17/12/2014

گلزار هڪ شاعر - اشفاق آذر (Ishfaq Aazar)

گلزار
هڪ شاعر!
اشفاق آذر
”سنگيت ڪنهن گهوڙي وانگر هوندو آهي ۽ شاعري ان جون واڳون، جنهن وسيلي توهان گهوڙي سواري ڪري سگهو ٿا!“ لفظن ۾ حيران ڪرڻ جي صلاحيت به هوندي آهي ته خوش ڪرڻ جي به، اهو انهيءَ تخليقڪار تي دارو مدار آهي ته هو انهن لفظن کي ڪيئن ٿو استعمال ڪري. اهي گلزار جا لفظ آهن، هڪ اهڙي شاعر جا، جيڪو  لفظن کي بي رنگ، بي بوءِ ۽ بي جان سنگي مجسمن بدران هڪ اهڙي زندگيءَ ۾ بدلائي ٿو، جنهن ۾ حرارت آهي ته حسناڪي به، هڳاءُ آهي ته حيرت به!

گلزار سان منهنجي واقفيت به انهن انيڪ تخليقڪارن وانگر آهي، جن سان عقيدت جي حد تائين پيار ڪيو ويندو آهي، انهن جون تحريرون ڪڏهن به روبرو نه ملي سگهڻ جي حسرت يا تڙپ کي جنم ڏيڻ بدران سدائين ساٿ هجڻ جو احساس ڏيارينديون آهن.
گلزار جي شاعري هجي يا نثر، فلمون هجن يا ناٽڪ، مختصر ڪهاڻيون هجن يا اسڪرين پِلي ۽ ڊائيلاگ، هو توهان کي هڪ اهڙي جينيئس جو ڏس ڏيندا، جيڪو پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي ذهنن تي ڇانئجي وڃڻ جي هنر کان واقف آهي. ان هوندي به سندس اندر ۾ هڪ اهڙي اڪيلائپ آهي، جنهن ۾ رهڻ جي تمنا کيس سدائين رهي ٿي. سو دنيا گهمڻ جي باوجود به ديني کي اڄ تائين وساري ناهي سگهيو. جهلم جي ڀرسان انهيءَ ڳوٺ کي هن پنهنجي انهيءَ شعر ۾ سنواريو ته،
ذڪر جهلم ڪا هو، بات هو ديني ڪي
چاند پکراج ڪا، رات پشميني ڪي
70 سال اڳ جڏهن هن جهلم جي ڳوٺ ديني کي الوداع چيو هو، تڏهن هن جي عمر فقط 8 سال هئي، تڏهن هو سمپورن سنگهه ڪالرا هو، پر اڄ کيس دنيا گلزار جي نالي سان سڃاڻي ٿي. سمپورن سنگهه ڪالرا جو نالو هن جي پاسپورٽ يا انڪم ٽيڪس گوشوارن تائين ئي محدود آهي. پنهنجي ننڍپڻ کان هڪ عجيب اڪيلائيءَ جو شڪار هي ٻار پنهنجي والد ماکن سنگهه جي انهيءَ زال مان اڪيلو پٽ هو، جيڪا هن جي پهرين سالگره به ملهائي نه سگهي، باقي سندس 8 ڀائر ۽ ڀينر هن جي پيءُ جي ٻي زال منجهان هئا، جنهن کيس ان وقت بسترو ويڙهائي بمبئي روانو ڪيو، جڏهن سندن خاندان ديني کي ڇڏي اچي امرتسر جا وڻ وسايا هئا.
گلزار جو ننڍپڻ اڪثر ڪري هڪ بند ڪمري ۾ پيءُ جي شفقت کان محروميءَ ۾ گذريو، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ ڪپڙي جو دڪاندار هجڻ سبب اڪثر ڪري واپار سانگي دهلي ايندو ويندو رهندو هو. انهيءَ دور ۾ ئي هن پاڙي واري ڪتابن جي دڪاندار کان چار آنا هفتي جي حساب سان ڪتاب وٺي پڙهڻ شروع ڪيا ۽ سندس زرخيز ذهن جي تخيل جي آبياري ٽيگور، پريم چند، شرت چندر ۽ ٻين ليکڪن ڪئي.  گلزار ان دور ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، جڏهن هو ڪاليج ۾ پڙهندو هو، سندس پيءُ جي انهيءَ نصيحت باوجود به ته، جيڪڏهن شاعري ڪندو رهندين ته پنهنجن ڀائرن جو محتاج رهندين، هن شاعريءَ سان پنهنجو ناتو نه ٽوڙيو. گهڻو پوءِ جڏهن بمبئي ۾ رهندي هو مشهور ڊائريڪٽر بمل راءِ جو اسسٽنٽ ٿيو ۽ سندس والد جو ديهانت ٿيو ته کيس ان جي خبر به پنجن ڏينهن کانپوءِ مليل پوسٽ ڪارڊ وسيلي پئي. بعد ۾ جڏهن هو پنهنجي قلم وسيلي ئي ڪامياب ٿيو، تڏهن اها ڪاميابي پنهنجي پيءُ سان گڏ ملهائڻ جي حسرت کي هن پنهنجي هڪ نظم ۾ قلمبند ڪيو:
بهت ڪڇ ڪهنا ره گيا هي آپ سي
هوتي تو ڪهتا
بهت مايوس ٿي مجهه سي
ڪه ميري شاعري لي ڊوبي گي مجهه ڪو
اڀي تڪ تير رها هون مين، ابو!
مگر ساحل په آني ڪي تمنا ڀي نهين اب
مجهي معلوم هي ڪه آپ ساحل ڇوڙ ڪر
اب جا چڪي هين!
هو بمبئي آيو هو ته ڪو فلمون ٺاهڻ يا فلمي گانا لکڻ نه، پر شاعريءَ لاءِ آيو هو، پر هن پنهنجي گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ گانا لکيا، جو گانا لکڻ گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن گيراج ۾ مڪينڪ ٿي ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ بهتر هو.
هو انهن تخليقڪارن منجهان آهي، جنهن جي ڪا به تخليق پڙهڻ لاءِ هر وقت پڙهندڙ تيار هجن ٿا. هو شوبز جي انهن ماڻهن منجهان ناهي، جن کي چمڪندڙ ستارا چيو ويندو آهي. هو راجيش کنا به ناهي، جنهن جي گاڏيءَ کي نوجوان ناريون چمين سان رنگين ڪري ڇڏينديون هيون. هو شاهه رخ خان به ناهي، جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ دليون بي تاب هونديون آهن، پر ان باوجود به هو جيڏانهن ويندو آهي ته ماڻهن جا هجوم لڳي ويندا آهن، جيڪي کيس اڪيلو ناهن ڇڏيندا. هو ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو ايمرجنسي ويزا تي ان وقت 2004ع ۾ پاڪستان آيو هو، جڏهن سندس روحاني استاد احمد نديم قاسمي دل جي دوري سبب بيماريءَ جي بستري تي هو. گلزار چار ڏينهن رهڻ بعد واپس روانو ٿي ويو، تان جو کيس 2012ع ۾ ڪراچي ادبي ميلي ۾ اچڻ جي دعوت ملي.  هو واگها بارڊر ٽپي اگهاڙي پيرين پاڪستاني سرحد ۾ داخل ٿيو. کيس اڪيلو لاهور جي گهٽين ۾ گهمڻ جي ڏاڍي حسرت هئي ته هو ريڙهي واري کان مڪئيءَ جا سنگ وٺي کائي. لاهور کان جهلم تائين پنجن ڪلاڪن جي مسافريءَ ۾  هن اردوءَ ۾ ايترا سائِن بورڊ پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ نه ڏٺا هئا ۽ هو هڪ هڪ سائِن بورڊ کي پڙهندو ويو. هو پنهنجي ڳوٺ پهچي سڌو انهيءَ بازار ويو، جنهن جي گهٽيءَ ۾ سندس گهر هوندو هو. اتي ان وقت به اهي ماڻهو موجود هئا، جيڪي کيس سڃاڻي سندس گهر ڀاتين جي باري ۾ پڇندا رهيا ۽ هو انهن سان گڏ ئي پَٽ تي ويهي آلين اکين سان انهيءَ وقت کي ساريندو رهيو. انهيءَ جنم ڀومي ياترا کيس ايترو ته جذباتي طور ڀڃي ڀورا ڪيو، جو هو پنهنجن ميزبانن کي حيرت ۾ وجهي اڌ مان ئي واپس هندستان روانو ٿي ويو، جتان پوءِ سندس واپسي تازو ئي ان وقت ٿي، جڏهن هو ڪراچيءَ ڪنهن خانگي اداري جي دعوت تي آيو.
گلزار، هڪ اهڙو شاعر، جيڪو  خيالن جي اڻت لفظن جي ڌاڳي سان اهڙيءَ ريت ڪندو آهي، جو ان ۾ ڳنڍجي هر خيال هڪ انوکي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي، جيئن پنهنجي هڪ نظم ۾ هن چيو ته،
مجهه ڪو ڀي ترڪيب سکا ڪوئي يار جولاهي
اڪثر تجهه ڪو ديکا هي ڪه تانا بنتي
جب ڪوئي دهاگا ٽوٽ گيا يا ختم هوا
ڦر سي بانده ڪي اور سرا ڪوئي جوڙ ڪي اس ۾
آگي بنني لگتي هو
تيري اس تاني ۾ ليڪن
ايڪ ڀي گانٺ گرهه بنتر ڪي ديک نهين سڪتا هي ڪوئي
مين ني تو اڪ بار بُنا ٿا ايڪ هي رشتا
ليڪن اس ڪي ساري گرهين صاف نظر آتي هين ميري يار جولاهي
مجهه ڪو ڀي ترڪيب سکا ڪوئي يار جولاهي!

