14/12/2014

فيض - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

فيض
انقلابي رومانويت جو شاعر
رکيل مورائي
فيض احمد فيض جي ورسيءَ تي کيس اسين ياد ڪريون ٿا، اهو چوڻ مناسب نه آهي، هو اسان سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ دنيا جي انهن سڀني ماڻهن کان، گروپن کان،قومن کان ۽ انصاف لاءِ وڙهندڙن کان وسريو ئي ڪڏهن آهي؟. هن پاڪستان ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جنم ورتو، ان ڪري هن ملڪ کي فخر آهي ته ان فيض جهڙي هڪ اعليٰ شاعر کي جنم ڏنو، جنهن اڳتي هلي، هن ملڪ جو نالو  انهن ملڪن ۾ وڌيڪ مشهرو ڪيو، جيڪي ويهين صديءَ ۾ قومي ۽ طبقاتي آزادي لاءِ هڪ وڏي سامراج خلاف وڙهي رهيا هئا. فيض احمد فيض نه رڳو پنهنجي انقلابي شاعريءَ ۾ انهن سان پنهنجائپ جو اظهار ڪيو پر هو پاڪستان جي مظلوم عوام سان سندن حقن لاءِ عملي جدوجهد ۾ به شامل رهيو ته جيل جون سزائون به کاڌائين.

سنڌي ميڊيا ۾ مسخري ۽ مسخرا - سيد يار محمد شاهه (Syed Yar Muhammad Shah)

سنڌي ميڊيا ۾ مسخري ۽ مسخرا
سيد يار محمد شاهه
ميڊيا تي سدائين مسخري پئي ٿيندي آهي، اڄ اسان ميڊيا مسخريءَ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين. ان تاريخ ۾ به اسان سنڌي مسخرن جي ميڊيا مسخريءَ تي مختصر جائزو وٺنداسين. انگريز مسخرا چارلي چپلن کان وٺي اٺ جي مسخري تائين انڊيا ۾ گوپ يعقوب کان وٺي اڄ جي جاني ليور تائين. پاڪستان جي نذر، لهري، رنگيلا کان وٺي عمر شريف، شڪيل صديقيءَ تائين. سنڌيءَ ۾ محمد مسخري کان وٺي علي گل ملاح ۽ لطيف مني تائين. سنڌي مزاحيه اداڪارن جي مختصر تاريخ آهي. سنڌي فلم عمر مارئي ۾ هندوستان مان آيل ميمڻ (گجراتي) انڊيا جو مشهور مزاحيه اداڪار لطيف چارلي جنهن فاضلاڻي صاحب جي سنڌي فلمن ۽ شيخ حسن جيڪو پڻ گجراتي هو جي ڪجهه اردو فلمن ۾ به ڪم ڪيو. بليڪ اينڊ وائيٽ سنڌي فلمن ۾ جيڪي مزاحيه اداڪار آيا انهن ۾ ملڪ انوکي ۽ مشتاق جسڪاڻي جيڪي ٽيليويزن جا به وڏا اداڪار هئا، تمام گهڻين فلمن ۾ اهي ٻئي بطور مزاحيه اداڪار طور لازمي ڪاسٽ ڪيا ويندا هئا، انهن کان علاوه جن ٻين سنڌي فلمن ۾ مزاحيه اداڪاري ڪئي انهن ۾ ساقي صاحب، شيخ سنڌي، انور سولنگي، خميسو جانوري ۽ لطيف منو به شامل آهن. سنڌي فلم انڊسٽري هڪ ڀيرو فلم عمر مارئي ۽ پرديسي واري ڪمال کان پوءِ وري زوال تي اچي وئي ۽ وري ٻيهر مشتاق چنگيزي جيڪو مزاحيه اداڪار ٿيڻ شيخ حسن وٽ آيو هو ان کي هيرو بناڻي ڇڏيائين، ان کانپوءِ ملڪ انوکي جو دور هليو ويو ۽ انڊسٽري وري ڊائون ٿي ويئي ۽ وري ساڳي ٽيم جي فلم “مٺڙا شال ملن” وري سنڌي فلم انڊسٽري ڪجهه عرصي لاءِ ساهه کنيو. ان عرصي ۾ ڪراچيءَ جي لاسي برادران جيڪي سنڌي فلمون ٺاهيون انهن ۾ گهڻو ڪري خميسو جانوري ۽ انور شيخ يا مشتاق جسڪاڻي شامل هوندا هئا. جڏهن ته ڪراچيءَ کان ٽيليويزن جي شروعات ٿي ته ان وقت مرحوم عبدالڪريم بلوچ ريڊيو پروڊيوسر هو پر لطيف فن جي ان سفر جا راهي بلوچ صاحب کي مسيحه محسوس ڪندا هئا. ان جي معرفت ڪيترائي راڳي، ڪيترائي ليکڪ، ڪيترائي پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، ايڪٽر ۽ ڪاميڊين آيا ۽ بلوچ صاحب پاڻ به ڪيترائي مزاحيه ڊرامه لکيا ۽ ڊائريڪٽ ڪيا. سندس ڪمال اهو هو جو هن خوبرو نوجوان هيرو اداڪارن کي به مزاحيه اداڪار بنائي ڇڏيو. ان کانپوءِ منظور قريشي جيڪو خوبرو مزاحيه اداڪار ۽ هدايتڪار طور پاڻ مڃائي چڪو هو، حالانڪ اردو ڳالهائيندڙ پروڊيوسر تاجدار عادل، ذوالفقار نقوي ۽ اقبال لطيف وارن به سنڌي پروگرام ڪيا.

لفظن جي حرمت - ايوب گاد (Ayoub Gaad)

لفظن جي حرمت
ايوب گاد
عابده پروين جو ڳايل تاجل بيوس جو ڪلام، ”هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئين پورو پوان“ هر روز منهنجي مٿي جي هارڊ ڊسڪ ۾ معاشري جي اڻ وڻندڙ ڳالهين تي پيو وڄندو ۽ هٿوڙا هڻندو آهي، نيٺ اڄ قلم کڻي لکڻ ته ويٺس پر هر طرف کان ڪيئي موضوع ڪر کڻي بيهي رهيا، مون قلم کي چيو ته ڇا تي لکان؟ ماسترن ۽ پروفيسرن جي لکين روپيه پگهار کڻڻ ۽ پيرڊ نه وٺڻ واري ڪار تي لکان انهن تي لکان، جيڪي شاهه لطيف جي نالي تي هٿ جا بيت ٺاهي موبائيل فون ذريعي هڪ ٻئي ڏي موڪلين ٿا، يا سياستدانن جي انهن ڇاڙتن تي لکان، جن ڪيترن ئي نوجوانن کان لکين روپيه وٺي نوڪرين جا ڪوڙا آرڊر ڏنا، وري جو اخبار کڻي ڏٺم ته ڍڳ مسئلن جو سنڌ جي سينڌ ۾؟ تڏهن چيم، ”ڇا لکي ڇا لکان! پوءِ اخبار رکي ٽيليويزن کوليم ته هڪ پلاٽن جو اشتهار پئي هليو، مٿي ۾ هڪ ٻيو هٿوڙو لڳو، چئنل مٽايم اتي به ساڳيو اشتهار، وري چئنل مٽايم ته ٿوري دير کانپوءِ اتي به ساڳيو اشتهار، ڳالهه اشتهار جي ناهي، پر ان ماڊل (اداڪار) جي آهي، جنهن منهنجي دل کي روئاڙي وڌو، منهنجي دل شايد ان ڪري روئي پئي جو اها نازڪ آهي، پر نئين نسل جي ”جي دل“ نه پر ”جو دل“ آهي، ان ڪري ئي شايد ڪٺور ٿيندي پئي وڃي. ان ڪري ئي ته هنن کي ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته ٻوليءَ جو بگاڙ،  لفظن جي حرمت ڇا هوندي آهي. مونکي ته ان وقت وڌيڪ تعجب لڳو جڏهن پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ راڳين شاهه جي  بيت ۾ لفظ ”وٽ“ کي ”واٽ“ ڪري ڳايو ۽ بيت هن طرح آهي ته:
شُڪر گڏياسون سُپرين، جيئري جاني يار
ويٺي جن جي ”وٽ“ ۾، ڪوڙين ٿيا قرار،
ڌڻيم، ڪر مَ ڌار، پاڙو تن پرين کان

30/11/2014

چچ نامو - مختيار احمد ملاح (Mukhtiar Ahmed Malah)



