01/11/2017

عبدالقادر منگيءَ جو ڪتاب ’جي مون گهاريا ٿر ۾‘ - ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو (Dr Altaf Mehboob Jokhyo)

ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو
عبدالقادر منگيءَ جي ڪتاب
’جي مون گهاريا ٿر ۾‘ تي هڪ نظر

حيدر بخش جتوئيءَ جو چوڻ آهي ته ”سنڌ جي ساک کي اسان جي سياستدان، وڏيري، بيوروڪريٽ ۽ مُلي ڪافي هاڃو رسايو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ کي قوم کان بالاتر سمجهي، ٻين جي ايجنڊا تي ڪم ڪندا آيا آهن.“
پر استاد بخاريءَ جي هن سِٽ ’جو سنڌ جياري اهو جيئندو رهندو‘ پٽاندر جن ماڻهن قومي ڌارائن تي رهندي سنڌي قوم جي خدمت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ساک کي برقرار رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، انهن مان عبدالقادر منگي صاحب به پنهنجي هڪ نرالي حيثيت رکي سگھيو آهي.
ڪير ٿو اڄڪلهه ٺڪرن ڀترن کي پنهنجي آئندي جي ملڪيت سمجهي ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ساهه ڏئي! گھاري ۾ رهيو، ڀنڀور ڪانفرنس ڪرائي، ان جي تاريخ تي ويچار جا در کولرايائين؛ ٿر ۾ رهيو اتي ٿر ڪانفرنس ڪوٺائي، ان جي پٺتي پيل عوام کي شعور بخشڻ لاءِ وس ڪيائين. هن قحط الرجال واري دؤر ۾ اهڙا سرڪاري آفيسر اسان گھٽ ڏٺا آهن.

18/09/2017

ڪتاب سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب ۾ ناشر پاران نوٽ، پيش لفظ سنڌ ۾ ٻولي ۽ سياست. سنڌي ٻوليءَ جو مقدمو، سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ۽ ترقي، سنڌي ٻولي ۽ سماج، سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ، سنڌي ٻولي: ماضي حال ۽ مستقبل، سنڌي مادري ٻوليءَ جي تعليم: تاريخ ۽ پس منظر، سنڌي ٻولي بحيثيت ڪاروباري ٻولي، ون يونٽ دور ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم، سنڌي ٻولي ۽ حيدر بخش جتوئي، ثقافت جو ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، اهميت ۽ ضرورت، سماجي ڪارج، انتظامي ۽ ڪاروباري وهنوار کان ويندي تعليم جو ذريعو، سنڌي ٻولي هجڻ ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، ترقي بابت ليکڪ جي ٻولي جي مسئلي تي حقيقي نگاهه رهي آهي. ٻوليءَ جو درد ۽ پيڙا محسوس ڪندي ٻوليءَ بابت انتهائي اهميت جوڳا ويچا ونڊيندي پروفيسر اعجاز قريشيءَ اسان جي ملڪ ۾ ٻولين سان ٿيندڙ ٻه اکيائي/ناانصافيءَ بابت انتهائي سنجيدگيءَ سان لکندي فطري ٻولين کي نظر انداز ڪرڻ ڪنهن ٻي ٻوليءَ کي مٿانهون مقام ڏيڻ يا فطري قومي ٻولين کي مقامي ٻوليون چئي نظر انداز ڪرڻ واري روش جو کلي دل سان اظهار ڪيو آهي.

16/09/2017

ڪتاب ”محبت جن جي من“ - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
رياضت ٻرڙي جو سهيڙيل ڪتاب
”محبت جن جي من“ جو تعارف