گلزار ڀل ته فلمون ٺاهيون هجن، اسڪرين پِلي لکيا هجن پر پنهنجي اندر ۾ هو شاعر آهي، شاعريءَ ۾ ئي پناهه وٺندو آهي. جيڪڏهن هو فقط فلمون ٺاهيندو هجي ها ته ڏينهن ۾ ته اڄ به 24 ڪلاڪ هجن ٿا، هو شاعريءَ جا ڪئين ڪتاب ڪهڙي ريت ڏئي سگهي ها. هن پنهنجي زندگي ڪنهن جامد ۽ بيٺل پاڻيءَ وانگر نه پر هڪ وهندڙ نديءَ وانگر گذاري آهي، سندس شاعري ۾ به اهو ئي تبديليءَ جو پرتوو ملي ٿو. هو اردو شاعريءَ ۾ روايت پسنديءَ جو سخت مخالف آهي، ان ڪري سندس شاعري فلمي هجي يا غير فلمي، هن پنهنجي جدت پسندي، تخيل جي رواني ۽ انوکين تشبيهن سان سدائين هڪ منفرد ڳالهه چئي آهي. ”ميرا ڪڇ سامان تمهاري پاس پڙا هي“ کان ويندي ”رڪي رڪي سي قدم رڪ ڪي بار بار چلي، تيري بنا زندگي سي ڪوئي شڪوه تو نهين“ تائين اهڙا ڪيترائي گانا آهن، جيڪي اڄ به توهان کي ٻڌڻ سان نوان ملندا. ان کان علاوه لتا منگيشڪر يا جگجيت سنگهه جي آوازن ۾ ڳايل ”دهوان بنا ڪي هوا ۾ اڙا ديا مجهه ڪو“ سميت سندس شاعري تخليق جا ڪيترائي حسين پهلو اجاگر ڪري ٿي. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، هڪ اهڙي شاعر جو جنم، جنهن هڪ ڀرپور زندگي گذاري. کيس جڏهن اهو چيو ويندو آهي ته گلزار هڪ اڌورو نالو آهي ۽ ان مان سندس ذات جي خبر نٿي پوي، ته هو ان جو جواب ايئن ڏيندو آهي ته، توهان سمپورن سنگهه کي وچ ۾ نه آڻيو، هيترن سالن کان پوءِ منهنجو نالو مڪمل ٿي چڪو آهي، آئون فقط گلزار آهيان، مون هميشه گلزار رهڻ چاهيو آهي!

No comments:

Post a Comment