14/12/2014

سڄڻ سونيءَ تند جئن! - تاج جويو (Taj Joyo)

سڄڻ سونيءَ تند جئن!
تاج جويو
”تاج! اڄ تاريخ جو هڪ دؤر پورو ٿي ويو، اسان جي ادبي ساٿاري سندري اتمچنداڻي به موڪلائي وئي.“ هي هو موتي پرڪاش، جيڪو آديپور، ڪڇ مان موبائيل فون تي ڳالهائي رهيو هو، ۽ گڏوگڏ اوڇنگارون به ڏئي رهيو هو. خبر ٻُڌندي مون کان به هڪ وڏي اوڇنگار نڪري وئي. الا! سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڇورا ڇنا ٿيندا پيا وڃن. هر سال ڪيترا ساڃهه وند اديب ۽ اديبائون اسان کان دؤر ٿيندا پيا وڃن ۽ شيخ اياز پُڪاري پيو چوي:
ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا،
تون اڃا پيو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا.

سُندري، سنڌ ۽ هند جي اوچي پد جي ليکڪائن ۾ شمار ٿيندي هئي. هوءَ 28 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد سنڌ جي سُرهين هوائن ۾ ڄائي هئي. هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نگار ۽ شاعر هئي، پر ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج جي به هڪ سٺي اداڪار هئي. گذريل ساٺيڪو سالن کان سنڌي ادب جي لاڳيتو خدمت ڪندي پئي آئي. هن جو وَر سنڌي زبان جو ترقي پسند، روشن خيال اديب ۽ انقلابي، اي. جي. اتم هو، جيڪو پڻ ٻه ٽي سال اڳ اسان کان وڇڙي ويو هو. سُندريءَ پرائمري تعليم شوقيرام چانڊو مل ميونسپل اسڪول حيدرآباد ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان انٽر سائنس ڪئي، کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪو ميڊيڪل ڪاليج نه هو ۽ هن جو اهو شوق پورو نه ٿي سگهيو. هن ورهاڱي کانپوءِ 1949ع ۾ بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي ۽ ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. سندري اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ کان ڏاڍي متاثر هئي ۽ کيس ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو. تعليمي اڀياس پوري ڪرڻ کانپوءِ هن ڪجهه وقت لئبررين، ڪلرڪ ۽ ماسترياڻيءَ طور فرض سرانجام ڏنا ۽ اڳتي هلي بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرار طور رٽائر ڪيو.
سندريءَ کي ننڍپڻ کان وٺي ادبي ڪتابن پڙهڻ جو وڏو چاهه هو. ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران هوءَ ڪجهه وقت لاءِ عورتن جي رسالي ’ساٿيءَ‘ جي ايڊيٽر به رهي ۽ ان ۾  هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري ڇپائي هئائين. هن جي ترقي پسند ويچار ڌارا تي ٻَڌل پهرين لکڻي، ’منهنجي ڌيءَ‘ 47-1946ع ڌاري ’ساٿي‘ رسالي ۾ شايع ٿي هئي. جڏهن 1949ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) قائم ٿي، ته سندري اُن جي هفتيوار ڪلاسن ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندي هئي. سندري ورهاڱي کان اڳي ’سنڌي سرڪل‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪلاسن ۾ به شريڪ ٿيندي هئي، جن ۾ منگهارام ملڪاڻي، رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، بهاري لال ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، شيخ اياز ۽ سوڀو گيانچنداڻي شريڪ ٿيندا هئا، ان ڪري جديد ترقي پسند ادب سان هن جا لاڳاپا منڍ کان ئي قائم هئا، جيڪي اتم سان گهر گرهستي ٻنڌڻ ۾ لاڳاپجڻ کانپوءِ وڌيڪ پڪا ۽ پختا ٿي ويا.  