07/06/2013

موتي مور ملوڪ جا - رحمت پيرزادو (Rehmat Pirzado)



ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو مرتب ڪيل ڪتاب
موتي مور ملوڪ جا
رحمت پيرزادو
سگھڙائپ واري شاعري لوڪ ڏاهپ جو سرچشمو ۽ ٻهراڙيءَ جي لفظن جي ڊڪشنري هوندي آهي. ڪلاسيڪل توڙي جديد دور ۾ سگھڙن واري شاعري پنهنجو هڪ خاص مقام رکيون اچي ٿي، جنهن ۾ حقيقتن جي بيساخته کول ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کي پنهنجو چٽو ۽ واضح موقف هجي ٿو. ان حوالي سان ثقافت کاتي حڪومت سنڌ مشهور سگھڙ محمد ملوڪ عباسيءَ تي مرتب ڪيل ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي ڪتاب ”موتي مور ملوڪ جا“ کي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ايڊيٽنگ ۾ ٻيهر شايع ڪري سهڻي سيٽ اپ گيٽ اپ سان ڇپائي، مئي 2013ع ۾ پڌرو ڪيو آهي جنهن لئه هو جس لهڻن.

ڇو ته جديد سنڌي ادب جي نقادن وٽ اهو بحث هلندڙ آهي ته سگھڙن جي شاعريءَ جي حوالي سان اسان وٽ ڪو به جامع ڪتاب نه هجڻ ڪري ان شاعريءَ جي ڇنڊڇاڻ نه ٿي سگھي آهي. ڪنهن به صنف تي ڪتاب هڪ مستند حوالو ۽ ريڊي رفرنس هوندو آهي، ان ڏس ۾ سگھڙن جي پورهيي کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، يا اهي موجودهه ڇپائيءَ جي سهولتن مان فائدو نه وٺي سگھيا آهن. پر ان بحث کي اڳتي وڌائڻ ان لاءِ ممڪن نه هيو ڇو ته سگھڙن جو پورهيو سينن ۾ دفن ته هيو مگر اهو سامهون نه اچي سگھيو، جنهن ڏس ۾ هي ڪتاب جيڪو محمد ملوڪ عباسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو، مستقبل ۾ ڪيترا ئي مونجھارا حل ڪري سگھي ٿو.
هي 224 صفحن جو خوبصورت ڪتاب فور ڪلر رنگين ٽائيٽل سان ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن ڪتاب جي اهميت تمام گھڻي آهي پر خاص ڪري آئون جديد دور جي نقادن کي هن ڪتاب بابت هن پليٽ فارم تان اها دعوت ڏيندس ته هن ڪتاب کي پڙهن ۽ سگھڙن جي شاعريءَ تي جامع بحث ٿيڻ گھرجي.

No comments:

Post a Comment