27/09/2012

’ڪيمياگر‘ جو مختصر جائزو - ممتاز ميمڻ (Mumtaz Memon)

’ڪيمياگر‘ (Alchemist) جو مختصر جائزو
ممتاز ميمڻ
خواب ته هر ماڻهو ڏسي ٿو، ڪي ماڻهو ڏاڍا سٺا خواب ڏسندا آهن، ڪي ڀوائتا خواب هجن ٿا، ڪي وري اهڙا خواب جيڪي اک کلڻ کان پوءِ بلڪل به وسريو وڃن، ڄڻ ته اسان ڪجهه ڏٺو ئي نه هجي ۽ ڪي وري اهڙا به خواب هوندا آهن جيڪي ساڀيان ٿيندي ٿيندي رهجي ويندا آهن. ڪن ماڻهن جا خواب ساڀيان به ٿي ويندا آهن، پر شرط اهو آهي ته جيڪو شخص خواب جي حقيقت چاهي ٿو اهو ان جي ساڀيان لاءِ ڪيترو بيقرار ۽ سنجيده آهي.
ائين ئي هڪ خواب ناصر به ڏسي ٿو، يقينن اوهين ناصر جو نالو پڙهڻ بعد ضرور ٿورڙو پريشان ٿي ويا هوندا، ته اهو ناصر وري ڪٿان اچي ويو. ها، ناصر برازيل جي جڳ مشهور ناول نگار پائولو ڪؤلهو جي ناول "The Alchemist" (الڪيمسٽ) جو مکيه ڪردار آهي، جيڪو خزاني کي ماڻڻ جو خواب ڏسي ٿو ۽ ان جي ساڀيان لاءِ هو ايترو ته بيچين ۽ بيقرار آهي جو هو اندلس (اسپين جو پراڻو نالو) کان آفريڪا جو ڀيانڪ صحرا لتاڙي مصر جي صحراين تائين وڃي نڪري ٿو.
گنيز بڪ ۾ نالو ڪمائيندڙ "The Alchemist" ناول هن وقت تائين دنيا جي 60 مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ ڄائي نوجوان محقق، ليکڪ ۽ سنڌيڪار احرار يوسف پائولو ڪؤلهو جي ان ناول کي ڪيمياگر جي نالي سان سهڻي ۽ آسان سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري پڙهندڙ ادب دوستن آڏو پيش ڪيو آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ادب جي مڙني صنفن مان ناول جي صنف هڪ وڏو آرٽ آهي، دنيا جي ادب ۾ ان جي تمام گهڻي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته ناول ۾ زندگي توڙي قدرت جي باريڪ باريڪ شين کي وڏي ويجهڙائي سان ڏٺو ۽ پرکيو وڃي ٿو.
21-هين صدي جي هن دور ۾ جتي دنيا هاڻي گلوبل وليج مان نڪري گلوبل هوم بڻجي وئي آهي، تڏهن به دنيا جي ترقي يافته ماڻهو ڪروڙن جي تعداد ۾ اڄ به ناول کي وڏي شوق سان پڙهن ٿا، پر اسان وٽ هتي ان صنف تي نه جي برابر ڪم ٿيو آهي.
نوجوان ليکڪ ۽ سنڌيڪار احرار يوسف دنيا جي شاهڪار ناول "The Alchemist" کي ”ڪيمياگر“ جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو سهڻو ۽ من موهيندڙ ويس ڏنو آهي جو آئون جڏهن هن ناول کي پڙهڻ ويٺس ته مون کي ڪٿي به ائين محسوس نه ٿيو ته ڪو احرار يوسف "Alchemist" ناول کي ترجمو ڪرڻ دوران ڪٿي ٻولي ۾ ٿڙيو ٿاٻڙيو هجي.
ڪيمياگر ناول ايترو ته دلچسپ آهي جو پڙهڻ دوران هڪ سيڪنڊ به ڇڏڻ تي دل نه پئي چيو ۽ ڪجهه گهڙين ۾ ڪتاب جا 120 صفحا پڙهي ويس.
