٽ ڪاميڊي خوبصورت ۽ يادگار انداز ۾ ڪئي جيڪا اڄ به رڪارڊ تي آهي پر ٽي وي ۽ سنڌ جي مسخري جو عروج منظور قريشيءَ جو مزاحيه خاڪن جو پروگرام ”چهچٽو“ مسلسل ٽي سالن تائين ڪراچيءَ جو مقبول ترين پروگرام هو. هن پروگرام جي فنڪارن طنز ۽ مزاح سان ڀرپور مزاحيه خاڪا ۽ گانا ايڏا ته خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيا جو مجبورن اردوءَ ۾ ”ففٽي ففٽي“ نالي مزاحيه خاڪن ۽ گانن جو سپرهٽ پروگرام ٺاهيو ويو جيڪو ٻن سالن تائين هلندو رهيو ۽ منظور قريشيءَ جي دريافت اداڪار ماجد جهانگير ۽ اسماعيل تارا جي جوڙي ففٽي ففٽي جي جان هئي. جيئن ته آئون ۽ عاشق عارباڻي ”چهچٽو“ ۾ ڪئين روپ ڪندا هئاسين ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو عابد نويد کي ”لونگ“ ۽ شهنيلا قريشي کي ”وسائي“ جي نالي سان جيڪا شهرت ملي اها اڄ به قائم آهي ته قاضي سيف الدين ”دل جيرا مغز بڪيون“ جي ڪاسائي واري هوڪي سان مشهوري ملي. سحر قريشي، لطيف منو، مير محمد لاکو، شفيع پڃارو، فيض علي شاهه، انور ٿيٻو، ساقي صاحب ۽ آخري سال ۾ ٽي ويءَ تي ۽ مختلف شهرن ۾ جڏهن ”چهچٽو شو“ کڻي وياسين ته هزارين ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. ٽن سالن تائين ان وقت ۾ جڏهن هٿ ۾ ريموٽ نه هو ۽ ٽي ويءَ تي به صرف هڪ بليڪ اينڊ وائيٽ چينل پي ٽي وي جو ئي هوندو هو ۽ اسان ان چينل تان هر ٻولي ڳالهائيندڙ جا ۳ سال فيملي ميمبر هئاسين. ماڻهن اسان کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. عابد نويد بدين ۾، مون ٽنڊوآدم، هالا ۽ اوپن ايئر ٿيٽر حيدرآباد ۾ سپرهٽ “چهچٽو شو” پيش ڪيا.
انهن ڏينهن ۾ جيڪي سنڌي فلمون ٺهنديون هيون انهن ۾ به انهن فنڪارن جهڙوڪ لطيف منو، شهنيلا قريشي ۽ انور ٿيٻو کي به سنڌي فلمن ۾ موقعو مليو ۽ اهي سنڌي فلمون ڪامياب به ٿيون. سنڌي فلم انڊسٽري جي ڪهاڻي سٺ کان ستر سالن جي اندر فلمن تي مشتمل رهي آهي جن ۾ جيڪي مزاحيه اداڪار مقبول ٿيا ۽ جن کي فلم بينن به قبول ڪيو انهن ۾ ملڪ انوکو، مشتاق جسڪاڻي، انور سولنگي، خميسو جانوري، لطيف منو، انور شيخ، شيخ سنڌي ۽ ڪجهه سنڌي ۽ ڪجهه ٻيا به فنڪار منظر عام تي آيا جن سنجيده اداڪارن کي اڙدو ڊرامن ۾ به ڀرپور موقعو مليو جهڙوڪ شفيع محمد شاهه، محمود صديقي، منصور