14/10/2014

سرويچ سجاوليءَ جي شاعري - ڀوَن سنڌي (Bhawan Sindhi)

سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد
ڀوَن سنڌي
ڪنهن مون کان پڇيو، “سرويچ سجاولي جي شاعري ۾ ايڏي رواني، سونهن، گهرو مشاهدو، ڌرتيءَ جو درد و ڪرب ۽ انسان جي ڪومل جذبن جي اپٽار جو آخر ڪهڙو راز آهي؟” مون چيو: تو ڪڏهن ٺٽي ضلعي ۾ مست سنڌو درياهه کي نرتڪي نار جيان هوريان هوريان قدم کڻندي، تمر جي ٻيلن سان سرگوشيون ڪندي، مانسرور کان ڪيل ڊگهي سفر جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سمنڊ کي ڀاڪر پائيندي ڏٺو آهي؟ سياري جي مند ۾ سائبيريا کان ڪهي آيل سيءَ جي ستايل پرديسي پکين کي ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ تي پناهه ۽ سڪون ماڻيندي ۽ مٺيون ٻوليون ٻوليندي پسيو آهي؟ مڪلي جي پيٽ ۾ دفن ٿيل علم، ادب ۽ تهذيب جي انمول خزانن، دولهه دليرن جي دليري ۽ ڪينجهر ڪنڌيءَ تي پروان چڙهيل نوري ڄام تماچي جي پيار جي خوشبو محسوس ڪئي آهي؟ جي تنهنجو جواب ‘ها’ ۾ آهي، ته مان سمجهان ٿو ته توکي تنهنجي سوال جو جواب ملي ويو هوندو!