ڪيمياگر ناول ناصر جي رڳو خواب تائين محدود ناهي، پر ان ۾ ناصر جون رڍون، رڍن جي اُنَ خريد ڪندڙ واپاري جي ڌيءَ، اها عامل عورت جيڪا ريڍار ناصر کي خواب جي ساڀيان جا ڪجهه اشارا ان شرط تي ٻڌايا ته ناصر مال ملڻ جي صورت ۾ عامل عورت کي ان مال مان 10 سيڪڙو حصو ڏيندو. سيلم جي بادشاهه عبدالله جنهن ناصر کي مصر جو رستو ٻڌائڻ لاءِ کائنس پنج رڍون ورتيون ۽ بدلي ۾ سندس رهنمائي لاءِ ياقوت ۽ مرجان جا پٿر ڏنا. آفريڪا جي شهر تنجير جي واپاري حسن، انگريز ڪيمياگر، عرب ڪيمياگر ۽ تخلستان جي فاطمه ۽ مصر جي محرابن وٽ ڦورن جو ٽولو، مطلب ته اهي سڀ جا سڀ ڪيمياگر ناول جا اهم ڪردار آهن، جن مان ڪي ناصر کي پنهنجي خواب جي ساڀيان لاءِ همٿائن ٿا ته ڪي وري کيس روڪين ٿا. ڪيمياگر ناول پڙهڻ دوران مون خواب جي ساڀيان ۽ ان راز کي جاچڻ لاءِ ناصر جي آنڌ مانڌ ۽ بيقراريءَ واري ڪيفيت ۾ احرار يوسف کي محسوس ڪيو آهي.
احرار يوسف جڏهن "The Alchemist" ناول کي ڪيمياگر جي نالي سان ترجمو ڪيو، ته هن ٻڌايو پئي ته ”هي ناول مان انهن سنڌي نوجوانن کي اتساهه ڏيارڻ لاءِ ترجمو ڪيو آهي، جيڪي هٿ هٿ تي رکي اهو سوچين پيا ته ڪو ايندو اچي سندن وات ۾ گرهه وجهي ويندو.“ نوجوانن ۾ جستجوءَ جو جذبو جاڳائڻ لاءِ احرار جي هي ڪاوش تمام گهڻي ساراهه جوڳي آهي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جڏهن انسان ڪنهن مقصد يا خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ نڪري پوي ٿو ته واقعي به قدرت وارو سندس منزل تائين پهچڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو، پر شرط اهو آهي ته ان انسان جو حوصلو ۽ ارادو پختو هجڻ گهرجي.
ڪيمياگر ناول پڙهڻ دوران هڪ جاءِ تي منهنجي جسم مان سسراٽيون نڪري ويون، جڏهن تخلستان جي بهادر نياڻي ۽ ناصر جي دل ۾ گهر ڪري ويل فاطمه ناصر کي خواب جي ساڀيان لاءِ اتساهيندي چوي ٿي ته ”آئون صحرا جي نياڻي آهيان ۽ صحرا مون کي پهرين سبق انتظار ڪرڻ جو ڏنو آهي. اسين عورتون اهو چاهيون ٿيون ته اسان جا ور مسلسل ڳولا جي عمل ۾ رهن. جيڪڏهن مقصد حاصل ڪرڻ دوران اسان کان وڇڙي به وڃن ٿا، تڏهن به اسان کي غم نه ٿو ٿئي....!“
فاطمه جي ان جملي کان پوءِ ناصر پنهنجي منزل ڏانهن گامزن ٿئي ٿو ۽ هو پنهنجي خواب کي حقيقي روپ ڪيئن ڏئي ٿو، اهو اوهين ڪيمياگر ناول پڙهڻ کان پوءِ ئي وڌيڪ ڄاڻي سگهندا.

1 comment:

  1. urim and thumim according to the orignal novel are black n white, but the translator has used the names yaqoot and marjaan, though yaqoot is red... so there is a technical mistake... and translation doesnt mean to change the names of orignal characters... where as, malchizedek was the king of salem in orignal version of novel, who is supposed to b a sacred priest in judaism, but translator has used king's name as Abdullah.. isnt this controversial???

    ReplyDelete