23/04/2020

ڪهاڻين جو مجموعو ”ڪائنات جو موت“ - عظيم رونجهو (Azeem Roonjho)


عظيم رونجهو
جعفر شاهاڻي جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪائنات جو موت“ تي هڪ نظر


جعفر شاهاڻي سان منهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه E-chat جي ذريعي هلال پاڪستان اخبار ۾ سنڌي ادب ۾ تنقيدي رجحانن جي حوالي سان شايع ٿيندڙ هڪ مضمون جي باري ۾ ٿي. ان وقت تائين آئون سندس پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ”اذيتن جي آس“ پڙهي چڪو هئس، پر مون ان ڪتاب تي پنهنجي ڪا راءِ نه رکي هئي. خوشي ان ڳالهه جي ٿي جو پاڻ ئي چيائين ته سندس ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”ڪائنات جو موت“ ڇپجي رهيو آهي ۽ مون ڪوشش ڪئي آهي ته ان ڪتاب ۾ اهي غلطيون نه هجن جيڪي پهرئين ڪتاب ۾ ٿيون آهن. ڪنهن به ليکڪ جي پنهنجي پاڻ ڏانهن تنقيدي نظر يقينن هڪ خوش آئند ڳالهه هوندي آهي، ان ڪري جعفر شاهاڻي جي ٻئي ڪتاب جو مون انتظار پئي ڪيو، جيئن ڪتاب ڇپيو ته پياري سعيد سومري کي چيم ته موڪلي، ان بنا دير جي موڪلي ڏنو.

21/04/2020

ناولٽ: ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)

اڪبر لغاري
ناولٽ: ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ



گوٿڪ ادب (خوف، موت، رومانس ۽ زندگيءَ جو ڀيانڪ رخ) ۾ ڪيترائي ناول ۽ فلمون مشهور ٿيون جن ۾ فرئڪنسٽائين، ڊراڪولا، پڪچر آف ڊورين گري ۽ ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ وڏي شهرت ماڻي ۽ وڏي عرصي بعد اڄ به سندن مقبوليت ۾ ڪا گھٽتائي نه آئي آهي.
رابرٽ لوئي سٽيوينسن هي ناولٽ 1886 ۾ لکيو، جيڪو ترت ئي برطانيا ۽ آمريڪا جي ادبي افق تي ڇانئجي ويو. ڪهاڻي ڪجھ ان طرح آهي ته لنڊن ۾ ڊاڪٽر جيڪل هڪ معزز ۽ ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو انسان جي شخصيت جي ٻٽي پهلو تي سائنسي ريسرچ ڪرڻ لاءِ پنهنجي گھر ۾ ليبارٽري قائم ڪري ٿو ۽ مختلف تجربا ڪري هڪ مشروب ايجاد ڪري، ان جو تجربو پنهنجي پاڻ تي ئي ڪري ٿو. مشروب پيئڻ کان پوءِ سخت جسماني عذاب مان گذرندي، ڊاڪٽر محسوس ڪري ٿو ته سندس اندر جو منفي انسان جاڳي چڪو آهي جيڪو بيحد طاقتور، نوجوان ۽ زندگي سان ڀرپور آهي. هو جڏهن آئيني ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏسي ٿو ته حيران ٿيو وڃي. سندس قد گھٽجي چڪو هو، شڪل بدلجي چڪي هئي ۽ چهري تي وڏي ڦٽڪار هئي. هي رات جو تيار ٿي، پنهنجي گھر جي چور دروازي کان نڪري ٿو ۽ ڳاڙهي بازار ۾ وڃي اتي رنگ رليون ملهائي ٿو. جنهن عورت سان سمهي ٿو، ان تي بيدرديءَ سان تشدد به ڪري ٿو. واپس اچي ٻيو مشروب پيئي ٿو ۽ واپس پنهنجي اصلي شڪل ۾ اچي وڃي ٿو. کيس پنهنجي رويي تي بيحد افسوس ٿئي ٿو پر تجربي خاطر ان کي برداشت ڪري ٿو. پنهنجي ٻئي وجود کي هُو ”مسٽر هائيڊ“ جو نالو ٿو ڏئي.