آئون جڏهن سجاول ۾ هوندو هوس ۽ ڪٿي حالي احوالي ٿيڻ لاءِ ڪير پڇندو هو ته ڪٿي ٿو نوڪري ڪرين؟ ۽ جڏهن ٻڌائيندو هوس ته سجاول ۾، ته هو يڪدم وراڻيندا هئا، سرويچ سجاولي جي شهر ۾؟ سرويچ هونئن ته مسڪين ماڻهو هو، پر سندس شاعريءَ جو وڏو قدبت هو، جو سجاول شهر ۾ توڙي جو ڏاڍا مڙس به رهندا هوندا، پر هن شهر ۾ شهر جي ماڻهن جي سڃاڻپ هو ته فقط ۽ فقط سرويچ سجاولي:
هي سرويج سوڍا ۽ عالم اڪابر
انهن کان اوچو لقب چيز آهين
سرويچ تمام معمولي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ شاعري ۾ مولوي احمد ملاح کي پنهنجو استاد مڃيندو هو، پر سندس شاعريءَ ۾ پنهنجو هڪ جدا گانه اسلوب ۽ انداز آهي، سندس شاعري بحر وزن ۽ تجنيس جي سونهن سان ڀري پئي آهي، جيڪي اکيون محبت پَسي وٺن ٿيون، تن کي ڪنهن وڏي تعليم ۽ فلسفي جي ضرورت ناهي هوندي، ڇو ته محبت پنهنجو فلسفو پاڻ ئي سمجهائي ڇڏيندي آهي:
جنهن هنڌان لالڻ لنگهيو هو، ڏيئي پارس پاڪ پير،
زاهدن جا ان زمين تي، نرڙ مون گسندي ڏٺا،
رخ مٿان جنهن وقت رانجهن، هو ڪيو پردو پري،
ميڻ جيئن ماڻڪ مڻين، مرجان مون ڳرندي ڏٺا!
سندس محبت ڀريو مشاهدو ۽ شاعري جي اڏام انهن اُٺ ڪتابن جو پڙهيل عالمن، اڪابرن ۽ ڏاهن کان هزار ڀيرا مٿي هئي، جن سرڪاري آشيرواد ۽ وظيفن تي پڙهي عوام جو وقت ۽ پئسو وڃايو آهي. هن جي آتم ڪٿا جيتوڻيڪ تمام ننڍڙي هئي، پر هن جي شاعري جي ڪٿا هن خطي جو پورو دور هئي، جنهن ۾ هتي جو ماضي دفن ٿيل آهي. اجڙيل حال آهي ۽ روشن مستقبل جو تصور آهي. تڏهن ته مان چوندو آهيان ته هن خطي کي فقط هڪ واري لاءِ فطرت جهڙن حسين شاعرن جي حوالي ڪيو وڃي ته دنيا مان نفرت ختم ٿي وڃي ۽ محبت سنڌو ڌارا جيئن دنيا جي هن ڪنڊ کان هُن ڪنڊ تائين ڦهلجي وڃي. ڪنفيوشس چوي ٿو ته گيت دماغن کي بلندين ڏانهن وٺي ويندا آهن، ۽ موسيقي اها وٿ آهي، جنهن سان ڪا شئي مڪمل ٿيندي آهي. سرويچ جي گيتن ۾ اهو موسيقيءَ جو ردم آهي، جيڪو کيس هن ڌرتي جي تهذيبي ورثي سان موتين جي مالا جيئن ڳنڍي رکي ٿو، سندس شاعري ۾ جتي قديم سنڌ جي تهذيبي ۽ تاريخي ورثي جون ساروڻيون ملنديون، اتي سندس شاعري ۾ جديد سنڌ جو خواب به ڪر کڻندو ۽ ساڀيان ماڻيندو نظر ايندو، جيڪڏهن سرويچ جي شاعري ۾ استعمال ڪيل سندس ٻوليءَ کي سهيڙجي ته سنڌي ٻوليءَ جي هڪ جدا ڊڪشنري ٺهي سگهي ٿي. مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته هاڻي سنڌ ۾ ڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر ۽ اديب رهيا آهن، جن جي تخليقن ۾ نج ۽ قديم سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ۽ محاورا ملندا هوندا، جڏهن ته سرويچ سجاولي جي شاعري ۾ جهرن جهنگن، کرن کيتن ۽ ڳوٺن ۽ واهڻن جي ٻوليءَ جي سرهاڻ محسوس ٿئي ٿي. ان کي سهيڙڻ ۽ ڊڪشنري جو روپ ڏيڻ جو ڪم سنڌالاجي يا سنڌي ادبي بورڊ جهڙو ادارو ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي ڪرڻ به گهرجي. اها نه صرف سرويچ کي ڀيٽا ٿيندي، بلڪ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ڦهلاءُ جو ڪارڻ بڻبي. سرويچ سجاولي جڏهن اسٽيج تي شاعري پڙهندو هو ته سارو پنڊال جهومي اٿندو هو ۽ ائين لڳندو هو ته انقلاب آيو ڪ آيو. فوجي آمريت جو دور هجي يا عوامي جمهوريت جو دور، جنهن به جيجل سنڌ تي راتاهو هنيو ۽ ڦريو لٽيو، هن انهن کي ڪڏهن به نه بخشيو ۽ ويڙهاند ڪندي وڏي واڪ انهن کي للڪاريو:
قوم جا ڪونڌر جن به ڪٺا، تن ڪاساين تي ڪاهبو،
پاپ ڪيو جن پاڻ مٿي، تن پاپين کي هت پاهبو،
لچن لورن لوڀين جو هت، ليکو ٺاهي لاهبو،
ڳاهيو جن ڳوٺاڻن کي، ڳاهي تن کي ڳاهبو،
هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو،
هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو!
ڪنهن سياح مون کان پڇيو ته؛ “مون کي ٺٽو ماڃر ضلعو گهمڻو آهي، پهرين ڪٿان کان شروعات ڪجي؟”
وراڻيومانس؛ “هل ته هلي سرويچ کان ٿا پڇون.”
جڏهن سرويچ سجاولي سان ملاقات کان پوءِ واپس ٿياسين ته پڇيومانس؛ “ماڃر گهمڻ لاءِ ڪٿان کان شروعات ڪندين؟”
وراڻيائين، “مون ماڃر گهمي ورتو.”
ها! واقعي هو ماڃر جو مير هو ۽ ماڃر جي سونهن هو. ڪوي ٽئگور کي سوڀي گيانچنداڻي مان موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ايندي هئي ۽ مون کي سرويچ مان ماڃر جو هڳاءُ محسوس ٿيندو آهي.
سرويچ سجاولي سان هونئن ته کوڙ ساريون ڪچهريون ٿينديون هيون، پر خاص طور تي نئين سال جي آرنڀ تي سندس واتان سندس ۽ مولوي احمد ملاح جي شاعري ٻڌي بي خوديءَ جي عالم ۾ هليا ويندا هئاسين ۽ اڄ جڏهن هر نئين سال جي آرنڀ تي سرويچ اسان سان گڏ ناهي ته اسانجي حالت مشهور ناول نگار پائول جي ناول الڪيمسٽ ۾ ذڪر ڪيل ڍنڍ جيان آهي. ناول نگار، ناول ۾ تارسيس جي خوبصورتي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي: هن کي پنهنجي خوبصورتي جو احساس به هو ۽ هو ڍنڍ جي ڪناري تي پهرن جا پهر اچي بيهندو هو ۽ ڍنڍ ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي مري ويو، ڪيترن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ڪيمياگر ڍنڍ تي ويو ته هن کي ڍنڍ ساڳي نه لڳي، بلڪ لڙڪن ڀريل شيشي جو ڪو ٿانوَ لڳي. هن ڍنڍ کان سوال ڪيو ته، “ڇا تون تارسيس جي مرڻ جي غم ۾ لڙڪن جو مرتبان بڻي آهين؟” جنهن تي ڍنڍ جواب ڏنو ته، “منهنجي حالت جو سبب اهو غم آهي، جيڪو تارسيس جي ٻڏي وڃڻ جي ڪري مون کي محروميءَ جو شڪار بڻائي چڪو آهي. جڏهن تارسيس منهنجي پاڻي ۾ پنهنجو عڪس ڏسندو هو ته مان سندس نيڻن جي ماڻڪين ۾ پنهنجي گهرائي کي ڏسندي رهندي هيس ۽ ائين ئي مان پنهنجي خوبصورتي پيئي پسندي هيس.” هڪ انگريزي چوڻي آهي ته جڏهن ڪو پوڙهو شخص مري وڃي ته سمجهو ته اوهان جي لائبريري ختم ٿي ويئي، ها! پر مان نٿو مڃان، جيڪڏهن توهان کي مطالعي جي اک آهي ته توهان کي سرويچ، جيڪو هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو، ان جي شاعري ۾ معجزا نظر ايندا رهندا.

عظيم فاتح سڪندر اعظم چيو هو ته جيئن منهنجي سلطنت جون حدون وسيع ٿينديون وڃن، اوترو آ مختصر ٿيندو وڃان، پر سرويچ جي شاعري جو ڪينواس سجاول کان سنسار جي آخري ڪنڊ تائين ڦهليل آهي، جنهن جي نس نس ۾ انسان جو آجپو ۽ محبت ڀريل آهي، جيڪو پلن کان جڳن تائين سرنهن جي خوشبوءَ جيان ڦهلبو رهندو.

No comments:

Post a Comment