09/11/2018

مير امين الدين خان جي فارسي ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ - مختيار ملاح (Mukhtiar Malah)


مختيار ملاح
مير امين الدين خان جي فارسي ڪتابن ۾
سنڌ جي تاريخ
سنڌ جي تاريخ جا اڪثر ماخذ سفرنامن، سياسي خطن، مشهور شخصيتن جي تذڪرن، ادبي حوالن وغيره مان مليا آهن، پر ان تاريخ جا ٻيا به ماخذ آهن، جن ۾ شاعريءَ جا مجموعا ۽ جاگرافي جا ڪتاب به آهن، عربي ۽ فارسي ۾ لکيل سفرنامن ۽ جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ جا بيشمار حوالا آهن. مغليه دور جا ماخذ اڄ به موجود آهن انهن جا ليکڪ سنڌي عالم به هئا ته غير سنڌي به انهن مان هڪ نالو مير امين الدين خان به ملي ٿو.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٻيو) ۾ اچي ٿو ته ”مير امين الدين ولد مير ابوالمڪارم مشهود ولد مير ابوالبقا خان علم ۽ اميري جي هڪ وڏي خاندان جو فرد هو.“ امين الدين خان پنهنجي ڪتاب ”رشمات الفنون“ جي ديباچي ۾ پنهنجو نالو ”امين الدين خان بن سيد المڪارم بن امير خان الحسيني الهروي لکيو آهي، ليڪن مير علي شير قانع سندس پورو نالو ”امين الدين خان حسين“ لکيو آهي. سندس نالي پويان ”ٺٽوي“ مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس جنم ٺٽي ۾ ٿيو. سندس جنم جو سال نه ٿو ملي. پر ايترو معلوم ٿئي ٿو ته 1650ع کان 1684ع ڌاري ٺٽي ۾ ديواني عهدي تي فائز  هو. 1102هه ۾ بکر سنڌ ۾ هو ۽ روهـڙيءَ جي موجوده قاضين جي محلي ۾ جامع مسجد ٺهرايائين، جيڪا اڄ تائين قائم آهي.“ ڪلهوڙن جي دور ۾ اعليٰ اختيارن تي فائز هو. تحفته الڪرام ۾ هن بابت اچي ٿو ته ”وڏي مرتبي وارو امير هو. سندس گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن جي صحبت ۾ گذريو“ شروعات ۾ کين خانپور (شڪارپور) ۾ جاگير مليل هئي. اهو سارو علائقو سندس هيٺ آيل هو. پوءِ دهليءَ جي مغليه سلطنت پاران 1702ع ۾ کيس ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 1707ع ۾ بکر جو فوجدار به رهيو. ڪلهوڙن سان سندس ڪڏهن سٺا ته ڪڏهن خراب تعلقات رهيا. مير امين الدين 1127هه/7 جنوري 1715ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جي باري ۾ مير علي شير قانع مقالات الشعراءِ ۾ لکيو آهي ته تاريخ وفات اوست بخل الجنت 1127-1115) کيس  مڪلي ٽڪريءَ جي امير خاني قبرستان  ۾ دفن ڪيو ويو هو. مير امين الدين جو والد مير ابوالمڪارم مشهود، دولت مند شخص هجڻ سان گڏوگڏ شاعر به هو. سندس هيٺين ٻن مثنوين جا نالا ملن ٿا:
1. پري خانان ۽ سليمان
2. مثنوي بديع الجمال
مير امين الدين خان حسين تمام وڏو عالم ۽ شاعر هو. هن وٽ تمام وڏي لائبريري هئي، هو پنهنجو گهڻو وقت پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. هو هميشه ڄاڻو، ڏهن  ۽ عالمن سان گڏ گذاريندو هو. مير علي شير قانع، ان سلسلي ۾ لکيو آهي ته ” اميري بااعتبار وسيندي عالي مقدار بوده- باوجود رتبت امارت اغلب اوقات بمطالع کتب و محبت علماءَ پدا خنده.“
مير امين الدين جي علمي لياقت لاءِ ڊاڪٽر عارف نوشاهي لکيو آهي ته ”امين الدين کي علمي ۽ ادبي ذوق ورثي ۾ مليو هو. ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن جي صحبت هن کي فارسيءَ جو شاعر ۽ مصنف بنايو. هن جو ديوان ته محفوظ نه رهيو، حالانڪه هن ديوان مرتب ڪيو هو، ليڪن هن جو جيڪو مختصر ڪلام قانع ” مقالات الشعراءَ“ ۾ محفوظ ڪيو آهي. انهيءَ مان سندس فني پختگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن جون ٻه متقل فارسي تصنيفون صحيح سالم ۽ مڪمل حالت ۾ اڄ تائين زماني جي گردش کان  محفوظ آهن. هڪ ”رشمات الفنون“ ۽ ٻي ”معلومات الافاق“
