12/07/2015

تو کان پوءِ - ابو رافع (Abu Rafiu)

نوجوان شاعر غلام آدرش چوي ٿو
تو کان پوءِ
ابو رافع
۽ ان ”توکان پوءِ“ کان پوءِ جيڪا وارتا سندس دل تي گذري آهي اها سموري هن ڪتاب جي صفحن تي ڦهليل آهي. جنهن کي هو شعر چوي ٿو، شعر هونئن به اندر جي ورتا جو اظهار ئي آهي. وارتا جيڪا ٻاهران جي سببن ڪري شاعر جي اندر ۾ داخل ٿيندي آهي ۽ پوءِ هو ان کي پنهنجو اظهار ڏيندو آهي ۽ جڏهن اهو شاعر جو شخصي اظهار گهڻن ماڻهن/ پڙهندڙن/ ٻڌندڙن کي پنهنجو لڳندو آهي ته شاعر جو مرتبو جڙندو آهي.

غلام آردش جي مرتبي جڙڻ لاءِ اڃا سڄي عمر سندس اڳيان پئي آهي. هيءُ سندس پهريون ڪتاب آهي، سندس سفر جي شروعات آهي، پر هو پنهنجي پهرين وکن ۾ ئي اهو محسوس ڪرائي رهيو آهي ته هو منزل تي اوس پڄڻو آهي پر شرط آهي ته سندس اهو جذبو سلامت رهي ۽ مقصد جي حاصلات لاءِ هو مسلسل جدوجهد ڪندو رهي.
شاعراڻين صنفن ۾ غلام آدرش غزل سان عشق ڪيو آهي. پڪ سان اڳتي هلي هو سنڌي غزل جي آبروءَ ۾ اضافو ڪندو، ڇاڪاڻ ته هو شاعري جي ۽ خاص ڪري غزل جي باريڪين کي ڄاڻي ٿو.
سنڌ جي نوجوان لکندڙن کي بهرحال اها پڪ هجڻ گهرجي ته شاعري شوق نه آهي، اها زندگي جو رياض آهي، اها وقت گهرندي آهي، ايئن جيئن محبوبه وقت گهرندي آهي ۽ اهو جنهن به شاعري کي ڏنو، اهو پنهنجي ماڳ تي پڄڻو آهي، ايئن غلام آدرش مان به اميد ڪري سگهجي ٿي.

غلام آدرش پنهنجي عمر آهر پنهنجي غزلن لاءِ ننڍا بجر چونديا آهن ۽ انهن جي دائري ۾ ڪجهه نئون ڏيڻ جو خواهشمند آهي. جيڪو هو ڏيڻ چاهي ٿو ان جو اوسيئڙو اسان کي رهندو. ”توکان پوءِ“ جيڪو ڪجهه هو ڏيندو اهو سندس واڌو سڃاڻپ هوندو ڪجهه هائيڪن/ ٽن سٽن سان گڏ هي ڪتاب ڇهانوي صفحن جو آهي، جنهن جو ملهه هڪ سئو ڏهه رپيا آهي ۽ ڪتاب ڪنول پبلڪيشن قمبر پاران ڇپيو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment