30/07/2015

واسديو نرمل جو ديوان نرمل ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي (Dr. Jagdesh Luchhani)

واسديو نرمل جو ديوان نرمل
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
سچل، غزل جي صنف کي سنڌي شاعريءَ سان روشناس ڪرايو، جيئن هن جو ڪيترو ڪلام غزل نما ڪافين جي صورت ۾ چيل آهي، پوءِ به اهو خليفو گل محمد گل (1808-1855ع) ئي هو، جنهن فارسي بحر وزن تي الف ب وار حرف جي لحاظ کان ديوان لکي سنڌيءَ ۾ غزل جو پڪو پختو بنياد وڌو بقول اياز قادري:
”هن سنڌيءَ جي پهرين وڏي شاعر جيڪي پنهنجي غزل ۾ روايتون قائم ڪيون، انهن جي بنياد تي ايندڙ دور جي شاعري ٿوري گهڻي ردوبدل سان سنڌي غزل جي عمارت تعمير ڪئي.“

آخوند محمد قاسم (1806-1881ع) به ديوان لکيو. سندس ديوان سنڌ عروضي شاعريءَ ۾ گل جي ديوان جيان بنيادي اهميت رکي ٿو. هن سنڌيءَ ۾ غزل جي ڪافي پرگهور لڌي، گل کان پوءِ قاسم ئي پنهنجي دور ۾ سنڌي غزل ۾ ڌاڪو ڄمايو. سيد فاضل شاھ (1836-1900ع) قاسم جو همعصر هو. گل، سنڌي غزل ۾ جن روايتن جي شروعات ڪئي، تن کي مضبوط ڪرڻ ۾ قاسم ۽ فاضل شاھ به اهم رول ادا ڪيو.
مير عبدالحسين سانگيءَ جي اچڻ سان وري سنڌي غزل ۾ رنگت اچي ويئي. سنڌي غزل ۾ موضوع جي لحاظ کان سانگيءَ وسيعت پيدا ڪئي. سانگيءَ جي غزل ۾ پارسي روايتن سان گڏوگڏ، سنڌي ماحول جو اثر به نمودار آهي هن وٽ لفظن جو ذخيرو به ڪافي آهي. سندس هيل تائين ”ديوان سانگيءَ“ جا ٽي جلد 1904ع ۾ شايع ٿيل آهي.
مرزا قليچ بيگ (1853-1929) جو به ”ديوان قليچ“ شايع ٿيل آهي. ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ ليکراج  ڪشچند مير چنداڻي عزيز (1897-1971) جو لکيل ديوان، پهريون ديوان آهي.  اهو ديوان ليکراج عزيز پنهنجي ڪُليات سراحيءَ ۾ درج ڪيو هو. ليکراج عزيز هڪ اُستاد شاعر ۽ اعليٰ زباندان هو. ورهاڱي کان اڳ ئي هو نثر خواھ نظم ۾ پنهنجي علم ۽ فني مهارت سبب ادبي حلقن ۾ هڪ ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت بڻجي چڪو هو.
اڄ منهنجي سامهون تازو شايع ٿيل 2014 واسديو نرمل جو ”ديوان نرمل“ تبصري لاءِ آيل آهي. ديوان جي خاصيت اها آهي ته ان ۾ صرف غزل ئي درج ڪيا ويندا آهن ۽ غزل جا رديف الف بي وار رکيا ويندا آهن، جيئن ته سنڌي الفا بيٽ ۾ ٻاونجاھ اکر آهن، تيئن ديوان ۾ به ٻاونجاھ رديف هئڻ لازمي آهن. رديف جي آخرين اکر ”الف“ هجي ته اهو پهريون رديف لکيو ويندو آهي. رديف جو آخرين اکر ”ب“ هجي ته اهو ٻيو رديف لکي ويندو آهي. ان طرح سنڌي ديوان ۾ ٻاونجاھ رديف هجن ٿا يعني گهٽ ۾ گهٽ ٻاونجاھ غزل هئڻ ضروري آهن نرمل واسديو جي ”ديوان نرمل“ ۾ 88 غزل درج ڪيل آهن.
غزل جو بنيادي موضوع عشق-محبت آهي ان ۾ عشق محبت جي احساسن جو اظهار دلپذير نموني ڪيو ويندو آهي، ڇو ته غزل، دلي جذبات ۽ قلبي وارداتن کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ موثر وسيلو آهي، غزل احساسن جي شاعري آهي. منظر ڪشي ۽ تخيل ان جو روح آهي. ڪنهن شئي ۽ حالت جي تعريف اهڙي نموني بيان ڪجي، جو ان چيز جي تصوير يا اها سڄي واردات اکين اڳيان اچيو بيهي، ان کي ”محاڪات“ چئبو آهي. شاعر وارداتن کي، شعر ۾ اهڙي نموني ٿو اظهاري، جو ٻڌڻ ۽ پڙهڻ واري جي دل ۾ به، ساڳيائي جذبا پيدا ٿين ٿا. شاعريءَ جو اهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي.
ڀارت جي ورهاڱي بعد، جيڪا نئين پيڙهي ادب ۾ داخل ٿي، ان پنهنجي ادبي سرمائي تي، جنهن ۾ غزل به شامل هو، نئين سري سان ويچار ڪرڻ شروع ڪيو. شروعات ۾ اسان وٽ ترقي  پسند ويچار ڌارا جو زور رهيو. جنهن جي ماتحت شاعر ڪميونسٽ  ويچارا ڌارا يعني سياسي پرچار سان جڙيل رهي. سنڌي غزل ۾ اهڙي ئي قسم جا ويچار ڪجهه وقت اظهار پائيدار هيا. پر ڪجهه سمي گذرڻ کانپوءِ غزل اهڙن ويچارن کي ڇڏي، بدليل وقت ۽ حالتن سان دوبدو ٿيڻ شروع ڪيو. نوان خيال، موضوع احساس ان سان جڙڻ لڳا. اڄ جو غزل زندگيءَ کي ساڻ ڪري هلي ٿو. زندگي هڪ هنڌ بيهي نٿي. زندگي ته وهندڙ ڌارا آهي. تبديلي وقت جي تقاضا آهي. اڄ جو غزل نيون تشبيهون، نئون احساس ۽ نئون اسلوب کڻي هلي ٿو. روايتي نظارا ۽ لفظ جيڪڏهن غزل ۾ اچن به ٿا ته بدليل مفهوم ۾.
نرمل واسديو سنڌيءَ جو جهونو شاعر آهي، بحر وزن جي شناس رکي ٿو. ان ڏس ۾ واسديو نرمل اُستاد شاعر ليکراج عزيز جي رهنمائي حاصل ڪئي. ان ڪري نرمل جي شاعري گهڻي قدر فني ڪچاين جي عيب کان آجي آهي. غزل جا ٻه پاسا آهن. هڪ آهي ان جي ٽيڪنيڪ، جنهن ۾ وزن ۽ ڪافيو وغيره اچي وڃن ٿا ۽ ٻيو آهي ان جو سٽاءُ جنهن ۾ احساسن، خيالن ۽ اظهار اچي وڃن ٿا. اچو ته هاڻي نرمل جي غزل تي نظرثاني ڪريون، نرمل واسديو جي غزلن جي پهرين خوبي آهي سلاست، خيال ڪيترو به دقيق ڇو نه هجي پر اهو سولن لفظن يعني عام فهم زبان ۾ بيان ڪرڻ نرمل جي غزل جي اولين خوبي آهي:
دان وٺڻ جو ڏانءُ اٿئي،
وٺي، ٻين کي ڏيندو ڪر. (ص 29)
پوتيءَ ساڻ ڍڪي ڪيئن سگهندين؟
نرمل ڦاٽل چولي هر هنڌ. (ص 34)
اڄ جي زندگيءَ تي واقعي ئي فخر آهي، طنز سان گڏ ان ۾ گهرو خيال به سمايل آهي.
نرمل جي غزل ۾ رواني به خوب آهي، شعر ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ، جن کي اچارڻ ۾ زبان نه اٽڪي، ان کي روانيءَ جي لحاظ کان، جيتري قدر ٿي سگهي، شعر جو هر رُڪن ڪنهن لفظ تي ختم ٿئي روانيءَ سبب نرمل ڳايو به ويو آهي.
هاءِ، صحبت ۾ رهي ڪانون جي،
شل نه ڪڏهين لڳي هنسن تي داغ. (ص 48)
اي نرمل جو چاهي نٿو گڏ رهڻ،
اُنهيءَ سان گهڙي گڏ گذاري به پاپ. (ص 14)
پر ڪٿي ڪٿي غير ضروري وضاحت ۽ سڌو سپاٽ لهجو غزل جو اثر گهٽائي ٿو ڇڏي، سپاٽ بيان، غزل جو جاني دشمن آهي.