علي ڪوفي ۽ سندس ترجمو چچ نامو
 (1160ع – 1228ع)
مختيار احمد ملاح
عربن جي دور ۾ سنڌي سرڪار جي زبان عربي هئي، سنڌ ۾ خلافت عباسيه جي ڪمزوريءَ سبب صوبائي گورنرن خودمختياري اختيار ڪري ڏني، بعد ۾هنباري خاندان جي دور حڪومت ۾  سنڌ بدامني جو شڪار رهڻ لڳي 1026ع ۾ محمود غزنوي هن گهراڻي جي آخري حاڪم خفيف کي شڪست ڏيئي منصوره تي قبضو ڪري ورتو. 1030ع ۾ شهاب الدين غوري به سنڌ تي ڪاهي آيو پر ڪامياب نه ٿيو. جنهنڪري 1042ع ۾ وري سنڌ تي چڙهائي ڪيائين. ان ريت سنڌ تي غور، غزنوي ۽ غلام گهرائڻ جي حڪومت سڌي يا اڻ سنڌي ريت رهي. ناصر الدين قباچه 1206 کان 1228 تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سندس گاديءَ جو هند ملتان هو. ناميارو تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو ته جيتوڻيڪ، ناصر الدين قباچه جو دور حڪومت ٿورو رهيو، ليڪن ان ٿوري عرصي ۾ هن ثقافتي لحاظ کان اهم ڪم سرانجام ڏنا. عالم،  شاعر ۽ ادب جيڪي منگولن جي حملن کان پوءِ وچ ايشيا مان ڏي سنڌ آيا، انهن جي سرپرستي ڪيائين(حامد علي ڪوفي، ناصر الدين قباچه جي دور ۾ سنڌ  آيو.

انسانذات جي ڪهاڻي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



انسانذات جي ڪهاڻي
رکيل مورائي
انسانذات جي ڪهاڻي ڪيتري پراڻي آهي. انسان ڪيترو وقت ارتقا جا مرحلا طئي ڪيا آهن، ڪهڙين تڪليفن ۽ عذابن مان گذري اڄ جي منزل تي پهتو آهي ۽ اڳتي هو ڪيڏانهن وڃڻو آهي. جيتوڻيڪ اهي سڀ موضوع الڳ الڳ به آهن، ته ساڳئي وقت گڏيل به آهن.
انسان جي ارتقا بابت ڪيترن ئي عالمن، اڪابرن، سائنسدانن ۽ تاريخدانن گهڻو لکيو آهي ۽ سچ اهو به آهي ته جيترو گهڻو لکيو ويو آهي، اوترو ئي ٿورو سمجهڻ گهرجي. انسان جي ارتقا هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي جيترو لکيو ويندو اوترو وڌيڪ لکڻ لاءِ رستا کٽندا ويندا ۽ انسان پنهنجي سفر کي ٿورو يا گهڻو سمجهندو ويندو.

تخليق خالق کان سواءِ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



تخليق خالق کان سواءِ
رکيل مورائي
جڳ مشهور ليکڪ عمر عطيلا ايرگيءَ جو ڪتاب ”تخليق خالق کان سواءِ؟“ گهڻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب جو موضوع ئي اهڙو آهي. تخليق خالق، مادو، روح، ارتقا ۽ ٻين اهڙن خاص موضوعن تي اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن، جيڪي پڙهيا پڻ ويا آهن. هيءُ ڪتاب به تخليق، ڪائنات ۽ ان جي جوڙجڪ بابت آهي، سالن کان هلندڙ هن بحث کي اڃا ڪيترا ئي سال هلڻو آهي، جيستائين هيءَ ڪائنات هلڻي آهي، ۽ سائنس جون نيون درافتون رڪڻيون ناهن. ائين ماڻهوءَ جا شخصي عقيدا پڻ هن ڪائنات، ان جي خالق ۽ ان کي هڪ حسين ترتيب سان هلائڻ بابت اهم حيثيت رکن ٿا.

سجاد مهر جي شاعري - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


سجاد مهر جي شاعريءَ جو ڪتاب
”رقص منهنجي روح جو“

مٺل جسڪاڻي
سياڻا چوندا آهن موسيقي روح جي غذا آهي، ته پوءِ ڇو نه چئجي ته ساز موسيقي جي، آواز ساز جي ۽ شاعري آواز جي روح جي غذا آهي. جڏهن شاعري شان واري هوندي، آواز وڻندڙ هوندو، ساز سُر سان وڄندو، ته موسيقي روح کي راحت ئي بخشيندي.
جيتوڻيڪ اڄڪلهه آزاد شاعري تمام گهڻي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ به رڌم ممڪن آهي، پر گائڪيءَ ۾ اوليت پابند شاعري کي ملندي رهي آهي. پابند شاعري جون انيڪ صنفون آهن. سجاد مهر موجوده دور جو نوجوان شاعر آهي. پاڻ مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪندي، داد حاصل ڪندو رهيو آهي، پر سندس شاعري جو پهريون مجموعو ”رقص منهنجي روح جو“ صرف غزلن تي مشتمل آهي.

