07/10/2014

سنڌ جو شيخ اياز - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

سنڌ جو شيخ اياز
رياضت ٻرڙو

ڏات جو ڪوئي ڏڪار،
ڪو نه پوندو.
سنڌ کي مون آڇيو ايڏو سڪار.....
ڪي صديون وهندو اِهوئي آبشار.....
ڪو اُڃايو ڪو نه رهندو، ڪو به يار.....
ڏات جو ڪوئي ڏڪار،
ڪو نه پوندو،
ڪو نه پوندو.
سنڌ جي لازوال شاعر شيخ اياز جي هيءَ خوبصورت ڪوِتا پڙهي، مان سوچيان ٿو: اياز سنڌ جو آهي يا سنڌُ اياز جي آهي؟ پر وري محسوس ڪيان ٿو، اهو سوال اڻپورو آهي، يا گھٽ ۾ گھٽ ان سوال جو جواب ڳوليندس، ته درست ۽ مڪمل جواب ڄاڻي نه سگھندس. ان سوال کي اڃا به، ٻِيءَ طرح، هيئن پڇي سگھجي ٿو ته سنڌ ۽ شيخ اياز هڪ ٻئي جا آهن يا هڪ ٻئي لاءِ آهن؟ ان جو جواب اياز جي شاعريءَ ۾ ئي آهي. پر، ڪٿي؟ ڪنهن هنڌ؟ ڪيئن؟ ڪهڙيءَ ريت؟ ڏاهپ ۽ ڏات سان ڀرپور، اياز پنهنجي بي پناهه روانِي، رِدم ۽ موسيقيءَ ڀرِي، فن جي عظمتن کي ڇُهندڙ شاعريءَ ۾ هنڌين ماڳين ان جو اظهار ڪيو آهي:
سنڌُ ديس جي ڌرتي تو تي، پنهنجو سيسُ نِوايان،
مِٽي ماٿي لايان.
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا! بيت به تنهنجا ڀايان...
جيءُ جيءُ جيجل! جيءُ جيءُ جيجل! توکي ڪيئن لنوايان...
تنهنجيءَ مٽيءَ منجھ ملان جي، آءٌ امرتا پايان...
***
هوءَ جا صدا ساز جي، ڄڻ ڪا ڏيئي لاٽ،
ڌيري ڌيري ٿِي وئي، ڀنڀٽ جا ڀڙڪاٽ،
ڪيـڏِي ڄَـرّ ڄَـراٽَ، آهي اِن آواز ۾!
***
جِت لُڪّ لڳي، جت اَڪّ تَپن،
سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
جِت سجّ ڦُلا ٿِي نڪري ٿو،
۽ آگ اُلا ٿي نڪري ٿو،
جِت ڏينهن ڪَڙهائيءَ جيئن ڪڙهن،
سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
***
سنڌڙي! تنهنجو ساهه ’اياز‘،
مــري نـه ٿــيــڻــو آهــي مــات.
***
هيءَ شاعري وڏي واڪي اعلان ڪري ٿي ته ايازُ سنڌُ جو ئي آهي ته سنڌُ لاءِ به آهي، هن جي سَنڌ سَنڌ ۾ سنڌُ ۽ ان سان محبت سمايل آهي ۽ سندس سرجيل اکر اکر ۾ سنڌي ٻوليءَ سان پيار جو مَئِجي نه سگھجندڙ اظهار ڪٿي لِڪل آهي ته ڪٿي پڌري پَٽ آهي. ٻئي پاسي سنڌ به پنهنجي ٻوليءَ جا گُوناگون رُخ ۽ چمڪاٽَ شيخ اياز اڳيان تارن ڀري حسين رات وانگر چمڪائي ڇڏيا آهن، سنڌُ پنهنجي ٻوليءَ جون وُسعتون شيخ اياز کي ايڏي ته محبت منجھان ارپيون آهن، جو اچرج ٿو لڳي ان سٻاجھي ٻوليءَ جي ڪائنات جهڙي ڪشادگيءَ تي!
مـٿـان تـارن ڏيـئــڙا، هـيٺـان ڪُـرّ ڪَـنـن،
پُنهونءَ چُميس پاپڙيون، جاڳي مُنڌَ مَٿن،
توڙي سسئيءَ سَنِ، چوڏهينءَ چنڊُ اُجھاميو.
***
اُٿِي مَهڪ ملير مان، مٽيءَ پيو مينهُن،