19/04/2020

زخمي چانڊيي جي ٻارن لاءِ سرجيل شاعري ”مٺڙا ٻار“ جو جائزو - فقير محمد سنڌي (Faqeer Muhammad Sindhi)


فقير محمد سنڌي 
زخمي چانڊيي جي ٻارن لاءِ سرجيل شاعري ”مٺڙا ٻار“ جو جائزو

مون کي نه سونُ گھرجي، نه چاندي گهرجي،
مون کي انساني ضمير قُلعي ڪرائي ڏي.
                                      (استاد دامن)
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جو 73-هون ڪتاب ”مٺڙا ٻار“ جيڪو زخمي چانڊيي جو ٻاراڻي شاعريءَ تي سرجيل آهي. زخمي چانڊيي جي زندگيءَ جو گهڻو حصو ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ گذريو. زخمي چانڊيي کان وڌيڪ ٻارن جي نفسيات ڪير ورلي ڪو محسوس ڪري سگھندو، ڇو جو هو سنڌ جي مستقبل سان وڌيڪ پيار ۽ پريت ڪندڙ شخص هو. زخمي چانڊيي کي 24 آڪٽوبر 2000ع تي رستي ۾ شھيد ڪيو ويو، جڏهن ته هو ان وقت به ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هو. زخمي جي هن فاني دنيا مان وڃڻ کان پوءِ شاعريءَ جا مجموعا شايع ٿيندا رهيا، پر هي ٻاراڻي شاعري جو مجموعو سترهن سالن بعد زخمي جو پورهيو سندس پونئرن آڪٽوبر 2017ع تي شايع ڪرايو. اها علم دوستن جي بهترين سنڀال آهي، جنھن ۾ گھر ڀاتي ۽ ادارو جس جا مستحق آهن.

13/04/2020

ڪلهوڙا دَور جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو - فقير محمد سنڌي (Faqeer Muhammad Sindhi)


فقير محمد سنڌي
”ڪلهوڙا دَور جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ تي هڪ نظر!

سنڌوءَ جي سرزمين جا رتنا رنگ ۽ گل سدائين تاريخ کي امرت بخشيو آهي، جنھن ۾ مفڪر، دانشور، فلسفي، سائنس ۽ فنون لطیفہ جي امر شخصن تاريخ کي رقم ڪيو آهي. هڪ اهڙو ئي ڪتاب جيڪو سنڌ جي سرزمين تي حڪمراني ڪندڙن جي دستاويز طور تي سڃاڻپ ڪرائي ٿو. اهڙو تاريخي ڪتاب عباسي ڪلهوڙا تنظيم، سنڌ، ڇپرايو آهي، جنھن کي سائنسي بنيادن تي سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ مترجم جهانگير عباسيءَ ۽ مشتاق ڪلهوڙي مرتب ڪيو آهي.

سنڌي ادب جي اديبن جا جاگيرداراڻا روَيا - بخشل باغي (Bakhshal Baghi)


بخشل باغي
سنڌي ادب جي اديبن جا جاگيرداراڻا روَيا


مون کي ٻين ٻولين جي اديبن/ليکڪن جي حقيقي زندگيءَ جي روين جي ته ڪا گهڻي ڄاڻ ناهي پر سنڌي اديبن/ليکڪن جي تخليقي توڙي حقيقي روش جي تجربن ۽ مشاهدن کي چڱيءَ پر ڏٺو توڙي پرکيو اٿم۔ شايد ان صورتحال کي عام طور تي قول ۽ فعل جي ڪسوٽيءَ جي معيار طور سمجهي سگهجي ٿو۔ اديب/ليکڪ جيڪي پنهنجن تحريرن ۾ روشن خيال، پيار، محبت، دوستي، امن توڙي خوبصورتيءَ جا چاهيندڙ هوندا آهن، سنجيده ۽ فهميده هوندا آهن، پر اهي عملي زندگيءَ جي اُن رُخ ۾ اڪثر طور تي گهڻي قدر مختلف هوندا آهن۔ اهڙي دل سوز روش ادب جهڙي حساس ماحول ۾ متاثر ٿيندڙ ليکڪ فردن کي ڀُڃي ڀوري وجهندي آهي۔ سينيئر ۽ جونيئر واري سطحي نفسيات کي ادب جي روشن خيالي به روڪي نه سگهي آهي، توڙي جو اسان پنهنجين لکڻين يا خيالن ۾ جاگيرداراڻي سماج توڙي خيالن جي نفي ڪندي ترقي پسند ٿيڻ جي ڪوشش ته ڪندا آهيون پر بنيادي طور تي اسان پنهنجي اندر ۾ انهن ئي روايتن جا امين هوندا آهيون، جڏهن ته جاگيرداراڻي سوچ سنڌي سماج ۾ رڳو اديبن ۾ نه آهي پر سياست، صحافت يا سماج جي ٻين شعبن ۾ به موجود آهي، پر مان هت ادب جي دنيا ۾ احساس جي ڳالهه ڪندڙ اديبن جي ڳالهه ٿو ڪيان ته اهي اديب/ليکڪ نوان هجن يا پراڻا اهي ڪنهن نه طرح يا سطع تي اها نفسيات رکن ٿا جيڪا خاص طور تي هڪ اديب کي اپنائڻ نٿي سُونهي۔

