14/10/2014

ٻولي، خيال ۽ سنڌي سماج - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)

ٻولي، خيال ۽ سنڌي سماج
مبارڪ علي لاشاري
دنيا ۾ جڏهن به ٻار ڄمندو آهي ته ان بابت وڏا چرچا ۽ وڏيون ڳالهيون ٿينديون آهن، اهي بيشڪ سندن خاندان، پاڙي يا شهر تائين محدود هجن يا ڪنهن بادشاهه جي گهراڻي ۾ ٻار ٿيڻ جي صورت ۾ سموري بادشاهت يا دنيا ۾ ٿينديون هجن. جيتوڻيڪ اهو لقاءُ نه ته ڪو نئون هوندو آهي نه ڪي اڻ ٿيڻو يا ڪنهن ماڻهو جي وس جي ڳالهه! پوءِ به ان ٻار جي ڄمڻ، صحت، خوبصورتي يا عمل بابت ڳالهيون ٿينديون آهن. ايئن دنيا جي ڪيترن ئي لقائن بابت ڳالهيون ٿينديون آهن، ايتري قدر جو ماڻهو انهن شين بابت به ڳالهائڻ ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ لڳندا آهن جيڪي سندن وت ۽ وس ۾ نه هونديون آهن ته کين ڪير به اهميت ڏيڻ وارو نه هوندو آهي. ان سموري لقاءٌ کي اسين ٻولي ۾ سهيڙيندا آهيون ۽ هر مختلف لقاءُ کي ان جي نيچر يعني فطرت مطابق بيان ڪندا آهيون. ڪيمسٽري کي ڪيمسٽري جي رجسٽر يعني ڪيمسٽري واري ٻولي، لغت، ٽرمنالوجي، ته فزڪس ۾ وري فزڪس وارا ٽول ٽپڙ ايئن سماجي ٻولي ۾ سماجي لهجو مطلب ته اسين هر شي کي ان شيءَ جي مخصوص شناخت مطابق ڳالهائيندا آهيون.

دنيا جي سمورن شعوري علمن ۽ علمي ذريعن بابت ٽيڪا ٽپڻي يا تشريح جا وسيع ميدان شعوري سمجهيا ويندا آهن ۽ انهن کي شعوري طور ڊيل ڪيو ويندو آهي. هتي شعور مان مراد ڪنهن شيءَ جي ماهيت، فطرت ۽ مزاج کي سمجهي پوءِ ان بابت ڪجهه ڪڇڻ آهي. يعني انهن سماجن ۾ سڀ کان پهرين ڳالهه ڪنهن شيءَ جي فطرت کي سمجهڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. مثال طور ادب بابت ادب، ٻولي بابت ٻولي، علم بابت علم وغيره. پر سڀ کان بنيادي گهرج اها هوندي آهي ته اسين ادب، ٻولي ۽ علم کي شعوري درجو ته ڏيون اهو تمام ضروري آهي. جيڪڏهن انهن شين کي اسين شعوري ايپروچ وارو درجو ڏنو ته پوءِ ئي انهن شين کي شعوري طرح سمجهي ۽ ڳالهائي سگهنداسين. دنيا ۾ ميٽا فزڪس Metaphysics، ٻولي بابت ٻولي ميٽا لينگويج /Grammar /Metalanguage، ادب بابت ادب Criticism، جهڙيون ڪيتريون ئي شيون ڏاڍيون پروان چڙهيل آهن. 
