09/01/2021

مٺل جسڪاڻي (‏Mithal Jiskani)

 مٺل جسڪاڻي

قربان گل جي سوچن جو سفر اڃا پنڌ ۾ آهي!

قربان گل سان ملاقات ئي نه، فاصلاتي رابطو به اڻ لکو رهيو آهي، ڇاڪاڻ تي اسان ٻئي، هڪ ٻئي کان ڪوهين ڏور رهون ٿا. جديد دور جي، رابطي جي جديد ذريعي، موبائيل ۽ فيس بوڪ به اسان کي اڃا گهڻو ويجهو نه آندو آهي. البت لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي سبب، ڪٿي نه ڪٿي، هڪ ٻئي کي نه صرف پڙهيو آهي، پر خيالن جي لفظي ڏي وٺ به ٿي آهي. اميد ته پنهنجائپون وڌنديون، هڪ ٻئي مان سکبو.

قربان گل جي شاعري جو پهريون مجموعو ”عشق بڻيو ڪينجهر“ سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپجي، ٻين پڙهندڙن سميت، منهنجي به هٿن تائين پهتو، ته پڙهڻ اڻ ٽر هو. پڙهڻ کان پوءِ رايو لکڻ، منهنجي نظر ۾ تمام ضروري آهي، ان ڪري به، ته مختيار ۽ قربان جي قرب سبب پڻ، پنهنجي راءِ قلمبند ڪرڻ لازمي ٿي پئي.

قربان گل جي هن مجموعي ۾ غزل ججها آهن، پر سندس ڪجهه گيت، وائيون، ٻه سٽا، ٽي سٽا، چو سٽا ۽ ٽيڙو به شامل آهن. هن جا موضوع به ٻين شاعرن ۽ ليکڪن وارا ساڳيا، محبت ۽ نفرت، حُسن ۽ جواني، سڄڻ ۽ دشمن، زندگي، ياد، پنهنجن جا ڪِيس، وڇوڙو، درد ۽ حاضر دور جا ٻيا به انيڪ موضوع شامل آهن. انهن سڀني موضوعن مان، ماڻهن کي پڙهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر قربان گل ماڻهن کي پڙهيو، ته لکيو:

ڪري واعدا جي ڦرن ٿا ماڻهو،

نظرن مان سي ڪرن ٿا ماڻهو.

ماڻهن بابت لکي ٿو:

منهن جا ڪيڏا مٺڙا ماڻهو،

اندر جا هن بڇڙا ماڻهو.

ماڻهو ئي معاشرو اڏين ٿا، ماڻهو ئي معاشري لاءِ ناسور بنجن ٿا. شاعر پنهنجي نقطي نظر سان اهو سڀ ڪجهه ڏسي، سمجهي، پنهنجي پنهنجي علمي ۽ عقلي پهچ مطابق اظهار ڪن ٿا. قربان گل جا هي شعر، حاضر وقت ۽ ان ۾ موجود ماڻهن جي حوالي سان، تاريخ جون سٽون بڻجي پيون آهن:

ڇو گذاريون وقت کي تڪرار ۾؟

زندگي سهڻي لڳي ٿي پيار ۾.

قربان لکي ٿو:

جن کي پنهنجو ڄاتو آهي،

تن وٽ يار! ترارون آهن.

ماڻهن جي روين، نفرت کي جيڪو پاڻي ڏنو آهي، اهو قربان گل جي مختلف اسمن ۾ موجود ته آهي، سندس ٽن غزلن مان کنيل هيٺين ٽن شعرن مان به ان جو اندازو لڳايو:

نفرتن مان ڪين ٿا ڄاڻون،

پاڻ ته محبتي مٺا! آهيون.

نفرت! توکي باهه لڳي ڪا،

پيرا تنهنجا ڊاهيون هاڻي.

نفرت جا مڻ سانڍي رک تون،

مون کي ڏي تون پيار ذري.

پيار، تڪرار، نفرت پنهنجي جاءِ تي، قربان گل لکي ٿو:

گوليءَ گهاءُ ته ڀرجي ويندو،

لفظ ڪندا من ڦارون آهن.

قربان پڇي ٿو:

خون خرابو ڪيسين هوندو؟

ماڻهن مارو ڪيسين هوندو؟

شايد ان ڪري پڇي ٿو، ڇو ته، قربان جون ئي سٽون آهن ته:

سنڌ سڄي هيرن جي کاڻ،

مورک توکي ناهي ڄاڻ.

ان هيرن جي کاڻ لاءِ لکي ٿو:

ڌوڙ ديس جي مشڪ عنبر،

هر ڳلي ٿي وئي سرهاڻ.

اها مشڪ عنبر، اها هيرن کاڻ، يا ڪهڙو به هجي ماڻ، قربان گل سياڻو به آهي ته چريو به آهي! پاڻ به چوي ٿو، لکي ٿو، ڪتاب ۾ محفوظ ڪري ٿو:

چاهه تنهنجي ۾ چريا آهيون،

پاڻ صفا دل جا کرا آهيون.

قربان جڏهن کرو ٿي لکي ٿو، ته لکي ٿو:

بهارن سان ٽوڙايو تو نائو اسان جو،

خزان سان رکايو تو واسطو اسان جو.

قربان ائين ان ڪري لکي ٿو، ڇو ته عمل مان ئي ماڻهو سکي ٿو. قربان به سکيو، پرايو ۽ پوءِ لکيو. غزل ۾ جيڪو قربان گل سبق لکيو، اهو صفحي 71 تان ۽ صفحي 74 تان پاڻ پڙهي وٺو. سندس هي سٽون هتي پڙهو:

نه سودو ”قربان“ ڪر ظرف جو،

اڌورا رهندا خطاب تو لاءِ.

پڇتاءُ جو اظهار به ڀلي قربان گل ڪري! سندس هڪ شعر آهي:

ونگارن ۾ گهاري حياتي وڃائي،

لٻاڙن ۾ گهاري حياتي وڃائي.

ان ئي شعر واري غزل جي هڪ ٻئي شعر ۾ لکي ٿو:

ٻين جا بڻايل مهرا رهياسين،

اشارن ۾ گهاري حياتي وڃائي.

قربان جو اهو غزل به سڄو پڙهو، پر سندس هيٺئين شعر وارو غزل به مڪمل پڙهجو:

وقت ٿيو راڪاس ڏسو،

ماڻهو ماڻهوءَ ماس ڏسو.

ڇو ته ان ئي غزل ۾ هيئن به لکي ٿو:

هر ڪو ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾،

ڪٿي نه رهيو آ قياس ڏسو.

قربان گل جي سوچن جو سفر اڃا پنڌ ۾ آهي. جنهن جي نشاندهي هو سندس لکيل هڪ وائي ۾ هيئن ٿو ڪري:

سوچن جو سفر،

اڃا آهي پنڌ ۾.

قربان گل جي پنڌ ۾ اميدون آهن. سندس هن پهرئين مجموعي ۾ امر اقبال جي مهاڳ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر شير مهراڻي، مختيار چَني، گوهر شيخ، پروفيسر جاويد شيخ، پروفيسر بشير جانوري، زين سولنگيءَ ۽ معشوق ڄامڙي محبتن ۽ خلوص سان ڀرپور جيڪا ويچار ونڊ ڪئي آهي، اميد ته قربان گل اميدن تي پورو لهندو.

No comments:

Post a Comment