13/07/2015

ڪتاب ”سنڌ جون شاعر عورتون“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

ڪتاب ”سنڌ جون شاعر عورتون
مٺل جسڪاڻي
ت تاري سان شروع ٿيندڙ ٽي لفظ تخليق، تحقيق ۽ ترتيب، تمام گهڻو متوجهه ڪندڙ ۽ ججهي اهميت جا حامل لفظ آهن. جيڪڏهن واقع ڪا الهامي قوت يا ڪيفيت ٿئي ٿي، ته تخليق تمام گهڻي سولي ٿي پوندي آهي. ڇاڪاڻ ته اوچتو ڪو خيال اچي ٿو، ٿوري دير ذهن کي ولوڙي ٿو ۽ قلمبند ٿي پوي ٿو، ته تخليقڪار به آجو ٿي ويندو آهي. جڏهن ته تحقيق تمام گهڻو محنت طلب ڪم آهي. ان ڪم لاءِ پهرين رٿابندي ڪبي آهي، پوءِ وک پٺيان وک وڌائبي آهي، اڻ ورچ ٿي لڳبو آهي، تڏهن ڪجهه ڪري سگهبو آهي. البت ترتيب، تحقيق جي ڀيٽ ۾ گهڻو سولو، پر سچ ته انتهائي خشڪ ۽ بوريت جو سبب بنجندڙ عمل ٿئي ٿو. اندازو اهو ڪري سگهي ٿو / ٿي، جيڪو / جيڪا تخليق، تحقيق ۽ ترتيب جي عمل مان گذريو هوندو/ گذري هوندي.

