ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو مرتب ڪيل ڪتاب
موتي مور ملوڪ جا
رحمت پيرزادو
سگھڙائپ واري شاعري لوڪ ڏاهپ جو سرچشمو ۽ ٻهراڙيءَ جي لفظن جي ڊڪشنري
هوندي آهي. ڪلاسيڪل توڙي جديد دور ۾ سگھڙن واري شاعري پنهنجو هڪ خاص مقام رکيون اچي
ٿي، جنهن ۾ حقيقتن جي بيساخته کول ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کي پنهنجو چٽو ۽ واضح موقف هجي ٿو.
ان حوالي سان ثقافت کاتي حڪومت سنڌ مشهور سگھڙ محمد ملوڪ عباسيءَ
تي مرتب ڪيل ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي ڪتاب ”موتي مور ملوڪ جا“
کي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ايڊيٽنگ ۾ ٻيهر شايع ڪري سهڻي سيٽ اپ گيٽ اپ سان ڇپائي، مئي
2013ع ۾ پڌرو ڪيو آهي جنهن لئه هو جس لهڻن.