مُئي منهنجو نينهن، اڳي کان اڳرو ٿيو.
***
سنڌو ديس مهانُ، سنڌو ديسُ مهانُ.
لاڙُ، وچولو، اُتَر،
ڪَڇ، ڪراچي بندر،
هيڏو سارو جَر ٿر!
ڪيڏو ڪوهستانُ!
سنڌو ديسُ مَهانُ.
***
اياز سنڌُ ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ چيو آهي (بيشڪ سنڌ اسان سڀني سنڌين جي ماءُ ئي ته آهي، جنهن اسان کي جياپو ڏنو ۽ اسان کي سڃاڻپ ڏني آهي). سنڌ ئي ته اسان کي ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي ٻولي ٻالپڻي کان ڏئي ٿي ۽ سنڌ ئي ته اسان جي اُڌمن ۽ جيءَ جذبن کي منظوم ۽ منثور آواز عطا ڪري ٿي:
اي سنڌ! تون ماءُ آهين
مان تنهنجي ڌرتيءَ مان شاعريءَ جو مواد
ايئن حاصل ڪندو آهيان،
جيئن ٿر جي ڳاڙهي گانءِ جي اوهن مان اُن جو ٻچڙو
کير حاصل ڪندو آهي.
***
پنهنجي ٻوليءَ ۾، ميان! جي تون چوندين ماءُ،
تـوکـي اهـڙو ســاءُ، ڏيــنـدِي ٻِـي ٻـولــي ڪـٿــي!
***
سنـڌ به تنـهنـجِـي اهـڙي جـيـجـل، جـهـڙي جـيـجـل آنءُ،
جي تون پنهنجي ڀونءِ چُميندين، هُرندءِ مون لئه هانءُ.
***
شيخ ايازسنڌ جي صدين جي پُڪار آهي، جا ويهين صديءَ عيسويءَ ۾ اچي، رچِي راس ٿي. ڀلا جنهن اياز جو مطالعو ڪيو هوندو، جنهن اياز جي حيات ڀري شاعريءَ مان سُرڪيون ڀريون هونديون، جنهن اياز جي شعرن ۾ ماضيءَ جا پڙاڏا ٻڌا هوندا، جنهن اياز جي گيتن جون گونجارون پنهنجي جيءَ ۾ ٻُرندي محسوس ڪيون هونديون، اهو ڪيئن انڪار ڪري سگھندو اياز جي انهن مستيءَ ڀرين موجن کان، جن ۾ اياز جي ڏات ۽ ڏانوَ جون لفظ لفظ ۾ محبتون پَرٽيل آهن:
ڌرتي ماءُ!
صدين جو ساءُ-
وساريان ڪيئن؟ وساريان ڪيئن؟
ڪَئي جنهن ڦاڙَ، جُڳن سان جاڙَ،
ڀلا سو گھاءُ-
وساريان ڪيئن؟ وساريان ڪيئن؟
***
مان جو وڳهه ڪوٽ ۾،
ساڳو ڀاڳو ڀانُ،
تنهنجو هان مهمان-
چارڻ ٿورا ڏينهڙا!
پـرکـي ويـٺــو اڄ به چـــنـيــسـر،
منهنجي مُک تي گيت منوهَر،
دودا! گيتَ مهانُ-
مان جو ڀاڳو ڀانُ،
تو وٽ هان مهمان
باقي ٿورا ڏينهڙا!
***
مان خواب جيان جَرڪان،
اي سنڌُ وري توتي، مهتاب جيان جرڪان....
***
شيخ اياز جِي شاعريءَ جي پنجاهه سالن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي پنج هزار سالن جا اولڙا آهن. هن پنهنجي مڌر شاعريءَ ۾ اهي عڪس چِٽيا آهن جن ۾ سنڌ جو اڻ کُٽ درد سمايل آهي. اياز رواجي شاعر ناهي جنهن ديس جي دردن کي روايتي لفظن جو ويس اوڍايو هجي، پر هُن ته درد کي نئون لهجو ڏنو آهي:
دل وري توکي پُڪاري،
آءُ ڪينجھر جي ڪِناري!
ڪو تماچي تـڙ ڌڻي هت ڪو نه آهي،
مان جيان ڪنهن جي سَهاري،
آءُ ڪينجھر جي ڪِناري!