ان حوالي سان فزڪس بابت فزڪس يعني فلسفي جي ٻولي ۾ مابعد الطبيعات پڻ شين جي طبيعت يعني وجود بابت آهي. شين جي وجود بابت وجود جي مطالعي ان شيءَ جي شعوري موجودگي يعني جنهن سان کيس ڪنهن ماڻ ماپي مطابق پرکي يا تجزيو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ ڪي ماڻهو ان ڳالهه سان بيشڪ اختلاف رکن ته اهي شيون شعوري محسوسات جي حاصلات کان مٿي وارين شين جي وجود کي سمجهيو ويندو آهي ۽ اهو جسماني ساخت جي مطالعي يعني فزڪس سان نه پر فسلفي سان ڳنڍيل آهي پر کين اها حقيقت به مڃڻي پوندي ته ان شيءَ جي پهرين ڪسوٽي به فزڪس آهي. ڇاڪاڻ ته شين جو نه هجڻ پڻ هجڻ جي ڪري آهي. جيڪي شيون آهن انهن جي بنياد تي شين جي نه هجڻ جو تصور محسوس ڪبو آهي. اسين ڳالهه کي ٻولي جي وجود ۾ پڻ بحث هيٺ آڻي سگهون ٿا ته جيڪي شيون اسين نٿا ڏسي سگهون انهن شين بابت اسين ڳالهايون به ڪونه ٿا يعني جيڪي شيون هن وسيع ڪائنات ۾ وجود رکن ٿيون نظام شمسي کان ٻاهر ٻين ستارن جي نظامن ۾ اسين نه ته انهن کي نالا ڏيئي سگهيا آهيون نه اسين انهن بابت ڳالهيون ٿا. تهڙي طرح ميٽافزڪس جو بنياد ئي فزڪس آهي. ڇوته ميٽا فزڪس بنيادي طرح ٻن سوالن جا جواب تلاش ڪري ٿو ته “ڪهڙي شيءِ قطعي آهي؟” ۽ “اها شيءِ ڇا وانگر آهي؟” يعني پهرين سوال کي اسين مختلف پاسن کان وضاحت طلبي سان جاچي سگهون ٿا ته ڪا شيءِ، ان جو جوهر، وجود، مادو، طبعي شڪل وغيره ڪيئن آهي. ان تصور کي اسين ايئن به جاچي سگهون ٿا ته ڪاشيءِ جنهن کي قطعي طور بيان ڪري ڄاڻي سڃاڻي دنگ ڪري سگهجي ٿي؟ يعني دنيا جي باري ۾ اسين ڪا هڪڙي ڳالهه ڪري سگهون ٿا ته اها ڇا آهي؟ ڪڏهن وجود ۾ آئي آهي ڪيستائين رهندي؟ ڪائنات ڇا آهي؟ ڪائنات ڪيستائين (مڪاني Space جي حوالي سان)  آهي؟ ڪڏهن کان آهي ۽ ڪيستائين (زمان يعني Time جي حوالي سان) رهندي؟ انهن شين جي ماهيت کي سمجهڻ لاءِ اسان کي وري وجودي شين يعني جيڪي شيون وجود رکن ٿيون انهن جي ڪسوٽي تي پرکڻو پيو آهي تڏهن اسين کيس جاچي سگهون ٿا. هاڻي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسين ڪنهن اڻ جاچيل شي کي انهي ڪوسٽي تي ڇو ٿا پرکيون جيڪا شي اسان وٽ موجود آهي؟ ان کي ڪنهن ٻي ڪسوٽي تي ڇونه ٿا پرکيون؟
اهو سوال انهي ڪري به ٻولي ۽ خيال سان ڳنڍيل آهي جو اسين ڪنهن به شيءَ کي پنهنجي زبان ۾ موجود ٻولي سان پرکيون ٿا. يعني اسين شين کي انهن جي پنهنجي فطرتي شناخت بجاءِ اسان جي مخصوص اوزارن (ٻولي جي لفظن) جي شناخت سان پرکيون ٿا. اهو سڀ ڪجهه هوندي به جيڪڏهن اسين چئون ته ٻولي شعوري ۽ شعور جي ٺاهيندڙ نه آهي ته پوءِ اسين علم جي الئه ڪهڙي دور جا رهواسي سڏبا سين؟ ٻولي بابت اهڙو رويو شعوري رکڻ وري به قابل قبول هوندو آهي پر اهڙي قسم جي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻول يا ڪنهن بحث يا تجزيي جو اڻ هوند اڃا وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندو آهي. اهڙي قسم جو رويو سنڌي سماج ۾ ادب سان به روا رکيو ويو آهي ته ادب بابت ادب يعني تنقيد، تشريح يا ڇيد کي گناهه يا ادب کان گهٽ درجي وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اهڙي قسم جا رويا هوندا ته نه ته ان علم جي مخصوص ميدان ۾ ترقي ٿيندي نه ان ٻولي جي ڳالهائيندڙن جي ذهنن ۾ وسعت ايندي. اسان وٽ ٻولي ڊائنامڪ يعني زنده متحرڪ شي بجاءِ اسٽيٽڪ يعني جامد يا بيٺل شيءَ سمجهيو ويندو آهي ۽ سدائين ميڊيا تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته اهي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وقت ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪا شي متحرڪ آهي ته ٻين متحرڪ شين سان رلڻ ملڻ خوش آئند هجڻ گهرجي نه ڪي مذمت لائق. خير اهو ته هڪڙو مخصوص پاسو آهي جنهن تي تمام گهڻو ڳالهائي سگهجي ٿو. پر اسان هتي ٻولي ۽ خيال جي تعلق تي وري اينداسين.
علم السانيات جي ڪيترن ئي ماهرن سيپيئر وورف کان ويندي جارج آرويل، ارسطو کان ويندي مائيڪل هيليڊي تائين ڪنهن نه ڪنهن نموني انهي ڳالهه کي مڃيندا پئي آيا آهن ته ٻولي شعوري پيداوار آهي ۽ ٻولي نه صرف انساني شخصيت يعني  شناخت ٺاهي ٿي پر ٻولي دنيا کي سڃاڻڻ جو واحد ذريعو آهي. اسين جيڪو ڪجهه آهيون پنهنجي ٻولي جي ڪري آهيون. اهو هڪ ڊگهو ۽ تفصيلي بحث آهي ته اسين پهرين سوچون ٿا پوءِ ٻولي اچي ٿي يا ٻولي جي ذريعي ئي اسين سوچيون ٿا؟ يعني جيئن عام فلسفي ۾ آهي ته مادو اول يا خيال / روح اول آهي. اهڙي طرح سان هي ڳالهه بظاهر ڪامپليڪس پر انساني زندگي جي حققيت سان تمام ويجهو ۽ حساس طرح سان ڳنڍيل رشتو ٻولي جو آهي. اهو هي آهي ته ٻولي خيال جو محتاج آهي يا خيال ٻولي جو محتاج آهي؟ بظاهر ته ڳالهه تمام سادي پئي آهي ته جيڪڏهن ٻولي نه آهي ته خيال ڪونه ٿا اچن؟ مثال طور ڇا گونگي ماڻهو کي خيال ڪونه ٿا اچن يا هو سوچي ڪونه ٿو؟ پر اهو به ته ممڪن آهي ته هو صرف اهي ڳالهيون سوچي ٿو جيڪي ڳالهيون سندن عملي تجربي ۾ آيون آهن، جيڪڏهن خيال ٻولي کان سواءِ نٿا اچي سگهن ٿا ته اسان جا شاعر ۽ اديب حضرات جيڪي سدائين تنقيد تي ناراض هوندا آهن ۽ سندن چوڻ هوندو آهي ته اهو ادب سندن تخليق آهي ۽ تخليق تنقيد کان مٿاهون آهي ته ڇا اهي ٻولي جي شعوري وجود ، ماهيت ۽ حقيقت کان انڪار ٿا ڪن؟ پر قصو ايئن نه آهي.
امريڪي فلاسفر جيري فاڊر جو چوڻ آهي ته خيال جي پنهنجي ٻولي آهي، جيئن ٻولي جي جملي جي جوڙجڪ يعني ساخت (جنهن کي اسين چئون ٿا ته پهرين فاعل،فعل ۽ مفعول رکجن ٿا) هوندو آهي اهڙي طرح ننڍڙا ننڍڙا خيال ملائي وڏا ڪامپليڪس خيال ٺاهي سگهجن ٿا. جيڪڏهن خيال جي ساخت جو بنياد وري به ٻولي آهي ته ٻولي جي شعوري پيداواري حيثيت کان ڪير به انڪار ڪري نٿو سگهي.
