05/01/2021

ڪتاب ”مِٽيءِ جا شاھڪار“ - خليق ٻگهيو (Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

معصوم بخاريءَ جو ڪتاب

مِٽيءِ جا شاھڪار

معصوم بخاريءَ جي مضمونن جو ڪتاب مٽيءَ جا شاھڪار روميءَ پبليڪيشن حيدرآباد جي اداري طرفان شايع ٿيل آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ جي پاران ٻہ اکر لکيا ويا آھن ، ڀلوڙ شاعر وسيم سومري جو تاثر ڏنو ويو آھي، جنھن ۾ ليکڪ سان محبتن/ قربن جو اظھار ڪيو ويو آھي، ۽ ڪتاب جو مھاڳ پي، ٽي وي ڪراچيءَ جي سينئر پروڊيوسر ۽ اديب ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگيءَ لکيو آھي. مھاڳ فڪري سطح تي ڪافي پُر مغز آھي، ائينءَ ٿو لڳي تہ مھاڳ ۾ معصوم بخاريءَ جي مضمونن جي اصلي جوھر تائين ڪجھ رسائي ضرور ڪئي وئي آھي. ڪتاب ۾ يارھن شاعرن جي شاعريءَ تي لکيل مضمون آھن. ھي سڀ مضمون ادبي تقريبن لاءِ لکيا ويا آھن ۽ تقريبن ۾ پڙھيا ويا آھن، ان ڪري ھي مضمون تقريباتي تنقيد جي دائري ۾ اچن ٿا. اردو ادب ۾ تقريباتي تنقيد، خود تنقيد جو خاص قسم قرار ڏنو ويندو آھي پر اھڙن مضمونن ۾ اڪثر تفريظ /ساراھ گھڻي ھوندي آھي ان ڪري تقريباتي تنقيد تي پڻ گھڻي تنقيد ٿيندي رھندي آھي. تقريباتي تنقيد واري ھن ڪتاب جو بئڪ پئيج پياري شاعر صفر ڪلھوڙي نھايت نفيس لھجي ۽ ٻاجھاري انداز ۾ لکيو آھي. ڪتاب جي ڪارنر سائيڊ ۾ فقير تصور ابڙي ۽ فياض ابڙي جا مختصر ترين رايا پڻ آھن.

منھنجي خيال ۾ ھن وقت تائين. سنڌي جديد ادبي تنقيد، روايتي بندشن کان ڪافي اڳتي نڪرندي، عالمي سطح جي تنقيد، ساختيات، ساختيات پڄاڻان، جديديت ۽ جديديت پڄاڻان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي چُڪي آھي، ۽ ھي ڪتاب بہ ڪھڙي نہ ڪھڙيءَ طرح تنقيد جي ئي دائري ۾ اچي ٿو، تشريح ، پرک، ڪسوٽي، ٽيڪاٽپڻي، تبصرو، تجزيو، ۽ اڀياس وغيرہ بنيادي طرح، تنقيد جون ئي شاخون ٿين ٿيون، پر معياري ۽ مڪمل تنقيد جون تقاضائون اڃا گھڻو ڪجھ گُھرنديون آھن.

معصوم بخاريءَ ھن ڪتاب ۾ يارھن شاعرن جي شاعريءَ تي ئي نھايت پيار ڀري ۽ محبتن سان سرشار نگاھ وڌي آھي. سڀ کان پھريون مضمون سعيد ميمڻ جي ڪتاب نيڻ سفر ۾“ تي لکيل آھي. ھونئنءَ تہ سعيد ميمڻ جا ڪيترائي شاعريءَ جا ڪتاب آھن پر سندس شاعريءَ جو ڪتاب نيڻ سفر ۾“ وڌيڪ معياري ڪتاب ھو. ھن ئي ڪتاب مان چونڊ ڪندي، معصوم بخاريءَ سندس تخليقي ڪم سان محبتن جو اظھار ڪيو آھي، ۽ لڳي ٿو تہ ھن سندس شاعريءَ مان ئي تاثراتي طور مٽيءَ جا شاھڪار، تصور ورتو ويو آھي سعيد تي لکيل مضمون ۾ ليکڪ، سعيد جي ئي شاعريءَ مان روحاني حظ وٺي،اُن کي ئي اظھاريو آھي، تہ پڙھندڙ بہ ساڳي رخ ۾ ھن شاعريءَ جو حظ مزو سڪون ۽ تاثر وٺي سگھن. ليکڪ جي حظ حاصل ڪرائڻ سان منسوب خيالن سان تہ متفق ٿيڻ ھروڀرو ضروري بہ ڪونھي، پر ان مان انومان نڪري ٿو تہ ليکڪ وٽ جيڪو تنقيد جو تصور آھي، اُھو ھي آھي تہ شعر/شعريت جي ڪيفتيتن ۾ نقاد پاڻ ٻُڏي، ان ئي ڪيفيتن جو ونڊُ ڪري جيئنءَ شاعريءَ جي جمالياتي ڪارج جو پُورائو ٿي سگھي، اھو ڪم اصل ۾ جمالياتي تنقيد ئي ڪندي آھي،ان کي بئڪ فليش چئجي تہ وڌاءُ ڪونہ ٿيندو.

معصوم بخاريءَ سعيد ميمڻ تي لکندي، ڪافي خوبصورت ڳالھيون ڪيون آھن. مثال طور ھُو لکي ٿو تہ سائنسدان کان پوءِ ھڪڙو شاعر ئي تہ آھي جيڪو ڪائنات جي اثبات تي سڀ کان گھڻو سوچي ٿو ۽ ان جي سليقي سان تشريح ڪري ٿو.

پر ٻئي طرف ھو لکي ٿو تہ :ھونئنءَ بہ سعيد جھڙي شاعر لاءِ فني گھرجن کي جاچڻ دُڦَ ۾ بندوقن ھڻڻ جي برابر آھي.

منھنجي خيال ۾، ھيءَ ڪسوٽي، تنقيدي اُصولن جي ابتڙ آھي. خود سعيد ميمڻ سھڻي شاعر ھئڻ جي باوجود ، وزن بحر جي گھٽ پرواھ ڪندڙ شاعر ھو. عروضي رخ ۾ ھن گھڻيون رعايتون ورتيون ھيون، جيڪو ھتي منھنجو موضوع ڪونھي پر اھڙيون رعايتون سعيد جھڙي سريلي بھترين شاعر کي ڪونہ سُونھنديون ھيون.

سعيد بابت معصوم بخاريءَ جي ھي ڳالھ نھايت خوبصورت آھي: سعيد جا غزل دل تي سڌو اثر ڪندڙ، ڪومل ۽ وڻندڙ ٻوليءَ جي ريشمي تند سان اُڻيل آھي“ پر سندس ھن ڳالھ تي متفق نٿو ٿي سگھجي تہ سعيد جي انھن غزلن ۾ زندگيءَ جو عام واقعو نھايت گھرائيءَ سان پيش ڪيل آھي.“

منھنجي خيال ۾ سعيد ميمڻ جي طويل غزلن ۾ ڪيتريون ئي عروضي ڪمزوريون نظر اچن ٿيون. قافين جي اعرابن واري اصول کي ھُو گھٽ اھميت ڏيندڙ شاعر ھو ۽ سندس طويل غزل ۾ ئي اھڙا عام واقعا رونما سرجيل آھن ، جيڪي شاعريءَ جو موضوع ئي ڪونہ ھئا پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ سعيد ميمڻ ھڪ سھڻو من موھيندڙ شاعر ھو سندس ادبي خدمتن کان انڪار نٿا ڪريون پر ھُو ويچارو بيماريءَ کان پوءِ پنھنجي شاعريءَ جي فڪري شعوري مطالعاتي ائپروچ کي، جديد فلسفي، جديد فڪري نظامن ۽ عالمي سطح جي شعوري ڌارائن تائين پھچائي ڪونہ سگھيو .

معصوم بخاريءَ جو ٻيو مضمون شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو ميل“ آھي، جنھن ۾ ھُن دادن فقير جون ساروڻيون ساريون آھن ھن مضمون ۾ معصوم بخاريءَ جو جمالياتي نثر نھايت سڀاويڪ ۽ سندر آھي. ھُو لکي ٿو تہ :دادن فقير لفظن جو سونارو ھو، دادن فقير لفظن کي پوئي، نَٿ، جُھومڪ، دُھري، ۽ بوليءَ جھڙا شعر ٺاھيندو آھي.“ ھن مضمون کي دادن فقير جو خوبصورت خاڪو چَئي سگھجي ٿو. معصوم ھن ۾ روحانيت جي قدرن کي سھڻي نموني اڳتي وڌايو آھي.

ڪتاب ۾ ھڪ ٽيون مضمون درد جو صحيفو جوڙيندڙ مارو جمالي “ آھي، جنھن ۾ قابل ليکڪ ماروءَ جي ڪتاب پرينءَ جون اکيون“ جو جائزو ورتو آھي. ھن مضمون ۾ ھُن ماروءَ جي شاعريءَ تي جمالياتي نگاھ وڌي آھي. ھُو لکي ٿو تہ ماروءَ سان پرينءَ جي سار ھر وقت ساڻ رھي ٿي، وڌيڪ لکي ٿو تہ ماروءَ پنھنجي قلم ۾ مس جي جاءِ تي لڙڪ ڀريا آھن، پنھنجا سڏڪا ٽاڪيا آھن. ماروءَ جو شعر پڙھندي اکيون بي ساختہ ڀرجيو اچن …… ھن جي لفظن ۾ اھڙو درد آھي جو پڙھندڙ کي دل مٺ ۾ جھلڻي پوي ٿي. ھُو پنھنجي دور جي درد جو صحيفو رقم ڪندڙ شاعر آھي.

ماروءَ تي معصوم ائينءَ لکيو آھي ڄڻ سندس اندر جي موسمن کان ھو ڀلي ڀت واقف ھجي. ھُن ماروءَ جي احساسن کي نھايت قريبي نگاھ سان ڏٺو آھي، پر مارو جمالي تي ھُن تنقيد پڻ سگھاري ڪئي آھي. ھُو لکي ٿو تہ ماروءَ جا ھن ڪتاب وارا نظم، نظم جي زمري ۾ گھٽ ٿا اچن ڇو تہ نظم لاءَ تسلسل لازم شرط آھي ۽ موضوع جي ھڪجھڙائي نظم جي سڃاڻپ آھي، شيخ اياز جي نانُ واري نظم ۾ تسلسل ۽ موضوع جي ھڪجھڙائي آھي باقي نظم چوسٽا ڀاسن ٿا .

اڳتي ليکڪ ماروءَ جي ترڪيبن کي اُڌارو سَڏي ٿو، ۽ سندس غزل جي لھجي ۾ محسن ڪڪڙائيءَ جي آواز جو اثر ڳولي لھي ٿو. ھيءُ تنقيدي اعتبار کان ھڪ سٺو مضمون آھي، پر ليکڪ کي ماروءَ جي ٽاءِ، قبيلائي رخ ۽ ھڪ ٻئي دوست بابت ايبنارمل ھجڻ واري ڳالھ نہ ڪرڻ کپي ھا. اھي منظر عام تي آڻڻ جھڙيون ڳالھيون ڪونہ ھيون، اھي ذاتيون ڳالھيون ادبيت جي ابتڙ تاثر خلقين ٿيون.

معصوم بخاريءَ جو ھڪ چوٿون مضمون پورھيت طبقي جي درد جو عڪاس شاعر“ آھي. ھي مضمون پيرل پرديسيءَ جي ڪتاب دل آئينو پٿر دنيا جو اڀياس ڪري /سمجھي لکيو ويو آھي. ھن مضمون ۾ ليکڪ تشريح ڪرڻ جي برعڪس شاعر کي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. سادن سولن لفظن ۾ مضمون جي عبارت آھي ۽ سادن لفظن جي حسن سان، ھُن پيرل پرديسيءَ جي شاعريءَ جي لفظيات مان جماليات ڳولي لڌي آھي، ۽ جزوي طور سندس شاعريءَ جي تجنيس تي بہ ڳالھايو آھي.

پر ٻئي طرف منھنجو خيال ھي آھي پيرل پرديسيءَجي شاعري جيڪا حوالن ۾ موجود آھي، سا روايتي بندشن ۾ ڦاٿل لڳي ٿي جڏھن تہ معصوم بخاري ان جي شاعريءَ جي روايتي انداز جي ڪٿي بہ شڪايت نٿو ڪري، ۽ ان روايتي شاعريءَ مان طبقاتي سماج خلاف آواز دريافت ڪري وٺي ٿو. پيرل جي روايتي رومانوي شاعريءَ کان وٺي، سندس فڪري ۽ اجتماعي فڪر جي نويد تائين ليکڪ ڄڻ شاعر کي ڳولي لھي ٿو ۽ ھن شاعريءَ کي طبقاتي سماج جي خلاف بلند آواز بانور ڪرائي ٿو. مضمون جي تمھيد نھايت خوبصورت لکيل آھي. تمھيد ۾ معصوم ڪمال جو شاعراڻو ۽ رومانوي نثر لکيو آھي.

معصوم بخاريءَ جي ھن ڪتاب جون پنجون شاعر ذوالفقار گاڏھي آھي. ذوالفقار گاڏھي منھنجي خيال ۾ گيت جو ھڪ سھڻو سڀيتو ۽ سوڀياوان شاعر آھي. معصوم بخاريءَ سندس تخليقن تي نھايت ئي محتاط انداز ۾ لکيو آھي، ۽ حسب روايت ٻاجھ ڀري نگاھ وڌي آھي. ذوالفقار گاڏھيءَ جو ھڪ بند آھي:

ھڪڙو احساس جنھن کي چئون پيار ٿا،

پيار پارايا جنھن تنھن کي ڪارا روا.

ھي شعر معصوم کي نھايت پسند آيو آھي، جيتوڻيڪ مذڪورہ شعر ٿورو ٻسو ۽ بي چسو بہ آھي، ۽ ھن شعر ۾ لفظ سڀ“ ڏسي محسوس ٿئي ٿو تہ اھو شعر بنا جنس جي فرق کي واضع ڪرڻ جي لکيو ويو آھي، پر ان ئي شعر بابت معصوم بخاري لکي ٿو تہ غزل جو مٿيون بند جدائيءَ جي احساس کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ائين ٿو ڀري، جيئنءَ رات جو آڪاس ستارن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريندو آھي.

معصوم بخاريءَ جو ڪنھن بہ شاعريءَ کي جھڙيءَ طرح ساڳي خيال ۾ ٻڏي لکي ٿو، اھڙو سادو پُرخلوص ۽ ادبي ڪرافٽ نھايت گھٽ نثر نويسن جي حصي ۾ اچي سگھيو آھي. ھُو جيتوڻيڪ عالمي سطح جي جماليات بابت نظرين جي روشنيءَ ۾ تخليقن کي نٿو ڏسي. شايد انھن جو ھُن مطالعو ئي نہ ڪيو ھجي يا وري کيس اھي پسند نہ بہ ھجن، پر ھن جو جمالياتي ڊوک وارو جيڪو پنھنجو ئي ايڪسپلور ٿيندڙ ڪرافٽ آھي سو دلفريب ضرور آھي.

ذوالفقار گاڏھيءَ جي خوبصورت شاعري ٻي بہ آھي، پر ھتي ليکڪ پاران حوالن ۾ ڏنل شاعري خاص تاثر ڪونہ ڇڏي سگھي آھي. ان جي ڪري ليکڪ جي لفظن جي عبارتن ۾ اندارن ئي اندران ڪي مُونجھارا بہ نظر اچن ٿا يا ائين چئجي تہ کيس ھتي چونڊ ڪيل شاعري روح سان تجزئي ڪرڻ جا موقعا گھٽ ڏئي ٿي. معصوم اھو بہ اعتراف ڪري ٿو تہ ذوالفقار گاڏھيءَ جي شاعريءَ ۾ اھي اولڙا آھن، جن جو حُسن جر تي ڪرڻن جھڙو آھي، سندس ان راءِ تي ڪوبہ اختلاف ڪونھي بلاشڪ ذوالفقار گاڏھيءَ جي شاعريءَ ۾ اُھي خوبيون آھن.

ھن مضمون ۾ ليکڪ روايتي مضمون نويسيءَ کان بچڻ خاطر ذوالفقار گاڏھيءَ جي شاعريءَ جي نقصن تي پڻ جرئت، ھمت ۽ بي بيڪاڪيءَ سان ڳالھايو آھي جنھن ڪري ھي مضمون آخر ۾ ھڪ مڪمل تنقيدي سونھن وارو مضمون لڳي ٿو. معصوم ساڳي وقت ان ڳالھ جو پڻ اعتراف ڪري ٿو تہ ذوالفقار جي اڳ واري شاعري دل جي دڙڪن کي ڪو بہ آھنگ نہ ڏيندي ھئي، سندس ٻولي ڏاڍي کھري ۽ تُز محسوس ٿيندي ھئي ۽ ائينءَ لڳندي ھئي ڄڻ ڪنھن نازڪ ڳل کي ڪو تکين مُڇين وارو ڪاڪو چُمي ڏئي تہ مُڇن جا وارنازڪ ڳلن ۾ چڀي پون.

معصوم وڌيڪ لکيو آھي تہ ذوالفقار تي سنگت ۾ جيڪا تنقيد ٿيندي ھئي ان کي ھُو سنجيدہ ٿي ڪونہ ورتو. ھُو لکي ٿو تہ اھو ساٿي محبوب زنگيجو، گلزار، مارو جماليءَ ۽ منھنجي ڊگھن بحثن ۽ ليڪچرس جو اثر آھي، جو ذوالفقار جي غزل ۾ ھاڻي تازو لھجو وڻندڙ آھي. ھاڻي ھُن جي غزل ۾ روزمرہ جي ٻولي آھي ۽ سندس ٻولي ھاڻ سھل ٿيڻ شروع ٿي آھي، بهرحال معصوم بخاريءَ جو ھي مضمون بہ محبتن جي تقسيم جو ھڪ ونڊُ آھي

ڇھون مضمون معصوم بخاريءَ بعنوان پيار مرڪب احساسن جو“ ارشاد علي شاھ (مٽياري) جي شاعريءَ جي اڀياس طور لکيو آھي، جنھن ۾ ھُن سندس ڪافين جو سُونھن کي ڊسڪور ڪيو آھي ۽ سندس ڪافين جي موسيقيت جي قدرشناسائي / ساراھ ڪئي آھي ، سيد ارشاد علي شاھ جي ڪافين جي نڪور ترڪيبن، تخيلن، موضوعن کي سھڻي نموني ڊيڪوڊ ڪيو آھي، ليکڪ جو خيال آھي تہ ھي ڪافيون جُھونگاري لکيون ويون آھن

۽ سائين ارشاد علي شاھ جي غزلن تي پڻ سندس ڪافين جو گھڻو اثر آھي. سندس غزلن ۾ ليکڪ کي عوامي لھجو نظر آيو آھي، پر ڪوٽيشن وارن غزلن ۾ منھنجي خيال ۾ ڪو تغزل ڪو رس چس ڪو سڀاءُ نظر ڪونہ ٿو اچي. ھي سمورو مضمون توڙي تنقيد جو خام مال آھي ڇوتہ سمورو تجزيو، تاثراتي تنقيد جي دائري ۾ ڦرندي ڦرندي، ھڪ تاثراتي مضمون بڻجي ويو آھي. معصوم سموري ڪتاب ۾ پنج يا ڇھ ڀيرا تخليقڪار کي تخليقار لکيو آھي صرف بئڪ پئيج ۾ صفر ڪلھوڙي ان لفظ کي تخليقڪار ڪري درست لکيو آھي. ڪتاب ۾ ان لفظ جي پروف ريڊنگ طرف ڪو ڌيان ناھي ڌريو ويو آھي.

ستون مضمون ڪتاب ۾ اسان رولاڪ ٿي وياسين“ جي عنوان سان آھي، جنھن ۾ بخشل باغيءَ جي شاعريءَ تي سھڻا ويچار ونڊيا آھن. بخشل باغيءَ جي شاعريءَ مان جيڪي حوالا کنيا ويا آھن پر انھن ۾ ڪي صوفياڻا خيال تہ ڪونھن. ھونئنءَ بہ بخشل جا مون سڀ ڪتاب تقريبن پڙھيا آھن ۽ منھنجي خيال ۾ شروع کان ھڪ سٺو رومانوي شاعر رھيو آھي، صوفي لھجي جو شاعر ناھي. پر معصوم بخاريءَ کي سندس لھجو صوفين جھڙو لڳي ٿو اھا عجيب ڳالھ آھي. بخشل باغيءَ جي شاعريءَ تي ھيءُ ھڪ سٺو مضمون آھي، پر ھڪ ڳالھ محسوس ٿئي ٿي تہ بخشل باغيءَ جي شاعريءَ ۾ مضمون نگار کي ڪمزوريون ڇو نظر ڪونہ آيون آھن؟ ائين پرواني لعل سومري ۽ اسير امتياز جي تنقيدي ڪتابن ۾ پڻ آھي تہ ھڪڙن تخليقڪارن جي ھروڀرو گھڻي ساراھ ۽ ڪن تي ڪيل تنقيدون ڏنل منطقت جي ابتڙ آھن. اسان وٽ تنقيدي جھان ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪم کان سواءِ سڃ واڪا وئي ڪري پر معصوم بخاريءَ جو ڪم وري بہ تنقيد واسطي رستا تعمير ڪندڙ ڪم آھي.

معشوق ڌاريجي جي ڪوتائن جو اڀياس معصوم بخاريءَ پنھنجي مضمون بعنوان ٽُڪَ جي رَليءَ جھڙي شاعري“ ڪيو آھي جيڪو ڪتاب جو اٺون مضمون آھي. معصوم نھايت پيار ۽ ٻاجھَ سان معشوق ڌاريجي جي خوبصورت شاعريءَ کي ٽربيوٽ پيش ڪيو آھي.

ھُو لکي ٿو تہ عشوق جڏھن شعر سرجڻ ويھي ٿو، تڏھن ڏات ۽ ڏانءُ سندس مٿان ڀونر (ڀونئر) جيان ڦيريون پائيندا آھن ۽ ڪي ئي احساس سندس من - ڪينجھر ۾ ڪنولن جيان ٽڙي پوندا آھن. معشوق ڌاريجي جي ھڪ غزل کي معصوم بخاريءَ مترنم ڪوٺيو آھي، غزل جي لھجي ۾ ھن کي مٺاس نظر اچي ٿو ۽ فني پختگيءَ جو ان کي ليکڪ ھڪ مثال ڪري پيش ڪيو آھي، اھو غزل ھي آھي. اچو تہ ڏسون تہ اھو غزل فني طور پختو ، مٺاس لھجي وارو ۽ مترنم آھي يانہ :

آءُ تہ گڏجي پيار پکيڙيون

چاھ چپن تي مرڪون ٽيڙيون

قوم سڄيءَ کي جاڳائي جو

ساٿي اھڙو ساٿُ سھيڙيون

پنھنجا جيڪي حق ٿا کائن

آءُ تہ اُنھن جا پير اکيڙيون

معشوق جي جمالياتي شاعريءَ کي معصوم سائينءَ نھايت خوبصورتيءَ سان اکيليو آھي. ليکڪ جو جمالياتي اوک ڊوک وارو انداز ھتي بہ دلربا ادائون رکي ٿو. ليکڪ معشوق ڌاريجي جي شاعريءَ جي خامين تي پڻ خوب من موھيندڙ لکيو آھي. ليکڪ نھايت سگھاري تجزئي سان معشوق ڌاريجي وٽ اضافي لفظن کي دريافت ڪيو آھي جيڪي لفظ بہ - تہ وغيرہ وانگر رڳو وزن جي پورائيءَ خاطر خوامخواہ سندس شاعريءَ ۾ ٽنبيل آھن.

نائون مضمون ڪتاب ۾ شاعريءَ جي آڳر ۾ بيٺل بد مشڪ“ آھي جيڪو ڪوثر ھالائيءَ جي شاعريءَ تي آھي. ھن جي شاعريءَ تي لکندي، ليکڪ شاعر کان وڌيڪ رومانٽڪ موڊ ۾ نظر اچي ٿو. ھن مضمون ۾ شاعراڻو نثر ليکڪ غضب جو لکيو آھي پر ناقدانہ نگاھ يا انتقاد جي لمحي ھڪ ناقد کي پاڻ تي سيلف ڪنٽرول ھجڻ کپي ناقد جو رومانٽڪ ھجڻ تنقيد جو ڪڏھن نقص ٿي پوندو آھي.

ھن مضمون ۾ تنقيدي اوسر جي خاطر ليکڪ نھايت ڪمال جي نڪتن ڏانھن وقت جي ناقدن کي اشارو ڪيو آھي. مثال طور ليکڪ سوال اڀاريا آھن تہ نثري نظم جي ٽيڪنڪ ۽ گھاڙيٽو ڇا ھئڻ کپي؟ ۽ اُھو اڃا طئہ ٿي ڇو ڪونہ سگھيو آھي؟ ۽ ھُو لکي ٿو تہ آئون سمجھان ٿو تہ روانيءَ جو بہ ھڪ مخصوص علم آھي جيڪو اڃان تائين دريافت نہ ٿيو آھي.“

منھنجي خيال ۾ معصوم بخاريءَ جا اُھي سوال نھايت اھم آھن جن جو وقت جي ناقدن کي سوچڻ گھرجي ۽ جيستائين منھنجو پنھنجو خيال آھي تہ نثري نظم جو گھاڙيٽو خود ھر شاعر پاڻ سان گڏ لھجي ۽ پيشڪيش ۾ کڻي ايندو آھي ان جو ڪو مقرر گھاڙيٽو ڪونھي.

فرانس نثري نظمن جي دريافتي سرزمين آھي اتان جا نثري نظم فرانسسي ٻوليءَ جي مزاج جو ڀرپور فائدو وٺن ٿا. ٻين ٻولين ۾ سنڌيءَ سميت اصل نثري نظم جيڪو فرانسيس لھجي ۾ آھي، سو موجود ڪونھي. سنڌيءَ ۾ نثري نظم سان اھڙي ئي ويڌن ٿئي ٿي جيڪا ھائيڪي سان تصويرن ۽ ٽن سٽن جي نالي سان ڪئي وئي آھي پر اھو ھتي منھنجو موضوع ڪونھي. جيستائين روانيءَ جي ڳالھ آھي تہ رواني موسيقيءَ ۽ وزن جو سنگم آھي جيڪو اڪيڊمڪ بنيادن تي سکي سگھجي ٿو.

رواني استادن وٽ وڏي رياضت سان ايندي آھي. اھڙو روانيءَ تي دسترس پراڻن شاعرن وٽ آھي. عاجز ٻگھيو جھونجھاڻويءَ وٽ ڪچھرين جي دوران ۾ مون اھو روانيءَ جو فن اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو آھي. ائين چئجي تہ رواني ٻوليءَ جي باترتيب عروضي بناوت آھي، جنھن ۾ ٻوليءَ جي فصاحت ۽ سُر تار جي سُڌ ھجڻ لازمي آھي.

ڪوثر ھالائي جا بي مزي ۽ بي سوادي نثري نظم پڻ معصوم بخاريءَ کي وڻيا آھن. اھو سندس من جو اٿاھ پيار ئي چئي سگھجي ٿو، پر اھي نثري نظم آخر ۾ ڪو پڙھندڙ اڳيان خاص انڪشاف ڪونہ ٿا ڪن. ڪوثر جي ھڪ نثري نظم جنھن ۾ نياڻين کي مقدس ڪتاب جھڙي اصطلاحي معني ۾ ورتو ويو آھي، ان ۾ شاعر ڪوثر سماجي طنز ڪئي آھي تہ ھتي عورت جي ڄمڻ کي خسارو ڪٿي ٿو سمجھيو وڃي ٿو؟

ان تي معصوم تنقيد ڪئي آھي تہ اھو سنڌي سماج ۾ خسارو ڪونھي. اصل ۾ شاعر ڪوثر ھالائيءَ ھتي سنڌي سماج اندر جھالت کي ريپريزنٽ ڪيو آھي پر معصوم بخاريءَ ان کي ٻئي رخ کان سمجھي ويو آھي جنھن ڪري سندس تنقيد جو تير گُسي ويو آھي ۽ اتي ھُو ڪامياب تنقيد ڪري ناھي سگھيو.

پر معصوم ڪوثر ھالائيءَ جي واين تي نھايت قابل عروضي استاد وانگر معصوم بخاريءَ زبردست تنقيد ڪئي آھي. سندس واين مان ھُن ماترائن جي گھٽ وڌائي نھايت قابل رستن سان ڳولي لڌي آھي، بهرحال ھن مضمون ۾ فني تنقيد اھم ۽ وڌيڪ ڪم جي آھي.

ان کان پوءَ ڏھين نمبر تي مضمون صادق فقير تي آھي ۽ يارھين نمبر تي ضمير کرل جي شاعريءَ تي معصوم بخاريءَ جو مضمون آھي. ھنن ٻنھي مضمونن ۾ مون کي ڪا قابل ذڪر ڳالھ نظر ڪونہ ٿي اچي.

مجموعي طور تي معصوم بخاريءَ جو ھي ڪتاب مٽيءَ جا شاھڪار“ ساھ ۾ سانڍڻ جھڙو آھي. معصوم جي ھن نثري ڪم تي کيس واڌايون ڏجن ٿيون. سندس ھي پورھيو ڪيترن ئي پاسن /پھلوئن کان اھم ۽ ساراھ لائق آھي. سندس ھي پورھيو جمالياتي ۽ تاثراتي تنقيدي پورھيو ايندڙ دور جي وڌيڪ مئچوئر تنقيد جا رستا تعمير ڪندڙ پورھئي ڏانھن ڏسائون روشن ڪري ٿو. ھُو بقول مھاڳ نويس غلام مصطفي سولنگيءَ جي، تہ “ھُو شاعرن جي ئي خيالن ۾ گم ٿي لکي ٿو.“

۽ منھنجي خيال ۾ معصوم جو ھيءُ نثر ٿڌڙو ۽ نفيس پورھيو آھي جيڪو موجودہ دور ۾ ھڪ اھم پيش رفت آھي. ھن جي تنقيدي پورھئي ۾ جديد ۽ پوسٽ ماڊرنسٽ يا جديد تنقيدي نظرين جي ڪا بہ سڌ ڪونھي پر روايتي پيچرن تي ھلندڙ ئي سندس ھي تنقيدي پورھيو، جديد دور ۾، تنقيد جو موٽر وي ڀلي تعمير نہ ڪري پر تنقيد ڏانھن ويندڙ جھنگلن مان ڪچن رستن جي تعمير ضرور ڪري ٿو.

۽ ان جي نثري عبارتن مان بقول وسيم سومرو جي تہ ڪيتريون ئي تخليقون ليئا پائين ٿيون ۽ منھنجي خيال ۾ معصوم بخاريءَ جو ھي نثري پورھيو خالص شاعراڻو نثر آھي، جنھن مان جمالياتي حظ وٺي سگھجي ٿو ادب ۽ تنقيد جي راھ ويندڙ مسافرن کي ھي ڪتاب ضرور وزٽ ڪرڻ گُھرجي.

 

1 comment:

  1. How to win at a slot machine - Dr.MD
    For the most part, it's easy to play casino games 통영 출장안마 with no real money, and most 원주 출장안마 slots are created with the same basic 김포 출장안마 premise – you don't 화성 출장샵 have 논산 출장마사지 to have

    ReplyDelete