بلوچ، فريد نواز بلوچ، نور محمد لاشاري، اي آر بلوچ، سڪينه سمون، شهزادي، بينا، روشن عطا مرحومه، قمرالنساءِ صلاح الدين تنيو سندس ٻه عدد پٽ فهد يا سني تنيو ۽ ٻيو خالد تنيو جيڪو مون سان به امرجليل جي سيريل ۾ بيدل مسرور جي هدايتڪاري ۾ تمام سٺو ڪم ڪري چڪو آهي، اهڙي طرح ياسر نواز بلوچ، فريد نواز جو پٽ ڪامياب اداڪار پر اڄ جو سپرهٽ هدايتڪار آهي. الله جي فضل سان سنڌي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڇانيل آهن پر ڳالهه سنڌي مسخرن جي پئي هلي ته پوءِ ان کانپوءِ مزاحيه فنڪارن سي ڊي فلمون به ٺاهيون پر جڏهن کان سنڌي چينل هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ آيا آهن تڏهن کان مزاح ۽ مزاحيه فنڪارن جو ڇڙيو پاڻي کليل ميدانن ۾ پيو ڪلر آباد ڪري، سنڌي چينلن تي ماما لالو بي انتها شهرت ماڻي ۽ ٽي وي چينل جي تاريخ سان گڏ سندس سفر شروع ٿيو ۽ اڄ تائين جاري آهي. اڄ به کوڙ سارا مزاحيه پروگرام نشر ٿين ٿا، لکيا وڃن ٿا. فنڪار مشهوري جي ڪري ميڊيا ۾ ڪيش ٿين ٿا انهن ۾ علي گل ملاح، سهراب سومرو شاهديون ۽ شاگردن جا پروگرام به ڪن ٿا. سنڌي فنڪارن تي فخر ڪرڻو آهي ته پوءِ صلاح الدين تنيو جو فرزند فهد تنيو ۽ فريد نواز بلوچ جو پٽ ياسر نواز ۽ دانش نواز تي به فخر ڪري سگهجي ٿو. صنم بلوچ، ماهه نور بلوچ، سڪينه سمون. هن وقت ۷ عدد سنڌي ٽي وي چينل هلن ٿا. مزاحيه پروگرام مزاحيه فنڪار به هلن ٿا ميمري ڪارڊ ۽ موبائيل فون سي ڊي انڊسٽري جي ڪاروبار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اڄ به اپر سنڌ ۾ سي ڊي جي دنيا ۾ اسد قريشي انهن لاءِ سلطان راهي آهي جنهن جي ڊرامي تي ٻهراڙيءَ جي هوٽلن تي مڻين کير کپن ٿا. منان عباسي ماما لالو واري ڪلاس کي قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ اڄ به ڪامياب آهي تڏهن ته ماڻهو ماما لالو کانپوءِ ”واهه لالو تنهنجي لئه“ کي پسند ڪن ٿا. ڪاوش ڪوشش ۽ شام جون سرخيون پڙهندڙن انهن سنڌي ٽي وي چينل تان نشر ٿيندڙ ڊرامن، گانا، فنڪار پرستارن کي سلام، ڊاڪيو مينٽريز اڄ جي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ذخيرو سنڌي ميڊيا جنهن جي مسخريءَ جي تاريخ مختصر صحيح پر فنون لطيفه به هر طرح سان سنڌ ۽ سنڌي مالڪي رکن ٿا.

ڪراچي ٽيليويزن تان ”چهچٽو“ کانپوءِ منهنجي لکيل مزاحيه خاڪن جو پروگرام ”رس چس“ شروع ٿيو جيڪو ۱۸ مهينه هليو جيڪو پهرئين پروڊيوسر مرحوم فيض ٻگهيو ۽ ان کان پوءِ تبديل ٿي بيدل مسرور ۽ ان کانپوءِ عبدالحق عظيم کي ڏنو. جنهن تان آئون ڪاوڙجي ڇڏي آيس ۽ هن پروگرام جو گراف هيٺ ڪيرائي ڇڏيو. بلوچ صاحب ۽ مرحوم ممتاز مرزا مون کي فون ڪري “رس چس” جي خوبصورت پڄاڻي ڪرڻ لاءِ گهرائي ورتو ۽ پروگرام کي عزت سان بند ڪيوسين. ان کانپوءِ منهنجي ئي لکيل خاڪن جو پروگرام اقبال سعيد انصاري پروڊيوس ڪيو جيڪو ۱۳ قسطن تائين هليو پر جيڪي مزاحيه ادڪان ان دور ۾ متعارف ٿيا انهن ۾ منان عباسي، منظور دانش مزاحيه اداڪاري سان گڏوگڏ بحيثيت هدايتڪاري جي مختلف چينلن تي سٺا ڊرامه ڏنا اٿن، باقي جيڪي ساٿي سٺي دور جا سٺا مزاحيه فنڪار هئا يا آهن اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. ملڪ انوکو، مشتاق جسڪاڻي، خميسو جانوري، بصر بادشاهه، محمد حسين قادري، نسرين ناز ۽ شبيران چنه وراسٽائيل فنڪار آهن پر ڪاميڊين به ڀلو آهي، لطيف منو اهو فنڪار آهي جيڪو ڪراچي ٽي وي تان شهرت ماڻي نڪتو، سنڌي فلمن ۾ مقبول ويو، اردو ٽي وي اسٽيج ڊرامن ۾ مصروف ٿيو ان کانپوءِ جيڪي به سنڌي ٽي وي چينل چالو ٿيا ته تن ۾ ۾ مزاحيه ۾ لطيف منو نمايان رهيو آهي پر جڏهن کان ٽيليويزن جي دنيا ۾ علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو جي جوڙيءَ پير پاتو آهي، تڏهن کان انهن پنهنجي سوين گيٽ اپن سان پنهنجي صلاحيتن کي مڃايو آهي، جيئن اردو ۾ الف نون واري جوڙي هئي تيئن هيءَ جوڙي اڃان تائين مزاح جي خال کي ڀريندا پيا اچن. ٽي وي پروگرام هجن يا اسٽيج شوز، هنن ٻنهي جا نالا پڙهي ٻڌي ڏسندڙ ضرور ايندا آهن. ماما لالو  يعني منان عباسي ۽ موالي به اسٽيج شو ۽ ٽي ويءَ تي ٽڪيل آهن. جڏهن تمام جهونو اسٽيج ٽي وي ۽ فلم جو مزاحيه اداڪار دادو واسي رشيد چارڻ هڪ جهونو ۽ طنز و مزاح اڪيلي سر اسٽيج تي سالن جا سال پيش ڪرڻ وارو اڄ به ڪي ٽي اين تي ڪڏهن ڪڏهن ڪاميڊي ڪڏهن ڪمپيئرنگ ڪندي نظر ايندو آهي. ان کان علاوه عبدالواحد عرف واحد به تمام سٺو مزاحيه فنڪار آهي. بصر بادشاهه به لڳو پيو آهي، سحر قريشي سنڌي مزاحيه ايڪٽر ۽ سٺو ڊرامه رائيٽر هو جنهن اسانجي چهچٽي ۾ ڇلر سپاهي جي حيثيت ۾ تمام گهڻي شهرت ماڻي. اهڙي طرح اسماعيل ڏاهري، اڪرم شيخ به اسان سان گڏ مزاحيه سيريلز ۽ مزاحيه خاڪن جا پروگرام ڪيا. اهڙي طرح قادر بخش مٺو کي به “رس چس” ۽ “کل ڀوڳ” ۾ اداڪاري ڪرائي تمام سٺو مزاحيه اداڪار ثابت ٿيو پر اڳتي هلي اداڪاري ڇڏي صرف ون مين شو ڪندو رهيو آهي. عبدالحق ابڙو، قاسم فاني ريڊيو ۽ اسٽيج تان ٽي وي تي آيا ۽ مزاحيه رول ڪندا رهيا. عبدالحق ابڙو سنجيده ڊرامه لکندو هو جڏهن ته قاسم فاني مزاحيه خاڪا جيترا لکيا ان جو چوٿو حصو به نشر نه ٿي سگهيا. اهڙي طرح جڏهن به مزاحيه ڊرامه نشر ٿيا ته ڪئين ننڍا وڏا مزاحيه فنڪار ميدان ۾ آيا، جن مان گهڻن جو ذڪر نه ڪري سگهيو آهيان. انهن کان معافي.

No comments:

Post a Comment