05/01/2021

سيف نياز جي ڪھاڻي ”هوءَ“ تي رايو - خليق ٻگهيو (Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

سيف نياز جي ڪھاڻي ”هوءَ“ تي رايو

سيف نياز ويجھڙائيءَ ۾ منھنجي فرينڊ لسٽ ۾ شامل ٿيو آھي. ويجھڙائيءَ ۾ مون سندس ڪيترائي پورا اڻ پورا نثري نظم پڙھيا آھن تن مان ڪي وڻيا ته ڪي نه به وڻيا، پر فيس بڪي ڪلچر موجب، ان تي رايو ڏئي گذري وياسين!

ھُن فيس ـ بڪ ويھڪ 3 ۾ سيف نياز نھايت دلچسپيءَ سان، پنھنجا رايا به رکندو پئي آيو آھي، جنھن مان ڪھاڻيءَ ڏانھن سندس دلچسپيءَ جو اظھار ٿيندو ٿو رھي.

ھِن ڪھاڻيءَ ۾ رومانس تي لکڻ جي پريڪٽس ڪئي وئي آھي. پريڪٽس ۾ به ڪافي نقص آھن. ڪنھن به رومانوي ڪھاڻيءَ سرجڻ وقت، رومانوي ڪردار جي مزاج، طبيعت، حساسيت کي نھايت باريڪ ـ بينيء سان تخليق ڪرڻو پوي ٿو، جيئن مذڪوره ڪھاڻي لِکڻ جي فضا يا لقاءَ ۾ لطافت، نرملتا تخليق ڪرڻ جون راھون فيسيليٽ ٿي سگھن. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ٽرين ۾ سفر ڪندڙ نوجوان جي مزاج جي لطافت ۽ حساسيت کي نھايت سُھڻي نموني عڪس بند ڪيو ويو آھي.

ٻيو ته رومانوي ڪھاڻيءَ ۾ جماليات جو ھجڻ لازمي ھوندو آھي، جيتري مذڪوره ڪھاڻيءَ ۾ جماليات ھوندي، پڙھندڙ اوترو ئي ڀرپور ان مان جمالياتي حظ ماڻي سگھندو، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ به ھڪ خوبصورت دوشيزه جي خوبصورتيءَ جي ساراھ سندس خوبصورت ھٿن سان ٿئي ٿي، جيڪي ھٿ، متڪلم ڪردار لاءِ خوابيده ۽ اڳ نه ڏسي سگھڻ جھڙا ھٿ ھئا، جن ھٿن ۾ دعائون پڻ تحليل ٿي ھُوند وڌيڪ مقدس ڀائنجڻ لڳنديون ھُجن !

وري انھن خوبصورت ھٿن ۾ شاعريءَ جو ڪتاب به ھو. ھيءَ به پڙھندڙ جي اندروني جماليات کي اڀارڻ واري خاڪا ـ سازي آھي، جيڪا، ڪھاڻيءَ جي مجموعي، جمالياتي Imagination جو ئي ھڪ پارٽ آھي، وڌيڪ رليونسي تڏھن ٿئي ھا، جڏھن انھن خوبصورت ھٿن ۾ ڪتاب شاعريءَ جو نه، پر فڪشن جو ڪتاب ھجي ھا، ڇو ته ھڪ ته اُھو تذڪرو فڪشن ۾ ٿي رھيو ھو، ٻيو ته اڳتي ھلي مڪالمن ۾ به ساڳي اپسرا، نوجوان کي اڳ پڙھيل ناول جي ھيري جھڙو قرار ڏيئي ٿي، جنھن مان انومان نڪري ٿو ته ھوءَ فڪشن ادب جو مطالعو ڪندڙ خوبصورت حسينه آھي.

ھِن ڪھاڻيءَ ۾ جملن جي سٽاءَ ۾ به رومانوي ۽ جمالياتي رنگ پسي سگھجن ٿا، جيڪا ڏسا مزي، خوشيءَ، لطيف احساسن ۽ اندر جي لڪل مسرتن ۽ اندر جي ڪائنات جي جذبن کي اڀاري ٿي ۽ تسڪين جي مسبب آھي.

مثال طور :

1  ھن جي نيڻن ۾ سچ جا سونھري ڪرڻا ھا.

2   اوھان جون اکيون پڙھي مون کي پوري پوري پڪ ٿي وئي آھي ته مان اھو (ھيرو) ئي آھيان.

3  ھن جي چھري تي سرھائي جو سوجھرو پکڙجي ويو.

4   ھن جي چپن تي مينھن کان پوءِ نڪرندڙ انڊلٺ جھڙي مرڪ تري آئي.

5   دل ريل جي ڪا بوگي نه آھي، جنھن ۾ گھڻا ماڻھو سمائي سگھجن.

ادب کي رڳو حقيقت نگاريءَ جي سخت اصولن تحت ڪونه پرکبو آھي. حقيقيت نگاري ادب ۾ ھڪ تحريڪ ھئي، پر سوشلسٽ سختين جي ڪارڻ اھا ٻڌايل ميني فيسٽو جو حصو بڻجي رھجي وئي.

جيڪڏھن ھِن ڪھاڻيءَ کي ابتدا وچ ۽ عروج تي پرکبو ته مايوسي ٿيندي، ڇوته ھيءَ ڪھاڻي صرف ھڪ ھلندي منظر مان عڪس جھٽي، زندگيءَ ۾ رومانس جي حس کي جاڳائڻ جو سعيو ساري ٿي باقي روايتي حقيقت نگاريءَ جي آئيني ۾ ھن ڪھاڻيءَ ۾ کوڙ نقص نظر اچن ٿا.

ڪھاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار جي اڳين محبت جي ڪا وضاحت ڪانھي. بوگيءَ ۾ ويٺل ڇوڪري، ايترو جلد زندگيءَ جو عظيم فيصلو شاديءَ جو ڪيئَن ٿي ڪري؟ ھڪدم ٻنھي ڪردارن جي وچ ۾ بي تڪلف ڳالھيون ڪيئَن ۽ ڇو ٿيون شروع ٿين ؟ ڪھاڻيءَ ۾ اھي پاسا وضاحت طلب آھن بلڪه نقص آھن،ڪلائيمڪس به ڪنھن ڪم جو ڪونھي.

ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ دراصل رشيا ۾ پلجندڙ حقيقت نگاريءَ جو افزائش ھئي، پر خالص سياست جي ور چڙھڻ ڪري، پنھنجي عروج تان زوال ڏانھن موٽي آئي، حقيقت نگاري ته رومانوي تحريڪ جي رد عمل ۾ پالنا پائي ٿي، خود حقيقت نگاريءَ جو تصور، ھِن پوسٽ ماڊرن دور تائين نھايت ئي ڌنڌلائجي ويو آھي.

اڄوڪي ميديائي، اسڪرين، ڪنزيومر ۽ سائيبر ايج جي دور ۾ حقيقت جي پرک ڪٿان ٿي سگھندي، جڏھن خود نقل ئي نقل تان اتارجي آيو ھجي، سو فڪشن ادب ته اڃا به پرانھون پنڌ آھي، جنھن ۾ سِڌي ڳالھ کي افسانويت بخشڻي پوي ٿي. فڪشن ڪھاڻيءَ ۾ ھجي يا ناول ۾ ھجي، پر ان ۾ جيستائين ڊرامائي رنگ ڍنگ، روپ سر روپ نه ايندو ته افسانيت تخليق ڪٿي ڪري سگھبي؟

سو ھن ڪھاڻيءَ ۾ به حقيقت نگاريءَ کان دُور ھڪ افسانيت آھي، جيڪا عڪس جھٽڻ واري ڪيفيت نگاري ڪري ٿي. رڳو ابتدا ـ وچ ـ عروج ڪھاڻيءَ جي آخري ڪسوٽي ڪونھي، جديد ڪھاڻيون محض منظر نگاريءَ تي به مشتمل آھن، جن ۾ ڪردار نه پر منظر ڳالھائن ٿا، جديد ڪھاڻين ۾ ھاڻي ايونٽ بعد پڄاڻي به ٿي نمودار ٿئي وچ يا عروج جتي ڪھاڻي حد درجي جي پيچيدگين ۾ ڦاسي تجسس جو ڪارڻ بڻجندي آھي، سي فريگمينٽس يا ڪامپوننٽس به جديد ڪھاڻين ۾ پرفرنس ڪونه پيا وٺن .

ڪھاڻيءَ کي پڙھندڙ پنھنجي منشا موجب نتيجو ڏيڻ ضرور چاھيندو، پر ڪھاڻي سرجڻھار، ڪنھن به ڪھاڻيءَ جي سرجڻ وقت، مختلف ۽ منفرد مقصد رکي سگھي ٿو، مثال طور ھيءَ ضمير متڪلم ۾ اظھاريل ڪھاڻي بنيادي طور تي فرد جي اندر جي مئل ڪائنات کي تحرڪ خاطر سرجيل نظر اچي ٿي، رومانوي نوع، ھجڻ ڪري ھن ڪھاڻيءَ ۾ احساس، جذبي، ڪيفيت جي ڪٿارسس ڪڍڻ جي صرف ڪوشش ڪئي وئي آھي.

جديد ڪھاڻي ھلندي ھلندي ڪنھن منظر جي فوٽو گرافي ڪري ٿي، حالتن جي سري کان آخر تائين، نانيءَ واري آکاڻي ڪونه بڻجڻي آھي، پر جيئن ته اسان ڪھاڻيءَ جي مطمئن ڪندڙ انجام ڏسڻ جو مزاج رکون ٿا، تنھن ڪري سيف نياز جي ھيءَ ڪھاڻي اسان جي جھول ۾ اھڙو ڪجھ به نٿي وجھي. پر ڪمزور منطيت، ڪمزور عقلي رشتن، ڪمزور حقيقت نگاريءَ کي کڻي آئي آھي، جنھن جو سينٽرل آئيڊيا، بوگيءَ ۾ ڪنھن دوشيزه جو حسن ۽ ان جي جماليات آھي. مرڪزي پيغام اندر جي مئل رومانس کي جيارڻ جي ڪوشش آھي...

..... ۽ زندگيءَ جي تيز رفتار سائنسي صديءَ ۾ جذبي ۽ احساس جي بنياد تي جيون جي تڪڙي فيصلي تي ڪجھ ٿورو ھارائجڻ جو احساس، ھن ڪھاڻيءَ ۾ شامل آھي. ھن پوسٽ ماڊرن دور ۾ ھار ۽ جيت جي وچ ۾ واضع فرق ڪرڻ اوکو آھي.

No comments:

Post a Comment