02/11/2018

مئڪش سومرو موري جو - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
مئڪش سومرو موري جو....


مئڪش جيڪو ڪجهه ڏِٺو ۽ سَٺو آهي، ان جي هڪ جهلڪ، سندس هن غزل ۾ هٿ ڪنگڻ وانگر ظاهر آهي:
لڪايان عيب دنيا کان ، جيئان ڇو؟
زماني ساز ٿي جيئان، جيئان ڇو؟
حياتيءَ کان ڳري آهي غلامي!
نه لاهيان طوق ڳاٽي تان ، جيئان ڇو؟
هيئن به لکي ٿو:
پکي احساس جو ٻولي رهيو آ،
ڪويءَ جي دل کي ڌانڌولي رهيو آ.
پٺيان هوٽل جي ٻالڪ نان ٽڪرا،
سڪل ڳيتون ڏئي ڳولي رهيو آ.
احساس جي پکي کي ٻولرائي، سڄو غزل بهترين لکي، مون کي هن بند ۾ منجهائي ڇڏيو اٿائين:
”گروءَ جي من ۾ ٻارهوئي ٻيائي، سو چيلن جو رتون رولي رهيو آ.“
مئڪش ڀلي ٻين کي ڏس ڏئي ته ڪُن ۾ جيڪو ڀانڀولي رهيو آهي، ان جو ڪنهن ناکئي کان پڇو، پر مون کي پاڻ سمجهائي. سليس شاعري ۾ ڏکيا لفظ ۽ اڻ چٽو خيال پڙهندڙ کي منجهائيندو آهي. اها ڳالهه مئڪش پاڻ به سمجهي ٿو، ته پوءِ احتياط ڇو نه ڪندو آهي!
زندگي ڇا آهي؟ هر ڪنهن جو پنهنجو خيال، پنهنجو نظريو آهي. هر ڪو پنهنجي لفظن ۾ ٻڌائي يا لکي ٿو. مئڪش زندگيءَ کي هيئن سمجهي ٿو:
وقت جي تيز ڌار وانگي آ،
زندگي آبشار وانگي آ.
ريت ئي ريت سمنڊ سوچن جو،
روح ڪنهن ريگزار وانگي آ.
نه مئڪش مٽيءَ جي ٻار وانگر آهي ۽ نه ئي سندس (هن جو پنهنجو، ذاتي، صفاتي، توڙي ججهن جو به) درد بي سمجهه ٻار وانگر آهي. تڏهن ته هي ڌرتي جو چُڳي، آڪاش جو رشتو نه ٿو ڳائي:
اکين جي آس جو رشتو،
مقدس پياس جو رشتو.
مٽيءَ سان موھ روحاني،
مٽيءَ ۽ ماس جو رشتو.
هن حالتن کي اهڙي اثرائتي نموني ۾ قلمبند ڪيو آهي، جنهن جو ڪو مثال نه آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سيکڙاٽ ۽ نوان پڙهندڙ کيس ڪيفيتي شاعر چوندي دير نه ڪندا. مثال طور سندس هيءَ غزل. اوهان جي آهي مرضي، جيئن وڻي، تيئن سمجهو:
پاڻ احساس سان انائن سان،
هو سدائين هليا هوائن سان.
پاڻ مرڪيو ته جڳ کي مرڪايو،
لڙڪ واڳيا ته ڪربلائن سان.
مئڪش جي ماٺ ۾ موجود ڳالهين ۽ نظر ۾ التجا، دوستين ۽ دشمنين، توڙي قرب ۾ ڪربلا، پيار جي ڪيفتين ۽ موسمن مٿان گلائن، وفا ۾ بي وفائي محسوس ڪرڻ باوجود مئڪش پاڻ ٻڌائي ٿو ڇڏي ته جهان ۾ درد ايترو آهي، جو خوشي ڪلپنا ٿي پئي ٿي، جنهنڪري زندگي ڪنهن ڪلا کان گهٽ نه هوندي آهي. سندس ان نظرئي جي پرک لاءِ پڙهو هيءَ غزل:
هر نظر ۾ التجا هئي،
ماٺ ۾ به ڳالهه ڪا هئي.
پيار جون عجيب ڪيفيتون،
موسمن مٿان گلا هئي.
آئون هڪ ڀيرو وري به لکندس ته پڙهندڙ جي مرضي آهي، ته مئڪش جي شاعري کي سندس مطالعي، مشاهدي، سڌ ٻڌ ۽ ڄاڻ جي آڌار تي، جيئن وڻي تيئن سمجهي. آئون سمجهان ٿو ته مئڪش پنهنجو توڙي پرايو به ڀوڳي ٿو ۽ پوءِ ئي لکي ٿو. اوهان کي سندس هيءَ غزل ڪيئن ٿو لڳي؟
مفلسي جو شڪار ٿي ويو آ،
هاڻ هر ڪنهن تي بار ٿي ويو آ.
کيس احساس جا ڏئي ڏيئا،
هو هوائن جو يار ٿي ويو آ.
مئڪش جو هيٺيون غزل پڙهي، آئون به منجهي پيو آهيان، ته هي ڪيترو رُليو آهي، جو ايترو کُليو آهي! سندس بيان جو انداز پاڻ سمجهي ۽ پڙهندڙ جي به مرضي آهي، ته جيئن وڻيس تيئن سمجهي... جيڪڏهن آئون ڀليو نه آهيان ته، مون کي لڳي ٿو هن غزل ۾ مئڪش پنهنجي لاءِ پاڻ وضاحت ڪئي آهي!
تبصري ۾ نه ڪنهن حوالي ۾،
مان جيئان ڇو جناب نالي ۾.
آنءُ دلين ۾ ٿو رهڻ چاهيان،
ڪين ديوان يا رسالي ۾.
مئڪش فطرت (قدرت) کي ڪيترو ويجهو آهي، ان متعلق ڄاڻڻ لاءِ هي نظم پڙهو. ڏسو ته وايومنڊل بابت ڪيتري آگاهي رکي ٿو. ان آگاهي جي مدد سان ئي سندس هي علامتي نظم سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو:
پکيئڙا مون جيان توکي
وئي ويڙهي اداسي آ
لڳي ٿو تون به مون وانگي
پيو سنسار تي سوچين
ته آدم زاد جي وحشت
اڳي کان ڀي اڃا اڳري
انهيءَ جو ڇا سبب آهي
وڻن جو ساھ مٺ ۾ آ
گلن جا لڱ ڪانڊاريل
نديون ڀي چين ۾ ناهن
پهاڙن ۾ به آ پٽڪو
ته صحرا ڀي پيا سڏڪن
الئـ ڇا ٿي رهيو آهي
ڪٿي هن پيار جا پوپٽ
گلن ۾ بي قراري آ
نه آ احساس جي بارش
ندين ۾ بي قراري آ......
مئڪش جي شاعري مون فيس بوڪ تي پڙهي آهي. سندس شاعري اسان کي ويجهو ته ڪيو آهي، پر اڃا رڳو فيس بوڪ ۽ موبائيل رابطو آهي، چاهڻ باوجود به ملاقات نه ٿي آهي! منهنجي دل گهريو ته فيس بوڪ کان پري، پڙهندڙن کي به سندس شاعري پڙهايان.

No comments:

Post a Comment