09/11/2018

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي شاعري - ڇڄڙو (Arbab Chhajro)


ارباب ڇڄڙو
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي شاعريءَ جي گولڊن جوبلي

1965ع واري جنگ جاري هئي. ملڪ ۾ خوف جي لهر ڇانيل هئي، رات جو بتيون بند وڏين عمارتن کي سائو رنگ يا وڻ جا ٽار لڙڪايا ٿي ويا. آئون اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهندو هوس. اسان وٽ ريڊيو هئو. فوجي حضرات کي گرهائڻ لاءِ ريڊيو تي اردوءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ به ڪجهه ملي نغما رڪارڊ ڪري هلايا ٿي ويا. هڪ ٻه نغما استاد ابراهيم ۽ جمن جي آواز  ۾ هلايا ويا:
محبت وطن جي ته ايمان آهي،
اسان جند آهيون وطن جان آهي.
شاعر هيو مرتضيٰ ڏاڏاهي. اهو نالو مون پهريون ڀيرو ٻڌو هو، ۽ پوءِ لاڳيتو ٻڌندو آيس، پر ڏاڏاهيءَ کي وڌيڪ مقبوليت 1972ع ۾ ملي جڏهن ريڊيو تي فنڪار غلام قادر لنجواڻيءَ جي آواز ۾ سندس مشهور غزل نشر ٿيو:
زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين،
مرڻ کان اڳي ئي، مري جي ڏٺوسين.
عاشق زهر پياڪ ٿي ويو ۽ جام شاعري ڪرڻ لڳو.