ان سموري ماجرا جو مقصد اسان جي معاشري ۾ شين کي انهي جي نيچر مطابق قبوليت جي اڻ هوند آهي. يعني اسان وٽ ٻولي ته آهي ته پر ٻولي بابت ٻولي نه آهي. ادب ته گهڻو گهڻو ئي آهي پر ادب بابت ادب بنهه گهٽ آهي، اسان وٽ فزڪس يعني مادي شين جو وجود ته آهي پر مادي شين بابت مادي ڪسوٽي نه آهي اسان وٽ ڪيمسٽري ته ڪيمسٽري بابت ڪيمسٽري (شعوري سڃاڻ/ عقل) نه آهي. خيال ته آهي پر خيال بابت خيال نه آهي. جيڪڏهن توهان وٽ ٻار پيدا ٿئي ٿو ۽ ٻار جي ٻاراڻي خوشي نه آهي ته ان ٻار جي صحت، خوشي ۽ احوال يعني تذڪرو اهڙو هوندو جهڙو سنڌي سماج جو آهي. شيون پنهنجي جوهر ۾ تمام متحرڪ ۽ پيچيده هونديون آهن تنهنڪري انهن جي پيشڪش ئي کين جيوت بخشيندي آهي. مارڪيٽنگ جو اصول به کڻي وٺجي ته شيون ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهن پر مارڪيٽنگ يعني انهن شين بابت اشتهار، پروپئگنڊا، تعريف، ضرورت وغيره انهن شين ۾ نئين زندگي پيدا ڪري سگهندي آهي. اهڙي ئي طرح اسان وٽ ميٽالئنگويج جو ڪو وجود نه آهي، يعني لسانيات جيڪڏهن سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڙهائجي ٿو ته ان ۾ صرف ٻولي جي تاريخ پڙهجي ٿي يعني پهرين اسڪرپٽ ڪنهن ٺاهيو، گهڻا اکر آهن، ڪهڙا ڪهڙا لسانيات جو دور آيا آهن. اتي ئي بس ڪجي ٿي يعني ٻولي بابت ٻولي جي اصل جوهر تائين پهچي لسانيات جي اصل شناخت انساني خيال، شخصيت ۽ سماج سان تعلق ڳنڍي شعور پيدا ڪرڻ وارو ڪم نه پيو ٿئي. سنڌي لسانياتي فلسفي تي مواد يا ڪتاب ته پنهنجي جاءِ تي پر سنڌي گرائمر جا ڪتاب به جيڪي قديم دور جا يعني ڪجهه هندو ليکڪن ۽ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ گاڏو مڙيئي ڌڪجي پيو. ادب بابت ادب جو به ساڳيو حال آهي.

جڏهن ڪنهن سماج ۾ شين جي تذڪري يعني ڊسڪورس جو ايڏو فقدان هجي ته اتي معيار جو فقدان هجڻ اڻ ٽر آهي. سنڌي سماج جي پٺتي هجڻ سنڌي ڊسڪورس جي ڪمي جو نتيجو آهي، جيستائين توهان شين جي باري ۾ نه ڳالهائيندا، اجاگر نه ڪندا، سمورا پاسا نه ڏسندا ايستائين اوهان بهتري جي اميد نٿا رکي سگهو. ڇوته ٻولي ئي انساني شخصيت ٺاهي ٿي ۽ شخصيت ئي سماج جا اڏيندڙ آهن. تنهنڪري اچوته ٻولي ۽ خيال کي شعوري پيداوار سمجهون ۽ ٻولي و ادب کي لاشعور، الهامي ۽ نزول واري درجي تان هيٺ لاهي سماج جو حصو بڻائي بهتريون پيدا ڪيون.

No comments:

Post a Comment