هن ڪتاب جا 5 ڀاڱا / باب آهن ، ڪتاب جو پيش لفظ لکيو آهي رياضت ٻرڙي، جڏهن ته سڀ کان پهرين ٻه پروفائيل ڏنل آهن، ٻيون مقالا / مضمون جن جو انگ 10 آهي. 3 ڪتابن جا اڀياس، تعارف ۽ تبصرا -13 ڏنل آهن، 4 تاثر ۽ يادگيريون 31، جڏهن  ته 5 ڀاڱي / باب ۾ ڊاڪٽر محبت بابت شاعري ڏني وئي آهي.
اپريل 1997ع تي وڇڙي ويل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 20 هين ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪيل هي ڪتاب جنهن کي”اڪيڊمي ادبيات“ جي مالي سهڪار سان شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي بابت لکيل، مختلف ليکڪن جون لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جو هي 54-هون ڪتاب آهي جيڪو قنبر ۽ ڄامشوري کي ارپيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي حياتيءَ جا ڪيترائي املهه ورهيه گذاريندي علم ۽ ادب لاءِ جاکوڙ ڪئي. ڊاڪٽر محبت جا 19 ڪتاب سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇپرايا ويا آهن. جڏهن ته هيءُ 20-هون ڪتاب  ڊاڪٽر محبت بابت مختلف ليکڪن جون لکيل لکڻيون آهن، جن ۾ ڊاڪٽر محبت جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، صحافتي، تخليقي، تنقيدي، تحقيقي ۽ تحريڪي وهنوار جا احوال ڏنل آهن، ته ڪهڙيءَ ريت هڪ نوجوان پنهنجين صلاحيتن آڌار سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي. ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي زندگي ننڍايل خاڪو“ رياضت ٻرڙو، سندس ڄم ۽  تعليم، نوڪري ۽ خانگي ڪلينڪ، شادي ۽ اولاد، مطالعو، ادبي، صحافتي، سرگرميون، پبلشنگ ادارو، سنڌالاجيءَ لاءِ ڪيل ڪم، سماجي خدمتون، قلمي نالا، سنڌي ادبي سنگت قنبر سان وابستگي، سياسي سرگرميون، تخليقي، سياسي ڪتاب، عوامي  تحريڪ سان وابستگي، علمي ۽ عملي ڪم جي شروعات، وفات، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڊاڪٽر محبت جي شايع ٿيل ڪتابن جو وچور ڏنو ويو آهي. پروفائيل-2 ۾ ڇپيل / اڻ ڇپيل لکڻين جو وچور ڏنو ويو آهي.

ڌرتي: منهنجو گهر - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
ڌرتي: منهنجو گهر


هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2009ع ۾ پڌرو ڪيو ويو هئو. ڪتاب جي علمي اهميت کي ڏسندي هاڻي ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو پڌرو ڪيو ويو آهي.
* هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لکڻيون شامل آهن جن ۾ سائنسي انداز فڪر سمايل آهي، غير سائنسي ۽ وهمي سوچ جي نندا ڪيل آهي، هن تحقيقي طور جيڪي به لکڻيون لکيون آهن، اهي اڻ ڄاڻائي، ڄٽائپ، سونسي، وهم، عقيدي، زوربار، جهل کان آجيون آهن ۽ ڄاڻ، سوچ، سمجهه، عقليت پسنديءَ، دليل، مشاهدي ۽ تجربي تي آڌاريل آهن. هن جي ادبي ۽ تحقيقي  مقالن / مضمونن  ۾ پڻ روايت پرستيءَ بدران استدلال کي پرکي سگهجي ٿو.

01/09/2017

ناول ”پيار درياهه“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
ناول ”پيار درياهه“ ڪجهه نئون ڏئي ٿو


سنڌيءَ ۾ ناول تيزيءَ سان لکجي رهيو آهي. اها ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي، ان کان به وڌيڪ خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته سنڌي ناول ”نئين“ ڏانهن وڌي رهيو آهي. ائين اميد جاڳي آهي ته گهڻي کان گهڻا ناول لکيا ويندا ته انهن مان گهڻي ئي سٺا ناول ظاهر ٿي پوندا.
نئين صدي اها آس پوري ڪري رهي آهي ته سنڌي ادب ۾ ناول جي حوالي سان جيڪا غربت آهي، ان ۾ ڪا گهٽتائي اچي ۽ پڪ سان سنڌي ادب ناول جي ڏس ۾ شاهوڪاريءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي. ايئن ڪجهه نئون به ڏيڻ لڳو آهي. جنهن جو اندازو تازو ئي ڇپيل اسحاق انصاريءَ جي ناول ”پيار درياهه“ پڙهڻ کان پوءِ لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ناول مون کي بيحد گهڻي خوشي ڏني آهي. تخليقي حوالي ۾اسحاق انصاريءَ جو هيءُ ٻيون ناول آهي، سندس پهريون ناول ”خالي بينچ“ آهي، جنهن ڪافي پذيرائي ماڻي ۽ هڪ کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪو آهي. سندس هيءُ نئون ناول گهڻو ڪجهه نئون ڏئي ٿو.

20/04/2017

رخسانه پريت ۽ نگاهن جا سجدا - سنڌو پيرزادا (Sindhu Pirzada)

سنڌو پيرزادا

رخسانه پريت  ۽ نگاهن جا سجدا



محترمه انيس هارون ڪتاب ”فيمينزم اور هم“ ۾ لکي ٿي ته ”پاڪستان ۾ عورتن جي جدوجهد ابتدائي مرحلي ۾ آهي، هتي عورت زندگيءَ جي بنيادي حقن مثال طور تعليم جو حق، اچ وڃ تي پابندي نه هجڻ، پنهنجي مرضيءَ جو روزگار ڪرڻ، پسند جي شادي ڪرڻ ۽ هڪ انسان جي حيثيت سان معاشري ۾ سڃاڻپ جو حق هجڻ کان به محروم آهي. غيرت جي نالي تي قتل، ڪاروڪاري، عورت جي خريد فروخت، ڏي وٺ جي شادي ۽ سام رکڻ جهڙيون ڪڌيون رسمون بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري آهن. انهن سڀني رسمن جو ختم ٿيڻ ئي عورت جي عزت ۽ حيثيت جي بحاليءَ طرف پهريون قدم آهي.“
ان ئي حوالي سان ڊاڪٽر فاطمه حسن جو چوڻ آهي ته ”اڄ سڄي دنيا جون عورتون ان ڳالهه تي متفق آهن ته صدين کان انهن کي ٻيائي ۽ بي عزتيءَ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، بحيثيت انسان انهن کي گهٽ ۽ ڪمتر سمجهيو ويو آهي، عورتن کي ذهانت، عقل، فڪر، دانش ۽ علم کان محروم مخلوق ثابت ڪرڻ، اهل قلم جو مشغلو رهيو آهي. تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ مان عورتن جو وجود غائب آهي. اهڙي منفي رويي کي تبديل ڪرڻ ۽ سماجي رويي تي تنقيد ڪرڻ جيڪو اهڙي غير مساوي سلوڪ کي تقويت ڏئي، فيمينزم آهي“.

26/01/2017

”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جا ’ٻه چار لفظ‘ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جا ’ٻه  چار  لفظ‘
رياضت ٻرڙو
دنيا جي علمي، ادبي ۽ سگھڙ ٻولين ۾ سنڌي ٻولي هر لحاظ کان شامل مڃي وئي آهي، جيڪا دنيا جي انهن پهريتي ۵۰ ٻولين ۾ ڳڻجي ٿي جن جا ڳالهائيندڙ گھڻا آهن. ان حوالي سان، سنڌي ٻوليءَ جي جاگرافي، سنڌ سُوڌو، مختلف ملڪن ۽ علائقن ۾ پڻ پکڙيل آهي جتي سنڌي ٻولي پنهنجو سماجي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي ڪارج نڀائيندي رهي ٿي. ان ڪارج جو هڪڙو، گھڻ-رخو اظهار، پهاڪا ۽ چوڻيون، محاورا ۽ ورجيسون پڻ آهن، جن ۾ سمايل ۽ سانڍيل لوڪ ڏاهپ کي هر سڄاڻ ماڻهو چڱيءَ پر ڄاڻي ۽ سمجھي ٿو. جڏهن ته عام ماڻهو ان جو پنهنجي سماجي اٿاويٺيءَ واري زندگيءَ ۾ عملي واهپو ڪري ٿو.
اهڙن سڄاڻ ماڻهن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو پڻ شامل آهي. هُن ٻوليءَ جي انهيءَ لوڪ ڏاهپ کي نه صرف سمجھيو، پرکيو ۽ پروڙيو آهي، پر ان تي مسلسل تحقيق ڪندو ۽ ان جي خوبين، وصفن ۽ اهميتن کي لکت وسيلي بيان پڻ ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب سندس نانءُ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي تحقيقي ڪم جي حوالي سان نروار ٿي بيٺو آهي. خاص ڪري، سهتو صاحب جنهن خاص انداز ۽ موضوعي ورڇ سان پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪري رهيو آهي، اهو جس لائق آهي. نه صرف اهو، پر هُن ته پهاڪن ۽ چوڻين تي مختلف محققن پاران کانئس اڳ ٿيل تحقيقي ڪم کي به نئون سنئون (up-date) ڪري، سنواري ۽ سڌاري، ٻيهر جيئاريو آهي.

سهتي صاحب جو موجوده ڪتاب ”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“، پنهنجيءَ تحقيقي سٽاءَ ۾ بيحد وڻندڙ انداز رکي ٿو جنهن ۾ طب سان تعلق رکندڙ پهاڪن ۽ چوڻين کي ذيلي موضوعن ۾ ورڇي، بخوبي پيش ڪيو آهي. ان لاءِ کيس واڌايون پيش ڪيان ٿو.

