02/11/2018

هڪ جهڙو درد - فرزانا چانڊيو (Farzana Chandio)


فرزانا چانڊيو
اوهينري جا مشهور افسانا
هڪ جهڙو درد


علم کي جيڪڏهن هڪ هنڌ بند ڪيو وڃي ها ته شايد علم فنا ۽ تباهه ٿي وڃي آهي، علم کي هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه تائين منتقل ڪيو ويو، علم سمنڊ کان گھرو جبلن کان اوچو آهي جيئن علم هڪ جڳهه کان جڳهه تائين منتقل ٿيندڙ آهي تيئن ئي هنرمند جا خيال ٻئي هنڌ تائين منتقل هجڻ گھرجن. مشهور ليکڪ، شاعر، اديب ممتاز لوهار جو ڪتاب هڪ جهڙو درد اوهينري جي مشهور ڪهاڻين مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ٻولي کي وسيع هئڻ جو اعزاز ڏنو آهي.

اوهينري ۱۱ سيپٽمبر ۱۸۶۲ کان جُون ۱۹۱۰ع انهن مشهور ۽ سگھارن آمريڪي ڪهاڻيڪارن ۾ شماريو وڃي ٿو جن پنهنجي دور سان گڏ ايندڙ نئين ڪهاڻي ۽ سندس فن تي به اثر ڇڏيا. اديب ممتاز لوهار جو خوبصورتيءَ سان اوهينري جي ڪتاب جو نج سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري سڀني سنڌي پڙهندڙن لاءِ هڪ تحفو پڻ ڏنو آهي. ممتاز لوهار منهنجو استاد پڻ رهيو آهي. جيتري قدر آءٌ ڄاڻان ٿي ته سائين سنڌي ادب ۾ نج ۽ وسيع خيالات ۾ لکڻ جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو، پر پاڻ هڪ بهترين آرٽسٽ به آهي. ممتاز لوهار جو ڪتاب پنهنجي پهرئين آواز هجڻ جي بهتر آواز هجڻ جي به صلاحيت رکي ٿو. هن جا لکيل ڪتاب پنهنجي پهرئين ڪهاڻي مجموعي اڻپوري وجود کان پوءِ اوهينري جي چونڊ ڪهاڻين جو ترجمو آهي. جيڪڏهن سنڌي ٻولي ۽ انگريزي جي جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته سنڌي ٻوليء جي الفابيٽ ۾ ۵۲ ۽ انگريزي جي الفابيٽ ۾ ۲۶ اکر آهن. ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته سنڌي ٻولي وسيع آهي، ائين ئي اديب ممتاز لوهار وسيع خيالن سان گڏ قريب المعنى لفظن جو استعمال ڪري اصل ڳالهه کي ويجھو رکي لفظن جي نج سنڌي ۾ جوڙجڪ ڏئي ڪتاب ۾ هڪ ٻوليءَ کي ٻئي ٻولي سان ملايو آهي.
ممتاز لوهار اوهينري جي اهڙين چونڊ ڪهاڻين مثلن: ماڻهو ويچارو، سوکڙي، سائو دروازو، هڪ جهڙو درد، اهو ئي آخري ڪمرو، ويهن سالن کان پوءِ، ڪٿا هڪ رات جي، اڄوڪي سواري، غلط جواب ۽ ٻيون اهڙيون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن جنهن تي اوهينري جو اهو اصلاح صحيح معنى ۾ ٿو اچي ته اهي ئي احساس ڪتاب پڙهندڙ کي ڪهاڻي جي ڪردارن ۾ گم ڪن ٿا ۽ پڙهندڙ کي ائين پيو محسوس ٿئي ته انهن ڪردارن مان شايد ڪو هڪ ڪردار اسان جو به هجي. هڪ جهڙو درد جيڪڏهن دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر ڦهرائي وڃي ته هر هنڌ ڪردار ساڳيو ئي هوندو فرق صرف نالن جو هوندو، هر گھر جي درد جي ڪهاڻي هڪ جهڙي ئي رهي آهي. اوهينري جي وڌيڪ زندگي مطابق آءٌ ڪو نه ٿي ڄاڻان پر ايترو ضرور پڙهيو هيو ته اوهينري کي هيٺين طبقي جي ماڻهوءَ سان تمام پيار ۽ انهن جو احساس هو ساڳئي ئي نموني سائين کي انهن ماڻهن جي لاءِ احساس آهي. مون سائين کي ڪلاس ۾ ٻارن جي تدريس ۽ تربيت ڪندي وقت ڏٺو.  اوهينري جنهن مهل اسپتال ۾ پنهنجي زندگي جي آخري گھڙين سان وڙهي رهيو هو ته ان وقت هن اتي موجود نرس کي ڪجھه جملا چيا جيڪي هي هئا:
روشني ڪريو مان اونداهي ۾ گھٽ ٿو وڃڻ چاهيان.
اوهينري جا اهي جملا ڀلي ئي ظاهري طور عجيب هجن پر حقيقت ۾ پاڻ وٽ وسيع معنى رکن ٿا. جتي روشني هوندي آهي اتي هر ڪوئي زنده رهي ٿو سگھي پر هڪ اهڙي جڳهه جيڪا بغير روشني جي آهي اتي زنده رهڻ مشڪل آهي. اسان وٽ سائين ممتاز لوهار به ان روشن ڏيئي جيان آهي جنهن پنهنجي ادبي، تدريسي عمل سان لاڙڪاڻي شهر ۾ روشني جيان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي. ممتاز لوهار جي هڪ جهڙو درد “ جو مرحلو لفظ احساسن ۽ جذبن سان ڀريل آهي.

No comments:

Post a Comment