سندري، ڀارت ۽ يورپ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد ترقي پسند اديبن- ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريم چند، يشپال، ڪرشن چندر، شيڪسپيئر، وڪٽر هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هارڊي، اوهينري ۽ ٻين کان متاثر هئي. هن مئڪسم گورڪيءَ جو ناول ’ٽُٽل ساز‘ ۽ ڪرشن چندر جو ناول ’پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون‘ ترجمو ڪري ڇپرايا. ان کانسواءِ هن امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو ’هڪ سسئي، سئو سُور‘ جي نالي سان ۽ مليالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول ’ساگر جي سنتان‘ (اولاد) عنوان سان ترجمو ڪري ڇپايا. ان کانسواءِ هن شولوخوف جي چونڊ ادب جو ترجمو ’شولوخوف جي جهلڪ‘ عنوان سان پڻ ترجمو ڪري ڇپايو هو.
سندري هڪ سٺي شاعر به هئي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’هڳاءُ‘ ۽ ’ڏات بڻي لات‘ ڇپيل آهن، جڏهن ته هن 95 روسي شاعرن جي شاعري، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ’امن سڏي پيو‘ (1965ع) نالي ڪتاب ۾ شامل ڪئي. ان کانسواءِ هن روسي صدر ليونڊ برزنيف جي يادگيرين تي ٻَڌل ٽي ڪتابڙا: ’ملايازيمليا‘، ’نئون جنم‘ ۽ ’ڪنواري ڌرتي‘ به ترجمو ڪيا، جن تي کيس 1979ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ مليو ۽ هن 14 ڏينهن جو روس جو مهماني دؤرو به ڪيو. ان دوري کانپوءِ هن ’نئين سڀيتا درشن‘ عنوان سان روس جو سفرنامو پڻ لکي ڇپايو هو، جنهن کي وڏي مقبوليت ملي. سندري، نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار به هئي. سندس ڪهاڻين جا ڏهه مجموعا، ٻه ناول ۽ هڪ ناٽڪن جو مجموعو شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌي جديد ادب ۾ اهم مقام رکن ٿا. ان کانسواءِ سندس مضمونن جا به ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن. سندريءَ کي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي ۽ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترا ادبي انعام ۽ اوارڊ به مليا.
سندريءَ جو سنڌي ٻوليءَ کي هندستاني آئين جي اٺين شيڊول ۾، ’قومي ٻوليءَ‘ طور مڃائڻ واري تحريڪ ۾ به وڏو ڪردار رهيو آهي، جنهن سفر ۾ سندس گهر وارو اي. جي. اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي، هري دلگير، گورڌن ڀارتي، ٽيڪچند مست، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا به شامل هئا. اهو ڪيڏو نه روح پرور منظر هو، جڏهن سندري اتمچنداڻيءَ، پنهنجن 51 ساٿين سان گڏ سنڌي الف- ب جي 52 اکرن جا ڪارڊ سيني تي سجائي، ’انڊين پارليامينٽ‘ آڏو هڙتال ڪئي هئي ۽ نعرا هنيا هئا. اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي جيڪڏهن زنده آهي، ته اُن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جهڙين ليکڪائن جو وڏو ڪردار آهي.
سندري نهايت سٻاجهي عورت هئي، سندس لهجي ۽ رويي ۾ مامتا واري محبت جا مڻ ڀريل هئا. منهنجون ساڻس 86-87، 2008ع، ۽ 2011ع ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيل هيون. مون هن جهڙي ٻاجهاري ليکڪا صرف پوپٽي هيراننداڻيءَ کي ئي پاتو هو. هن جي آشا چاند جهڙي سڀاڳي ڌيءُ، دبئيءَ ۾ ’سنڌيت‘ جي جوت جلايو ويٺي آهي ۽ اُن دنيا جو پهريون سنڌي سکيا سافٽ ويئر ’اچو ته سنڌي سکون‘ (Lets’ Learn Sindhi) پڌرو ڪيو آهي ۽ KTN سان گڏ ڪيترا ثقافتي ۽ سنگيت جا پروگرام به ڪرايا آهن. سندريءَ سان آخري ملاقات ۾ مون سان شوڪت شورو ۽ اياز گل به گڏ هئا، اڄ جڏهن سندري هن دنيا ۾ نه رهي آهي، تڏهن سندس چهرو ۽ سڀاءُ اکين آڏو ڦري اچن ٿا ته هڪ نامعلوم سنڌي شاعر جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو:
وساريان نه وسرن، نه وسارڻ جيها،

ريکون ٿي رهيا، سڄڻ سونيءَ تند جئن!

No comments:

Post a Comment