08/01/2017

غلام محمد جو ڪتاب ”تو کان پوءِ“ - فريد ڪيريو (Fareed Keeryo)

شاعري هڪ شرف آهي
غلام محمد جو ڪتاب ”تو کان پوءِ“
فريد ڪيريو

شاعري هڪ اهڙو شرف جيڪو ڌرتيءَ جي من گولي تي جنم وٺندڙ گهر ان جي نصيب ۾ ناهي هوندو، جن اشرف الخلوقات مان به ڪي چند چونڊ ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي اهو شرف حاصل هوندو آهي. هتي مان پنهنجي ڳالهه جي مقصد کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ڌرتيءَ جي سٻاجهڙي شاعر مفتون ڪورائيءَ جي ڪتاب ”رُنيون ڪهڪشائون“ مان ورتل آسي زمينيءَ جي هنن خوبصورت سٽن جو سهارو وٺندس ته شاعري شعور عمل آهي يا لاشعوري انهيءَ فلسفيانه بحث کان پري رهندي شاعريءَ لئه اهو ته طئي آهي ته شاعري غير معمولي ماڻهن جي غير معمولي صلاحيت ۽ حاصلات آهي، جيڪا هڪ مهان تخليقڪار جي طرفان پنهنجي ئي تخليق کي عطا آهي تحفو آهي، ڏات آهي، پوءِ اُن ڏات جو ڀاڱو ڪنهن کي ڪنهن کي ۽ ڪيترو ڪيترو ملي ٿو اهو پنهنجو پنهنجو ڀاڳ آهي.

قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير - ڊاڪٽر خضر نوشاهي (Dr. Khizr Noshahi)

ڊاڪٽر خضر نوشاهي

سنڌ جي اڀرندڙ محقق ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگھري صاحب جي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز جو اختصار ”قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير“ جي عنوان سان مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. انهيءَ موضوع تي اِها پهرين ڀرپور ڪوشش آهي. اڳ ۾ اِنهيءَ موضوع تي صرف هيٺيان چند مختصر مقالا ڇپيل هئا:
(1) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو مقالو ”قرآن پاڪ جا سنڌي ترجما ۽ تفسير“، هي مقالو پهريائين ٽن قسطن ۾ ماهنامه نئين زندگيءَ ڪراچي، سال 1964ع جي ٽن پرچن مارچ، مئي ۽ جون ۾ ڇپيو ۽ ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ نمبر 1-2/ 1980ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڀيرو ”ماهوار شريعت سکر“ ۾ فيبروري 1987ع ۾ به ڇپيو.
(2) ميرزا عباس علي بيگ جو مقالو ”قرآن جي اشاعت ۽ اُن جا ترجما“، ماهنامه نئين زندگي ڪراچي جي فيبروري 1987ع واري پرچي ۾ ڇپيو.

”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“ جو جائزو - غوث پيرزادو (Gaos Pirzado)

سنڌي شاعريءَ جو مست قلندر
سائل پيرزادي جي شعري مجموعي
”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“ جو جائزو
غوث پيرزادو

پنهنجي ظاهري ڏيک ويک ۾ پرين ۽ شهزادن جي ڪهاڻين ۾ موجود شهزادن جهڙو پراسرار شخص ۽ شاعر جو نالو آهي سائل پيرزادو، جنهن جي اکين ۾هڪ سمنڊ ڇوليون هڻندو رهندو آهي. بظاهر هن خاموش شاعر جي شاعري هڪ آتش فشان آهي، جيڪو آتش فشان دنيا کي ساڙي ۽ ٻاري رکڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو:
حقيقت هن حال جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اڀڙي ڪين ڪي. (شاهه) 
هن شاعر جا ٽهڪ اوڙڪون ڪري سانوڻيءَ جي مينهن جيان وسي پوندا آهن ته شاعري بڻجي پوندا آهن ۽ جهڙالي جهڙي سندس شاعري پڙهي روح اداس ٿي وڃي ٿو. سندس گفتگوءَ ۾ بارشن کان پوءِ ڌرتيءَ مان اٿندڙ مٽيءَ جي سڳنڌ ماڻهوءَ تي خمار طاري ڪري ڇڏي ٿي. ڳالهين جي ڳهير سائل پيرزادي جي ڪچهرين ۾دريائي ڪچي جي ماڻهن وارو مزو رکيل آهي جنهن جي ڪچهرين مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي آهي. سندس شاعري به سندس شخصيت جو ڀرپور عڪس آهي. هي وڏين اکين وارو اداس شاعر پنهنجي شخصيت مان مون کي انهن بي باڪ جوڌن مان بچي نڪتل سپاهي لڳندو آهي جن ڌرتيءَ جي دشمن جلادن سان ويڙهه وڙهندي پنهنجي جوانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن کي مان ايترو نه سڃاڻان، پوءِ به سندس تخليق منهنجي اتساهه جو ڪارڻ ان ڪري به آهي جو اها فطرت جيان حسين، خوبصورت ۽ معصوم آهي. هن جيڪي به ڪجهه لکيو آهي سو سندس دل کان ٻاهر ناهي. هن جي سٽ سٽ سندس ٽٽل جذبن جو آواز آهي. هن جي شاعري آرٽيفيشل ناهي تنهن ڪري هر پڙهندڙ سندس شاعري سان گڏ سفر ڪري ٿو.