***
سارو ديس ٻري ٿو، توکي
پــو بـه نـه آيـو ڪـوئـي تَـؤ!
تون ئي چَـؤ!
روز ڪِرن ٿا ڪَنڌ اڏيءَ تان
تو ڪو ڪهڪاءُ نه ڪـؤ!
تون ئي چَـؤ!
***
ڪنڊيءَ نه سِڱري، ٻَٻر نه پلڙو،
سائو نه سَلڙو،
ڇانگون نه ڇيلڙا!
مارُو اڪيلڙا!
***
اها ڳالهه اجائي آهي ته هڪ عظيم شاعر جي ڀيٽ ٻئي عظيم شاعر سان ڪجي. هر عظيم شاعر جي فڪر ۽ فن، ڏات ۽ ڏانوَ جو ڪينواس پنهنجن پنهنجن رنگن ۽ مزاجن سان سينگاريل هوندو آهي، هن جي نگاهه ڪائنات جا ڪيئي رُخ پنهنجي جڳهه تان ڏسندي آهي ۽ ڪي رُخ سندس نظرن کان اوجھل به رهندا آهن. ايئن اياز جي به ڪا ڀيٽ ناهي، ويندي آئينو به نه. اياز کي جيڪڏهن آئيني آڏو بيهاربو ته به اُهو سندس اُبتو رُخ پَسائيندو، ان جا ڊائمينشنـز ٻيا هوندا. صحيح معنى ۾ سندس ڪوتائون ئي آهن، جيڪي اياز جا رُخ پسائن ٿيون، پر رڳو ڪوتائون ئي ڇو! اياز جو نثر به سندس شاعريءَ وانگر وڏي پَـد وارو آهي، پر ڄڻ ته شاعريءَ جي ڇانوَ ۾ چِٽو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي:
”شبنم آسمان تان ڊوڙندي آئي ۽ اچي نرگس کي چميائين، ۽ هن کان پڇيائين، ’تون مون کي ڏسي سگھين ٿي؟‘ نرگس وراڻيو، ’مان توکي ڏسي ته نه ٿي سگھان، پر ايترو يقين سان چئي سگھنديس ته تنهنجي محبت پاڪيزه آهي، پايدار نه آهي.‘“ (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي)
يا:
”ڪيتري نه رنگارنگي آهي هن ديس ۾! مون پنهنجي شعر و ادب کي هِن پوري برصغير جو آئينو بڻائڻ چاهيو آهي، پر زندگي ڪيتري نه مختصر آهي!“ (ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون)
***
پنهنجا پنهنجا ٻول ٻُڌائي، پَر ڦهلائي اُڏري ويا،
تو وٽ ڪالهه پرندا آيا جي تنهنجي آکيري ۾.
***
آهيان آنءُ به تون، ته پو، نهارُون ڇا هِن،
هي جيڪي چاهن، توکي ايڏو چاهه مان؟
***
الا! اياز کي پڙهڻ ۽ پُرجھڻ ۾ ڪيڏو نه سُرور آهي! پر واقعي به، زندگي ڏاڍي مختصر آهي! اها ڪٿي ٿي موقعا ڏي! هِي ته شاعر، فنڪار، مصور ۽ سائنسدان ئي آهن جيڪي زندگيءَ جا راز پَسائن ٿا ۽ اسان کي مادِي ۽ غير مادي ڪائناتن جي ساڃاهه ڏين ٿا:
پهريون پهريون
لفظ خُدا جو ’ڪُن فيڪُون!‘
شاعر، موسيقار، مصوّر
سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون-
ڪُن فيڪُون!
ڏات خزانو آهي،
ڀل ته وراهي
موتي هيرا،
نيلم نيرا!
ڀَـل ته ڪري سينگار صدين جا!
روڪ نه تن کي
ٽوڪ نه تن کي
هِي جي سرجڻهار صدين جا-
تن کي تون پنهنجي ساڃَهه جِي،
ڄاڻي واڻي،
اهڙي بُکّ نه ڏي اي ڌرتي!
ايڏا ڏکّ نه ڏي اي ڌرتي!
*****

No comments:

Post a Comment