13/07/2015

ڪتاب ”سنڌ جون شاعر عورتون“ - ساجد چانڊيو (Sajid Chandio)

غير معياري ڪتابن جو بار سنڌي ادب ڪيترو برداشت ڪندو؟
ڪتاب ”سنڌ جون شاعر عورتون“
ساجد چانڊيو
سنڌي ادب کي وڌ کان وڌ نقصان اهڙن اديبن کان پهتو آهي، جيڪي ڪچيون ڦڪيون ٻه شيون لکي يا ڪوئي ڪتاب مرتب ڪري پاڻ کي وڏو اديب سمجهندا آهن. حقيقت ۾ اهڙن اديبن کان اگر ”ادب“ جي وصف به پڇا ڪبي ته ڪياڙي پيا کنهندا ۽ ادب ۾ پنهنجي ڪم کي پيا جتائيندا. جڏهن ته اهڙن اديبن جا ڪتاب اسان کي ريڙهين تي رکيل پيا ملندا آهن ته کپندا ناهن. کپڻ جي اميد ۾ ڪتابن جا ٽائيٽل اُس ۾ ڦٽي ختم ٿي ويندا آهن، پر پوءِ به ڪتاب کنئي کپندا ناهن. ڪنهن کي يقين نه اچي ته حيدرآباد جي حيدر چوڪ جو چڪر لڳائي اچي ۽ چوڪ جي آس پاس ريڙهن تي پيل ڪتاب ڏسي ته سنڌي ادب جي ڪتابن سان اس ۾ ڪهڙو حشر وڃي ٿيو آهي. اسان جي وري اهڙن اديبن وٽ اڪثر اها راءِ ٻڌي ويندي آهي ته سنڌي ڪتابن جو مارڪيٽ ناهي، جڏهن ته پريسن ۾ ڪم ڪندڙن مان اڪثريت جي اها راءِ آهي ته حيدرآباد توڙي ڪراچي جي پريسن ۾ ٻين ٻولين کان وڌيڪ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جا هوندا آهي ته پوءِ آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو سنڌي ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. اصل ۾ سنڌي ادب ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جي اڪثريت اهڙن ڪتابن جي هوندي آهي، جن جو ڪو به معيار ناهي هوندو. شاعري، ڪهاڻي، ناول توڙي مرتب ڪيل ڪتابن جي اڪثريت غير معياري ڪتابن تي مبني هوندي آهي. اسان جو اديب سستي شهرت جي شوق ۾ هڪ اڌ ڪتاب آڻيندو ته وڻ گهوڙو ٻڌڻ نه ڏيندو ته مون جهڙو سنڌ ۾ ڪو اديب ئي ناهي! جڏهن ته سندس اهڙي ڪم جي سنڌي ادب ۾ ڪا به اهميت ناهي هوندي.

اها حقيقت آهي ته سنڌي شاعرائن تي ڪو تحقيقي ڪم ناهي ٿيو، جنهن سان سنڌي شاعر عورتن جو مواد تحقيق جي حوالي سان هڪ جاءِ تي ملي سگهي. ان حوالي سان غلام مصطفيٰ سولنگي نالي هڪ پبلشر جو تازو هڪ ڪتاب ’سنڌ جون شاعر عورتون‘ مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جنهن ڪتاب جي تحقيق ۽ ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي ڪئي آهي. جڏهن به لفظ ”تحقيق“ استعمال ڪبو آهي ته ان لاءِ لازم هوندو آهي ته ان ۾ ڪا نئين تحقيق شامل هجي. شايد مرتب کي اها به خبر ناهي ته تحقيق ۽ ترتيب ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. ادب ۾ تحقيق کي هڪ عليحده مقام حاصل آهي ۽ ترتيب توڙي سهيڙ پڻ جداگانه جاءِ والاري ٿي. پر خبر ناهي ته مصطفيٰ سولنگي کي ڪهڙو الهام ٿيو، جو هن ٻئي لفظ ’تحقيق ۽ ترتيب‘ هڪ جاءِ تي ڏئي ڇڏيا آهن. تحقيق جو هڪ اهم اصول آهي ته مختلف حوالا ڏيئي آخر ۾ ببليو گرافي شامل ڪبي آهي، پر هن ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪو حوالو ۽ ببليو گرافي شامل ناهي، جنهن مان مرتب جي جديد اصولن تي ڪيل تحقيق جي خبر پوي ٿي. 