حسن درس جي شاعري - دولت رام کتري (Dolat Ram Khatri)



ڪارونجهر جا ڪولهي، راسوڙا ۽ حسن درس جي شاعري
دولت رام کتري/مٺي
ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي سڀ کان عظيم تخليق تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءُ جو نالو ناهي، پر شاعري دل جو آواز آهي، سجاڳيءَ جو پيغام آهي، پنهنجي  دل جي آواز کي، سماجي حالتن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروئڻ جو ٻيو نالو شاعري آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو، تنهنڪري فطري طور هُو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ تضادن تي گهرائيءَ سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائي ٿو.

04/11/2014

ملهار چانڊئي جي شاعري - علي زاهد (Ali Zahid)

ننڍڙا تارا سپنا منهنجا
خوبصورت شاعر ملهار چانڊئي جي شاعريءَ تي لکيل تاثر
علي زاهد
هر شاعر اندر نُون. مِيم راشد جو “حَسن ڪوزاگر” ويٺل آهي جيڪو لفظن جا ٿانوَ لسائي خيال جي آويءَ ۾ پچائي ٿو ۽ سندس اهو عمل کيس به ان خيال سان گڏ آويءَ ۾ پچائي ٿو. تخليق اهو کورو آهي جنهن ۾ کامڻ اوس آهي، پر تنقيد هٿ آڱر جي اها ٺڪ ٺوڪ آهي جيڪا جاچيندي آهي ته ان ٿانوَ ۾ ڪيترو ست آهي. منهنجي نظر ۾ نقاد اها اک آهي جيڪا آئينو بڻجي تخليقڪار جي اڳيان بيهي ٿي رهي جنهن ۾ هو پنهنجي تخليق جي چهري جي ٻيهار سنوار ڪري سگهي ٿو، پر آئيني لاءِ اهو به شرط آهي ته ان کي به صاف شفاف هئڻ گهرجي، جيڪڏهن ان تي خود داغ هوندا ته اهو ڪنهن ٻئي کي ڪهڙو چٽو عڪس پسائڻ جي دعوى ڪري سگهي ٿو.

03/11/2014

خوشبوءِ هوائن ۾ وکري وئي - غلام مصطفيٰ سولنگي (Ghulam Mustafa Solangi)

خوشبوءِ هوائن ۾ وکري وئي
غلام مصطفيٰ سولنگي
۲۶ ڊسمبر هڪ تاريخ ئي ته آهي، پر ڇا ان تاريخ کي اسان پنهنجي ذهنن مان ٻاهرڪڍي سگهون ٿا؟ هر گز نه هيءَ تاريخ اسان جي ساهن ۾ رچيل وسيل آهي. هن تاريخ سان ڪا خوشي نه، پر هڪ اهڙو درد سلهاڙيل آهي جيڪو ”ڀڳي هڏ“ جيان روح کي سدائين پيو رهڙيندو رهندو. هيءَ اها نڀاڳي تاريخ آهي، جڏهن اردو شاعريءَ کي نوان گس ۽ پيچرا ڏيکاريندڙ سج صبح جو ئي لهي چڪو هيو. پروين شاڪر پنهنجي جوانيءَ ۾ زندگيءَ جي سفر کي اڻ پورو ڇڏي هڪ اهڙي واٽ تي وک رکي هئي، جتان موٽڻ ممڪن نه هوندو آهي. هوءَ هوا وانگر هئي. هوائن تي ڀلا ڪو زور هلندو آهي ڇا؟ سندن مرضي، جنهن پاسي چاهين، وڃي سگهن ٿيون.
فرانس جي نالي واري شاعر پال ورلين جي هڪ مشهور نظم جون پهريون سٽون ڪجهه هن ريت آهن:
هو منهنجي دل ۾ ڳوڙهن وانگر وهي ٿو،
۽ شهر تي بارش وانگر وسي ٿو.