مئي 2015ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 6، سنڌ جون شاعر عورتون، تحقيق ۽ ترتيب غلام مصطفى سولنگي شايع ٿيو، جون 2015ع جي پهرئين هفتي ۾ مون تائين پهتو. ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏٺم، ته مون کان بي اختيار هيءَ سٽون لکجي ويون: ”زبردست. سنڌ جي شاعر عورتن جو گلدستو، غلام مصطفى سولنگي جي تحقيق ۽ ترتيب تي مشتمل، جامع ۽ تاريخي ڪتاب مليو، ته خوشي ٿي ۽ محقق ۽ مرتب کي جس چوڻ ضروري سمجهيم“.
سنڌي ٻولي جي پهرين شاعره مرکان شيخڻ سميت سنڌ جي قديم ۽ جديد شاعرائن، جن لولي جي صورت ۾ شاعري جي شروعات ڪري سنڌي شاعري کي جلا بخشي“، انهن کي ارپيل هن ڪتاب جي ارپنا پڙهي، مون کي ٿورو مونجهارو ضرور ٿيو، ته ڇا سڀني صرف لوليون ئي سرجيون آهن!؟
بهرحال، ڪتاب جي شروعات پرهه پروين گل طرفان لکيل ”اداري پاران“ عنوان سان ٻن صفحن تي مشتمل دلچسپ تحرير سان ٿئي ٿي. جڏهن ته پرهه جي پنهنجي شاعري صفحي 220 کان 227 تائين، هن ڪتاب جي ترتيب موجب شاعره نمبر 26 طور ڏنل آهي، جنهن ۾ پهرين تعارف ۽ پوءِ سندس شاعري واري حصي جو خوبصورت ٽائيٽل به آهي، ته محقق ۽ مرتب پاران ”پرهه پروين گل جي شاعري ۾ درد ۽ پيار جا اولڙا“ عنوان سان مختصر تحرير پڻ شامل آهي. سندس 4 غزل، هڪ وائي، هڪ آزاد نظم/ نثري نظم شامل ڪيو ويو آهي، پڙهيم ته سندس شاعري ”تون“ ۽ ”مان“ جي وچ ۾ محسوس ٿي!
ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب لاءِ 3 صفحن تي مشتمل ”ٻه اکر“ نذير ناز لکيا آهن. پاڻ هن ڪتاب جي شاعره به آهي. ص 48 تي سندس مختصر تعارف ۽ تصوير آهي، پوءِ 4 غزل، هڪ گيت، ۽ وري به هڪ غزل شامل آهي. ”شاعري ڪهڙي ڪجي“ واري غزل جي شروعات ۽ ”ڪڏهن به ختم نه ٿينديون شڪايتون پنهنجون“ جي پڄاڻي واري غزل جي وچ ۾ موجود، سندس شاعري ۾ آئون سمجهان ٿو ته پڙهندڙن کي سندن آس پاس نظر ايندو، محسوس ٿيندو.
مهاڳ“ هن ڪتاب جي ٽئين ڪڙي آهي. ڪتابن جا مهاڳ گهڻو ڪري ڪتاب جو ڌڻي نه، ڪي ٻيا لکندا آهن، پر هن ڪتاب جي محقق ۽ مرتب غلام مصطفى سولنگي اها تڪليف پنهنجي سر تي وسائي آهي! شايد مهاڳ لکي ڏيندڙ وڏا ٿورا جتائي، گهڻا ڏينهن لڳائي، پوءِ به اهڙا مهاڳ نه لکي ڏيندا آهن، جهڙو ڪتاب ڇپرائيندڙ چاهي ٿو! ان نسبت سان هي وک وڻندڙ ۽ خوش آئند آهي!
بهرحال، مهاڳ پڙهڻ لاءِ لکبا آهن، ان جي پنهنجي اهميت هوندي آهي، ان ڪري ڪتاب پڙهندڙ کي ضرور پڙهڻ گهرجي. جيڪو جيڪو به مهاڳ پڙهندو، اهو گهڻن فضول سوالن کان بچي پوندو. مثال طور هاڻي جيڪو آئون لکڻ وڃي رهيو آهيان، ان جي گهڻي چٽائي مهاڳ ۾، ٻه اکر ۾ ۽ اداري پاران ۾ موجود آهي، ڪجهه وري...
هن ڪتاب جي پهرين شاعره روبينه ابڙو، ٻئي نمبر تي رخسانه پريت، ٽئين نمبر تي جيجي زرينه بلوچ ۽ چوٿين نمبر تي مريم مجيدي آهي. ان کان پوءِ ترتيبوار ٽوٽل 40 شاعرائن جو مختصر تعارف، ڪنهن ۾ شاعره جي تصوير آهي، ته ڪنهن ۾ نه آهي، ڪنهن شاعره تي ڪنهن جو اضافي نوٽ آهي، ته ڪنهن تي نه آهي، ائين ڪتاب جو حصو پهريون پڙهندڙن تائين پهچايو ويو آهي. هن ڪتاب جي پهرئين حصي جي نشاندهي سرورق تي نه آهي! سرورق ۾ 25 شاعرائن جون رنگين تصويرون آهن، باقي 15 شاعرائن جون تصويرون خبر نه آهي، ڇو شايع نه ڪيون ويون آهن؟
مون کي خبر نه آهي ته شاعرائن جو تعارف شامل ڪرڻ لاءِ محقق ۽ مرتب ڪهڙي ريت ڪوشش ڪئي، البت منهنجي صلاح آهي ته ڪتاب جو ٻيو حصو آڻڻ مهل ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ته شاعرائن جو مختصر ئي سهي، پر تعارف ساڳئين ترتيب ۾ ڏيڻ گهرجي. مثال طور اصل نالو، ولديت / مڙس جو نالو، ذات، ڪرت، پتو وغيره وغيره، پر جيئن هن پهرئين حصي ۾ بي ترتيب تعارف ڏنو ويو آهي، ايندڙ حصي ۾ ساڳئين طرح نه، پر نئين سئين هڪ ساريڪو تعارف ڏيڻ گهرجي.
جيجي زرينه بلوچ جو تعارف، منهنجي خيال ۾ ٻين سڀني شاعرائن جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورو ۽ شاعري ۾ به صرف ٻه اسم شامل ٿيل آهن! سبب بابت محقق ۽ مرتب کان وڌيڪ ٻئي کي خبر نه هوندي.
هن ڪتاب ۾ شامل شاعرائن مان روبينه ابڙو لاءِ اعجاز منگي جي تحرير ”دراوڙي ڌيءَ ڌرتيءَ جي“ عنوان سان، رخسانه پريت لاءِ ”پنهنجي نالي جو پيار شاعري ۾ اوتيندڙ شاعره ”عنوان سان اياز گل جي تحرير، مريم مجيدي لاءِ ”سنڌي شاعرن جي مهدار شاعره“ عنوان سان سرواڻ سنڌي لکيو آهي. تاج بلوچ جي تحرير ”ج ع منگهاڻي: جديد ۽ روشن خيال شاعره“، سحر امداد لاءِ ”پنهنجي دور جي منفرد شاعره“ عنوان سان احسان دانش، امر اقبال لکيو آهي ”فهميده شرف بلوچ شاعريءَ مان جڙيل“، زيب سنڌي لکيو آهي ”شبنم گل شاعره، ڪمپيئر ۽ ڪهاڻيڪار“، علي زاهد لکيو آهي ”گلشن لغاري جديد دور جي شاعره“، جامي چانڊيو جي تحرير آهي ”نئين نسل جي لکاري حميرا نور“، گل ڪونڌر جي تحرير ”وڏي شاعره جي دعويٰ نه ڪندڙ فضه غزل“، ڪوثر ٻرڙو جي تحرير ”ساجده جبين سٻاجهي شاعره“، ڊاڪٽر منظور قادر جي تحرير ”ماهين هيسباڻي جي شاعري ۽ شخصيت“، نجمه نور ڦلپوٽو لاءِ ادل سومري جي تحرير ”من کي ڇهندڙ شاعري ڪندڙ شاعره“، مهرالنساءَ لاڙڪ لاءِ نسيم نساءَ جي تحرير ”رنگين رت جهڙي شاعري ڪندڙ شاعره“، شبانه سنڌي لاءِ مشتاق بخاري جي تحرير ”شاعراڻي قافلي ۾ شامل ڪهاڻيڪار“، ناياب سرڪش سنڌي لاءِ ساجد سنڌي جي تحرير ”سنڌ جي اڏول ۽ متحرڪ شاعره“، راشد مورائي جي تحرير ”ايس نسيم ميمڻ جي شاعري ۾ قومي فڪر“، نشتر ناٿن شاهي جي تحرير ”نسرين سيد جي شاعري تي نظر“، علي زاهد جي تحرير ”ثمي ڪي بلوچ اڀرندڙ شاعره“، ڪوثر ٻرڙو جي تحرير ”نشاءَ ڪنول ڪمپيئر ۽ شاعره“، عائشه ميمڻ جي حوالي سان آسي زميني جي تحرير”شاعري ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهي“، مرتضيٰ سيال جي تحرير ”نازڪ جذبن جي شاعره صفيه ڪنول ابڙو“ شامل آهي. جڏهن ته جن شاعرائن لاءِ هن ڪتاب جي محقق ۽ مرتب پاڻ قلم کنيو آهي، اهي آهن ”زيب نظاماڻي گهڻ رخي شاعره“، ”گل بدن جاويد مرزا پختي شاعره“، ”فرزانه شاهين سٺي ڪهاڻيڪاره ۽ شاعره“، ”احساساتي شاعري سرجيندڙ، ارم محبوب“، ”ساڃاهه وند شاعره زمر محبوب“، گلشن سنڌو لاءِ ”من ۾ پيهي ويندڙ احساس سرجيندڙ شاعره“، ”نجمه شيخ مصور شاعره“، ”پرهه پروين گل جي شاعري ۾ درد ۽ پيار جا اولڙا“، ”اداس موسمن جي شاعره سهڻي پارس“ عنوان سان پڻ تحريرون شامل آهي
هن ڪتاب ۾ جيجي زرينه بلوچ، نذير ناز، صنم نجيب، صنم سنڌو ڀنڀرو، پارس صنم ڪاظمي، ثمرن سومرو، شيرين سيد، نسيم شيخ، ساجده چانڊيو اهي شاعرائون آهن، جن تي يا جن جي شاعري تي، ڪنهن جو به خاڪو وغيره شايع نه ڪيو ويو آهي!؟ جڏهن ته سهڻي پارس ۽ صفيه ڪنول ابڙو جو رواجي مختصر تعارف به نه آهي!؟

بهرحال، ”سنڌ جون شاعر عورتون“ پنهنجي نوعيت جو نرالو، پڙهڻ ۽ سنڀالڻ جهڙو، گهڻ مقصدي ڪتاب آهي. منهنجي دل ٿي گهري ته ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي فهميده شرف بلوچ جا هي لفظ لکي قلم بند ڪريان: ”منهنجي دل سان دعا ۽ خواهش آهي ته غلام مصطفيٰ سولنگي اڃا گهڻي کان گهڻو لکندو رهي ۽ سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪندو رهي، مولا پنجتن پاڪ جي صدقي کيس پنهنجي پناهه ۾ رکي (آمين).

No comments:

Post a Comment