14/07/2015

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو سهيڙيل ڪتاب - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو سهيڙيل ڪتاب
”پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون“
(پيش لفظ)
رياضت ٻرڙو
ٻولِي؛ ڪيڏي نه اچرج جوڳي ايجاد آهي! اها ايجاد، جنهن جو مـﺆجد ڪو هڪ ماڻهو نه، پر گھڻا ماڻهو آهن، جيڪي گڏجي، ننڍو يا وڏو سماج جوڙن ٿا. ٻين لفظن ۾ چئي سگھون ٿا ته سماج ئي ٻوليءَ جو مـﺆجد آهي.
ٻولي ان ڪري به اچرج جوڳي آهي، جو اُها پنهنجن لفظن کي ظاهري معنى ۽ مفهوم ڏيڻ سميت باطني؛ يعني ڳُجھا مطلب پڻ ڏئي ٿي. اهي باطني مطلبَ ٻوليءَ جي ڏاهپ ۽ شعور جو اظهار هوندا آهن، جن وسيلي واسطيدار ٻوليءَ جي سماج جا تجربا پڻ سمجھيا ۽ سمجھايا ويندا آهن. انهن تجربن، آزمودن ۽ مشاهدن کي، عام مفهوم ۾، لوڪ ڏاهپ جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو.

اسان جي چڱائي، ته اسان جي سنڌي ٻولي پڻ لوڪ ڏاهپ جي اهڙي ذخيري سان ڏُٽيل آهي، جنهن کي عام طور پهاڪن، چوڻين، ورجيسن، اصطلاحن ۽ محاورن جي نالي سان سڏيندا آهيون.
ڪي پهاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسون سماج ۾ پنهنجي ڪارج سبب مروج رهنديون آهن يا پنهنجو سماجي ڪارج ادا ڪندي نظر اينديون آهن، ته ڪي وري، سماجي تبديلين، لاهن چاڙهن ۽ ٻين سماجن توڙي ٻولين جي اثرن ۽ اُٿلن پُٿلن سبب متروڪ به ٿي وينديون آهن. ان جو هڪڙو ڪارڻ اهو به آهي ته پنهنجي محدود ماحول موجب، ماڻهو؛ مختلف پهاڪن، چوڻين، ورجيسن جو واهپو ڪندا آهن.
گھڻا ئي ماڻهو پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن ۾ فرق ڪري نه سگھندا آهن. اهو ڪم عالمن ۽ محققن جو ئي هوندو آهي ته اهي ٻوليءَ، ٻولن ۽ فُـقرن تي تحقيق ڪندي، نه صرف پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن جي ونڊ ورڇ ۽ درجيبندي ڪن پر انهن جي بُڻ، تاريخ، اوسر، ترتيبِي تبديلين ۽ مختلف مفهومن تي روشني وجھن ۽ انهن جي مفهوم، تلفظ ۽ لکيت کي به چِٽو ڪندا رهن، ته جيئن انهن مان صحيح طور لاڀ حاصل ٿيندو رهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾، اهڙو تحقيقي ڪم تمام گھٽ ٿيو آهي، جنهنڪري ان جون ڪيتريون ئي حسناڪيون اڃا لڪل آهن. تنهن هوندي به، جن عالمن ۽ محققن پهاڪن، چوڻين، ورجيسن جي ان سهڻي ڪم ۾ نُور نچوئيو ۽ پيار جو پورهيو ڪيو آهي تن ۾، خاص طور، ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، ڪوڙو مل چندن مل کلڻاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، تيرٿ داس پيسومل هاٿيراماڻي، سترام داس جڙيا سنگھاڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سنت داس پنهون مل ڪشناڻي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، نورالدين سرڪي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، نياز سرڪي ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو شامل آهن.
ويجھڙ ۾، سنڌ ۾، پهاڪن وغيره تي جنهن محقق گوڏا ڀَڃي، ڪُل وقتي ۽ قدرَ قابل تحقيق ڪئي آهي سو انجنيئر عبدالوهاب سھتو آهي. سهتي صاحب جا پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي جيڪي ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن، تن ۾ (1) ورجيسون، (2) ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا، (3) موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون، (4) اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون، ۽ (5) گل شڪر. جڏهن ته چار ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“، ”لاڙِي پهاڪا ۽ چوڻيون“، ”نصيحت آموز آکاڻين تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۽ ”پهاڪن ۽ چوڻين جي تاريخ بابت مضمون ۽ مقالا“ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن ۽ ”پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت“ تي پڻ سندس ڪم هلندڙ آهي. ان تحقيقي ڪم دوران، سهتي صاحب جي نظر انهن مضمونن ۽ مقالن تي به رهي آهي جيڪي پهاڪن ۽ چوڻين؛ توڙي انهن تي مشتمل ڪتابن بابت تنقيدي رخ سان لکيا ويا  آهن.  هُو اهي مضمون ۽ مقالا انٽرنيٽ تي، پنهنجي جوڙيل بلاگ ”سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون“ (http://sindhiproverbs.blogspot.com/) تي پڻ، 2011ع کان، رکندو (اپلوڊ ڪندو) پيو اچي. هاڻ، هُو انهن تنقيدي مضمونن ۽ مقالن کي، ڪتابي جُلدن ۾ سهيڙي رهيو آهي. انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ طور پهريون جلد ”پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون“ جي نانءَ سان پيش ٿي رهيو آهي.
هِن جلد ۾، سَهتي صاحب جيڪي چار مضمون ۽ مقالا سهيڙيا آهن، انهن ۾ سندس مضمون کان سواءِ، رهيل ٽي ليک پروفيسر نذير احمد سومري، ڊاڪٽر آفتاب ابڙي ۽ جناب الطاف جوکئي جا لکيل آهن. انهن مضمونن مان، سومري صاحب، ابڙي صاحب ۽ سهتي صاحب جا مضمون، ترتيبوار، ٽن ڪتابن ”پهاڪن جي پاڙ“ (ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو)، ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ (ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو) ۽ ”سنڌي ورجيسي ٻولي“ (ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي) بابت آهن، جڏهن ته جناب الطاف جوکئي جو مقالو گھڻ-رخو تنقيدي اڀياس آهي، جنهن ۾ پهاڪي، چوڻيءَ، اصطلاح، محاوري ۽ ورجيس جو مثالن ۽ حوالن سان تحقيقي اڀياس پيش ڪيو ويو آهي.
جيئن ڄاڻايل مضمونن ۽ مقالن ۾، صاحبِ ڪتاب محقق-ڊاڪٽرن سان علمي، اصولي ۽ تنقيدي بنيادن تي اختلافن کي مضمون نويسن پيش ڪيو آهي، تيئن چَئنِي (چئن ئي) مضمون نويسن جي تنقيدي مضمونن کي پڻ استدلال جي بنياد تي جوابي تنقيد يا اختلاف هيٺ آڻي سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته مثبت بحثن ۽ مدلل تنقيدن سان ئي ادبي اوسر جا نوان نشان قائم ٿيندا آهن. هيءُ ڪتاب پيش ڪري، اسان اهڙي اميد پڻ رکون ٿا. هتي اهو پڻ واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اهي اڀياسَ هاڪارِي رويي ۽ اصلاح جي بنياد تي سهيڙي، پيش ڪيا پيا وڃن، ته جيئن پهاڪن، چوڻين، ورجيسن وغيره بابت تحقيق کي درست رخ ۾ اڳتي وڌائي سگھجي.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو کيرون لهڻي، جنهن پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن جي موضوع کي وڏيءَ محبت منجھان تحقيق واسطي چونڊيو آهي.

No comments:

Post a Comment