14/12/2014

فيض - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

فيض
انقلابي رومانويت جو شاعر
رکيل مورائي
فيض احمد فيض جي ورسيءَ تي کيس اسين ياد ڪريون ٿا، اهو چوڻ مناسب نه آهي، هو اسان سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ دنيا جي انهن سڀني ماڻهن کان، گروپن کان،قومن کان ۽ انصاف لاءِ وڙهندڙن کان وسريو ئي ڪڏهن آهي؟. هن پاڪستان ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جنم ورتو، ان ڪري هن ملڪ کي فخر آهي ته ان فيض جهڙي هڪ اعليٰ شاعر کي جنم ڏنو، جنهن اڳتي هلي، هن ملڪ جو نالو  انهن ملڪن ۾ وڌيڪ مشهرو ڪيو، جيڪي ويهين صديءَ ۾ قومي ۽ طبقاتي آزادي لاءِ هڪ وڏي سامراج خلاف وڙهي رهيا هئا. فيض احمد فيض نه رڳو پنهنجي انقلابي شاعريءَ ۾ انهن سان پنهنجائپ جو اظهار ڪيو پر هو پاڪستان جي مظلوم عوام سان سندن حقن لاءِ عملي جدوجهد ۾ به شامل رهيو ته جيل جون سزائون به کاڌائين.

اردوءَ ۾ فيض احمد فيض صاحب جو مقام هڪ رومانواري انقلابي شاعر وارو آهي، فيض صاحب جي انقلابي رومانويت واري شاعري، عام شخص کان وٺي اعليٰ شخصن تائين هڪ جيتري پڙهي ۽ پسند ڪئي ويئي، فيض صاحب پنهنجي نظمن ۾ اهڙو لهجو کڻي آيو جيڪو اڳ اردو شاعريءَ ۾ موجود نه هئو، هن انقلاب کي رومانس جي رنگ ۾ اهڙو رچائي پيش ڪيوجو اڄ سندس شاعري مان انقلاب ۽ رومانس کي الڳ ڪري ئي نٿو سگهجي.
هو مظلوم قومن ۽ طبقن جي حقن جو آواز بڻجي هن ملڪ جي ايوانن تائين پهتو. هڪ طرف هن لاءِدو شيزائن وار ٿي وڇايا ته ٻئي پاسي هن ملڪ جي آمر حڪمرانن پاران هن لاءِ جلين جا دروازا کوليا ٿي ويا. اهڙين ئي حالتن هيٺ فيض احمد پنهنجو مشهور نظم لکيو هو ته:
مقام فيض ڪوئي راهه ۾ جچا هي نهين
جو ڪوءِ يا رسي نڪلي تو سوءِ دار چلي

اڄ فيض صاحب اسان وٽ نه رهيو آهي پر پنهنجي شاعريءَ وسيلي هو نه فقط پاڪستان جي مظلوم عوام وٽ محترم آهي. پر هو دنيا جي سڀني انهن ماڻهن لاءِ عزيز آهي، جيڪي پنهنجي قومي ۽ طبقاتي ويڙهه ۾ رڌل آهن ۽ جڏهن اهي سڀ پنهنجي آجپي جي جنگ فتح ڪري وٺندا، تڏهن ڄڻ فيض صاحب جي انقلابي رومانيت واري شاعريءَ پنهنجي فتح حاصل ڪري ورتي.

No comments:

Post a Comment