چوندا آهن ته ڪنهن کي مرڻ وقت زندگيءَ جا تمام واقعا هڪ پل ۾ ياد اچي ويندا آهن. غزل جا مختصر لفظ اهڙو ئي ڪم ڪندا آهن. گهٽ ۾ گهٽ لفظن ۾، مطلب ادا ڪرڻ، ان خوبيءَ کي اختصار چئبو آهي. نرمل به ٿورن لفظن ۾ گهڻو ڪجهه چئي وڃي ٿو.
خواب ۾ ڪلهه هڪ خواب لڌو ٿم،
گونجي سنڌي لولي هر هنڌ. (ص 34)
نرمل جي غزل ۾ سنڌ جي سار به ملي ٿي ورهاڱي بعد سنڌين جو سڀ ڪجهه کسجي ويو. ٻولي به!
نرمل جي غزل جي ٻي نمايان خوبي آهي تڙپ، جنهن مان مراد اها آهي ته شعر ۾ خيال سان گڏ، جذبات به شامل هجي. خيال ڪيترو به بلند ۽ باريڪ ڇو نه هجي، پر ان ۾ اگر تڙپ نه هوندي يعني جذبات جي آميزش نه هوندي، ته اهو خيال شعراڻو نه ڀاسندو.
خبر ناھ ڇا اورڻو آھ کين،
جو دامن کي پڪڙيو وٺن خار سڀ. (ص 15)
موت سان جنهن جو لڪل ڪو ٺاھ آ،
زندگي سا بي وفا ڳوليو پيا. ( ص 5)
نرمل واسديو پنهنجي غزل ۾ پهاڪن ۽ اصطلاحن جو استعمال به ڪري ٿو. هو پهاڪن ۽ اصطلاحن سان، نه صرف ويچارن کي اظهاري ٿو، بلڪه انهن کي پر لطف به بڻائي ٿو. اصطلاحن ۾ استعمال ٿيل لفظن جي پاڻ ۾ مناسبت جي صفت به ساراھ جوڳي آهي.
سنئين لڱ نڪو سو اُٿيو ۽ نه اُٿندو،
ڪڏهن ڀي زماني جا جنهن کي لڳا هٿ. (ص 19)
ڪوڙي جي ڊوڙ آهي کڏ تائين
اڄ پهاڪو اهو لڳي ٿو ڪوڙ! (ص 31)
سنڌي قافين ۽ رديفن، محاورن ۽ پهاڪن، سنڌي تشبيهن ۽ استعارن جي استعمال سان، نرمل پنهنجي غزلن کي دلڪش بڻايو آهي ”ديوانِ نرمل“ ۾ سنڌي قافيا ۽ رديف ڪافي انداز ۾ ملن ٿا. روز مرھَ جا مسئلا، دنيا جا دک درد، دوستن، جي بي وفائي ۽ دغائون، نرمل جي غزل ۾ پسجن ٿيون. نرمل جي غزل ۾ آس پاس جي ماحول جون ڳالهيون خوب نظر اچن ٿيون ”ديوانِ نرمل“ ۾ ڪيترائي شعر آهن، جن ۾ حوالي طور اچڻ جي صلاحيت آهي شاعريءَ ۾ حوالائي صلاحيت تڏهن ٿي پيدا ٿئي، جڏهين تخليق حياتيءَ سان گهري وابستگي رکي ٿي. تخليق انساني فطرت، سڀاءَ جي ڀن ڀن حالتن جي بدلاءِ سان، الڳ الڳ صورتحال سان ٺهڪي بيهي ٿي ۽
3. انداز بيان سڌو سادو پر ڳوڙهو هجي، جو دل ۽ دماغ ۾ هڪ طرح جو ولولو پيدا ڪري، راحت بخشي، ان ۾ تبشبيهه، استعارو، علامت خوبصورت هجي ۽ غصو، طنز، پوشيده هجي.
نرمل ٽانڊي کي ڀي سي ڦوڪون ڏين ٿا
تتل ٽانڊي سان جن جا ”نرمل“ جليا هٿ. (ص 19)
تنهنجي شاديءَ جي رسيپشن تي اچڻ لاءِ نرمل
پنهنجي شاديءَ جو ڪڍيم سوٽ ته ڦاٽل نڪتو. (ص 61)

نرمل واسديو جي غزلن جي اهميت اتي ئي محسوس ڪري گهجي ٿي ڇو ته اُنهن ۾ زندگيءَ جا وسيع پهلو دلڪش نموني اظهاريل آهن. پوءِ به اڄ جو دور ”ديوان“ جو دور ناهي. ان ڪري سنڌيءَ جا وڏا وڏا شاعر به ”ديوان“ نه لکي، نئين سوچ کي ساڻ ڪندڙ شاعري پيا ڪن، پوءِ به مان ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ لکيل ”ديوان نرمل“ جي آجيان ڪريان ٿو.

No comments:

Post a Comment