ان وقت جو مشهور شاعر محمد خان غني سندس استاد ٿيو.
پوءِ سندس شاعري ريڊيو تي پهتي ۽ ريڊيو وارن لڳاتار رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪئي. استاد محمد ابراهيم سندس شاعريءَ جا پنج رڪارڊ ڪرايا. عابده پروين، محمد يوسف، ڍول فقير، ٻڍل فقير، هڪ ئي فنڪار محمد قاسم اوٺي سندس 40 ڪلام رڪارڊ ڪريا. ايئن ريڊيو تي سندس ڪلامن جا 300 رڪارڊ ٺهيا جيڪوپڻ هڪ رڪارڊ آهي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ مرتضيٰ ڏاڏاهي جو غلط شارع ڪريو:
گمن گوندرن ۾ به گهاري ڇڏيوسين،
وهيو واپريو سڀ وساري ڇڏيوسين.
جڏهن اهو غزل سائين جي ايم سيد پڙهيو، تڏهن کيس دوستن جون بيوفائون ياد آيون ۽ روئي ڏنائين. چيائين هن شاعر اسان جي ترجماني ڪئي آهي.
پوءِ ته، اهو عالم هيو جو اسٽيج هجي، ريڊيو هجي يا ٽيليويزن جو ڪو مشاعرو هجي، مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ کان سواءِ اڌورو پر عام ماڻهن ۾ مقبوليت تڏهن ماڻيائين جڏهن 1973ع ۾ نئين فنڪار ڦوٽي خان زرداريءَ مرتضيٰ جي ڪافي ڳائي:
اي پرين پرديس وارا پيار جي پارت هجئي،
احد جي، انجام جي، اقرار جي پارت هجئي.
اي سونهن جا سردار هن پينار جي پارت هجئي.
ريڊيو حيدرآباد تي فرمائشي خطن جون فائلون ڀرجي پهچڻ لڳيون هيون.
۽ پوءِ ريڊيو تي سندس انٽرويو هلڻ لڳا ۽ اسان جهڙن عوامي ماڻهن کي سندس ڄاڻ ملي.
دوستي ته اڃا به پوءِ ٿي.
سائين مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي، 1939ع ۾ ڄائو. ان کان اڳ سندس والد صاحب وفات ڪري ويو، جنهن وٽ ٻه هزار ايڪڙ زمين هئي جيڪا سموري کپي چڪي هئي.
مرتضيٰ ڏاڏاهي اسڪول ۾ به داخل ڪو نه ٿيو. گهر ۾ پڙهڻ لڳو، پر پڙهيو به اهڙو جو. سنڌي، اردو، انگريزي ۽ فارسي به پڙهي ويو. جڏهن جواني ديوانيءَ تي پهتو، تڏهن حضرت حسن اچي پاڻ ڏيکاريس ۽ پوءِ پاڻ هيو ۽ حضرت عشق:
هي يار ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، جنهن سان مليو ان جو يار ٿي ويو، ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ تي تنقيد ڪرڻ سکيو ئي ڪين آهي. چوندو آهي، بابا سڀ عاشق آهن. ڪو سونهن جو، ڪو ڌرتي جو، سنڌ جي محبت جو ڪو عالم انسانيءَ جو، سڀ ئي محترم آهن.
لاڙڪاڻي جي ڄاول، مورو ۾ پليل مائي عابده پروين جن ڏينهن ۾ ريڊيو جي پروڊيوسر شيخ غلام حسين سان شادي ڪئي هئي، انهن ڏينهن ۾ شيخ صاحب جي ڪن ۾ مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ چيو: صاحب، ٿر ۾ هڪڙي ڳائڻي ٻڌي پر آواز اڄ به ڪنجهي جي ٿالهيءَ وانگر اٿس ٻڌو ته هلي. ريڊيو جي ٽيم وئي ۽ مائي ڀاڳيءَ کي ڳولي ريڊيو تي وٺي آيا.
پوءِ ته، ريڊيو حيدرآباد ڇا، ريڊيو لاهور وارن به هن عظيم فنڪاره کي گهرائي رڪارڊ ڪيو. ڀلا اهو لوڪ گيت ڪنهن نه ٻڌو هوندو.
کڙي نيم ڪي نيچي،
هون تان ميڪلي.
پوءِ اهو گيت ٽيليوزن جي ڊرامن جي سونهن پڻ بڻيو.
مرتضيٰ راڳ جو به ايترو ڄاڻو هيو.
مون سان هڪ ڀيري مشهور شاعر غلام حيدر سولنگي جنهن کي ماڻهو غلام حيدر گجوءَ جي نالي سان سڃاڻين ٿا. اهو هميشه ڊگهي ڏاڙهي رکندو هو. جوانيءَ ۾ سائو چولو پائي، حافظ علي مراد زرداريءَ جي فقيرن سان ٽولي ۾ به هلندو هو. ان چيو ته، آئون هڪ ڀيري سائين مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ سان ملڻ ويس. هو ڏاڍو اداس هيو، بيچين هيو، چيائين فقير توهان وڏا خوش نصيب آهيو جو، ساوا ويس به پائي سگهو ٿا. پر مون سان مصيبت اِها آهي، جو زماني سان هلڻو ٿو پوي، ڏک ۽ سک جو ڏيک ڏيڻو ٿو پوي. غلام حيدر، کيس نالو به ڪو نه ٻڌايو هيو. پوءِ مون ڏاڏاهيءَ کي ٻڌايو ته، اهو فقير غلام حيدر سولنگي هيو. غلام حيدر اڪثر ماڻهن کي پنهنجو نالو ڪو نه ٻڌائيندو هو.
غلام حيدر جو ڪلام ريڊيو تي تمام گهڻو رڪارڊ ٿيو هو، جلال چانڊئي، ڦوٽي زرداري ۽ ٻين ڳايو آهي پر جڏهن ريڊيو جو زوال ٿيو تڏهن سڀ ڪلام ۽ راڳي گم ٿي ويا آهن. هن وقت ريڊيو حيدرآباد وري شروع ٿيو آهي، پوري سنڌ ۾ ٻڌجڻ ۾ به اچي ٿو، پر ماڻهو ان ڳالهه کان بي خبر آهن.
مرتضيٰ ڏاڏاهي، شاعري ڪرڻ جا پنجاهه سال پورا ڪري، ايڪونجاهين سال  ۾ پيو پاتو آهي، اسان کيس مبارڪ ٿا ڏيون.
ڏاڏاهيءَ کي اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. سندس پٽ تعليم کاتي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
پاڻ پيرسن ٿي ويو آهي. دم جو مريض آهي، سهڪو ٿي پيو اٿس پر اڄ به ٽنڊي الهيار جون رونقون هن شاعر جي موجودگيءَ سان برقرار آهن.
اڄ به سندس عشق سلامت آهي. ۽ لکندو رهي ٿو. حسن جي ساراهه ڪندو رهي ٿو.
محبت وطن جي ته ايمان آهي،
اسين جند آهيون وطن جان آهي.

No comments:

Post a Comment