09/11/2018

امداد حسيني: هڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏي - امر پيرزادو (Amar Pirzado)


امر پيرزادو
امداد حسيني: هڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏي

هر وڏي انسان وانگر امداد حسينيءَ ۾ به وڏائي ناهي. هڪ ڀيري امداد صاحب سان سندس گهر ملڻ ويس. واپسي تي فليٽ جي لفٽ تان موڪلايم ته چيائين هل مان هيٺ تائين هلان ٿو. مون کي حيرت ٿي ته هو نه صرف هيٺ تائين هليو پر جيستائين مان روڊ تي وڃي ڪار اسٽارٽ ڪئي ۽ روڊ جي ٻئي پاسي کان ڦيرائي ٻيهر ان رستي تي آيس جتي سندس فليٽ جو گيٽ هو، تڏهن  به هو اتي بيٺل هو ۽ هن هٿ جي اشاري سان مون کان موڪلايو. مون کي يقين ٿيو ته امداد حسيني وڏي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ تمام وڏو انسان به آهي. وڏن اڇن وارن سان جڏهن هو معصوم ٽهڪ ڏيندو آهي ته صفا ٻار لڳندو آهي. هر وڏو انسان ٻار ئي ته هوندو آهي!

انور پيرزادي هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو هو ته ”سنڌ جو ڪيس رڳو سنڌ جا ماهر ماڻهو وڙهي سگهن ٿا ۽ ماهر صرف سياست ۾ ناهن ٿيندا، زندگي جي هر شعبي ۾ماهر هوندا آهن.“ سو امداد حسيني شاعري جي وسيع ڪائنات جو ماهر آهي. ان مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ هن سڄي عمر جو تخليقي رياض ڪيو آهي. هن وٽ جيڪا به شاعري پڙهڻ لاءِ ايندي آهي، هو ان جو ڪنهن ماهر ڊاڪٽر وانگر علاج ڪندو آهي. هو اهڙو علاج مفت ۾ پنهنجي ڏات واري سخاوت سان ڪندو آهي. ڪيترن ئي شاعرن جي بي ترتيب سٽن کي هن ترتيب ۾ آندو آهي. ان جو بحر وزن سنواريو آهي، ان جي نظمن کي عنوان ڏنا آهن ۽ انهن جي غزل کي غزل بڻايو آهي. ان تي امداد کي طعنا به ٻڌڻا پيا آهن ته تون ايڏو وڏو شاعر پنهنجو قيمتي وقت ڇو پيو انهن سيکڙاٽ شاعرن تي وڃائين؟ ڇو ٿو انهن جا مهاڳ  لکين، ڇو ٿو انهن جي ڪتابن جي مهورتن جي صدارت ڪرين، ڇو نه ٿو اهو وقت پنهنجي تخليق کي ڏين! پر اها عجيب ڳالهه آهي ته اسان وٽ ننڍا ماڻهو اڪثر وڏن ماڻهن کي مشورا ڏيندا آهن، پر هو پاڻ انهن جهڙا ناهن ٿيندا پر کين پاڻ جهڙو بڻائڻ چاهيندا آهن. سو امدد پنهنجي فقيراڻي طبيعت ڪري اهي طعنا ٻڌي به پنهنجو  تاريخي فرض ادا ڪندو رهيو آهي.
مان سمجهان ٿو ته هڪ شاعر جو سماج ۾ جيڪو باوقار ڪردار آهي. ان ڪردار جي اهيمت بيان ڪرڻ ۾ امداد جي سڄي زندگيءَ جو پورهيو شامل آهي. هن شاعري توڙي شاعرن جو مانو وڌايو آهي. اهڙو ڪردار شيخ اياز به پنهنجي نثر ۾ نڀايو آهي، جنهن ۾ هن شاعر کي ڪنهن به سياسي نظريي جو محتاج ناهي ڄاڻايو. شيخ اياز ۽ امداد حسيني اهو سڀ ان لاءِ ڪري سگهيا آهن. ڇو ته هو جينئس تخليقڪار آهن.
افسوس ان ڳالهه  جو رهندو آهي ته ايڏي وڏي شاعر کان اسان جا ادارا ڪو به فائدو نه ٿا وٺڻ چاهين، مثال طور هن وقت امداد جهڙو ٻوليءَ جو ماهر اديب مون کي ٻيو ڪو نه پيو سُجهي، پر ڇا هو سنڌي لينگويج اٿارٽي جي ڏنل ڪنهن اسائنمينٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جواب آهي نه! هو هن وقت سنڌي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعريءَ  جو ڳوڙهو اڀياس رکندڙ شاعر آهي پر ڇا سنڌي ادبي بورڊ هن کان اهڙي ڪا ريسرچ ڪرائي رهيو آهي. جواب ساڳيو آهي، بلڪل نه! هو لطيف جو ڄاڻو آهي، ڇا شاهه لطيف چيئر ان کان شاهه تي ڪو ڪتاب لکرائي پئي، ڇا سنڌ جو ڪلچر ڊپارٽمينٽ هن تي ڪا ڊاڪيومينٽري ٺاهي پيو، هن جا ڪتاب ڇپرائي پيو، اسان وٽ هر سوال، سوال رهجي وڃي ٿو، ان ڪري اسان جو زوال رهجي وڃي ٿو.
بس ڪو قدردان آهي ته هو پاڻ  پنهنجي ڏات جو قدردان آهي ان ڪري پنهنجي ڏات سان نڀائيندو پيو  اچي. پنهنجي حصي جو ڪم ڪندو پيو اچي. بنا ڪنهن لالچ، تمنا ۽ خراج جي خواهش جي.
ڪو وٺي ٿو  وٺي ٿو وٺي نه وٺي،
هڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏي.
امداد جي شاعري پي ايڇ ڊي جو موضوع آهي، ان تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. امداد جون ڪيتريون ئي سٽون ڪيترن ئي بحثن جو جواب ثابت ٿيون آهن. مثال اڪثر جڏهن بحث طوالت وٺندا آهن ته اسان لکندا آهيون:
بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ!
جڏهن مايوسين جون ڳالهيون ٿينديون آهن ته اسان چوندا آهيون:
انوکي ابتدا ڪا ڪريون انتها ٿي چڪي!
اها شاعريءَ جي خوبي آهي ته ان جي اڌ سٽ يا هڪ سٽ ئي هڪ فلسفو، هڪ پيغام ٿي وڃي، اها خوبي اسان کي  ڀٽائي جي هر بيت ۾ ملندي آهي.
امداد  صاحب جي شاعري ۾ محبوب سان نظمن ۾ جيڪو ڪچهري جو انداز ملي ٿو اهو حيران ڪندڙ آهي. منظوم انداز ۾ طويل نظمن ۾ هو پنهنجي محبوب سان ايئن ڪچهري ٿو ڪري، جو لڳي ئي نه ٿو ته هو شاعري ۾پيو ڳالهائي، اهو سندس فني ڪمال آهي.
هڪ نظم مثال طور ٻڌو:
ملياسين ڪڏهن ڪو نه گهاٽن وڻن جي ٿڌي ڇانوَ ۾
ٻڌي ڪانه سرسبز ڪنهن شاخ تي
ڪابه ڳاڙهي ربن
نه چاقو سان کرڙي لکيوسين  ڪڏهن نانءَ ٿڙ تي
نه ڪو هٿ هٿ ۾ ڏنئه
چپن تي نه ڪو چپ رکيئه
نه ڄڀ سان ڪڏهن ڄڀ چکيئه
ارهه کي سدائين رئي  ۾ لڪائي رکيئه!
ڪڏهن شام توسان
الا ڪا نه گذري
سمندر ڪناري
ڪڏهن چيلهه ۾ ٻانهن پائي
نه لهندو ڏٺوسين
ڪڏهن سج کي !
ڪڏهن رات توسان
الا ڪانه گذري
ڏٺوسين ڪڏهن ڪونه اگهاڙن پٺن ڀر
ستارن جڙيل آسمان!
مگر پوءِ به ايئن  ٿو لڳي
سڄي عمر توساڻ گذري هجي!

No comments:

Post a Comment