05/01/2021

ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ تي ويچار جي ونڊ - آغا جان آغا (Agha Jaan Agha)

 آغا جان آغا

ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ تي ويچار جي ونڊ...

هُونءَ ته ڪائنات جي سِيني ۾، اَڻ ڳَڻ مواد موجود آهي، پر ان ”هر هڪ“ مواد جي هڪ جهڙي صورتحال ناهي هوندي. ڪئين ڪهڪشان جِلهملائن پيا، ڪئين بُرجَ سورج جي حصار ۾ نغمگي پيا ڪن، ڪئين تارا ساڪنيت ۾ رهندي به، بسرِ اوقات پيا ڪن، ڪئين سَيارا گردش ۾ محوِ سفر آهن، هي اڻ کُٽ خلا خاموش آهي، ۽ سوچين ۾ ڪيڏو اُڌم آهي، هي اُفق جي رنگيني ۾، جيڪي رنگ ڀريل آهن، سَي بيَ در و ديوار قيد ۾ پابند سَلاسِل آهن. انهن ۾ هڪ انسانن جي ڀومي، هي ڌرتي به آهي، جتي حياتي ملي ٿي، اُتي! انسانن جِي تحقيق مطابق، هن ڌرتي کان علاوه، باقي ڪنهن به ڌرتي، ڪنهن به ”سياري“ تي،ڪنهن به قسم جو ڪو به جِيؤُ نِهار جي مطالعات ۾ نه آيو آهي!

جيون جَي نه هُجڻ جو خاص سبب، متوازن هوا ۽ پاڻي جو نه هئڻ آهي. انهن ئي انسانن جي تحقيق مطابق، هن ڌرتي تي انسان کان اڳ به، جانور، پکي ۽ جيت هوندا هئا. هن ڌرتي تي مختلف موسمون آهن. هر موسم جو پنهنجو، پنهنجو تاثير آهي. اهي مختلف موسمون، جڏهن حسبِ معمول، وارَي وارَي سان تحرڪ ڪن ٿيون، ته ڌرتي جي جِيؤُ کي تقويت ملندي رهي ٿي. ان ئي ڌرتي تي، انسان نالي مخلوق به آهي، جنهن جِي قيام گُذاري لاء،ِ ڌرتي تي جيڪي حيلا وسيلا گُهربل آهن، اهي بنسبت باقي مخلوقات کان مختلف آهن.

پکين، جيتن ۽ جانورن کي، اها سمجهه، اهو شعور نه آهي، جيڪو انسان کي آهي، باقي مخلوق جي گُذاري لاءِ، هي دنيا ڪنهن حَد تائين آسان آهي. انسان زماني کان، جيئڻ ڪارڻ وڏا وَس ڪندو اچي پيو. انسان جي جيئڻ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه کاڌ خوراڪ آهي، ۽ کاڌ خوراڪ جو تعلق ڌرتي سان آهي.انسان دنيا جون باقي جفاڪشيون تڏهن پوريون ڪندو، جڏهن ان جي پيٽ ۾ اَن ۽ پاڻي هوندو. ان لاءِ زراعت جي اهميت کي سمجهڻ ضروري آهي. ٿلهي ليکي زراعت پوک کي چئبو آهي. پوک واري زمين جي ڪاشتڪاري ڪَرَي، ان جو ثمر حاصل ڪَجَي. اهي ڳالهيون منهنجي ذهن تي، تڏهن تَرِي آيون، جڏهن مون مٺل جسڪاڻي جو ڪتاب  برسات ۽ ٻوڏ پڙهي پورو ڪيو، جيڪو ڪهاڻين ۽ نظميه ڪهاڻين تي مشتمل آهي.

پروفيسر مٺل جسڪاڻي زرعي ماهر کان علاوه، بهترين شاعر، نقاد، اديب ۽ قلمڪار به آهي. زراعت متعلق مٺل جسڪاڻي جا 22 کان به مٿي، ننڍا توڙي وڏا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي زرعي آبياري، شاگردن لاءِ سِکيا ۽ آبادگارن جي خدمت ۾، زرعي زيرِ حاصلات رهيا آهن. زرعي ماهر، زرعي محقق پروفيسر مٺل جسڪاڻي، زراعت جي سينگار تي، مختلف اردو، سنڌي، انگريزي اخبارن، رسالن ۽ سوشل ميڊيا جَي ذريعي، بيشمار مضمون وارِيندو رهيو آهي. ان سان گڏ عملي طرح آبادگار ڀائرن وٽ، سرزمين تي پهچي، پنهنجي تجرباتي زرعي صلاحيتن مان مستفيد ڪندو رهيو آهي.

سن 2018ع ۾ بنيادي زرعي ڄاڻ متعلق، مٺل جسڪاڻي جو هڪ شاهڪار ڪتاب ”زرعي سونهون“پڌرو ٿيو، جيڪو مٺل سائين جي لکيل سفر نامَي ”سفر بخير“ جيان بيحد مقبول ٿِي، مڃتا ماڻي رهيو آهي.

مٺل سائين جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ کي پرکبو، پروڙبو ته، اِها ڳالهه آساني سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته، هن ڪتاب جِي ڪهاڻين، توڙي نظم ڪهاڻين جو مقصد، مثبت بامقصد پيغام ڏيڻ آهي. ڪهاڻين ۾ جيڪو جهڙو، جيڪو جتي جو آهي، اُن کان اُن ئي انداز ۾ ڳالهرايو ويو آهي، گهڻين ڪهاڻين ۾ منظرڪشي ڪمال جي ٿيل آهي. ٻهراڙين جي طرزِ زندگي جو عڪس، برساتن کان اڳ، برساتن جي دوران، برساتن کان پوءِ جي صورتحال، برساتن جا فائده، برساتن جا نقصان، ان کان بچڻ جا اُپاءَ، ۽ گهڻيون ئي اُهي ڳالهيون، جن جا گهاؤَ برساتن ڇڏيا آهن.

ڪهاڻين ۽ نظم ڪهاڻين جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“۾ هڪ مختصر ڪهاڻي ”وَس ۾“موجود آهي، جنهن جي باري ۾ ليکڪ، ڪتاب جي تمهيد ۾ ”پنهنجي پاران“ ۾ لکيو آهي ته، هن ڪهاڻي جي ردِ عمل ۾ مون کان ڪهاڻي ”برسات ۽ ٻوڏ“ لکجي وئي آهي. ڪهاڻي ”وَس ۾“ تان مون کي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي، ته گهڻا سال اڳي، مون مٺل سائين کي چيو ته، سياري ۾ تقريبون ججهيون ٿينديون آهن، جَي منهنجي وَس ۾ هجي ته، آئون اهي سڀ اونهاري ۾ ڪري ڇڏيان! مٺل سائين جي جواب، مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو! مٺل سائين چيو، جَي منهنجي وس ۾ هجي ته آئون سياري کي ئي اچڻ نه ڏيان! پر ڇا ڪريان، اهو منهنجي وس ۾ ڪونهي، خير! ان مزاح آميز گفتگو مان، مون کي گهڻي معلومات ملِي، فائدو رَسيو، ڇو ته ان ڳالهه مان، جيڪي ڳالهيون نڪتيون، اهي اونهاري ۽ سياري جون، وڻن ٽڻن، ٻوٽن ۽ ڀاڄين تي پوندڙ اثرات متعلق هيون.

هڪ زرعي ماهر، جيڪو وڻن ٻوٽن جون ٻوليون، سماعتن ۾ محسوس ڪندو هجي، جيڪو انهن جي چُر پُر کي ڄاڻندو هجي، جيڪو انهن جي رنگتن کي سمجهندو هجي، جيڪو مٽي، پاڻي ۽ ٻِج جَي ميلاپ جِي موافقت کان چڱي طرح واقف هجي، ان سان گڏ با صلاحيت قلمڪار به هجي، ته وري اُهو شخص ”برسات ۽ ٻوڏ“، زرعي پيچيدگيون، موسمن جون تبديليون، ان کان پوءِ ٿيندڙ مونجهارا ۽ انهن جا حل، پنهنجي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ ذريعي اسان تائين پهچائي، اهو به ڪهاڻين ۽ نظمن جي اوسط! ته پوءِ ضرور کيس، هن ساراهڻ جوڳي ڪم جو داد ڏبو.

آئون مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ کي سنڌي ادب جي کيتر ۾ هڪ ناياب ٻوٽو ٿو سمجهان، جيڪو مٺل سائين، ڌرتي سان محبت ڪرڻ وارن کي ارپيو آهي. زراعت سان تعلق، سِڌو اڻ سِڌو، هر ڪنهن جو آهي. زراعت کي سمجهڻ، هر ڪنهن لاءِ سٺي ڳالهه آهي، پر خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت، انهن کي آهي، جيڪي آبادگار ٻني ٻاري جِي لَڙهِي ۾ ڳنڍيل آهن. ان لاءِ مٺل جسڪاڻي جهڙن، زرعي ماهرن کان مشوَرا به وٺجن، انهن جا زراعت متعلق مضمون ۽ ڪتاب به پڙهجن، ان سان آبادگاري کي تقويت ۽ توسيع ملندي.

آخر ۾ آئون مٺل جسڪاڻي جو نظم ”مداد“ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو، جيڪو ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جي نظم ڪهاڻين جي حصي ۾ شامل آهي:

امداد جي آسري ۾ ماڻهن،

پنهنجا گهر پاڻ نه ٻوڙيا آهن،

پنهنجي سوچ بدلايو،

يا هڪ ڏينهن جي لاءِ،

پنهنجي ڪٽنب سميت،

ڪنهن ڪيمپ ۾ گذاريو،

ملندڙ امداد به وٺي ڏسو،

مستقبل لاءِ سوچيو،

ڪجهه سٺو سوچيو،

ڪڏهن ڀي،

ڪٿي ڀي،

ڪنهن سان ڀي،

ٿي سگهي ٿو،

ڪجهه ڀي...

 

No comments:

Post a Comment