29/03/2020

ناول: ماتم ھڪ عورت جو - ولي محمد خاصخيلي (Wali Muhammad Khaskheli)


تبصرو: ولي محمد خاصخيلي
ناول: ماتم ھڪ عورت جو
ناول نگار: عمر ريوابيلا
سنڌيڪار: ننگر چنا

لاڪ ڊائون دوران گھٽ، ٻوسٽ ۽ ڪرونا وائرس جھڙي موتمار وائرس جي خوف جتي سڄي دنيا کي حيران پريشان ۽ دھشت واري ماحول ۾ مبتلا ڪري رکيو آھي. انھي صورتحال ۾ ماڻھو پنھنجي گھر ۾ موجود رھندي ئي پاڻ، دوستن، عام خلق ۽ خود پنھنجي گھر وارن کي پنھنجي گھر ۾ موجودگي ۽ ٻاھر نه وڃڻ ڪري، ھن مرض ۾ وٺجڻ کان بچائي سگھي ٿو ته اھا به سمجھداري واري سوچ سمجھڻ گھرجي. جڏھن ماڻھو ٻاھرجي ڪمن ڪارين کان مجبورن واندو ٿيو گھر ۾ ويٺو آھي ته ان دوران سندس واسطو ٽي وي، فيس بوڪ ۽ نيٽ ته اخبارون وغيره ٿي سگھن ٿا، جتان سڄي دنيا جي گھر ويٺي معلومات پئجيو وڃي. اھڙي صورتحال ۾ ذھني مونجھ ۽ پريشاني ۾ ذھن جي ھم آھنگي سان جي ڪجھ لکي نٿو سگھجي ته ان وقت جو بھترين تصرف ھڪ علموَند لاء مختلف ڪتابن جي وندرئي ھوندو آھي ۔۔ پوء مختلف علمي ادبي،شاعري، تاريخي ۽ ديني ڪتابن کان ويندي، علم سائنس، ڪھاڻين، فلسفي ۽ ناولن جا ڪتاب به زير مطالع اچن ٿا. ڪتاب ته ھُونئن به انسانن جا سٺا دوست ئي رھيا آھن، پر شرط اھو آھي ته توھان انھن سان ڪيتري حد تائين دوستي نڀايو يا ساڻن ڪچھري ڪيو ٿا. انھيءَ پس منظر ۾ مون ٻين ڪتابن سان گڏ ھي ناول ”ماتم ھڪ عورت جو“ جنھن جو سنڌيڪار ننگر چنا ۽ ناول نگار عمر ريوابيلا آھي، پڙھي ورتو.

رڃ: ج ع منگهاڻي صاحبه جو شاندار ناول - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
رڃ:  ج ع منگهاڻي صاحبه جو شاندار ناول

سنڌي ٻولي ۾ لکيل چند ضخيم ۽ وڏن ناولن ۾ رڃ، نه صرف محبت جو لازوال داستان آهي، پر هي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي ڪوهستاني پٽي تي رهندڙ سنڌين جي ثقافتي ۽ سماجي زندگي جو مستند دستاويز پڻ آهي.
حمل خان جي خاندان ۾ سندس زال امير بيگم، ٻه پٽ ستار ۽ جبار ۽ ٻه ڌيئرون، تاج بيبي ۽ جان بيبي آهن. ڪوهستان جي حوالي سان هي خاندان ماني مڇي وارو، گاڏين، موٽرن ۽ زمينن جو مالڪ آهي. شاهه جو رسالو، هن گھر ۾ وڏي اهتمام ۽ شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. حمل خان جو ڀاڻيجو رئيس محراب خان، قبيلي جو سردار آهي. محراب خان جي شادي تاج بيبي سان طئه ٿيل آهي پر هو جان بيبي ۾ دلچسپي وٺي ٿو ۽ ماءُ کي منٿ ٿو ڪري ته سندس شادي، تاج بيبي جي بجاءِ، جان بيبي سان ڪرائي، جنهن کي سندس ماءُ سختي سان رد ڪري ٿي ۽ سندس شادي تاج بيبي سان ٿي وڃي ٿي. شادي جي دوران، محراب خان جو ويجهو دوست، رئيس طارق خان، گھوٽ سان گڏجي لانئن جي رسم لاءِ جڏهن حمل خان جي گھر ۾ اچي ٿو ته جان بيبي سندس شخصيت جي سحر ۾ گم ٿي وڃي ٿي.

