30/07/2015

ڪتاب ”ڏکن ڪڍيا ڏار“ ۽ ”چاهتون ۽ خواهشون“- مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

ڪتاب ”ڏکن ڪڍيا ڏار“ ۽ ”چاهتون ۽ خواهشون“
مٺل جسڪاڻي
مٽن مائٽن جو محمد موسيٰ جروار، جڏهن وڌڻ ۽ وڏو ٿيڻ لڳو، ته پهرين پاڻ پڙهڻ ۽ لکڻ سکيو، پوءِ اڳتي هلي پڙهائڻ جي ذميواري مليس ته ”سائين“ محمد موسيٰ سڏجڻ لڳو.
”سائين“ محمد موسيٰ پڙهائڻ جي ذميواري نڀائيندي، پڙهڻ واري عادت جاري رکي ۽ پوءِ لکڻ به شروع ڪيائين ته ليکڪ جي حيثيت ۾ سڃاڻپ ماڻيائين، تان جو شوق ٿيس شاعري سرجڻ جو، ته ڪو تخلص ڳولڻ بدران ”سائين“ کي ڪيائين تخلص.
اهو ئي ساڳيو، ”سائين“ محمد موسيٰ جروار هاڻي تجربيڪار استاد ۽ منتظم يعني تعليمي ماهر به آهي، ته نثر نويس ۽ شاعر به آهي. هن وقت تائين سندس ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ٻه ڪتاب ڇپجڻ جي لاءِ تيار آهن.
سندس پهريون ڪتاب ”ڏک ڏهوڻا ڏيهه ۾“ جن تائين پهتو، انهن کي خبر، ٻيون ۽ ٽيون ڪتاب مون کي مليا. هڪڙو آهي ”ڏکن ڪڍيا ڏار (هڪ معاشرتي جائزو)“. هي ڪتاب مختلف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالمن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ٻيو آهي سندس شاعري جو مجموعو ”چاهتون ۽ خواهشون“ جنهن ۾ شامل ڪجهه شاعري آهي مختلف فنڪارن ڳائي.

جيڪي به لکيل پڙهيل آهن، سي هي ٻئي ڪتاب پڙهي سگهن ٿا، جيڪي اڻ پڙهيل آهن، اُهي ڳايل شاعري ٻُڌي سگهن ٿا. سندس نثر توڙي شاعري ۾ اُها شيرين آهي جو، جيڪو هڪ دفعو پڙهندو يا ٻڌندو، ته ٻئي دفعي به پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ چاهيندو، ڇو ته سائين عام دلچسپي وارن اهم سماجي موضوئن کي اهميت ڏني آهي. سندس ٻولي ۾ معيار، سادگي ۽ سليسپڻو آهي تمام گهڻو، ڇو ته پاڻ اصطلاحن ۽ ڪناين جو تمام ٿورو استعمال ڪري، علمي، ادبي ۽ اخلاقي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
ڪتاب ”ڏکن ڪڍيا ڏار“ کي ڇهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
1. هئا جي مانجهي مڙس مڻيادار،
2. تعليمي حالتون ۽ مسئلا،
3. پيار، پابندي ۽ عقل جي اوڻائي ۾ الجهيل عورت،
4. انسان، انساني اوڻائيون ۽ الجهاءَ،
5. مجبوري، محڪومي ۽ شعوري سياست ۾ منجهيل ماڻهو،
6. حالت و افڪار ۽ تند و تيز لهجا.
نثر تي مشتمل ڪتاب ”ڏکن ڪڍيا ڏار“ جو مهاڳ سوز هالائي، جڏهن ته ليکڪ جو تعارف ڪتاب جي بئيڪ ٽائيٽل تي پروفيسر علي حسن خاصخيلي لکيو آهي.
”سائين“ محمد موسيٰ جي شعري مجموعي جو مهاڳ نصير مرزا، جڏهن ته بئيڪ ٽائيٽل تي ”ڪتاب چاهتون ۽ خواهشون جو تعارف“ عنوان سان سوز هالائي جي لکڻي شايع ٿيل آهي.
”سائين“ محمد موسيٰ سان ڪتاب ”ڏکن ڪڍيا ڏار“ شايع ڪرڻ جي سلسلي ۾ پروفيسر علي حسن خاصخيلي، پروفيسر نذر عباس ميرجت، پروفيسر عبدالحميد مستوئي ۽ عبدالحفيظ غوري (ايڊوڪيٽ)، جڏهن ته ”چاهتون ۽ خواهشون“ ڇپرائڻ دوران سڪندر هڱورو جو تعاون رهيو.
ياد رهي ته ”سائين“ محمد موسيٰ جروار شاعري ۾ حمد، نعت، غزل، گيت، وائي، ڪافي، بيت، چوسٽا، دوها، نظم ۽ نوحو صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي.

”سائين“، ساڻس ٿيل ملاقات ۾ ٻڌايو ته هو مستقبل ۾ پهرين ڇپائي لاءِ تيار ٻه نوان ڪتاب ۽ پوءِ پهرئين ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آڻڻ جو ارادو رکي ٿو. منهنجي صلاح آهي، ته جيستائين اُهي ڪتاب اچن، تيستائين موجود ٻئي ڪتاب پڙهي وٺجن. پڙهڻ سان گهڻو ڪجهه پلئه پوندو.

No comments:

Post a Comment