10/01/2021

رسول ميمڻ جون سررئيلسٽڪ ڪهاڻيون - خليق ٻگهيو(Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

رسول ميمڻ جون سررئيلسٽڪ ڪهاڻيون!

رسول ميمڻ هڪ سرريئلسٽڪ ڪهاڻيڪار آهي، پر هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ هُنَ ڪنهن هڪ سطح، نوع، اسٽائيل يا تصور جي چونڊ ڪڏهن به نه ڪئي آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ مختلف طرز جا فني ۽ فڪري تجربا آهن. هُنَ جي ڪهاڻين ۾ پراڻي حقيقت نگاري به آهي ته وري جادوئي حقيقت نگاري Magic Realism به آهي. سندس ڪن ڪهاڻين ۾ ڏند ــ ڪٿائي تصورن جو رومانس آهي ته وري ڪن ڪهاڻين ۾ جديد سائنس ۽ نفسيات جو سنگم آهي. سندس ڪي ڪهاڻيون اکاڻين نما آهن ته وري ڪي ڪهاڻيون جديد مختصر ڪهاڻيءَ جو بهترين نمونو آهن. ڪِن ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ جو مروج فن ابتدا ـــ وچ ـــ عروج/ڪلائيمڪس آهي ته وري ڪي ڪهاڻيون مضمون ـــ نما اَڪهاڻيون آهن، اِيئنءَ هو هڪ جاءِ تي ڄمي نه بيهندڙ ۽ تجرباتي ڪهاڻيڪار آهي، پر سررئيلسٽڪ انداز سندس وڌيڪ سڃاڻپ جو مظهر آهي. ان سررئيلسٽڪ انداز کي سمجھڻ کان اڳ پاڻ کي اُهو ڏسڻو پوندو ته سررئيلزم ڇا آهي؟ مطالعي موجب :

A style of art and literature developed principally in the 20th century, stressing the sub-conscious or non rational significance of imagery arrived at by automatism or the exploitation of chance effects, unexpected Juxtapositions etc.

سررئيلزم تجريدي آرٽ جي ڪجهه هيئتن سان ويجھو آهي يا اِيئن چئجي ته سررئيلزم تجريدي آرٽ جي نسل منجھان ئي آهي، پر تجريدي آرٽ ۽ سررئيلزم جي جڏهن تشريح ڪبي ته پوءِ ٻئي هڪ ٻئي کان ڌار شيون ڪُوٺيون وينديون. سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ٻنهي ۾ مشابهت ڪهڙي آهي؟ ٻنهي ۾ هڪ جهڙايون هي آهن ته ٻنهي ۾ ساڳئي نسل جي ڪري، نه صرف خوبصورت علمي هُڳاءُ هڪ جهڙو آهي، پر علم خوبصورتيءَ کان سواءِ ٻنهي جو ساڳئي نسل هئڻ ڪارڻ رس ـــ گيان به هڪجهڙو آهي. سررئيلزم کان اڳ دادا ازم جو لاڙو مشهور هو دادا ازم جو اڳواڻ Tristan Tzara هو. هن جو خيال هو ته سماج آرٽ جي قابل ئي ڪونهي. هن سماج تي وڏا ڇُوهه ڇَنڊيا. جنگ جي صورتحال آرٽسٽن ۽ فنڪارن جي ادبي ايمان کي ڪاپاري ڌَڪُ رسايو هو. پهرين مهاڀاري لڙائي جي خوفناڪ صورتحال اديبن کي سماج مخالف ڪري ڇڏيو هو. هنن سماج تي حملو ڪيو ته سماج جنگ جي وحشت ۽ هيبت ڦهلائي ٿو، اُنَ ڪري آرٽ جا سڀ خوبصورت خواب تعبير پائي نٿا سگهن. امن ۽ پيار ديوانگيءَ جا خواب آهن. ٽرسٽان ٽزارا اُنهيءَ ردِ ـــ عمل ۾ آرٽ مخالف نظرئي گَهڙڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي. بنيادي طرح دادا ازم سماج کي نه رڳو بدنام ڪيو، پر هر شيءِ تباهه ڪرڻ پئي چاهي. دادا ازم خلاف رد عمل به اوترو ئي سخت اَچي ها، پر ايئن ڪونه ٿيو. وچين ڪلاس واري طبقي اُنهيءَ نظرئي سازيءَ کي وري هڪ پُٺِ واري امير طبقي جي خلاف سمجھيو ۽ هنن ائين به چَيو ته ايئن به ممڪن آهي ته آرٽسٽن جي هيءَ نئين نظرئي سازي پراڻي آرٽ تي هڪ حملو هجي. هن اُبتي/غير متوقع ردِ عمل ۾ فسادي ماڻهن به هن نظرئي کي ڀاڪُر ۾ ڀَري ورتو. نتيجو اُهو نڪتو جو هڪ اينٽي آرٽ نظريو، خود هڪ آرٽ بنجي ويو. هڪ رسم مخالف نظريو خود هڪ نئين رسم بنجي ويو يا ايئن چَئجي ته هڪ اينٽي اڪيڊمي رويو غير فطري طرح خود اڪيڊمڪ بنجي ويو، جڏهن ته ٽرسٽان ٽرازا جي نيت ۾ اُنهيءَ نظرئي سازيءَ جي پٺيان آرٽ ۾ خوبصورتي پيدا ڪرڻ واري نيڪ نيتي ڪونه هئي، پر هن رڳو پنهنجو سخت رويو يا ردِ عمل ڏيکاريو هو، پر خود آرٽسٽن جي سخت مخالفت پيدا ٿي. آرٽسٽن جو خيال هو ته دادا ازم صدين جي آرٽ ڪرافٽ جي بلڪل اُبتڙ شيءِ آهي. ايئن دادا ازم جو خاتمو ٿيو ۽ دادا ازم کان پوءِ سررئيلزم زور ورتو. سررئيلزم جي اڳواڻي فرانس جي هڪ ڊاڪٽر Andre Breton  ڪئي. اَندري بريٽن خود پاڻ پهرين مها ڀاري لڙائيءَ ۾ کاهين اندر وڙهيو هو. سررئيلزم وسيلي ظاهري يا مروج حقيقتن کان اڳتي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سررئيلسٽ لفظ سڀ کان اول 1930ع ۾ Guillaume Apollinaire  پنهنجي مهاڳ Les Mamelles de Tiresias ۾ استعمال ڪيو. بنيادي طرح هيءَ هڪ ڪلچرل تحريڪ هئي، جنهن ۾ Visual Art وسيلي تجربا ڪيا ويا. بريٽن جي ميني فيسٽو کان (1924ع) کان هيءَ تحريڪ ادبي بنجي وئي. سررئيلزم جي لکڻ جي انداز ۾ دراصل ڪردار جي تحت الشعور Sub-Consciousness کي کُوليو وڃي ٿو.

جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ رسول ميمڻ کان وڌيڪَ سررئيلسٽڪ انداز ۾ لکندڙ ڪهاڻيڪار مون نه پڙهيو آهي. رسول ميمڻ جو سرئيلسٽڪ ڪهاڻيون پنهنجي بنيادي رُوَح ۾ اَحساسن تي زور ڏين ٿيون. اَحساسن تي زور ڏيندڙ ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي غير تجزئي ڪار هوندي آهي. هن قسم جي ڪهاڻين کي سررئيلزم جي موجب آٽومسٽڪ ڪهاڻيون ڪوٺبو آهي. سررئيلزم تحت ڪهاڻيڪار ٻن طريقن سان طبع آزمائي ڪندا آهن هڪ تجريدي روايت Abstract Tradition ۽ ٻيو علامتي روايت Symbolic Tradition وارو طريقو. جيئن ته رسول ميمڻ مختلف تجريدي اندازن تي تجربا ڪندڙ ڪهاڻيڪار آهي، اُنهيءَ ڪري کيس هڪ روايت جي پيروي ڪندڙ ڪهاڻيڪار نٿو چَئي سگهجي. Michaels Bell چَيو هو ته سرريئلزم ۾ هي ٻه مختلف لاڙا آهن، هنن مان هڪڙا آرٽسٽ خود ڪاريت/ازخوديت Automatism کي پَسند ڪن ٿا ۽ ٻيا حقيقت پسندانه Veristic Surrealistic کي پنهنجائين ٿا. رسول ميمڻ جي ڪهاڻي بعنوان ”حليمان“ آٽوميٽزم واري ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ حليمان هڪ پوڙهي عورت آهي، جيڪا بيوهه ۽ بي اولاد آهي. هوءَ پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ رلي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. رلي جي لاءِ ڪپڙن جا مختلف ٽُڪرا ڪتري ٿي، ته ڪپڙن جي ٽُڪرن جا اُهي مختلف رنگ کيس ماضيءَ جي يادُن جي زيارت ڪرائين ٿا. هر رنگ سان ماضيءَ جو ڪو ڪردار سندس ساروڻيءَ جو وقتي مهمان ٿئي ٿو ۽ وري گُم ٿي وڃي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ خيالي تصوير وسيلي Visualize ڪري ماضيءَ جي خوشين ۽ دردن جي سُرور وٺڻ جو سعيو ڪيو ويو آهي. آٽوميٽزم لکڻ جي هڪ تجريدي هيئت آهي. هن تجريدي هيئت ۾ ليکڪ/ڪهاڻيڪار تحت الشعور مان تصور اُکولي شعور ڏانهن آڻين ٿا. آٽوميٽزم جي اصطلاح جي رُوح تائين پهچندڙ ڪهاڻيڪار اصل ۾ Carl Jung جي پيروي ڪن ٿا. Carl Jung جو خيال هو ته تحت الشعور Sub-Conscious جي تصورن کي جَھپڻ يا جج نه ڪجي، پر تحت الشعور کي پُر وقار سادگيءَ سان اهڙيءَ طرح اظهارجي، جو ڄڻ ته اُهي تصور تحت الشعور مان نه پر شعوريت Consciousness مان ئي آيا آهن، جيئن اُهي تصور غير تجزياتي نه پر تجزياتي روپ سُرروپ ڌاري سگهن.

رسول ميمڻ Carl Jung جي نفسياتي نظرئي مان فائدو وٺي ٿو، جڏهن هُو پوڙهي عورت حليمان جي تحت الشعور مان تصور جج نٿو ڪري، پر اُنهن تصورن کي اُکوليندو ٿوري، اڪيڊمي نظم و ضبط ۾ اڳتي وڌي ٿو. حليمان جي ڪردار کي لاشعور جي کُوٽائيءَ واري تجربي سان همڪنار ڪيو ويو آهي. بحيثيت هڪ سررئيلسٽڪ ڪهاڻيڪار جي رسول ميمڻ وٽ سررئيلزم ڪا فوقِ فطرت يا مارواءِ حقيقت شيءِ نه آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪهاڻين کي پڙهندي مون اُهو محسوس ڪيو آهي ته هُو ماضيءَ جي اُنهن سررئيلسٽڪ آرٽسٽن منجھه شمار آهي، جيڪي سرئيلزم جي وسيلي تحت الشعور مان گذرندي، انسان جي اندر واري ضمير، وويڪَ/ ولولي جي اصل سچائيءَ واري حقيقت تائين پهچن ٿا.

هونئن به منهنجي خيال ۾ سررئيلزم کي فوق فطرت يا ماوراءِ حقيقت چَوڻ درست نه آهي، توڙي جو سررئيلزم شعور کي رنڊڪ وجھي ٿي، توڙي جو سررئيلزم ظاهري شعور کي لِڪائي ٿي، پر اُها Suppression of consciousness آهي، جيڪا تحت الشعور جي حمايت ۾ آهي. رسول ميمڻ ازخوديت Automatism واري طريقي تي، مڪمل انحصار نه ڪندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُنَ ازخوديت کان سواءِ سررئيلزم جي ٻي لاڙي The Veristic Surrealistic يعني حقيقت کان اڳتي ڏسڻ واري حقيقت پسندانه رويي کي به تجرباتي سطح تي ڪهاڻين ۾ کنيو آهي. ھڪ حوالو ڏيون ٿا :

Veristic surrealism is a style of surrealistic art which is designed to portray the dreams world in rich detail. One of the more famous Veristic surrealists was Salvador Dali who painted ornate scenes of melting clocks, fantastic creature and other elements.

رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ به عجيب مزي جهڙيون ڳالهيون آهن، جنهن کي اسان فئٽسي چَئون ٿا. سررئيلسٽڪ تخليقڪارن جيان رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ انساني حياتيءَ جي مختلف اسرارن، غيبن يا ڳجھن کي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش نظر اچي ٿي جنهن کي ادبي اصطلاح ۾ Mystery چَيو وڃي ٿو. ويريسٽڪ سرئيلسٽڪ اسٽائيل ۾ هُو پڙهندڙ کي خوابيده دنيا ڏانهن مَدعو ڪري ٿو. خوابن جي تضادن کي خوبصورتيءَ سان عڪس بند ڪري ٿو ۽ سلوا ڊور ڊالي جيان ڦِـٽل تصورن کي به فئنٽسي انداز ۾ پينٽ ڪري ٿو، جيئن پڙهندڙ تحت الشعور مان فيضياب ٿي سگهي.

رسول ميمڻ جون اڪثر ڪهاڻيون پڙهندي آئون اُهو محسوس ڪندو آهيان ته ڄڻ آئون ڪي خواب ڏسي رهيو آهيان ۽ منھنجن اُنهن خوابن ۾ منهنجا ماضيءَ جا تضاد ۽ مونجھارا آهن ۽ ڪِي خوبصورت خواهشون هيون، جن کي زماني جي ستم ظريفي ۽ رسمن جي شدت دٻائي ڇڏيو هو ۽ ڪهاڻيون پڙهندي پڙهندي مختلف تضادن وارا تصور پنهنجي تحت الشعور مان ورق ورق ڪڍي اُٿلائي رهيو آهيان ۽ ايئن منهنجي لاشعور مان ”تصورن جو بارُ“ هلڪو ٿي رهيو آهي. ”ڊائون سينڊ روم“ رسول ميمڻ جي هڪ اهڙي ئي ڪهاڻي آهي، جنهن کي پڙهندي ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته گَهڙي کن جي لاءِ ”شعور جي عذاب“ ۾ هڪ ”پُر سُڪون رنڊڪ“ پئي آهي ۽ ماڻهو خوابيده تخيل جا مزا ماڻيندو هُجي، جيتوڻيڪ هيءَ ڪهاڻي ٻارن جي هڪ پيدائشي بيماري آهي. ڊائونڊ سينڊروم جي پيدائشي بيماريءَ کي رسول ميمڻ علامتي روپ ۾ ڏئي نئين ڪردار سازي ڪئي آهي. ڪهاڻي عام سطح جي ماڻهن ۾ ڪميونيڪيٽ نٿي ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪهاڻيءَ جي اصل روح تائين پهچڻ لاءِ ڊائون سينڊروم جي ميڊيڪل ڄاڻ جي ضرورت آهي، جيڪا هڪ پڙهندڙ لاءِ اضافي زميواري کڻي اَچي ٿي. ڊائونڊ سينڊروم هڪ موروثي بيماري آهي. هن بيماريءَ جو شڪار ماڻهو ننڍي هوندي کان آخر تائين ذهني رٽائرمينٽ تي رهي ٿو. ان کي لا علاج چئي سگهجي ٿو، ان جو ڪارڻ زال مڙس جي جنسي گهٽ وڌائي، قد بُت، عضون جي عدم يڪسانيت آهي. عام نارمل جسم ۾ ڇائيتاليهه ڪروسوموس هجن ٿا، پر جڏهن ڪروسومومس جو تعداد ستيتاليهه ٿي وڃي يعني هڪ ڪروسوموس وڌي وڃي ته پوءِ ڊائون سينڊروم جي بيماري هوندي آهي. رسول ميمڻ هن بيماريءَ کي پنهنجي سماج جي ارتقا ۽ انقلاب جي علامتي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ پٺتي پيل سماجن جي ”ارتقائي پيڙهه“ مان ٿڪاوٽ جا احساس اُڀرن ٿا. هيءَ ڪهاڻي ثابت ڪري ٿي ته انقلابي رومانس خود ردِ انقلاب جهڙي لاعلاج بيماري (ڊائون سينڊ روم) آهي، جتي شفا ۽ مسيحائي خوبصورت دوکا آهن.

پئرس ۾ لکندڙ ليکڪ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ سررئيلسٽڪ ڪهاڻيڪار اُنهيءَ ساڳئي Bent of mind  جا هئا. ڊائون سينڊروم ڪهاڻيءَ رسول ميمڻ بحيثيت سررئيلسٽڪ ڪهاڻيڪار جي Symbolic Tradition جي لاڙي تحت ئي لکي آهي، جيڪو سررئيلزم جو هڪ مشهور فن آهي.

علامتي روايت ۾ لکيل رسول ميمڻ جي ڪهاڻي آهي ”روڊ “. هن سررئيلسٽڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار زمان مڪان جي سائنس ۽ فلسفي جي اُپٽار ڪئي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ئي وقت علامتي روپ ۽ تجريدي امتزاج جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي. تجريديت ۽ علامتي ڪردار سازيءَ کي ڌار نه ڪيو ويو آهي. فِڪري سَطحن تي ڪهاڻيڪار هن قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ حِسي ادراڪ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اُهو حِسي اداراڪ جيتوڻيڪ زندگيءَ کي سمجھڻ لاءِ تحت الشعور جون ڳَــنڍيون کُولي ٿو ۽ شهري صنعتي سماج ۾ ماڻهوءَ بابت انٽليڪچوئل راءِ ڪهڙي آهي؟ اُنَ بابت ئي اُهو حِسي ادراڪ مختلف ڪيفيتن کي عڪسُ بند ڪري ٿو، پر ڪهاڻي ڪردارسازيءَ ۾ مار کائيندي نظر اچي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ پيءُ پنهنجي پُٽ کي پنهنجي آڱُر پڪڙائي روز اسڪول ڇڏڻ وڃي ٿو. ڇتي ٽرئفڪ، دُونهي ۽ نفسانفسيءَ جي عالم ۾ ابهم پنهنجي والد کان ڪائنات، زندگي، وقت Time جي بابت دانشورانه قسم جا سوال پُڇي ٿو، جيڪي سوال هڪ اسڪول ويندڙ ٻار جي پاران پُڇڻ غير منطقي ۽ غير فطري ڳالهه لڳي ٿي. ابَهم ٻارُ اِيڏا وڏا سوال ڪيئن ٿو ڪري؟ علامتي رُوپ کي به منطقيت جي ضرورت هوندي آهي، جنهن جو هن ڪهاڻيءَ ۾ خيال نه رکيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ تشبيهون ڏاڍيون معنيٰ خيز آهن. ٻارَ جو پيءُ ٻارَ سان سائنس ۽ فلسفي جو سنگم پيش ڪري ڪجهه هن طرح ڳالهائي ٿو جيڪو پيءُ جو فلسفو ٻار جي سمجهه کان بالاتر آهي:

اسان جا وجود ورهائجن ٿا، هڪ ورهاست ٻاهرين آهي ۽ هڪ اندرين ــــ تون منهنجي ٻاهرين ۽ ظاهري ورهاست جو نمونو آهين، منهنجي اندروني ورهاست مون کي ٽوڙي ٿي ۽ جُوڙي ٿي. هر جاندار ٽُٽڻ لاءِ وجود ۾ آيو آهي هُـو هر هر ٽُٽي ٿو. فطرت هر دفعي هُن جي جُوڙ ڪري ٿي، پر فطرت هن لاءِ جٽادار نه آهي. هڪ ڏينهن هُو ٽُٽي ٿو ۽ فنا جي حد کي پهچي ٿو.“ (ڪهاڻي ڪتاب ”حليمان“ صفحو 29)

