07/10/2014

ڪتاب ”موسى کان مارڪس تائين“ جا ٻه اکر - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

ڪتاب ”موسى کان مارڪس تائين“ جا ٻه اکر
رياضت ٻرڙو
سائنسي سوشلزم (Socialism) دنيا جو اهو فڪر آهي، جنهن پاڻ منجھ سمايل پورهيت دوستيءَ، همدرديءَ ۽ پورهيت-دوست معاشي برابريءَ توڙي تنظيم ڪاريءَ سبب پورهيت دنيا جي وڏي حصي کي بيحد متاثر ڪيو، جنهنڪري سرمائيدار دنيا نَنهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ان کي ختم ڪرڻ ۾ به وسان نه گھٽايو. اهو فيصلو ڪرڻ ته سرمائيدار کَٽي ويو ۽ پورهيت هارائي ويو، يا ڪئپيٽلزم (Capitalism) حاوي ٿِي ۽ سوشلزم پَست، اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي. اسان بهرحال اهو ڏٺو ته سوشلزم پورهيت جي عزت ڀرئي جياپي لاءِ اُسرِي ۽ پورهيت جي حق ادائيءَ لاءِ ئي برقرار رهي آهي، پوءِ ڀلي ته ان تي ڪهڙو به ڏکيو وقت آيو هجي يا اها ٻه وکون پٺتي هٽي هجي.

جيئن سائنسي سوشلزم بقادار آهي، ايئن اُن جا باني ڪارل مارڪس (1818-1883ع) ۽ فريڊرڪ اينجلس (1820-1895ع) به سدا حيات آهن، جن پنهنجيون حياتيون سائنسي سوشلزم جي واڌ ويجھ لاءِ فڪري توڙي عملي طور وقف ڪري ڇڏيون هيون ۽ پورهيتن لاءِ ئي جدوجهد ڪندي پنهنجي زندگيءَ جو پل پل سجايو ڪيو ۽ ڌرتيءَ تي لڳ ڀڳ 30 لک سالن کان آباد ماڻهوءَ£ لاءِ تاريخي ماديت جا اصول ڳولي سماجي ارتقا جو قانون هٿ ڪيو.
جڏهن اڻويهين صديءَ ۾ مارڪس ۽ اينجلس جي رهنمائيءَ هيٺ سوشلزم لاءِ مختلف فڪرِي ۽ عملي جدوجهدن مان يورپ گذري رهيو هو، تڏهن سنڌ ٽالپرن جي حڪمرانيءَ مان نڪرِي انگريزن جي قبضي ۾ آئي هئي ۽ علم ۽ ادب توڙي ٻوليءَ جي رسم الخط جي طَي ٿيڻ بعد علمي ۽ تعليمي طور ابتدائي وِکون کڻي رهي هئي، ۽ تحريڪي، تنظيمي ۽ سياسي طور تمام گھڻو پٺتي هئي. ان صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن هو ته اها ”جو کيڙي سو کائي“ کان اڳتي وڌي ”سڄي دنيا جا مزدورو! متحد ٿيو“ تائين پهچي، ان کي اڳتي وڌائي منظم هلچل جو روپ ڏئي سگھي ها ۽ سنڌي عوام کي سوشلزم جِي آگاهي ڏئي سگھي ها! ڪجھ اهڙي ئي صورتحال هِندُ سان به هئي جا پڻ انگريزن جي ڦرلٽ ۽ قبضي هيٺ هئي.
هند ۽ سنڌ مان انگريزن جي نڪرڻ وقت هند جي ورهاڱي ۽ پاڪستان ۽ انڊيا جي قيام کان پوءِ وڏي ضرورت هئي ته هتان جي ادب ۾ سوشلزم ۽ ان جي بانين ۽ سندن تحريرن ۽ سرگرمين بابت ڪو جامع ڪتاب لکيو وڃي، ته جيئن پاڪستان-واسين کي به نين واٽُن جي ڄاڻ ملي ۽ اهي دنيا جي هڪ وڏي فلسفي کان واقف ٿي سگھن. ان ضرورت کي نظر ۾ رکي، اردو ادب جي نامور محقق ۽ اديب سيد سِبطِ حسن هيءُ ڪتاب ”موسیٰ سے مارکس تک“ (1976ع) لکيو، جيڪو پاڪستان ۾ سوشلزم جي تاريخ تي پهريون مستند تاريخي ۽ تفصيلي ڪتاب آهي، ۽ سبطِ حسن مشهور ترين ڪتابن مان هڪ آهي.
سبطِ حسن جو شمار سنجيده ۽ سُڄاڻ سوشلسٽ دانشورن ۽ اديبن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي تحريرن کي وڏي حيثيت حاصل آهي ۽ سندن ڪتابن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو، پڙهيو ۽ پُرجھيو ويندو آهي.
سبطِ حسن 31-جولاءِ 1916ع تي، انڊيا جي رياست اُتر پرديش جي شهر اعظم ڳڙهه ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن جي تعليم علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي، پوءِ اعلى تعليم لاءِ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. هند جي ورهاڱي کان پوءِ هو پاڪستان لڏي آيو. سبطِ حسن پاڪستان ۾ سوشلزم ۽ مارڪسزم جو بنياد وجھندڙن مان هو ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين (Progressive Writers Association) جو روح روان ۽ سرگرم ڪارڪن هو. هُو اردو رسالن ”نيا ادب“، ”ليل و نهار“ ۽ ”پاڪستاني ادب“ جو ايڊيٽر رهيو. ان حوالي سان هن جو شمار نامور صحافين ۾ به ٿئي ٿو. ادبي دنيا ۾ سبطِ حسن بنيادي طور محقق هو. هن تهذيب ۽ تاريخ جي مسئلن جي حوالي سان بنيادي نوعيت جو تحريري ڪم ڪيو ۽ بهترين ڪتاب اردو ٻوليءَ جي جھول ۾ وڌا. سندس هيٺيان سرجيل ڪتاب موجود آهن، جن جي ادبي ۽ علمي حيثيت مستحڪم آهي:
1.       موسى سي مارڪس تڪ
2.       شهرِ نگاران
3.       ماضي ڪي مزار
4.       پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقا
5.       انقلابِ ايران
6.       نويدِ فڪر
7.       ادب اور روشن خيالي
8.       ڀڳت سنگھ اور اس ڪي ساٿي
9.       The Battle of Ideas in Pakistan
10.   مارڪس اور مشرق
11.   سُخن در سُخن (مرتب: حسن عابدي)
12.   افڪارِ تازه (مرتب: سيد جعفر احمد)
سندس ڪتابن جي حوالي سان سيد جعفر احمد لکي ٿو: ”انہوں نے زندگی کے ‌ٹھوس مسائل کو گفتگو اور مطالعے کا موضوع بنایا اور ایک روشن خیال دانشور کی حیثیت سے مسائل زیست کی تفہیم کے لئے سائنسی اندازِ فکر کو برتنے کی ‎بھرپور  کوشش کی۔ ان کا طرزِ فکر موضوعی نہیں بلکہ معروضی تھا۔ وہ تاریخ و ادب کے مسائل ہوں یا ریاست و معاشرت کے امور، انہوں نے جس موضوع پر بھی قلم اٹھایا تنقیدی نقطہء نظر ہی کو اپنا رہنما بنایا۔ یہی وجہ ہے کہ جہاں ایک جانب ان کی تحریریں سوچنے والے ذہنوں کو متاثر کرتی ہیں، نئی نسل کی رہنمائی کرتی ہیں اور ملک بھر میں مقبول ہیں دوسری جانب رجعت پسند حلقے ان کی مذمت کرنے میں کوئی بھی دقیقہ فروگذاشت نہیں کرتے۔m
ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسنديءَ جي شروعات 1930ع ڌاري ٿي هئي، جنهن جي واڌاري لاءِ سبطِ حسن سڄي زندگي ارپي ڇڏي. 1942ع ۾ هُو ڪميونسٽ پارٽي انڊيا ۾ شامل ٿيو. پاڪستان اچڻ کان پوءِ به هُو ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ سدائين متحرڪ رهيو. ان ئي سلسلي هيٺ هُو 1985ع ۾ لنڊن ۾ منعقد ٿيل انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي ۾ شريڪ ٿيو ۽ اتي ڀرپور مضمون پڙهيائين. ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ اهڙي ئي ڪانفرنس منعقد ڪرايائين جنهن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. انڊيا ۾ پڻ اهڙي ڪانفرنس رکي وئي ته ان ۾ به شريڪ ٿيو، جتان موٽي رهيو هو ته نئين دهليءَ ۾، دل جي دوري سبب 20-اپريل 1986ع تي سندس وفات ٿي. کيس ڪراچيءَ ۾ ابدي جڳهه ڏني وئي. سندس وفات کان پوءِ هن جي ڪم جي مڃتا ۾ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ”سبطِ حسن ريسرچ سينٽر“ پڻ قائم ڪيو ويو.
سبطِ حسن جي ڪتابن جو مطالعو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي اهم محقق، اديب، مترجم ۽ منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي (ڄم: 25-مارچ 1952 - وفات: 9-اپريل 1997ع) لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ تعليمي پڙهائيءَ دوران (1971-1979ع) ڪيو هو، تنهن وقت هُو عملي ترقي پسند سياست ۾ سرگرم بهرو وٺي رهيو هو ۽ ترقي پسند ۽ سوشلسٽ لٽريچر جو گهڻ رُکو مطالعو ڪرڻ سميت، سوشلـزم، ڪميونـزم، جدلي ۽ تاريخي ماديت تي علمي ليڪچر ڏئي رهيو هو. اهو سڀ ڪجهه، سندس سکڻ ۽ سيکارڻ جي سلسلي جي اهم ڪَڙي هو. هن پنهنجي سڄي زندگي ان سائنسي فڪر موجب ۽ ان کي علمي ۽ عملي طرح پکيڙڻ ۾ گذاري. ان سلسلي ۾ سرجيل سندس ڪتاب ”شعور“ (پهريون ڇاپو 2004ع ۽ ٻيو ڇاپو 2008ع) پڻ اهم آهي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 1980ع تائين سبطِ حسن جي ان ڪتاب ”موسیٰ سے مارکس تک“ جي پهريَن 10 بابن جو ساڳئي نالي جي سنڌي ترجمي ”موسى کان مارڪس تائين“ (ڇپيل 2005ع) سوڌو اي. اسپرڪن ۽ او. ياخوت صاحبن جو لکيل ڪتاب ”The Basic Principles of Dialectical and Historical Materialism“ (جدلي ۽ تاريخي ماديت جا بنيادي اصول) جي پهرين ڀاڱي ”جدلي ماديت جا بنيادي اصول“ (ڇپيل 2008ع) جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
هي ڪتاب ”موسى کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي) جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل/مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي. جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجھاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا. پهرئين ڀاڱي جي ان سنڌي ترجمي کي سنڌ ۾ تمام گھڻو پسند ڪيو ۽ مسلسل گُهر پئي ڪئي وئي ته ان ڪتاب جو رهيل ترجمو به ڇپي پڌرو ڪيو وڃي، پر مسئلو هيءُ هو ته اهي باب ترجمو ٿيل نه هئا.
مون کي خوشي آهي ته سنڌ جي بهترين پبلشنگ اداري ”سنڌيڪا اڪيڊميءَ“ جي چيئرمئن ۽ مانائتي سڄڻ، جناب نور احمد ميمڻ اهو ڪتاب مڪمل صورت ۾ ڇپڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون تي بار رکيو ته ان ڪتاب جي رهيل ڀاڱي جو به ترجمو ڪري کيس ڏيان، ته جيئن سنڌ جي سڄاڻ پڙهندڙن جي علمي گُهر پوري ڪري سگھجي. ان ريت مون کي به سُڪون ۽ سرهائي ڏيندڙ موقعو مليو ته نه صرف ان اهم ڪتاب جو ترجمو ڪيان، پر ڊاڪٽر محبت جي وڌيڪ هڪ علمي ڪم جي پيشڪش ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگھان. هاڻ هيءُ اهم ڪتاب ”موسى کان مارڪس تائين“ پهريون ڀيرو مڪمل صورت ۾ سنڌيءَ ۾ پڌرو ٿي رهيو آهي. مون کي پڪ آهي ته ڪتاب کي پسنديدگيءَ سان پڙهيو ويندو، جنهن ۾ معلومات جو هڪ ساگر گڏ ڪيل آهي. هتي اهو ڄاڻائڻ پڻ ضروري ٿو سمجھان ته هن کان اڳ سنڌيڪا اڪيڊمي سن 2000ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي لسانيات تي لکيل اهم مضمونن جي هڪ سهيڙ ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“ جي نالي سان پيش ڪري چڪي آهي، جنهن کي پڻ علمي حلقن مانائتي موٽ ڏني هئي.
ساٿ سلامت.
رياضت ٻرڙو
19- نومبر 2010ع، لاڙڪاڻو


£  ڏاکڻباندر/آسٽرالوپٿيڪَس (Australopithecus) 50 لک ــــــ 1 لک 20 هزار ورهه ق.م تائين موجود هو، جيڪو مختلف نمونن جا اوائلي پاٿر وکر ڪم آڻيندڙ ماڻوت (Hominid، هومينڊ، ماڻهوءَ سان ڪِي قدر مشابهت رکندڙ) هو.“ (جناب ايم.ايڇ. پنهور جي مقالي ”Man in Sindh – Stone age to Neolithic“ (سنڌ ۾ ماڻهو) مان ورتل. مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو)
m  افڪارِ تازه (مقالاتِ سبطِ حسن) (اردو) . مرتب: سيد جعفر احمد. سبطِ حسن ريسرچ سينٽر ڪراچي. ٻيو ڇاپو: 1990ع. ص 10

No comments:

Post a Comment