22/10/2014

مختيار سمي جي ٻارن لاءِ شاعريءَ جي مجموعي جو مهاڳ - استاد بخاري (Ustad Bukhari)

استاد بخاري
هنن ٻاراڻن ٻولن ۾ حب الوطنيءَ جا اهڃاڻ آهن
(مختيار سمي جي ٻارن لاءِ شاعريءَ جي مجموعي جو مهاڳ)

ڊگري ڪاليج ۾ جلسو ـــــ مشاعرو ـــــ هڪڙو سانورو سنهڙو سِيپڪڙو نينگرو اسٽيج تي ايندي ئي پنهنجن تيز تِکن، بي ڊپن لفظن ۽ گجگوڙي گيتن سان مون کي ته ڇا، پر سڄي ميڙ کي ڇرڪائي ويو. سندس انگ اهڃاڻ ته ويسر ۾ وکري ويا، باقي جذباتي آواز ۽ انداز منهنجي ذهن ۾ رهجي ويو. هي هو مختيار، خود مختيار، بي اختيار، تان جو مکيار. اهي هڪ ٻئي جا پاڙيسري لفظ آهن، ڏيل ڏيک ۾ نه سهي، قافئي ۾ ئي سهي.
مختيار جو ضد مجبور آهي، ۽ مختيار پنهنجو ضد به آهي. هو هڪڙو ته مختيار ان ڪري آهي جو مائٽن اهو نالو رکيو اٿس ۽ ٻيو ته هو پنهنجي مرضيءَ جو مختيار آهي، اهو به ايتري تائين، ته ڪتاب جو مهاڳ استاد بخاريءَ کان لکرائي يا فيض بخشاپوريءَ کان. باقي بيباڪ شاعري به ڪري ۽ ڇپرائي به سگهي، ان ۾ بي اختيار لڳي ٿو، ۽ مکيار وري ان ۾، ته منهنجي مهاڳ کي لکڻ کان پوءِ ڇپرائي نه ڇپرائي، مرضيءَ جو مختيار آهي.

دنيا آهي گول” مختيار جي ننڍڙي شاعراڻي ڪتابڙي جو نالو آهي، جو سنڌي ٻارڙن لاءِ سوکڙي آهي. دنيا ته گول ته آهي ئي، پر منهنجي شاعراڻي نظر ۾ وقت به گول آهي. سج جا روزانا اوڀر اولهه ڦيرا، چنڊ تارن جي گردش، ڇنڇر کان جمعي تائين هر هفتي جو چڪر ۽ جنوري کان ڊسمبر تائين هر سال جو گھيرو، لڳي ٿو ته وقت به گول آهي.
ڌرتي گول ته آهي ئـي پر وقت به آهي گول،
آچـر کان هـر ڏينهـن ڦـري آ ويندو ڇنڇر ڏي.
حب الوطني، ساڻيهه سڪ، ڌرتيءَ ڌيان يا وطن ويچار سڀاويڪ ۽ سگھارو جذبو آهي. اهو آدي جڳادي ناتو نئين سج نئون، روز بروز تازو توانو ٿيندو رهي ٿو. سنڌ ساراهه ۽ تر جي تار رڳو سجاڳ سنڌي شاعرن ئي نه، پر سڀني ليکيارن، فنڪارن، ڪڙمين ڪارين، ٻڍن ٻارن، نرن نارين جو جيون ڄار بڻجي چڪي آهي. ان ڪري حب الوطني ـــــ ايمان جي نشانيءَ جا پڪا پرياڻ، اهڃاڻ هنن ٻاراڻن ٻولن ۾ به آهن ۽ انهيءَ ايماني جذبي ئي هن جوان شاعر کان ٻارن لاءِ ٻول لکرايا آهن. هن ٻارن سان گڏجي مسڪيني، مجبوري ۽ رنجوري هوندي به رنگينيءَ جا گيت ڳايا آهن.
ويهارو سال اڳ سنڌي ٻارن لاءِ نظماڻا ڪتاب ڳولِئي به نه لڀندا هئا. هاڻي “هڪ ڳوليو، ته هيڪاندا” وارو مثال آهي. اهو والدين جو فرض آهي ته اولاد لاءِ گھرن ۾ ٻاراڻي ننڍڙي لائبريريءُ جو بندوبست ڪن، ته جيئن سندن نونهال پنهنجي پسند جا مزيدار معلوماتي وندر وارا ڪتاب پڙهندا رهن ۽ “سلا انگورين ڀلا” سرجندا رهن.
مان شاعر جي شاعريءَ کان وڌيڪ، شاعريءَ واري ماحول تي لکي ويو آهيان. ڪجهه به هجي، ڪجهه لکي ضرور ويو آهيان.
چونڊ ڪري، اُچيون سُٺيون سِٽون ڳولي، مُهاڳ مُرڪائڻ هڪڙي پاسي ڀلي ڳالهه آهي ته ٻئي پاسي ڄڻ مواد کي لُٻڻو آهي، يا پلاءَ جي پليٽ مان سُٺيون ٻُوٽيون مٿان ئي ڪڍي، باقي ڀَتُ ڀاتين آڏو رکڻو آهي. گھڻا پاڙها رڳو مهاڳ ڏسي ڪتاب ٺپيندا آهن. سمجهندا آهن ته پنڊال ڏٺي جلسي جو پتو پئجي ويو، تنهنڪري ٻُجيل، پوش پهريل سڄو ڪتاب اوهان جي آڏو آهي. ڳاڙهي پينسل کڻي پڙهندا به وڃو ۽ اهي سِٽون، سوچون، جي اوهان کي دل سان لڳن يا وڌيڪ وڻن، تن کي ٽِڪِ ڪندا هلو. ائين ئي شاعر جي سُور ۽ سَرور جو وڌيڪ وچور سان مطالعو ٿي سگهي ٿو.
(16 سيپٽمبر 1983ع ۾ لکيل)

No comments:

Post a Comment