21/03/2020

شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس - جامي چانڊيو (Jami Chandio)


جامي چانڊيو
شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس!

شيخ اياز جديد سنڌي ادبي تاريخ ۾ رڳو هڪ فرد ناهي، هو هڪ وسيع موضوع آهي، جديد سنڌي ادب جو پورو هڪ دور آهي، ان ڪري جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جي  حيثييت بنيادي محور جي آهي. مون کي شيخ اياز جي شاعري، سندس لکيل نثري ادب ۽ غيرمعمولي تخليقي ڏات ۽ اُن جي حُسناڪ اظهار سان ٻاروتڻ کان وٺي محبت ۽ اُنسيت رهي آهي ۽ ان دلچسپيءَ جو رَنگُ ڪڏهن به ٻَاڙو نه ٿيو. اِهو رڳو منهنجو ڪو انفرادي احساس ناهي پراياز جي دورَ ۽ سندس شاعريءَ جي مداحن مان هرهڪ جي راءِ يقيني طور اهڙي ئي هوندي. اياز سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي اِتهاس جي حُسناڪين ۽ ڏاهپ جي روايتن جو يگانو تخليقي تسلسل آهي.

سنڌ جو سراپا رومانوي شاعر: اشفاق آذر - جامي چانڊيو (Jami Chandio)


جامي چانڊيو
سنڌ جو سراپا رومانوي شاعر: اشفاق آذر


گذريل ڏيڍ سئو سالن کان جديد سنڌي شاعريءَ وڏو پَنڌُ ڪيو آهي. مذهبي رزميه، ڪلاسيڪل ۽ لوڪ شاعريءَ کان وٺي جديد، ترقي پسند، روشن خيال، انقلابي ۽ ويندي هڪ حد تائين روايتي شاعريءَ جي ڪجهه پاسن پڻ سنڌي ٻوليءَ کي ٻوليءَ، فن، اظهار، خيال، تخيل، تفڪر، حَساسيت ۽ اَنيڪ حوالن سان بيحد مالامال ڪيو آهي ۽ اِهو سفر نه رُڪيو آهي ۽ نه هن موجوده نام نهاد ”جديديت پُڄاڻان“ دور ۾ رُڪڻو آهي. موجوده سنڌ ۾ شاعرن جي وڏي هُجوم ۾ گهڻا اهڙا به آهن، جيڪي جيڪو لکن ٿا، ان کي سچ پچ به شاعري سڏي سگهجي ٿو. موجوده دور ۾ اشفاق آذر به اهڙن اهم شاعرن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ هن جو گهڻو تعارف هڪ برک صحافيءَ ۽ ڪالم نگار جو آهي پر منهنجيءَ نظر ۾ هن جو بنيادي حوالو شاعريءَ جو آهي ۽ شاعر جي حيثيت جو آهي.

16/02/2020

ڪلاس فور جي محبوبا - تبصرو: ابوذر انصاري (Abuzar Ansari)


 تبصرو: ابوذر انصاري 
ناول: ڪلاس فور جي محبوبا
ليکڪ: ممتاز بخاري

جيڪڏھن ناول جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته ناول تي ڪالہه جي ڀيٽ ۾، اڄ طبع آزمائي مڙئي سرس ٿي رهي آهي جا ڳالھ سنڌي ادب لاءِ سٺو سنوڻ آهي، پر ناول جي معيار کي ڏسجي ٿو ته ڪجھ آڳرين تي ڳڻڻ جيترا ئي اهڙا ناول آهن جيڪي پڙهندڙ کي ناول جهڙي پياري صنف پڙهڻ لاءِ اتساهن ٿا، ته ٻئي طرف ليکڪ کي سٺي ناول نگار جي حيثيت سان سڃاڻپ ڏيارن ٿا.
ممتاز بخاري جي ناول ”ڪلاس فور جي محبوبا“ کي به مٿين چند ناولن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.