هيءُ ڪتاب مرتب ڪندڙ، خبر ناهي ته 43 شاعرائن جي ورڇ ڪهڙي تحقيقي آڌار تي ڪئي آهي؟ جنهن جي هن شروعات نئين ٽهيءَ جي اُڀرندڙ شاعره روبينه ابڙو سان ڪئي آهي، جڏهن ته ان کان سينيئر شاعرائون جهڙوڪ: جيجي زرينه بلوچ، مريم مجيدي، رخسانه پريت چنڙ، ج-ع منگهاڻي، سحر امداد ۽ شبنم گل سميت ڪيتريون ئي سينيئر شاعرائون پوئتي شامل ڪيل آهن. هئڻ ته ائين گهرجي ها، جو مرتب ڪندڙ سڀني شاعرائن جي تريب الف ب وار ۾ رکي ها يا دور وار رکي ها، ته شايد ڪنهن کي به اعتراض نه ٿئي ها. هن ڪتاب جي ارپنا ته مرکان شيخڻ کي ڪئي وئي آهي، پر سندس ڪلام ڪتاب ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. جڏهن ته مرکان شيخڻ جو ڪلام محمد سومار شيخ ”مرکان شيخڻ“ جي نالي سان ترتيب ڏنو هو، جيڪو 1971ع ۾شايع پڻ ٿيو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڪيترين ئي اهم شاعرائن کي شامل ناهي ڪيو ويو، جِن ۾ نُور شاهين، روشن آرا مُغل، ثريا سوز ڏيپلائي، عطيه دائود، ڊاڪٽر فهميده حسين، نُور الهديٰ شاهه، امر سنڌو، پُشپه ولڀ، گوري ولڀ، سلطانه وقاصي، شبنم موتي، ثريا سنڌي، شبنم چانڊيو، زُبي پروين ڏاهري، پِرهه سڪينه گاد، شميم ميمڻ، ثمينه ميمڻ، نجمه پنهور، زيب نظاماڻي، تانيه ٿيٻو، زمر محبوب، گُلبدن جاويد، خالده سحر سومرو، سيما عباسي جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، هنن مان ڪيترين ئي شاعرائن جا ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. ۽ نه وري هندستان ۾ رهندڙ ڪنهن به شاعره کي شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي ورهاڱي يا ان کان پوءِ هندستان ۾ رهائش پذير ته ٿيون، پر انهن جي اڄ به سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ دل ڌڙڪي رهي آهي، جِن ۾: وينا شرنگي، شالني ساگر، وِمي سدا رنگاڻي، رشمي راماڻي، اندرا شبنم سميت ڪيتريون ئي اهڙيون ليکڪائون آهن، جن ادب جي ٻين صنفن سان گڏ نهايت ئي پابند شاعري ڪئي آهي، جنهن ۾ خاص طور تي سنڌ سان جذباتي وابستگيءَ جا اُهڃاڻ نظر اچن ٿا.
غلام مصطفيٰ سولنگي جي لکيل مهاڳ جو سراسري جائزو وٺي ڏسبو ته سندس مهاڳ نامور ليکڪه ۽ محقق ڊاڪٽر فهميده حسين جي ترجمو ڪيل ڪتاب ’دنيا جون شاعر عورتون‘ جي مهاڳ جو نقل ڪيل ملندو. ڊاڪٽر فهميده حسين جو هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. غلام مصطفيٰ سولنگي جتي پنهنجي دانشوري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اتي اڻ ڄاڻ غلطيون ڪري ويو آهي. شايد تحقيق کان اڻڄاڻ يا غفلت ۾ تاريخي غلطيون ڪري ويو آهي. غلام مصطفيٰ سولنگي کي ايتري به شايد خبر ناهي پئي جو هو انگريزن جي دور کان پوءِ، ارغونن جو دور ڪري لکي ويو آهي، (حوالو: سنڌ جون شاعر عورتون، ص 14) ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته ”مرکان شيخڻ جي مڙس جو نالو راڌڻ هو ۽ سندس ذات چاوڙو هئي.