28/10/2014

آمريڪا جا سنڌي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

آمريڪا جا سنڌي
رکيل مورائي
جڳ مشهور يورپي ليکڪ جان ڪوليئر کي دنيا ۾ سنڌين جو گهڻ گهرو سمجهيو ويندو آهي، جيڪو آمريڪا ۾ سنڌين بابت تحقيق ڪندو رهيو ۽ آخر هن ڪتاب لکيو ”آمريڪا جا سنڌي“. هن نهايت تفصيل سان هن ڪتاب ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته سنڌي اصل ۾ آمريڪا جا اصل واسي آهن، جن کي يورپي قومن الڳ الڳ نمونن سان هيٺ ڌڪي ڇڏيو ۽ هاڻ اهي پناهه گير جيڪي مختلف ملڪن مان آمريڪا ۾ اچي رهيا، انهن اصلوڪن سنڌين کي جن کي ريڊ انڊين چيو ٿو وڃي، انهن کي شهرن کان پري ڌڪي ڇڏيو ۽ پاڻ آمريڪن ٿي ويٺا.
جان ڪوليئر جو چوڻ آهي ته اصل آمريڪا جا وارث اهي سنڌي آهن، جن تاريخ جي ستم کان آمريءَ مان سفر شروع ڪيو ۽ اڄوڪي آمريڪا ۾ وڃي وسيا، جن پنهنجي جوڙيل شهر کي آمري ــــــ ڪا سڏيو.
هاڻوڪو آمريڪا انهن آمريءَ مان سفر ڪندڙن سنڌين وارو آمريڪا ئي آهي. جن جي صديون پراڻي تهذيب، ٻولي، ڪلچر اڄ به موجود آهي اڄ جا انڊين پراڻا سنڌي آهن، ڇاڪاڻ ته ريڊ انڊين، ڳاڙها سنڌي آهن، انڊيا نالو پڻ انڊس، يعني سنڌ، سنڌوءَ تان وريل آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ کي ئي انڊس سڏيو ويندو هيو. جيڪو اصل سنڌوءَ سان جڙيل آهي ان  ڪري ڳاڙها انڊين اصل ۾ سنڌي هئا.

جان ڪوليئر  جو هيءُ مشهور ڪتاب ”آمريڪا جا سنڌي“ 1961ع ۾ ڇپيل هيءُ ڪتاب سنڌين جي قديم، تهذيب، تاريخ ڪلچر، ٻولي ۽ تاريخي سفر جو هڪ اهڙو داستان ئي آهي، جنهن تي اڄ اعتبار ئي نٿو اچي ته سنڌي ماڻهو اهڙو آهي. تاريخ ته اهو ٻڌائي ٿي، ساڳئي وقت مثال لاءِ موهن جو دڙو، جهڙي لاجواب اڏاوت جو نمونو پڻ اسان وٽ موجود آهي.
ننڍي کنڊ جي سڄي تهذيبي ارتقا هتان ٿي آهي، اڄ ننڍي کنڊ جا اسڪالر ۽ عالم پڻ اها ڳالهه قبول ڪرڻ ۽ لکڻ لڳا آهن ته انڊس سولائيزيشن جو بنياد سنڌ ئي آهي، يا سنڌو تهذيب ئي هن کنڊ جي تهذيب آهي. قديم سنڌين جي تاريخي سفرن بابت هيءُ ڪتاب اهم دستاويز آهي جنهن کي اڄ جي سنڌين کي ضرور پڙهڻ گهرجي، ان مان کين پنهنجي قديم تهذيبي سفر جي خبر پوندي، انهن کي پنهنجي  شاندار روايتن جي ڄاڻ ملندي، سندن پاڙن جو ڏس پوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته کين پنهنجي پاڻ کي سڃاڻن ۾ مدد ملي سگهندي.
جان ڪوليئر جو ڪيل پورهيو ڏسي، خود سنڌين کي هڪ اهڙي شخص کي مڃتا ڏيڻي پوندي، جنهن کين پنهنجي پاڙن کي تلاش ڪرڻ لاءِ ڪي گس ڏسبا. ٻي ڳالهه ته سنڌين کي پنهنجو قديم ۽ شاندار ماضي پڙهي ۽ ڏسي، پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ ۾ مدد ملندي. خود آمريڪا ۾ اڄ سنڌين جي ڪهڙي بيهڪ آهي اهو ڏس به ملندو. ممڪن آهي ته جان ڪوليئر جي هن ڪتاب لکڻ پويان پنهنجون پاڙون تلاش ڪرڻ واري منشا به هجي، بھرحال هن جي محنت کيس داد ڏيڻ جهڙي آهي.
جان ڪوليئر اٺين مئي اوڻيهه سئو اٺهٺ ۾ چوراسي سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. هو پنهنجي پويان ڇا ڇا ڇڏي ويو، هو ته پتو آهي پر هن سٺي شخص جو سنڌين لاءِ هڪ تاريخي دستاويز ڇڏيل آهي، جنهن کي پڙهي، سنڌي پنهنجي تاريخي سفر کي سمجهي سگهندا.

هڪ ڪتاب ”آمريڪا جا سنڌي“ جو سنڌي ترجمو نهايت لائق بزرگ عالم، اديب ۽ ترجمي جي حوالي سان سنڌ جي خاص خدمت ڪندڙ سائين عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار علم ادب جي حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ جنهن عيوض هن سنڌ جون اڻ ڳڻيون محبتون پڻ ماڻيون آهن، ڪتاب کي بيحد خوبصورت ڇاپڻ جو اعزاز اسان جي آبرودار اداري سنڌيڪا اڪيڊميءَ کي آهي،  جنهن هن ڪتاب ۾ گهڻيون اڻ لڀ تصويرون ۽ اسڪيچ ڏيئي، ڪتاب کي وڌيڪ سهڻو بڻايو آهي. ٽي سئو ٽيهن صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جو ملهه چار سئو رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment