19/09/2012

سعيد جي ڪتاب ’سرءُ جي اداس سانجھه‘ جو اڀياس - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


سعيد سومري جي پهرين غزلن جي مجموعي ’سرءُ جي اداس سانجھه‘ جو اڀياس
خواب تنهنجي سونهن جو
رياضت ٻرڙو

سونهن ڀرئي هن سنسار ۾ مڪان (Space ) سميت زمان (Time) کي بنيادي حيثيت حاصل رهي آهي، ڇاڪاڻ ته مڪان کي زمان ۽ زمان کي مڪان جي لحاظ کان سمجھڻ ۽  سمجھائڻ جي جستجو انساني شعور جي انتهائي مٿانهين دلچسپيءَ وٽان رهي آهي.خصوصاً زمان يعني وقت جي لحاظ کان تهذيبي ۽ ثقافتي آثارن ۽ قدرن لاءِ اڻميو پيار ۽ پنھنجائپ بي انتها محسوس ڪئي ويندي آهي. تڏهن ئي ته ، مثلاً سنڌو ۽ سميري سڀيتائن لاءِ اسان کي اُڪيرون آهن ۽ سنڌوءَ سان ته اسان سنڌين جو گھرو سٻنڌ آهي. پوءِ اهو انفرادي حوالي سان ويهن، ٽيهن ، پنجاهه يا سٺ، ستر ورهين جو هجي يا اجتماعي طور ٻن چئن صدين کي به ڇڏي ڪري موهن ــ دڙي جي پس منظر ۾ پنج هزار سالن کان ڇهين هزار سالن ( 6th millennium) ۾ پنهنجي هئڻ جو احساس ڏيارائيندڙ هجي:
جي نانءُ منهنجو موهن دڙو آ،
اي وقت! تنهنجو ئي قربڙو آ. (سعيد)

وري جيڪڏهن مڪان، موهن ــ دڙي، کي به لفظن جي قيد مان آجو ڪريون ته پوءِ:
هـر صـديءَ رانـڀـوٽـا پـاتـا روح تـي،
چين ڏيندي ساهه کي ڪهڙي گھڙي؟ (سعيد)
اهو روح آغا سليم جي شهڪار ناول اونداهي ڌرتي روشن هٿ جي امر ڪردارن ’سارنگ‘ ۽ ’سنڌو‘ وانگر هر صديءَ جي گھڙي گھڙي ڏُکَ ڏسندو رهيو آهي، پر چَين اڃا تائين ماڻي نه سگھيو آهي ۽ بنهه ڄاڻ نه آهي ته ماڻي سگھندو به يا نه. جيتوڻيڪ ، ٿورا ڏينهن ٿيندا ته ان ئي وقت جا، وقت جي قربڙي جا، جنهن پاڻ کي موهن ــ دڙو بڻايو آهي، جنهن روح تي رانڀوٽا پاتا آهن، هڪ ٻي صدي ته پري رهي پر هڪ هزار ورهين جا پويان پل پورا ٿي چڪا آهن ته پهريتا پل شروع ٿيا آهن يعني شروعات ۾ پڄاڻي آهي ۽ پڄاڻيءَ ۾ شروعات.
ان شروعات ۽ پڄاڻيءَ جي سنگم تي اسان کي سنڌي ادب لاءِ پنهنجي ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان سلهاڙيل نوجوان ڪويسر سعيد سومري جي ڏات ۽ ڏانوَ سان ڀرپور ڪتاب سرءُ جي اداس سانجھه مليو آهي جيڪو شاعريءَ کيتر ۾ ٺيٺ روماني ۽ سهڻي صنف غزل ۾ رنگ برنگي عڪسن سان سينگاريل آهي. سعيد پاڻ به چيو آهي:
چاهي ٿي هجي سهڻو،
شاعر به غزل جھڙو.
جيتوڻيڪ ڪتاب جو نانءُ ’سرءُ جي اداس سانجھه‘ پاڻ منجهه سرءُ، اداسيءَ ۽ سانجھيءَ جي حوالي سان بي انتها گھــرِي پِـيـڙَ ۽ مايوسي رکي ٿو، جيئن سڄي ڪتاب جي مجموعي شاعريءَ مان اهڙو تاثر به جُـڙي ٿو، تڏهن به، اسان کي هيءَ شاعري به ملي ٿي جنهن ۾ اميدن، ساٿ ۽ سهائيءَ جا چٽا رنگ نظر اچن ٿا:
دُور ڪو مانجھي سنڀاري، شام جو،
ٿِـي اڱڻ جا بلب ٻاري، شام جو.

جو به اُڌمو اُٿي رهيو آهي،
دل کان تنهنجو پُڇي رهيو آهي.

هٿ نه ڇڏجانءِ ميڙ ۾،
مان وڃان گم نه ٿي، سعيد!

ملندو ٻيهر ڪڏهن
هُن جو ڪمرو ۽ هُو؟

جي اونداهه آ مون جھڳيءَ ۾ ته ڇا ٿيو!
پريان ديپ ڪيڏا ته ٻَـهـڪِـي ٻـرن ٿا!

شعر، رسالا، خط، ڪيسيٽيون، سارون، اوسيئڙا، اوجاڳا،
چنڊ! اسان جي هاڻ انهن ريءَ، ناهه بچي ٻِـي سنگت ڪائي.

روح جي رات کي اُجاريندينءَ،
تون پرين چئي ڪڏهن پڪاريندينءَ؟
ٻُڌو آ رف لکين ٿي خط مون لئه،
تون سي فيئر ڪڏهن اُتاريندينءَ!؟

ڪو به پانڌي رهيو نه باقي،
پو به رستو اڃا منور آ.

مرڪ تنهنجيءَ سڀ نبيريا،
جي به دل سان مسئلا ها.

جنهن شام من ــ اميدون، ڪنهن ڌنڌ ۾ رڙن ٿيون،
يادون ٻه ٽي پرينءَ جون، مشعل کڻي اچن ٿيون.

ڪئي سي اسان عبادت عمر ڀر،
رکي تنهنجي پيرن پٺيان پيرڙا.

واٽ تنهنجي وٺي ڀٽائي مان،
گڏ رهڻ ٿو گھران جھانن سان.

هاڻ تو  ۾ ’تون‘ مون ۾ ’مان‘ ناهي،
عشق هر ڪا وڇوٽ ويو ڊاهي.

آڱرين جي سنڀار ۾ اڄ ڀي،
تنهنجي انگن جي آهه نرمائي.
ڄاڻيل شعر بنهه سولي ٻوليءَ ۾، سادگيءَ ۽ سچائي سان لکيل اميد ڀرين ۽ آسائتن جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪن ٿا، خاص ڪري مهڙين شعر کان ئي، جڏهن شام جو مانجھيءَ کي سنڀاري اڱڻ جو بلب ٻارجي ٿو، جڏهن دل جو هر اڌمو پرينءَ جي پڇا ڪري ٿو ، جڏهن پنهنجي جھڳيءَ ۾ اوندهه هجڻ باوجود پريان ڏيئڙا ٻريل هجن ٿا، پنهنجي سنگت شعرن، رسالن خطن ، ڪيسيٽين، سارُن، اوسيئڙن ۽ اوجاڳن سان هجي ٿي، جڏهن روح جي رات کي اُجارڻ، پرين چئي پڪارڻ ۽ رف لکيل خطن جي فيئر ٿيڻ جو انتظار رهي ٿو، پانڌي نه هوندي به رستو منور لڳي ٿو، جڏهن دل جا هڙئي مسئلا مرڪ سان نبيرجي وڃن ٿا، پرينءَ جون ٻه ٽي يادون اميدن جي ڌنڌ ۾ رڙڻ مهل مشعل کڻي اچن ٿيون، جڏهن پيرن پٺيان پيرڙا رکي عبادت ڪجي ٿي، ڀٽائيءَ جي واٽ وٺي جھانن سان ڪٺي رهڻ گھرجي ٿو، عشق جي ڪا به وڇوٽ نه ٿي رهي ۽ جڏهن انگن جي نرمائي هلندڙ ٽاڻي به آڱرين جي سنڀار ۾ رهي ٿي، ته پوءِ ڪيئن چئي سگھبو ته ’سرءُ جي اداس سانجھه‘ فقط مايوسيءَ، ملوليءَ ۽ دلگيريءَ جي شدتن کي اظهاري ٿي! ان کان سواءِ اڪثر شعر، ڄڻ ته اندر ۾ لهي ٿا وڃن ۽ پاڻ ۾ سمايل خيال کي اتي پنهنجي ڀرپور مفهوم سان پيش ٿا ڪن.
مون اڃا تائين سعيد سومري بابت ڳالهائڻ جي سڌي ڪوشش ناهي ڪئي. ڇو ته ڪنهن به شاعر کي سمجھڻ لاءِ ٻه بنيادي ماخذ سهڪاري ٿيندا آهن: (1) شاعر جي دؤر جو سڀ پاسائون جائزو ، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جو به اڀياس شامل آهي، ۽ (2) شاعري.
شاعر جي دؤر جي سڀ پاسائين جائزي سان معلوم ٿي سگھندو ته شاعر ڪهڙين حالتن هيٺ زندگي گذاري آهي ۽ اُهي حالتون ڪيتري قدر شاعر جي شعور تي اثر انداز ٿيون آهن. ان اثر اندازيءَ جو فڪري پس منظر ۽ محرڪ ڪهڙو آهي، جڏهن ته شاعري شعور جو اظهار آهي، پوءِ اهو جذباتي ۽ احساسي لحاظ کان داخليت جي سڌي توڻي اڻ سڌيءَ ريت عڪاسي ڪري يا نج عقلي (Rational) ۽ فني (Technical  ) بنيادن تي خارجيت جي پيشڪش کي نروار ڪري. ان ڪري ڪنهن به تخليقار جي تخليقين جي آخري تهه تائين پهچڻ لاءِ ضروري بڻجي ٿو پوي، ته اسين تخليقڪار ۽ تخليق جي دؤر (جنهن ۾ ان دؤر جا رويا ۽ انهن تي ماضيءَ جي روين جي اثر کي به سمجھڻ لازمي آهي) کي هڪ ئي وقت پنهنجي ذهن ۾ رکون.
ان آڌار سعيد سومرو ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ نمايان ٿيندڙ شاعر آهي، جنهن کي ايڪيهين صديءَ ۾ پنهنجي ڪمال تي پهچڻو آهي.
هن مضمون ۾ جيئن ته ويهين صديءَ بابت ڳالهائڻ جي گنجائش نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان بابت جيڪڏهن فقط اپکنڊ جي ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي حوالي سان بيان ڪبو ته هڪ ڪتاب جي تخليق ٿي پوندي.  ان ڪري، مان پاڻ کي، صرف سعيد جي هن ڪتاب ۾ ڏنل شاعريءَ تائين محدود رکان ٿو:
هوءَ انجيل جو ورق ٿي پڙهي،
چنڊ پريان اُجھي رهيو آهي.

’چنڊ جي پني تي آ، بيت هي لکيل ڪنهن جو؟‘
’ڪا خبر نه آ سانـئـڻ! هن ڪـراڙ جي جـرَ کي.‘

جڏهن کان جھلي ٻير بيٺو آ وڻ،
ڀريو ٿو رهي ٻارڙن سان اڱڻ

ڏيکار پورو سنسار يا رب!
ڇو تاڪ کوليو تو ٿورڙو آ؟

ماٺ ميٺ ۾ جھليو ، مون به جھول هُن اڳيان،
هـوءَ به چـپ چـپـات ۾ ، خـيـرُ آ ڏئـي وئـي.

چُپ ٿي وئي آ جھو نگاريندي، سُر راڻي جي ڪا وائي هوءَ،
پنبڻين ۾ اٽڪي پيل ڳوڙهو، دڳ خالي ڏسي، ويو جھول ٽپي.

کٽن تي ڇنڊي هوءَ رليون ٿي وڇائي،
سنجھا جا ٻه تارا انهيءَ کي ڏسن ٿا.

ڪئن نه ويٺينءَ، ڏندين ڏئي آڱري،
ڪنهن چيئه، ديد وجھه، منهنجي اسرار ۾!

صبح ساجھر ريـڙِهي ڪڍندي روڊ تي،
ڪـيـڏو ٿـڙڪي ٿـو ڪـراڙو، سيءَ ۾!

نيڻ ٻوٽي ڏسان ٿو، تون مون لئه،
شام جي چانهه آڻين ٿي ٺاهي.
هنن سڀني شعرن ۾ خيال جي موجودگيءَ سميت منظر به پيش ڪيل آهن. جئين پهرين شعر ۾ ’انجيل‘ معنيٰ خيال ۽ ’چنڊ اُجھندي پڙهڻ‘ هڪ منظر، ٻئي شعر ۾ ’بيت‘ معنيٰ خيال، جڏهن ته چنڊ ۽ ڪراڙ (ڍنڍ) هڪ منظر. ٽئين شعر ۾ خيال خوشيءَ جو ۽ منظر اڱڻ ۽ ٻارن جو . چوٿين شعر ۾ ’پورو سنسار ڏسڻ‘ جو خيال ۽ ٿورڙي تاڪ مان اڻپوري سنسار جو منظر چٽيل آهي. پنجين شعر ۾ ’جھول ۽ خيرُ‘  معنيٰ خيال ۽ ’چپ چپات ۾ خير ڏئي وڃڻ‘ هڪ منظر. ڇهين شعر ۾ ’سر راڻو‘ معنيٰ خيال ۽ ’پنبڻين مان ڳوڙهي جو سفر‘ هڪ منظر . ستين شعر ۾ جيتوڻيڪ واضح منظر کي ڪيل آهي، پر ’سنجھا ۽ رلين‘ ۾ خيال لڪل آهي. اٺين شعر ۾ ’ڏندين آڱري ڏئي ويهڻ‘هڪ منظر ۽ ’اسرار‘ معنيٰ خيال . نائين شعر ۾ به منظر واضح آهي، پر منظر جي لڪ ۾ ڪراڙي جي پوئواري نه هئڻ/ٿيڻ جو ڏکوئيندڙ خيال سمايل آهي ۽ ڏهين شعر ۾ ’نيڻ ٻوٽيل هوندي چانهه آڻڻ‘ منظر ۽ هن جي اچڻ جي تمنا معنيٰ خيال پيش ڪيل آهي. توڻي جو سڀئي شعر سهڻن چِٽن سان اظهاريل آهن، تڏهن به ’سر راڻي‘ ۽ ’ڪراڙي‘ وارا شعر ’شاهه شعر‘ آهن: ’چپ ٿي وئي آ جھونگاريندي، سر راڻي جي ڪا وائي هوءَ‘ ۾ ڄڻ ته سعيد جديد دور ۾ مومل جي نئين جنم کي نروار ڪيو آهي ۽ ’صبح ساجھر ريڙهي ڪڍندي روڊ تي/ڪيڏو ٿڙڪي ٿو ڪراڙو، سيءَ ۾‘ ۾ اول ڄاڻايل خيال سميت ننڍي کنڊ سُوڌو ڏتڙيل ملڪن جي غربت ۽ بک/پيٽ جي باهه کي، بيحد متاثر ڪندڙ انداز سان لکيو ويو آهي. ان ئي حوالي سان سعيد جا هي شعر به ڌيان ڇڪائن ٿا:
رانديون ۽ رولاڪيون، ياريون کسي ساريون،
جـڳُ بـارُ جـيـئـڻ جـو ويـو آ رکي، سانئڻ!

پيٽ خالي جي اڳيان، نرڳ جو ڪهڙو ذڪر!؟
داڻي پاڻي جي پٺيان، سرڳ جو ڪهڙو فڪر!؟
جھول جيون جو جڏهن، ڇيهون ڇيهون ٿيل هجي،
ڇا رکي مطلب سِـپـي، ڇا رکي معنيٰ ٺڪر!؟

ڳڀي جي بنا ڪيستائين امان!
سمهاريندينءَ لولي ڏئي ٻارڙا؟!

يار! اسان جا ٻار اگھاڙين پيرين هن،
اڇلاءِ نه سگريٽ ڪو ٻرندو، رستي تي!
هنن سڀني شعرن جو تاثر ايڏو ته ڀرپور آهي، جو ڇا ڳالهه ڪجي! خاص ڪري ڳڀي جي بنا ٻارڙن کي لولين تي سمهارڻ ۽ ٻارڙن جي اگھاڙين پيرين رهڻ جا سوالَ درحقيقت ويهين صديءَ جا وڏي ۾ وڏا سوال آهن، جن جا جواب ان صديءَ ۾ ته ملي نه سگھيا، شايد ايڪيهين صديءَ ۾ اهي سوال سُلجھي سگھن. 
زندگيءَ کي سمنڊ سان جڏهن ڀيٽبو آهي ته ان ڪري ئي، جو سمنڊ سان ڇولين جي ڇوهه يعني لاهين چاڙهين، اٿل پٿل جو تصور ڳنڍيل آهي، جيڪو زندگيءَ جو به لازمي جُز آهي، پوءِ انهن لاهين چاڙهين دوران ڪڏهن مامرا سلجھن ٿا ته ڪڏهن الجھن ٿا. ان سلسلي هيٺ سعيد جا هي شعر نمايان آهن:
ايئن نه الجھاءِ پاڻ کي،
ڪير ڏيندءِ ڦڻي، سعيد!

توکي مون کي حيات جي اُلجھن،
ڪيڏو ويجھو ڪري ڇڏيو آهي!
مٿڀري شعر ۾ شخصي حوالي سان الجھاءَ جي سلجھاءَ طور ڦڻيءَ کي پيش ڪرڻ هڪ نئون انداز آهي، جنهن ۾ ڦڻيءَ جي اصطلاحي معنيٰ پيش ڪيل آهي، جڏهن ته پوءِ آيل شعر ۾ الجھن جي نتيجي طور پيدا ٿيل ويجھڙائي هڪ دلچسپ صورتحال آهي.انهيءَ الجھاءَ ۽ سلجھاءَ جي موضوع هيٺ سعيد جا هي ٻه شعر به ڌيان ڇڪائن ٿا، جن ۾ هڪ قسم جي خيالي ترتيب به آهي:
سلجھي ويندا ٻيا، پاڻ ئي مامرا،
ڪُڍ تون پنهنجي رڳو مامري مان، ميان!

توکي سمجھي سگھڻ جي ڪوشش ۾ اڄ،
ڪيڏيون ڳالهيون مُنجھي پيون هن ، جانان!
توڻي جو سمورو ادب ۽ فن سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن رُخ کي پيش ڪندو آهي، تڏهن به کوڙ ساترو ادب زندگيءَ سان سڌي گفتگو ڪندو آهي يا ان بابت ويچار ونڊيندو آهي.سعيد جا زندگيءَ جي حوالي سان ڪجهه شعر هن طرح آهن:
هُن شخص آزمائڻ هاڻي ڇڏي ڏنو آ،
سچ پچ ته زندگيءَ ۾ هاڻي مزو نه آهي!

زندگيءَ جي ونڊ ۾ توکي ڪٽي،
وحشتن جي پاڇي ئي مون وٽ بچي.

پاڻ کان پو رند ٻيا ايندا وري،
ميڪدي ۾ هوندي ائن ئي زندگي.

معجزن جو ئي انتظار ڪندي،
ويو ڀُري اڄ وجود جو گھر آ!

هي زندگي ناهي پر هڪ  پنڌ مسلسل آ،
۽ لحد به ساهيءَ لئه، سراءِ سکي آ، من!

ماڪ جون ڳالهيون ٻڌن سي، سونهن تي ڪن بحث ڪهڙا!؟
سانوڻيءَ جي ٻوڏ ۾ جن جا ٻچا ۽ گھر ٻُڏي ويا!

ڪئن اسان جي لئه کُلي، ڌيان تنهنجي جي دري،
زندگيءَ جي گوڙ ۾، پاڻ هلڪي سڏ جان!

ماڻهو پنهنجي چوڏس دوزخ پاڻ اَڏي،
پاڻ ٿُڏي هي جيون جھڙي جنت ٿو!

زندگيءَ جي چپن تي ڦڪي مرڪ جو،
مرڪندي دوست احوال پيا ٿا وٺن.
پيش ڪيل سڀني شعرن ۾ مختلف احساس ۽ واقعا ڏنل آهن، جن ۾ متفرقه تاثرن کي محسوس ڪري سگھجي ٿو. خاص ڪري ’معجزن جي انتظار ۾ وجود جي گھر ڀُرڻ ‘ قومي حوالي سان هڪ الميي جي تصوير ڏيکاري ٿو ۽ ’سانوڻيءَ جي ٻوڏ ۾ ٻچا ۽ گھر ٻڏي وڃڻ‘ وارو زندگيءَ جو ڏکوئيندڙ واقعو پڙهندي، ٿورو اڳ آيل سامونڊي طوفان ڏانهن ڌيان ڇڪجي وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪامورن جي لاپرواهيءَ ڪري تمام وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو. ان لحاظ کان اهي ٻئي شعر ڄڻ ته احساسي ۽ واقعاتي تاريخ جا ٻه باب آهن. مٿين شعرن ۾ ’جيون جھڙي جنت‘ وارو شعر به نهايت اهم آهي، جيڪو موجوده دور جي عمومي رويي کي اظهاري ٿو ۽ پنهنجي سماجڪ ابتري  ڪندڙ ’ماڻهو‘ کي پڌرو ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ان شعر ۾ پاڻ تي تنقيد ڪيل آهي. جيڪڏهن اهڙا رويا اسان جي ادبي دنيا مان نڪري سماجي دنيا ۾ اچي پنهنجي ڪارج جي لحاظ کان سڦلائتا ثابت ٿين، ته جيڪر هيءَ دنيا سچ پچ به حقيقي جنت بڻجي پوي.
زندگيءَ جي ڳالهه ٿيندي آ،  ته موت جو به ذڪر ٿيندو آهي، جيئن گذريل ڪجهه عرصي کان ادب ۾ زندگيءَ کي هڪ موضوع طور سڌيءَ ريت لکيو ويو آهي، ائين ئي موت به گھڻي بيان هيٺ آيو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ خاص ڪري شيخ اياز موت کي باقاعدي بحث هيٺ آندو. جيئن ته اياز ويهين صديءَ جو وڏو شاعر هو، جنهن پنهنجي سڄي دور کي متاثر ڪيو، تنهنڪري سنڌي شاعرن به موت بابت گھڻو لکڻ شروع ڪيو. سعيد جا، موت کي موضوع بڻائي ڪافي شعر ڪتاب ۾ ڏنل آهن، جن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿا ته جيئن انهن بابت ڳالهائي سگھجي:
مان نه هوندس، مون کي ڳوليندي پئي،
هوءَ، هوا، سنڌو ڪناري، شام جو.

پاڻ هونداسين نه اوهان سان، دوستو!
هوندا پر تاڙا ۽ ٽهڪا، ميز تي.

سعيد!ڪيسين زنده رهبو؟
روڄ راڙي ، ڪربلا ڪان!

مَٽڪي تان پاريهر اُڏريو، ڪنهن ڪانو ماپي لئه آندو،
اڻ ڄاڻ اکيون پر ساڳيا ئي، ڦل ڦلواڙيءَ جا ڦولين ٿيون!

موت اهڙو تکو بحث آ ڪيو،
زندگيءَ وٽ دليل ئي ناهي!

تنها رهجي ويس تڏي تي مان،
ويا اُٿي هڪ هڪ ٿِـي پيارا سڀ.
هنن شعرن مان ’مان نه هوندس‘ ۽ ’مٽڪي تان پاريهر اڏريو‘ شعرن ۾ نه هئڻ کان پوءِ به پنهنجي ڳولا جو خيال سمايل آهي، جيئن پنهنجي ڪنهن ويجھي عزيز يا دوست جي ’وڇڙڻ‘ کان پوءِ اهڙي خواهش من ۾ ٿيندي آهي. جڏهن ’پاڻ هونداسي نه اوهان سان‘ شعر جي ڪيفيتن مان، پاڻ مان گذريو آهيان ۽ مون محسوس ڪيو آهي ته ڀلي ’ميز تي تاڙا ۽ ٽهڪا هجن‘ پر انهن ۾ اها خوشي نه هوندي آهي، جيڪا مٺي ماڻهوءَ جي موجود هئڻ ڪري احساس ڏيارائيندي آهي. ٻئي طرف ’تڏي تي تنها رهجي وڃڻ‘ ۾ ٻه خيال ڏنل آهن: هڪ ته، سڄو سور پاڻ کي سَهڻو آهي ۽ ٻيو ته ’پيارن‘ کي پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي وڃڻو آهي، سندن ساٿ ٿور ــ وقتي آهي. سعيد جو اهو شعر هڪ چڱيءَ ريت جي گھٽجڻ جي نشاندهي به ڪري ٿو، ته گھٽ ۾ گھٽ تڏو کڄڻ تائين سور سهندڙ سان ساٿ ۾ رهڻ گھرجي.
موت جي ئي هڪ ٻي رخ خودڪشيءَ جو لاڙو به اڄ ڪلهه جو هڪ وجود ڌوڏيندڙ لاڙو آهي، جنهن هڪ ڦهلجندڙ وبا جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ان ۾ شدت اچي رهي آهي. انهن حالتن هيٺ اهڙن روين جي گھرج محسوس ٿيندي آهي، جيڪي ان وبا کي روڪي ختم ڪري سگھن. اهڙا ئي مثبت رويا سعيد هن طرح اظهاري ٿو:
فضول، بُور، بي چسي، ذليل زندگي هئي،
مگر او سانورا پرين! چڱي نه خودڪشي هئي.

تون ڏيک زندگي سان، ٽٻٽار خواهشن جو،
تو هوندي خودڪشيءَ ۾ ڪو پائي ڪيئن جھاتي!
هتي سعيد کي ’جھاتي‘ لفظ تي غور ڪرڻ گھرجي ها، ڇو ته جھاتي پائي واپس ٿي سگھجي ٿو، پر خودڪشي ڪري واپس ورڻ ناممڪن آهي.
ٻي موتمار وبا، جيڪا بي غيرتين جي نام نهاد غيرت هيٺ سنڌ کي گھائي رهي آهي، ڪارو ڪاري آهي، جنهن جي نالي تي زندگيون وڃائجي رهيون آهن:
آ ڪهاڙي اڃا اگھاڙي،
اُڃ نه ان جي اڃا لٿي آ!
هنن ٿورن لفظن ۾ درديلي تاريخ سمايل آهي، تنهن کان سواءِ ٻنهي سٽن ۾ ’اڃا‘ لفظ ڪتب آڻي درد جي شدت کي پيش ڪيل آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته اڃا ڪي زندگيون قتل ٿيڻيون آهن، تنهنڪري ان وبا جو ڪو تدارڪ ٿيڻ گھرجي.
پر سعيدَ زندگي ۽ موت بابت شعرن جو اهو سلسلو اتي ئي ڇڏي نه ٿو ڏئي، ان کي انتها تائين وٺي ويندي، قبرن ۽ قبرستان تائين وسعت ڏئي ٿو:
ڪنهن کي قبرستان ڏي ويندي ڏٺو،
روئندي رڙندي ڳوٺ ساري، شام جو.

ڪين لڀجي ڪٿ سگھي، تنهنجي تربت، اي ’سعيد!‘
شام جو قبرون ڳڻي موٽي آياسون اسان.

زندگي ساري ڪتابن کي ڏنئه،
بس، پڇاڙي ۾ قبر تي گل ٽي!

جيئري دوستن قدر نه ڪيو،
پر قبر تي ڪَنڊيون وجھي ويا هِن!

ڪو قبر تي اڪيلو،
چؤڏسا خاموشي آ.

تنهنجو سعيد آ،
هيکل قبر ۾.

موت! پنهنجون مٽائي وڃ واٽون،
دل نئين ڪا قبر نٿي چاهي.
سعيد جي هنن شعرن ۾ ڏنل عڪسن ۾ هيکلائيءَ جو تاثر وڌيڪ چِٽو ۽ گھرو آهي، ايتري قدر جو موت کي به پنهنجي واٽ مَٽي وڃڻ لاءِ چئجي ٿو. ڇو ته اسان کي ڪا نئين قبر نه ٿي گُھرجي، پر جيڪو ڏک جو احساس ’ڪين لڀجي ڪٿ سگھي‘ کي پڙهندي اندر ۾ لهي وڃي ٿو، اهو  گھڻو اداس ڪندڙ آهي، پر اڃا وڌيڪ اداسي هڪ موت کان پوءِ ٻيو موت ڏيندو آهي، اهو موت جنهن ۾ خوشبوءِ به رچيل هجي:
ڇا تن گلن جي ڪاڪا! ڪائي حيات ڪانهي،
جيڪي صبوح سان تون قبرن مٿان رکين ٿو!
هتي سعيد هڪ حساس دل شاعر جي روپ ۾ پنهنجي جھلڪ پسائي ٿو. ان شعر ۾ زندگيءَ لاءِ نهايت گھرو پيار لڪل آهي. هن شعر ادب براءِ زندگيءَ جو بهترين مثال تخليق ڪري ڏنو آهي.
جيئن قبرن ۽ قبرستانن سان هيکلائيءَ ۽ جدائيءَ جا تصور ڳنڍيل آهن، ائين زندگيءَ ۾ به ڪي گھڙيون، ڪي پل اهڙا ايندا آهن جن ۾ ماڻهو نه فقط اڪيلائيءَ کي محسوس ڪندو آهي پر ان کي پنهنجي چوڌاري هڪ وجود طور به سمجھي سگھندو آهي:
اي اڪيلائي! نه روئندي ڪر ائين،
دوستن جا ٽهڪ ساري، شام جو.

هِن دل جي گھر ۾ ڪيئن الئه، هڪ شخص رکي ويون تنهايون،
هنگامو هو بي ڳاڻيٽو، هت شام صبح جو ، پيارن جو.
جڏهن ته اڪيلائيءَ جي خوشگوار تصورن هيٺ سعيد جي غزلن جا هي شعر نمايان آهن:
تنهنجي محفل آ يا اڪيلائي،
ڀاڳ دل جو نه ڳالهه ٻي ڪائي.

من ته نڪتو هو اڪيلو، ڪوسيءَ واريءَ جي سفر تي،
ڪيرُ آ، ڪنهن جو هي پاڇو، ڇانوَ بڻجي گڏ هلي ٿو؟
خيالن جي ڀرپوريت سان لفظن جي هيءَ جُڙت داد لائق آهي. خاص ڪري ’پاڇي‘ سان ’ڇانوَ‘ جي حقيقي عڪس بندي شاعر جي دور ــ رس نگاهه کي ظاهر ڪري ٿي. ٻئي طرف پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي لحاظ کان ’ڪوسي واري‘ جي ڪيفيت کي محسوس ڪندي اسان جو خيال از خود ٿر ڏانهن اڏام ڪري ٿو، جنهن کي گرم ۽ تيز ساڙيندڙ لُڪن ۽ جھولن جو وارياسو خطو چيو ويندو آهي، پر جڏهن اتي برسات پوندي آهي ته واريءَ جي دڙن تي ساوڪ جي چادر وڇائجي ويندي آهي:
ٿر ٿوهر گھر جھوپڙا، ٻارڻ جنين ٻُـوهَه،
وُٺا مينهن ملير تي، ٽهڪي نڪتا ٽُـوهَه،
رات به منهنجي روح، سُتي سانگي ساريا. (شاهه)

مُئي کان پوءِ مُنڌ جي، پيا مينهن مليرَ،
جتي ڪٿي مارئي، ڳاڱي ڳم ڳنڍير!
سارا ڪِرڙ ڪَريرَ، واسي ويئي واس سان! (شيخ اياز)
ٿر جي ذڪر لاءِ سنڌي شاعريءَ ۾ موزون ترين صنفون بيت ۽ وائي آهن، ڇو ته انهن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽي ڳوهيل آهي، پر شاعرن ٻين صنفن ۾ به ان موضوع کي آندو آهي، هتي سعيد جا ٿر جي پس منظر هيٺ لکيل ڪجهه شعر ڏجن ٿا:
ٿر تي رَڙيا هوندا، ڪيڏو نه تنهن لئه مورَ،
اڄ سمنڊ تي جيڪا برکا وسِي، سانئڻ!

ڪنهن سونهن جي سانوڻ، ورکا نه ڪئي آ،
اک روز اسان جي ٿر جي به ڀني آ.

سونهن تنهنجي جي سانوڻي نه برسي،
من جون مورڻيون رڙيون هِن، جانان!

مينهن ڏوگھي چُڪي ڪيترائي، سعيد!
رُڃ جي اُڃ پو ڀي مري ئي نه ٿي!
پهرين ٽنهي شعرن ۾ مينهن نه وسڻ واري ساڳي ڪيفيت آهي، جڏهن ته پوئين شعر ۾ رڃ جي اڃ جي موت جي ڳالهه ڪيل آهي، جيڪا ڪيترائي مينهن به ڏوگھي چڪي آهي، پر جڏهن اهو ئي مينهن شهرن مٿان وسي ٿو ته انهن کي گندو ڪري ڇڏي ٿو:
رات برسات جي جَھڙي ٿوريءَ،
شهر گندو ڪري ڇڏيو آهي.

جيئن واءُ گھُليو، ٿي دڳ صاف ويو پر،
ٻيهار ڪري ڪِـنُ، برسات وئي آ.
ان کان سواءِ پنهنجي غريبيءَ ۽ ڪکائين جھوپڙيءَ سبب مينهن نه وسڻ جون دعائون به گھرون ٿا:
کڻي ٻڪ دعا جا گھرون ڪئن گھٽائون؟
پڪي شهر ۾ پنهنجي جھوپي ڪَکي آ.
سعيد جا موضوع رڳو اهي ئي نه آهن، سندس سوچ ۽ لوچ ۾ پنهنجو ڏيهه به آهي:
سنڌ منهنجين اکين جيان آ، سعيد!
تنهنجو گھر، جنهن ۾ پاڪ سپنو آ.
شاعر جڏهن گھرو ٿيندو ويندو آهي ته پوءِ سندس ڌار هئڻ حيثيت وڃائي ويهندو آهي. مٽيءَ سان ناتو به اهڙو ئي ٿئي ٿو. سنڌ سعيد جي مٽي آهي پر هو انهيءَ کي پنهنجون اکيون بڻائي ٿو ته جيئن سنڌ جي حوالي سان هن سنسار ۾ پاڻ کي سمجھي سگھي ۽ پاڪ سپني، پرينءَ جي گھر يعني آزاديءَ سان رهڻ کي ان ۾ ساڀيا ملي سگھي.
بيوسن جي جستجو آ
سنڌ! تنهنجي ئي شفا ڪان.

سنڌ! تنهنجون ڀنيون ڏسي اکڙيون،
من جو موهن لُڇي رهيو آهي.
(ساري پنهنجا هُـو دربدر ساٿي،
هانءُ غم ۾ ٻُـڏي رهيو آهي.)

سنڌ! تنهنجي ڳلن ۾ چگھه ڏسي، جن قبولي نه ٿي جلاوطني،
اڄ لهو سان کڻي هليا آهن، لڙڪ، ڏک، انتظار، اوجاڳا.

سنڌ! تنهنجي انڌير آڳر تي،
آڻي ڪا چاندني سگھيا ناهيون.

پنهنجو سڀ ڪجهه جلائي ڇڏيوسي اسان،
ديس تان پو به اوندهه ٽري ئي نه ٿي.
هي شعرَ وطن سان پيار ڪندڙ شاعر جو کُليل اظهار ۽ آواز آهن، جن ۾ جستجو به آهي، لوڇ پوڇ ۽ دربدري به آهي، لڙڪ، ڏک، انتظار ۽ اوجاڳا به آهن، اونداهه به آهي ته روشنيءَ لاءِ، چانڊوڪيءَ لاءِ سڀ ڪجهه جلائي ڇڏڻ واري قرباني به آهي. پر جن امر انسانن ان راهه تي هلندي پنهنجي زندگي به سنڌ تان صدقي ڪري ڇڏي آهي، انهن جي ياد ڪٿي آهي؟
اها ياد شاعر کان وسري نه ٿي، ان کي هُو صبح، شام پنهنجي اکين اڳيان ڏسي ٿو:
آسمان تي هارجي ٿو، اڄ شفق جو ائين پيالو،
سنڌ! ڄڻ تنهنجن شهيدن جو ڪو ميڙاڪو مڙي ٿو.      
پر ان سڄي صورتحال ۾ مايوسي ناهي. شاعر ’ديوانن‘ کي مڙندي ڏسي ٿو ته چوي ٿو:
هيئن ديوانا مڙيا جي درد سان،
پو وطن وٽ ڪا به رُت ڪاري نه آ.
۽ جڏهن مٺڙيءَ کي سنڌ جو نقشو اکين تي رکندي ڏسي ٿو ته ڪيڏي نه بي اختياري اظهار ۾ اچي وڃي ٿي:
رکيئه جو، سنڌ جو نقشو اکين تي،
لڳينءَ مٺڙيءَ کان وڌ مٺڙي، او مٺڙي!
سعيد جو هي روماني انداز نهايت قربائتو آهي. ان کان سواءِ سعيد جي ديس سان محبت بابت ’پرديس وارا‘ هي شعر به گواهي ڏين ٿا:
پرديس لڳو دل کي،
گلدان ڀڳل جھڙو.

جڏهن پرديس ۾ يادون زخم دل جا اڊيڙين ٿيون،
اڪيلائيون گٽارن تي وطن جا گيت ڇيڙين ٿيون.
وطن سان محبت جو هڪ مثبت رُخ ان لاءِ بهتر سياست جو هئڻ به آهي ته جيئن وطن جي سڀ طرفي سڌار ڪري، ان کي مثالي ڏيهه بڻائي سگھجي. پر گھڻي ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ بهتر سياست کي واڌ ويجهه لاءِ سازگار ماحول ڏيڻ بدران، ان کي خود غرضين جي ور چاڙهي، پنهنجي ڏيهه مان خارج ڪيو ويو آهي. جنهنڪري اسان جي سهڻي سنڌ هن سجاڳيءَ واري دور  ۾ به اونداهيءَ ۾ آهي.
پاڻ راهن ۾ رُليل ڪنهن قافلي جا همسفر ڇو؟
ڇا سڀئي واٽون فنا ٿيون، ڇا سڀئي رهبر ٻُڏي ويا؟
تنهنجي هن رنڊي سياست جي ادائن پوئتان ڏس!
ڳوٺ منهنجي جا ڳهيلا، ڪيترا نينگر ٻڏي ويا!
اسين ڏسون ٿا، ته واقعي راهن ۾ رُليل قافلي جا همسفر بڻجي ويا آهيون، اسان جون واٽون فنا ٿي ويون آهن ۽ اسان جا سڀئي رهبر به ٻڏي ويا آهن. نه صرف ايترو ، پر رنڊي سياست جي ڪري اسان جا ته ڳهيلا نينگر به ختم ٿي ويا آهن. اڃا به:
چوڻ گھرياسي جڏهن به سهرا،
ته ياد آيون ڪروڙ دانهون.