رشمات الفنون“ هي ڪتاب تعليمي مقصد لاءِ لکيو ويو هو. هن ڪتاب لاءِ ڊاڪٽر عارف نوشاهي لکيو آهي ته ”هي ڪتاب هڪ طرح سان ننڍڙو دائرة المعارف يعني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن ۾ مصنف مختلف عقلي ۽ نقلي علمن جا مضمون مختصر عبارتن ۾ لکي ڇڏيا آهن ته جيئن هر فن جي شاگردن لاءِ مفيد ٿي سگهن ۽ فارسي پڙهڻ وارن کي علم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي. انهيءَ مناسب سان هن ڪتاب جو  نالو ”رشمات الفنون (فن جا قطرا) رکيو ويو.“ هي ڪتاب 1123هه/1711ع تي پورو ڪيائين. ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ لاءِ پاڻ لکي ٿو ته
لله الحمد کي عطائي خدا، شدمرتب سلينه و علوم، طرفه مجموعه علوم د که سوجهل ازان شيد معروم ”رشمات الفنون“ بعد ناشن
هي ڪتاب مختلف لائبريرين ۾ موجود آهي، پر شايع اڃا ٿي نه سگهيو آهي. هن ڪتاب جي 16 بابن ۾ 16 علمن جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ڪتاب جو سورهون باب تاريخ جي باري ۾ آهي. هن باب ۾ هندستان جي مختلف بادشاهن جي واقعن جي دورن. سنڌ جي منصبدارن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو اٿائين. ليکڪ جتي هندستان جي مشائخن جا نالا ڏنا آهن، اتي هن سنڌ جي فقط شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري جو  نالو ڏنو آهي. هندستان جي بادشاهن ۽ سلطنت واري بابت ۾ ”حڪام سنڌ“ جو ذيلي عنوان به موجود آهي.  جنهن ۾ سنڌ تي محمد بن قاسم جي حملي کان وٺي ميرزا جاني بيگ ترخان تائين هتان جي حاڪمن جا نالا ۽ حڪومت جي مدت ڏني اٿائين. مجموعي طور تي هن ڪتاب ۾ سنڌ جو ذڪر گهٽ ڪيو اٿس.
معلومات الافاق: هي ڪتاب به معلوماتي ۽ تعليمي مقصد لاءِ لکيو ويو آهي. هي به هڪ طرح جي انسائيڪلوپيڊيا وانگر آهي. البته هن ۾ جاگرافيائي معلومات وڌيڪ آهي. هي ڪتاب ٻه ڀيرا مطبع نولڪشو لکنو، مان ترتيوار 1287هه/1870 ۽ 1290هه/1873ع  ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ 198 صفحا آيل هئا. ڪتاب لاءِ ڊاڪٽر عارف نوشاهي لکيو آهي ته ”هن ۾ پوري دنيا جي مختلف علائقن جي جاگرافيائي معلومات، حيوانات، نباتات ۽ ٻين عجيب ۽ غريب شين جو ذڪر آهي، ليڪن ڪتاب جو آخري حصو زياده اهم آهي، جنهن ۾ هندستان ۾ مغليه دور جي انتظامي ڍانچي جو تفصيل فراهم ڪري ڇڏيو آهي. ڪتاب جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي:
”آغاز کتاب بحمد خدا يعني کريم ڪرم بخش رحدة گستر خليفه پرور ڪه از آيات رڳو بيت او هرزره ترمه و نشان وار هر حقيقي بيان و برهان است.... الخ“
جڏهن ته ڪتاب جو افتتاح هنن لفظن سان ڪيو ويو آهي.
”ذڪر دربيان کرنات و گذ مره.... فقط“
هن ڪتاب ۾ مختصر طور تي سنڌ جو ذڪر به ملي ٿو. ان سلسلي ۾ تاريخدان نامياري پير حسام الدين راشدي لکيو آهي ته ”هي جغرافيائيءَ جو ڪتاب آهي، جو هڪ سنڌي، امير لکيو آهي، مغل دور جي صوبن جو احوال، ان دور جي منصبن، منصبدارن، درجن ۽ مرتبن جو بيان تفصيل سان لکيو ويو آهي. سنڌ تي 10 صفحا ۽ ملتان تي 12 صفحا لکيل آهن. ڪتاب 1123هه/1711 ۾ تصنيف ٿيو.“ مجموعي طور تي ڏسجي ته مير امين الين خان، مير ابوالقاسم نمڪين جي گهراڻي جو فرد هو. سندس سڄي خاندان، پيڙهي در پيڙهي سنڌ ۾ اعليٰ عهدن تي ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي تاريخ بابت ڪتاب لکيا. معلومات الافاق ۽ رشمات الفنون ۾ به سنڌ جي تاريخ جا جيڪي حوالا ملن ٿا، انهن جي آڌار تي سنڌ جي تاريخ جي سالن، گورنر جي نالن، اميرن جي عهدن کي صحيح نموني درست ڪري سگهجي ٿو.

No comments:

Post a Comment