“ پاڻ ذات جي پڻياڻي هئي، پنهنجي مرشد شيخ قرهيي ڀانڊاريءَ جي ڪري شيخڻ سڏبي هئي. (حوالو: ’دنيا جون شاعر عورتون-ص 29) جڏهن ته غلام مصطفيٰ سولنگي ساڳئي ئي ڳالهه ڦيرائي ڪئي آهي، پر چوندا آهن ته ’نقل ڪي لئه ڀي عقل چاهئي‘ جيئن هن مرتب ڪندڙ، مرکان شيخڻ کي چاوڙو ڪري لکيو آهي، پاڻ لکي ٿو ته: ’مرکان شيخڻ اصل ۾ ذات جي شيخڻ نه هئي ۽ سندس ذات چاوڙو هئي ۽ شيخ قرهيي ڀانڊاري جي مريد هئي، ان ڪري عقيدت ۾ شيخڻ سڏائيندي هئي‘. (حوالو: سنڌ جون شاعر عورتون‘ ص14) خبر ناهي ته غلام مصطفيٰ ڪهڙي تحقيق جي بنياد تي مرکان شيخڻ جي ذات چاوڙو ڄاڻائي آهي ۽ ٻين محققن جي تحقيق کي نظر انداز ڪري ٿو، جڏهن ته محمد سومار شيخ به مرکان شيخڻ جي اصل ذات پڻياڻي ڄاڻايو آهي. جڏهن به ڪا نئين تحقيق ڪبي آهي ته ان کي ٻين محققن جي حوالن جي بنياد تي غلط قرار ڏبو آهي، پر مرتب جي ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪو حوالو نه ٿو ملي، ته پوءِ ڪهڙي بنياد تي هن مرکان شيخڻ کي چاوڙو لکڻ جو جوکم کنيو آهي؟ غلام مصطفيٰ سولنگي مهاڳ ۾ ڪيترو ئي مواد ڊاڪٽر فهميده حسين جو چوري ڪري پنهنجي کاتي ڪيو آهي، جيڪا سراسر ناجائزي چئبي. مثال طور: 
 ارغونن جي زماني ۾ هڪ شاعره مائي ساران جو نالو ملي ٿو، جنهن مڙس جي جدائي ۾ ڪجھ ڪلام چيو. (حوالو؛ ’دنيا جون شاعر عورتون‘، ص 30) 
ارغون دور ۾ هڪ شاعره مائي ساران جو ذڪر ملي ٿو، جنهن پنهنجي مڙس جي جدائي ۾ ڪلام لکيا‘. (حوالو: غلام مصطفيٰ سولنگي، سنڌ جو شاعرعورتون ص 14)
 شاهه لطيف جي دور ۾ مائي نعمت پڻ ٿي گذري آهي، جنهن کي شاهه صاحب جو سمورو ڪلام ياد هو ۽ پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن ڪلام چوندي هئي. (حوالو: دنيا جون شاعر عورتون، ص 30)
شاهه لطيف جي دور ۾ مائي نعمت پڻ ٿي گذري آهي، جنهن کي شاهه صاحب جو سمورو ڪلام ياد هو ۽ پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن ڪلام چوندي هئي‘. (حوالو: غلام مصطفيٰ سولنگي، سنڌ جو شاعرعورتون ص 14)
 انگريز دور ۾ به ڪي شاعر عورتون ملن ٿيون، پني عاقل جي پاسي هڪ شاعر غلام فاطمه لعل ٿي گذري آهي، جنهن 1925ع ۾ وفات ڪئي. (حوالو ’دنيا جون شاعر عورتون‘، ص 30)
انگريزن جي دور ۾ ڪي اهڙيون شاعرائون ملن ٿيون، جن ۾ پنوعاقل واري پاسي جي شاعره غلام فاطمه لعل هئي، جيڪا 1925ع ڌاري گذاري وئي، (حوالو: سنڌ جون شاعر عورتون، ص 14)
ان کان پوءِ شڪارپور جي هاسي ٻائي عرف رڪي ٻائي عرف نماڻو فقير سچل جي مريدياڻي ٿي گذري آهي. هوءَ 1888ع ۾ ڄائي ۽ سندس وفات 1963ع ۾ بڙودي هندستان ۾ ٿي. (حوالو: دنيا جون شاعر عورتون ص 31).
ان کان پوءِ شڪارپور جي هاسي ٻائي به مشهور آهي، جيڪا رڪي ٻائي عرف نماڻو فقير جي نالي سان لکندي هئي، جيڪا 1888ع ۾ پيدا ٿي 1963ع ۾ گذاري وئي. (حوالو:سنڌ جون شاعر عورتون، ص 14)
هن ئي دور لاڙڪاڻي جي پاسي جي هڪ شاعره ڀڳواني نالي پڻ ملي ٿي (حوالو: دنيا جون شاعر عورتون، ص 31).
ان ئي دور ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ شاعره ڀڳواني هئي‘. (حوالو: سنڌ جون شاعر عورتون، ص،14).
ڊاڪٽر فهميده حسين جيئن ترتيبوار ڪملا ڪيسواڻي، گوپي هڱوراڻي، سندري ٽهلراماڻي، روشن آرا مغل جو ذڪر ڪيو آهي تيئن غلام مصطفيٰ سولنگي سندن نالا به جيئن جو تيئن ئي ڪري لکيا آهن. 
 ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گهڻي وقت تائين ڪنهن اهم شاعر عورت جو نالو ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو، پنجاهه واري ڏهاڪي جي پڇڙي ۾سٺ واري ڏهاڪي جي شروع وارن ڏينهن ۾ نور شاهين جي عروضي شاعري ڪيترن رسالن ۾ نظر اچي ٿي، (حوالو: دنيا جون شاعر عورتون، ص 34).
غلام مصطفيٰ سولنگي به ساڳيو ئي حوالو ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت 50 کان 60ع ڏهاڪي تائين سنڌي شاعرائن جو ذڪر نٿو ملي. بعد ۾ نور شاهين سان گڏ عثمان ڏيپلائي جي نياڻي ثريا سوز ۽ مريم مجيدي جو نالا اچي وڃن ٿا. (سنڌ جون شاعر عورتون، ص،14)
 ج. ع منگهاڻي جي شاعري ستر واري دور جي آهي. (دنيا جون شاعر عورتون ص 35)
ج. ع منگهاڻي جي شاعري 70 واري ڏهاڪي کان ملي ٿي. (حوالو: سنڌ جون شاعر عورتون، ص 15)
جيئن ڊاڪٽر فهميده حسين جي مهاڳ ۾ سنڌي شاعرائن جي حوالي سان تفصيل وار آهي. پر غلام مصطفيٰ سولنگي ساڳئي مهاڳ کي مختصر ڪندي صرف نالا ڄاڻايا آهن. جيئن سمورا نالا ڊاڪٽر فهميده ترتيب وار لکيا آهن. غلام مصطفيٰ سولنگي کان ايترو ناهي پڳو ته نالا هيٺ مٿي ڪري پنهنجي تحقيق جو ڪو ثبوت ڏيئي سگهي.
غلام مصطفيٰ سولنگي ’سنڌ جون شاعر عورتون‘ جي نالي سان تڪڙو ڪتاب آڻي سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ به نه ڄاڻ ڪيتريون ئي غلطيون آهن. هن ڪتاب ۾ انهن شاعرائن جا ئي خاڪا شامل ڪيا آهن، جن کان هن ڪتابن جي مد ۾ پئسا ورتا آهن، نه ته هو سنڌ جي اوائلي شاعر عورتن جو ڪتاب ۾ مواد ضرور شامل ڪري ها. هن ڪتاب ۾ شامل 43 شاعرائن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شاعرائون آهن جن جو سنڌي ادب ۾ ڪو به ڪردار ناهي. بهرحال غلام مصطفيٰ سولنگي سنڌي ادب جي جهول ۾ هڪ ڪتاب جو اضافو ته ڪيو آهي، سندس اهو ڪتاب ڪيترو ڪارائتو آهي، اهو پڙهندڙن تي ٿا ڇڏيون. پر مٿان وري سون تي سُهاڳو اهو، جو هُو هاڻي سنڌ جي شاعرن تي ڪتاب آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو ٽائيٽل هُن فيس بوڪ تي شيئر ڪيو آهي، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ڪتاب جو جيڪو ٽائيٽل رکيو ويو آهي، اُهو به ڪُجهه هن ريت آهي ”شاعري ’ڳالهاءِ‘ ٿي“ هاڻي سنڌ جا باشعور ۽ ساڃاه وند انهيءَ مان سندس قابليت جو اندازو لڳائي سگهن ٿا، جنهن ماڻهوءَ کي ’ڳالهائي‘ لکڻ به نه ٿو اچي، ۽ اُهو به ڪتاب جي ٽائيٽل تي ايڏي وڏي غلطي هجي ته پوءِ اندر ڪهڙا ڪاريءَ وارا ڪک هوندا!
تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ادب ۾ اهڙن چُونڊو ڪندڙ اديبن مان جان ڇڏائجي ته ڪيئن؟
sajidzchandio@gmail.com

No comments:

Post a Comment