ڪنهن ڪنهن سان تعزيت ڪيان مان؟
هت وک وک تي وڇيل تڏو آ.
ڏک جي ايڏي انتها هوندي به سعيد وٽ مايوسي ناهي. هُو اڇا جھنڊا هٿن ۾  ڏئي ٿو:
وري ڪنهن ويل ٿيڻو آ، امن لئه ايئن ئي جلسو،
ڏسين ٿو چوڪ تان جيجون، اڇا جھنڊا سهيڙين ٿيون.
ميڊيا طور اڄ ڪلهه اخبارون، ريڊيو ۽ ٽي وي وڏا ذريعا آهن، جن وسيلي هر قسم جا خيال ۽ واقعا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وڃن ٿا، پر سنڌ جي سياسي تاريخ  ۾ هڪ عرصو اهڙو به رهيو آهي، جنهن ۾ گھرن ، اسپتالن، اسڪولن، دڪانن وغيره جون ڀتيون مطالبن ۽ نعرن سان، تـرَ ۾ ميڊيا جي تڪڙي ۽ ديرپا ذريعي طور وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيون ويون.
ڏئي گونگي ڀتين کي چند نعرا،
چريو هن ماٺ کي ٽوڙڻ ٿو چاهي.
پر هاڻ جڏهن ڀتين تي لکت جو لاڙو گھٽجي ختم ٿيندو ٿو وڃي ته انهن نعرن جو ڪارج رنگدار جاين کي خراب ڪرڻ ئي بچيو آهي:
رنگ ڀت کي مَسين ڪرايو هو،
ڇورا نعرا وري لکي ويا هن!
ڪارڪنن کي ڇورا سڏڻ وارو رويو نهڪاري آهي. پر ٻئي طرف سعيد سياسي روين جي وڪجي وڃڻ تي لکي ٿو:
ديس! تنهنجي دلير دودن کي،
بکّ بڇڙو ڪري ڇڏيو آهي!
تمام وڏو طنز آهي ته دلير دودا بک جي ڪري بڇڙا ٿي پون ٿا. اها بک مطلبي ۽ خود غرضيءَ جو بهترين استعارو آهي، ڇو ته ان جي ڪا انتها آهي ئي نه، جيئن بک وري وري پئي لڳندي آهي، تيئن مطلبيت ۽ خودغرضي به ختم ٿيڻي ناهي.
ٻئي رخ کان سعيد جو هي شعر به ڌيان ڇڪائي ٿو:
سي ئي سڏجن پيا هتي، کڙکٻيتن سندا امام،
ٻاٽ ۾ ڪو چراغ جن، پاڻ لئه ڀي لڌو نه آ!
هي شعر هڪ ويڌن (الميي، Tragedy ) کي واضح ڪري ٿو. نيٺ اسان جي سنڌ جي سورن جو تدارڪ ٿئي، ته ڪيئن ٿئي! اسان جا ته ’امام‘ ئي اُهي بڻجي پيا آهن، جن وٽ پنهنجي لاءِ به سوجھرو ناهي. ان حالت ۾ جڏهن ڪنهن قوم سان تاريخي ناانصافيون ٿينديون آهن، ته  چئبو آهي ته تاريخ سدائين ساڳي ناهي رهندي. اها اسان سان ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن انصاف ڪندي. پر ڇا واقعي به ائين آهي؟
سعيد ان سوال جو هن ريت جواب ڏئي ٿو:
تاريخ ۾ رکجي، انصاف جي ڇا آس!
هت عدل کان پرتي، تاريخ سڄي آ!
الزام تاريخ تي ئي ايندا آهن پر جڏهن پروڙ پوندي آهي ته ڪڌا ڪم هڪڙن ڪيا آهن ۽ تهمتون تاريخ تي آيون آهن، ته هن قسم جا خيال قلمبند ٿي پڙاڏو پيدا ڪندا رهندا آهن:
سکي! تاريخ جي ماٿي تان هاڻي،
تلڪ هي تهمتن جا ڪيرُ لاهي!
پهرين پاڻ کي ڏسبو آهي، پنهنجي ڇنڊڇاڻ ڪبي آهي، ته پاڻ ان سلسلي ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگھجي ٿو،  اڃا به، ڪيئن تاريخ کي نئون دڳ ڏجي؟ سعيد پاڻ بابت چوي ٿو:
تون ڇا سعيد ڏيندين، تاريخ کي نوان دڳ،
ڳوڙهو اگھيو ڪڏهن تو، ڪنهن دوست جو نه آهي!
ڀلي ته سعيد ائين چوي، پر اسين ڏسون ٿا ته هو منزل دور هوندي به پير پنڌ ۾ رکي ٿو:
تهمتون ڪئن هڻان، آءٌ منزل جي دوري مٿان،
راهه سان دوستي، منهنجي پيرن رکي آ مٺي!

اسين مسافر، انيڪ راهون،
نه ڄاڻ ملنديون ڪٿي پناهون!
سعيد جا منزل، ماڳ ۽ راهن، رستن بابت جيڪي شعر آهن، تن مان اهو واضح آهي ته منزلن جي ڪا خبر ناهي، جيڪڏهن ڪا منزل ملي ٿي، ته ان کان اڳتي اڃا ٻي ڪا پنهنجي منزل آهي، تنهنڪري پاڻ کي راهن ۽ رستن ۾ ئي رهڻو آهي، ايتري قدر جو انت کان به اڳتي پنهنجو سفر آهي:
ڪائي منزل ڌيان ۾ ڌري ئي نه ٿي،
پنڌ دل، بند پو ڀي ڪري ئي نه ٿي.

نه آ معلوم پيرن کي، او پانڌي!
اسان کي دڳ وڃن ڪاڏي ٿا ڪاهي؟

ڪا سُجھي ئي نه ٿي سراءِ ڪٿي،
ڪٿ گھڙي کن وجود پرَساهي!؟

ڪا به منزل ڪا نه آهي، ڀٽائي!
پو به رهه ۾ قافلا هِن، جنم کان.

ماڳ ته پنهنجو ڀاڳ ڀٽائي، ناهي پر،
ڪيڏي پوءِ به رستي جي ٿي ڌوڙ وڻي!

منزلن جي ڀاڳ ۾ ناهيون اسان،
راهه کي چئه، پاڻ کي رولي ڇڏي.

ڪين تنهنجي اڱڻ تي کُـٽو آ،
پنڌ پنهنجو اڃا ڀي ڊگھو آ.

تنهنجي نيڻن کي ماڳ سمجھيوسي،
پاڻ کان ڀُل ٿي وئي ڪيڏي!

انت کان اڳتي به آهي ڪو سفر،
پنڌ ماڻهو جو نه کُـٽـڻـو آ، چـري!
ڄڻ ته ’ڳوليان ڳوليان مَ لهان‘ جا مختلف روپ سعيد هنن شعرن ۾ پيش ڪيا آهن. تنهن هوندي به، سعيد وٽ رڳو اهي ئي روپ ناهن، هُو پاڻ کي دربدر به نه ٿو سمجھي ۽ سندس نيڻ به اڃا پرينءَ تي ڄميل آهن، پوءِ ڀلي ته پير اڳتي وڌي وڃن.
پاڻ کي ڪيئن مان دربدر سمجھان؟
تو ڏي نڪرن ٿا دل جا رستا سڀ.

نيڻ تو تي اڃا ڄميا پيا هن،
پير اڳتي مگر وڌي ويا هن.
اميد ۽ مايوسي، زندگي ۽ موت، اڪيلائي ۽ ٽهڪ/محفل/هنگامو، ٿر ۽ مينهن، بک ۽ غربت، وطن ۽ سياست ۽ ماڳ ۽ مارڳ وغيره سميت لاٽ ۽ ٻاٽ جون ڳالهيون به سعيد وٽ آهن:
هڪ ڏِيئي جي ڳولا ۾ ٻاري تيلي،
ڪيئي ديپ اُجھايل پاتا، اوندهه ۾.
هي خيال اسان کي هڪ وڏي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. اوندهه ۾، جيڪا اسان کي ويڙهي وئي آهي، جنهن ۾ اسان کي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. انهيءَ ۾ جڏهن ڪجهه سوجھرو ڪرڻ چاهيون ٿا، فقط هڪڙي ڏيئي ٻارڻ لاءِ، ته جئين ٿور ــ وقتي  ئي سهي، روشني ڪري سگھون، ته اسان کي اڻ ڳڻيا ڏيئا وساڻل/اُجھاڻيل نظر اچن ٿا. مٿيون شعر هڪ قومي الميي جي به نشاندهي ڪري ٿو. ان کان سواءِ تيليءَ کان هڪ ڏيئي، ۽ هڪ ڏيئي کان ڪيترن ئي ڏيئن تائين سفر هڪ سلسلي جي وسعت کي به ظاهر ڪري ٿو.
اوندهه، دِيپ ۽ تيليون، اهي سڀ شيون اسان جي چوڌاري آهن، اسان جي پنهنجي ماحول ۾ ئي، ته پوءِ سوجھرو ڪيئن ڪجي؟
اف! باک جو ڀورو بدن، ڍڪجي ويو ڪاراڻ سان،
پر ڪنهن ڏيئي جي جوت لئه، آڱر جلي ناهي، سکي!
اسان کي آڱر جلائڻي پوندي ۽ انهن آڱرين ۾ اسان کي قلم پڪڙي، ان وسيلي به روشني ڪرڻي پوندي، پوءِ اسان کي ائين ڪو نه چوڻو پوندو:
واٽ تي آ وئي، شام ڪيڏو انڌيرو ڇڏي،
۽ اسان کي اڃا، هٿ ڪا مشعل نه ٿي آ، مٺي!
پر اسين علي الاعلان چونداسين:
هي انڌيرو اننت ناهه، سعيد!
مون ’امارو‘ پريان ڏٺو آهي.
هن موضوع ’لاٽ ۽ ٻاٽ‘ تحت به، ٻين موضوعن وانگر ٻئي پاسا آهن، ۽ جيئن اڀياس ڪندا آيا آهيون ته خيالن جو هڪ سلسلو آهي، جيڪو ادب کي زندگيءَ لاءِ، ان جي بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪارج ادا ڪندي نظر اچي ٿو، توڻي جو ان سڄي شاعريءَ جي پس منظر ۾ دک ۽ درد جون ڪيفيتون به لڪل آهن. پر سعيد ڪجهه غزلن ۾ سڌيءَ طرح به دک ۽ درد جو ذڪر ڪيو آهي. تن مان هي ٻه شعر ڪَــرُ کنيون بيٺا آهن:
بزار درد جي وڌي ته ياد ئي رهيو نه هِـي،
گراهڪ ٿي ڪڏهن خوشي، دڪان تي چڙهي هئي!

اسان جي دکي روح جي رڃ ۾،
سدا ياد تنهنجي جو ڊوڙي هرڻ.
’ بزار درد جي وڌي‘ ۾ بلڪل نرالو انداز آهي، جنهن ۾ انوکو تاثر سمايل آهي، پوءِ ڀلي ته ڏک ۽ خوشيءَ جي جذبا صدين کان اثرانداز ٿيندا رهيا آهن، پر پيشڪش نئين قسم جي آهي. جڏهن ته ’اسان جي دکي روح جي رڃ ۾‘ پنهنجي وجود جي سدا رهندڙ اڃ جي ترجماني ٿو ڪري ۽ ’تنهنجي ياد واري هرڻ جي ڊوڙ‘ پرينءَ جي پنهنجي لاءِ تمنا جي حاصلاتي جاکوڙ کي ڏيکاري ٿي، جڏهن ته ٻنهي جو ملڻ ناممڪن آهي. رڃ جي اڃ به سدائين رهڻي آهي ته هرڻ جي ڊوڙ به ختم ٿيڻي ناهي. (هرڻ ختم ٿي وڃي ته ٻي ڳالهه آ.)
درد جون ٻيون ڪيفيتون هنن سٽن مان به محسوس ڪري سگھجن ٿيون:
درد ئي واحد اهو همدرد آ،
سڏ سوا ڊوڙيو اچي جو جھٽ، الا!

ڇو وڍ ڏنا ٿئه تنهائيءَ، ڇو ماٺ مزارن وانگي آن!؟
ڇو ڦلڙيون ڦلڙيون ٿيندڙ دل! ڪنهن پيار ڏني توکي نه هٿي!؟
’سرمد‘ ۽ ’اڀيچند‘ جا ڪردار سعيد جي شعرن ۾ هن ريت اچن ٿا:
’اڀيچند‘ جا نيڻ ’سرمد‘ جي سڪ ۾،
ٺٽي جي گھٽين منجهه اڄ ڀي رڙن ٿا.

’اڀيچند‘ جي دل قراري نه آ،
اڃا ڳالهه ’سرمد‘ جي ٻي ڀي ڪجو.

ڇا لئه تو ’سرمد‘ ڪا ڏاهه کنئي آ؟
هن دور ۾ دلڙي اڻ ڄاڻ چڱي آ!
آخرين شعر جي خيال ۾ ’الا ڏاهي م ٿيان‘ جا اولڙا آهن. اهي اولڙا ڏيکارن ٿا ته اڃا انساني سماج ان دؤر تي نه پهچي سگھيو آهي جو ڏاهي ٿيڻ جي تمنا ڪجي يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي خواهش، جيڪا ڏاهپ جي واٽ تي وٺي وڃي. ان حالت ۾ پوءِ ