09/01/2021

انور ڪليم جو ناول ”واپسي“ - ننگر چنا (Nangar Channa)

 ننگر چنا

انور ڪليم جو ناولواپسي

ڀڄي ويندڙ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ڪٿا

مختصر راءِ

سنڌ ۾ چڱو ٽاڻو ٿيو آهي جو اسان صحافت جي معرفت اسان جي ٻولي، ادب ۽ سماج جي ٻين شعبن ۾ پريمي جوڙو جو اصطلاح جاءِ وٺي چڪو آهي. پسند جو پرڻو سنڌي سماج ۾ هڪڙي ڪِني ڳالهه ڄاتو ويندو رهيو آهي. هڪ پاسي جاگيرداراڻي اخلاقيات آهي جيڪا اسان مٿان حڪمران آهي ته ٻئي پاسي جديد ۽ ترقي پسند قوتون اِنَ پوزيشن ۾ ناهن جو نَوان قدر لاڳو ڪري سگهن. اِنَ جو ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌي سماج مٿان سياسي اقتدار پُراڻ پسند قوتن وٽ آهي، جيڪي وري پنهنجي اِنَ پوزيشن لاءِ ملڪ جي استحصالي قوتن جا ڳيجهو بڻيل آهن ۽ اهي قوتون نه ٿيون چاهين ته سنڌ معاشي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حوالي سان اڳڀري ٿئٖي، پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪري. هڪ پاسي سياسي ۽ سماجي اختيار نه هجڻ ڪري سڄو سماج بيوسيءَ وچان ڦٿڙي رهيو آهي ته ٻئي پاسي جديد دنيا آهي، انهيءَ جا سياسي، سماجي اثر آهن. خاص ڪري ميڊيا (جنهن ۾ ڊراما، فلمون اهم آهن) اسان جي عام عوام کي ڌٻڻ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڌٻڻ ۾ هن معني ۾ ته سماج تبديليون قبول ڪري رهيو آهي پر معاشي حوالي کان اُها اوسر نه ڪري رهيو آهي جيڪا منجهس فڪري روَين جي حوالي کان به پختائي پيدا ڪري. ان ڪري اوسر جو ڪو روڊ ميپ به ناهي ۽ هڪڙي ڀڃ ڊاهه آهي جيڪا اسان کي سماجي روڳن ۽ نفسياتي مونجهارن جي ڄار ۾ ڦاسائي رهي آهي. سماج دشمن قوتون اسان کي زرعي دور کان به پوئتي ڌڪي قبيلائي دور جي نفسيات جو شڪار بڻائڻ گهرن ٿيون. ڳالهه ڊگھي ٿي وئي، ته پريمي جوڙن جي مامري اسان جي سماج جون پاڙون ئي لوڏي وڌيون آهن ۽ اهي گهران ڀڄي ويلَ پريمي ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي سماج جي ڌيانَ جو مرڪز بڻيا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ قبائگي جهيڙن جو ڪارڻ به ٿيا آهن. اسان جو ادب ان مان ڪيترو متاثر ٿيو آهي، اصل ڳالهه اهائي ڪرڻي اٿم. ان موضوع تي ائين نه لکيو ويو آهي جيئن ڪارو ڪاري تي لکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ پريمي جوڙن واري مامرٖي ۾ ڪارو ڪاري جي ناسور جو به حصو آهي.

پريمي جوڙن واري مامري تي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن پر ايتري مقدار ۾ نه جو اهي سڄي سماج تي ڪو گھڻ پاسائون ۽ مجموعي تاثر ڇڏي سگهن. باقي ناول جهڙي وڏي ۽ ويڪري ڪينواس تي ڪو اهڙو ڪم ناهي ٿيو. ها هڪ ٻه ليکڪ ضرور آهن، جن سنڌيءَ ۾ ان تي پهريان ناول لکيا آهن. غلام نبي مغل جو ناول مون کي ساهُه کڻڻ ڏيو اها پهرئين لکڻي هئي ۽ ان کان پوءِ اسان وٽ انور ڪليم جو ناول واپسي آهي، جيڪو اسان کي گهران ڀڄي ويل يا پريمي جوڙن بابت اهم پاسن کان آگاهه ڪري ٿو. ڪنهن به نوجوان جي مرضيءَ سان پرڻو ڪرڻ واري حق جا اسان سڀ حمايتي آهيون، پر جيڪي ڳڀرو جوڙا ( ڏيڪرا ۽ ڏيڪريون) گهران نڪري وڃن ٿا، انهن وٽ ڀڄي وڃڻ کان سواءِ ٻيا دڳ به هوندا آهن، پر اهي انهن دڳن کي آزمائيندا ناهن.

خير. ڀڄي وڃڻ کان پوءِ اهڙن جوڙن جا احساس ڇاهِن، سندن زندگي ڪيئن ٿي گذري، انهن جا مسئلا ڪهڙا هوندا آهن؟ انهن سوالن کي آڏو رکي پهريون ڀيرو ڪليم انور ئي لکيو آهي. سندس ناول واپسي کي اسان اهو اعزاز ضرور ڏئي سگهون ٿا ته هُنَ اهڙي اهم پر وساريل موضوع تي لکيو آهي. سراج ۽ ثمرين جي پريم جي ڪهاڻي تي آڌاريل هن ناول جو مرڪزي موضوع اهوئي آهي. سراج ۽ ثمرين جڏهن گهران نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهن ٿا تڏهن زندگي پنهنجين سمورين وحشتن ۽ هٿيارن سميت نڪري اڳيان اچي بيهي ٿي رهينِ. ناول جو دلچسپ ڀاڱو اهو ئي ۽ اسان کي سُڌَ پوي ٿي ته اهڙن پنهنجي ذات، قبيلي کان ڪَٽيل، رشتن ناتن، مِٽن مائٽن کان پري ٿيل، ڄڻ ته بنان ٻانهن ڄنگهن وارن انسانن جو جيون ڇا هوندو آهي؟ اهڙن جوڙن جا زخمي ٿيل احساسَ ڪيئن ڏنگيندا رهندا آهن؟ ڊپ جو گهيرو ڪيئن سوڙهو ٿيندو رهندو آهي. پر انهيءَ سان گڏوگڏ ثانوي موضوع طور تصوف کي به کنيو ويو آهي. تصوف ۽ صوفيءَ ڏانهن انورڪليم جو پنهنجو خاص نقطئي نظر آهي. انور ڪليم صوفي کي ڪيئن ڏسڻ ٿو چاهي؟ صوفيءَ جو سماج ۾ ڪهڙو ڪردار هجڻ گهرجي؟ ان کي آڏو رکي هن صوفي سائين جو ڪردار گھڙيو آهي. جيتوڻيڪ مون کي سندس صوفي سائين سان اختلاف آهي، ڇو ته هُو سُڌارپسند (Reformist) صوفي آهي، جيڪو سماج کي جيئن جو تيئن هلندي رهڻ ڏئي ٿو بس اميرن جي بچايلَ ،اوباريلَ مان حصو پتي ڪڍي غريبن تائين پهچائڻ گهري ٿو.ڄڻ ته نئين سرمائيداراڻي پاليسي پاڻيءَ جو جڳ ڀرجڻ کان پوءِ هارجي پوندو (Trickle down)، ۽ اهو هاريل غريبن جو آهي، جو پوئلڳ هجي. پر اهو صوفي تارڪِ دنيا صوفيءَ کان هڪ وک اڳتي آهي، ان ڪري انور ڪليم جو آئيڊيل آهي. ڇو ته تارڪ دنيا صوفي دنيا کي ڍونڍ سمجهي کيس پُٺي ڏئي ويهي رهي ٿو، توڻي جو زندگيءَ جو جبر وري به کيس وَروَر ڪري گهلي جيون جي جنگاهَه ۾ وٺي اچي ٿو. سراج ۽ ثمرين جي هيءَ ڪٿا واپسي جي عنوان مان ئي پڙهندڙ کي هڪ سَنيهو ڏئي وڃي ٿي ته پريمي جوڙٖي جي واپسي يا وري ٻنهين مان هڪ جي واپسي آهي .اسان ڏسون ٿا ته سراج ته ثمرين کي اهو جهموري حق ڏئي ٿو ته هُوءَ واپس هلي وڃي، پر پاڻ سماج شيوڪُ ٿي، صوفي سائين سان گڏ سماج شيوا ۾ لڳي وڃي ٿو. هِنَ ناول ۾ اهو پريم ٿيڻ ۾ انور ڪليم هڪ ٻئي اهم ڪارڻ کي به قلم هيٺ آندو آهي، جيڪو اسان جي سماج جو هڪ اهم لقاءُ (Phenomenon) آهي. اسان جي سماج ۾ ٿئي ائين ٿو ته موبائيل فون تي اوچتو ڪنهن جو نمبر لڳي ويو، يا وري ڪيئي نوجوان سوري رانگ نمبر جي راند ۾ نمبر مٿان نمبر هڻندا رهن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪُڻو نڪري پيو ۽ ڪنهن ڇوڪريءَ ڳالهايو ته پوءِ اها نقلي پريم ڪهاڻي شروع ٿي وڃٖي ٿي يا وري دوستن کان ۽ ڪي ته ايزي لوڊ جو ڌنڌو ڪرڻ وارن يارن کان نارين جا نمبر وٺي ٽراءِ ڪندا ٿا رهن . ائين انور ڪليم جي ناول جو نائڪ سراج پنهنجي دوست وٽان مليل خاص نمبر تي رنگ ڪري ٿو ۽ پوءِ ائين اها پريم ڪٿا شروع ٿئي ٿي. اهو فون تي پريم به ڏاڍو عجيب مامرو آهي، جنهن کي انور ڪيلم پنهنجي ناول ۾ چِٽڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اسان هِنَ ناول جي هيرو سراج ۽ سندس رهبر صوفي سان اختلاف رکي سگهون ٿا پر انور ڪيلم کي هِنَ ڳالهه تي داد ضرور ڏينداسين ته هُنَ پريمي جوڙن واري موضوع تي ۽ اهو به خاص ڪري سندن ڀڄي وڃڻ کان پوءِ واري جيون تي واپسي ناول لکي سنڌي، ناول جي موضوعاتي جهان ۾ هڪ نئين رنگ جو واڌارو ڪيو آهي. سندس ناول ۾ ڪهڙا جهولَ آهن اهو ڪنهن ٻئي تي ڇڏي ٿا ڏيون.

No comments:

Post a Comment