جينوم“ رسول ميمڻ جي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي. هيءَ هڪ وجود جي علامتي ڪهاڻي آهي، جيڪو وجود ريل گاڏيءَ کي زندگي جو سمبل سمجھي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ حياتيءَ جي ڏکن سُکن جا ڪيترائي رُوپ آهن ۽ نيٺ اُنَ وجود جي پوڙهائپ ۽ موت کي فوڪس ڪيو ويو آهي. هيءَ ڪهاڻي پنهنجي جوهرَ ۾ بائيولاجي/ميڊيڪل سائنس جا علمَ سمائي ٿي. ڪِٿي فزڪس، ڪِٿي ڪيمسٽري کي به نج زندگيءَ جي نهج سان هم ڪلام ڪندڙ هن ڪهاڻيءَ جو تاثر وجوديت جي فلسفي ۾ پَسي سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ خارجيت/مادي دنيا جا ڪي عڪس کنيا ويا آهن، پر اظهار سمورو محسوسات تي منحصر آهن. ڪهاڻيءَ کي پڙهندي ڪنهن وقت اُهو محسوس ٿئي ٿو ته اُها هڪ وجود جي پنهنجي ئي خودڪلامي آهي. ڪِٿي وري اُن خُودڪلامي ۾ شعور جي روءِ ۽ Stream of Consciousness آهي، پر ٿُلهي ليکي هيءَ ڪهاڻي شعور جي روءِ واري مڪمل تحريري انداز تي انحصار جهڙيءَ طرح نٿي رکي، تهڙي ئي طرح مڪمل خود ڪلامي وارو انداز به ڪونهي، پر هيءَ هڪ سررئيلسٽڪ ڪهاڻي آهي. ويريسٽڪ اسٽائيل ۾ لکيل هن ڪهاڻيءَ ۾ رسول ميمڻ ڪوشش ڪئي آهي ته تحت الشعور جي تصورن کي بنا رنڊڪ جي اظهارجي، جيئن مادي دنيا جي حقيقتن کي روحاني هيئتن سان ڳَـنڍي سگهجي. ويريسٽڪ اسٽائيل جي هِن ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي اڪارجيت/بي مقصديت ۽ کُـوکلو پَن وائکو ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ ”جنيوم“ ڪهاڻي جدوجهد ڪندڙ زندگي جي مزاحمتي روحن لاءِ مايوسي جنمي ٿي، پر سوال هيءُ آهي ته سماجي سائنس جي روشنيءَ ۾ مقصديت جي منزل تان ايمان ڪيئن کڻجي؟ سررئيلسٽڪ ڪهاڻيڪار پلاٽ جي برعڪس ڪردارسازيءَ تي زور ڏين ٿا، اُنهيءَ ڪري رسول ميمڻ جي هيءَ ڪهاڻي پلاٽ جي حوالي سان توڙي تجزئي ڪاريءَ جو سامان مُهيا نٿي ڪري ته آخر مذڪوره تجزئيءَ ۾ ڪهاڻي موجب زندگيءَ جو ڪهڙو خاڪو درست آهي؟ پر هيءَ ڪهاڻي دراصل ڊارون ڏانهن آهي. ڪهاڻيءَ جو موضوع ئي ارتقا آهي ۽ ارتقا جي طئَه ٿيل حد ڪانهي. رسول ميمڻ ڪهاڻيءَ ۾ ڊارون جي نظرئي خلاف هيءُ هڪ ’اختلافي خاڪو‘ ڪري پيش ڪيو آهي. ڪهاڻين جي عاشقن کي هيءَ ڪهاڻي اَڪهاڻي لڳي ٿي، ڇو ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جا رويا آهن، پر ڪهاڻيپڻو ڪونهي!

