27/10/2014

سمنڊ جي هن پار - احمد سولنگي (Ahmed Solangi)

سمنڊ جي هن پار
(بخشل باغي جي شعري مجموعي ”سمنڊ جي هُن پارُ“ جو مختصر جائزو!)
احمد سولنگي
خليل جبران منهنجي وڻندڙ ليکڪن مان آهي. هُن لکيو آهي ته آرٽ هڪ اهڙي وِک آهي جيڪا سدائين ابديت ڏانهن کڄندي آهي.
محمود درويش جو هڪ نظم آهي ته:
شاعر لاءِ ضروري آهي،
نئون جام ۽ نئون گيت،
مون وٽ داستانن جون ڪُنجون آهن،
۽ غلامي جي دؤر جا اَڻ لَڀ پَل آهن،
مان خوشبوئن جي مهڪندڙ خزائن مان،
۽ آرهڙ جي تَتل اُس مان گذري رهيو آهيان،
۽ تاريخ کي هڪ پوڙهي شخص جي چهري ۾ ڏسي رهيو آهيان.
سنڌ جي تاريخ سنڌ جي ٻرندڙ گهٽين جو آئينو آهي ۽ سنڌي شاعري سنڌ جي تاريخ جو رزميه داستان آهي، جنهن جون ڪُنجون اڄ جي شاعر جي هَٿ ۾ آهن.

هي ديس اُهو يتيم ٻار آهي جيڪو مُسلسل رونقن ۽ پيار جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي. هي ديس هوا جو جهوٽو آهي، جيڪو جيل جي ڪوٺڙي ۾ قيد ڪيو ويو آهي.
هي ديس اُها نوڙي آهي جنهن تي هر گهڙيءَ رت ۾ ٻُڏل ڪپڙا سُڪايا ويندا آهن. هِن ديس جو سَڏ صرف شاعرن ورنايو آهي ۽ اُن جي زخمن جو عذاب پنهنجن سٽن ۾ اوتيو آهي.
شيخ اياز، تنوير، نياز، شمشير، اُستاد، امداد اهي خوش نصيب شاعر آهن جن کي بي چين زمانو نصيب ٿيو. وقت ۽ حالتن سندن شاعريءَ کي جلا بخشي. هنن ٻرندڙ دؤر ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ اُن دؤر ئي سندن شاعري تي ٻرندڙ ڪلنگيون رکي ڇڏيون، جن جي روشني ۾ سنڌ پنهنجي عظيم ماڳ جو سفر شروع ڪيو.
اسان سڀئي نوجوان شاعر بدنصيب آهيون جو اسان کي اهڙي قسم جو دؤر نصيب ناهي ٿي سگهيو. اڳ منزل ۽ اُن جا نشان، مسافتون ۽ آدرش چِٽا ۽ پڌرا نظر آيا ٿي. اسان جي بدنصيبي آهي جو اڄ هر ڏسا اسان جي سامهون ڌنڌلي آهي ۽ اسان بَد حواسيءَ واري دؤر مان گذري رهيا آهيون. اسان جي شاعري اڃا تائين ديس کان وڌ فن سان ڪمٽمينٽ جي آڌار تي سفر ڪري رهي آهي.
نئين سنڌي شاعر جي کيتر ۾ اڻ ڳڻيا نوجوان لکي رهيا آهن. اِها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جو پڙهندڙ اسان جي لکندڙ کان مختلف رُخ ۾ سوچي رهيو آهي. اڄ جي پڙهندڙ لاءِ جنهن سطح جي لکڻي گهرجي شايد اُها اسان جو لکندڙ نه سرجي رهيو آهي. انهي جا انيڪ سبب ٿي سگهن ٿا پر اڄ جي بدحواس دور جي انسان سان ستم ظريفي ضرور آهي. جو اسان جي آواز جي سگهه پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ شدت سان محسوس نه ڪري سگهيو آهي.
بخشل باغي جيڪو تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. سچ ته اِهو عمل سنڌي شاعري لاءِ نهايت ئي اهم آهي.
بخشل باغي جي شاعريءَ مان ظاهر آهي ته اُن جو تخيل زرخيز آهي ۽ اُن جي شاعريءَ ۾ هڪ پُختي موسيقي پڻ موجود آهي.
هُن جي نيڻن ۾ اهڙي اُداسي هئي
شام ڄڻ ڪا وڇوڙي جي ناسي هئي.
——
اُڃ ۾ ڄڻ ته آب جو سَپنو
زندگي آ سراب جو سَپنو.
بخشل باغي پنهنجو ماڳ ته نه پر ماڳ جو رستو ڳولي لڌو آهي ۽ هُو اُن رستي تي بنا ساهي پٽڻ جي هلي رهيو آهي سندس پهريون وکون ٻُڌائين ٿيون ته سندس ماڳ پري نه آهي پر جي بخشل تعريف جي پٿرن کي برداشت ڪري سگهڻ جي قوت پاڻ ۾ مسلسل رکي سگهيو.
روز نيڻن مان وسي برسات ٿي
مان اڪيلو ۽ هي لڙڪن جو سفر
شام پيلي ۽ ڇڻيل هي پَن رڳو،

ياد-ماضي زرد راهن جو سفر.

No comments:

Post a Comment