ڏاتوءَ جي آتم ڪهاڻي هيءَ رسول ميمڻ جي هڪ اِهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڏاتوءَ نالي هڪ ڪردار جي زندگيءَ ۾ نه سهڻ جهڙي پيڙاءَ کي آزادگيءَ سان اظهاريو ويو آهي. سررئيلزم جي فنِ ـــ ڪهاڻيءَ ۾ نه سهڻ جهڙي محسوسات کي لاشعور کان آزاديءَ سان اظهارڻ جو هيءُ فني تجربو آهي. ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ڪندڙ تصور Contrast Images  آهن. ڏاتو خود هڪ سمبل آهي، جيڪو ڪتاب ۾ موجود آهي ۽ اُهو ڪتاب سندس قبر تي رکيل آهي. هڪ شخص اُنهيءَ ڪردار کي جڏهن سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ پڙهي ٿو ته پوءِ پاڻ کي اُنَ ڏاتوءَ جي ڪردار ۾ جذب ٿيندي محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ معمولي پر ڪردار سازيءَ تي هتي به وڌيڪَ ڌيان ڏنو ويو آهي. سررئيلسٽڪ ڪهاڻيڪار مادي دنيا جي شين objects کي محض استعارو قرار ڏئي، ان استعاري سان لاڳاپيل دنيا کي سمجھائڻ جي اڪيڊمڪ ڪوشش ڪندا آهن. رسول ميمڻ به هن ڪهاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ اِهڙي ئي رکي آهي. هِن ڪهاڻيءَ ۾ ميٽا فزڪس به آهي ته وري صوفيت به آهي، وجود جي سائنسي ڇنڊڇاڻ به آهي ته وري وجود جي نفسياتي اوک ڊوک به آهي. هيءَ ڪهاڻي عجيب مزي Fantastic ۽ Mystery جو خوبصورت امتزاج آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪِٿي منطقيت کان به ڪم ورتو ويو آهي، پر سررئيلزم جي پوئواري ڪندڙ تخليقڪار منطق جي پرواهه نه ڪندا آهن. هن ڪهاڻيءَ جي وڏي خاصيت Characteristics هيءَ آهي ته ڪهاڻي تحت الشعور ۽ لاشعور رستي پڙهندڙ کي اندر جو دَرُ کُــولرائي ٿي، وويڪ ۽ وَڍ وجھي ٿي ۽ ماڻهوءَ کي ميٽا فزڪس وسيلي اندر جي اصل سچائيءَ تائين پُهچائي ٿي ۽ زندگيءَ سان جديد سائنس ۽ نفسيات جي رشتن کي ويجھو آڻي سگهارو ڪري ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ مريضن کي ميڊيڪل تجويزون ڏنيون ويون آهن، جيڪي ڪجهه ڪهاڻيءَ ۾ وڌيڪَ عجيب لڳن ٿيون.

رسول ميمڻ جي ڪهاڻي ڪوما (سڪرات) ـــ موت زندگي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هُن وري ڊارون جي فلسفي جي اُپٽار ڪئي آهي. هي ڪهاڻي به مُروج فن جي پيروي نٿي ڪري جنهن جي ڪري اَڪهاڻي آهي. ڪهاڻي ۾ شعور کي لاشعور جي ڪوهيڙي ۾ گُم ڪرڻ جا سعيا آهن. شعور متعلق رسول ميمڻ هن ڪهاڻيءَ ۾ چَئي ٿو ته شعور اَڻ هُوند ۾ هُــوند آهي، جيڪو ڪجهه به نه آهي، بس وهم آهي، گمان آهي ۽ زندگي ساهه روڪي جيو گهرڙي جو جنم، ڏسڻ جي جستجو، تجسس ۽ انتظار آهي!

هُو ۽ هُن جو مالڪ رسول ميمڻ جي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ مادي وحدت الوجود Material unity of existence  کي علامتي رُوپ وسيلي عڪسَ بخشيا ويا آهن، پر ڪلائميڪس پڙهڻ کان پوءِ يقيني طرح پڙهندڙن جي راءِ بدلجي وڃي ٿي يا هڪ غير امڪاني ڪلائيمڪس پڙهندڙ جي آجيان ڪري ٿو.

مجموعي طرح رسول ميمڻ سررئيلسٽڪ ڪهاڻين ۾ شعور ۽ لاشعور جي تضادن تي غالب پوڻ جا سعيا ڪري ٿو. هُـــو آندري بريٽن جي The Manifesto of Surrealism مان فيضياب ٿيندڙ ڪهاڻيڪار آهي، هن جا آئيڊيا منجھيل Complex ضرور آهن، پر اُهي لاشعور جي کوٽائي Discovery of unconsciousness ڪن ٿا، هُو ڪهاڻين جي وسيلي لاشعوري تصورن کي ڄمائي ٿو، جيڪي ريڪارڊ نه ٿيل آهي، توڙي جو اُنهن ڄميل تصورن کي باقاعدي اڪيڊمڪ ڊسيپلين ڏيڻ ۾ اڃا کيس وڌيڪَ محنت درڪار آهي، پر اُها ڳالهه ننڍي نه آهي ته هُو تحت الشعور کي تصورن جي ٻُولي سمجھي ٿو. ڏسڻو هيءُ آهي ته هو سُررئيلسٽڪ انداز ۾ زندگي جي سچائين تائين ڪيئن ٿو پهچي!؟

No comments:

Post a Comment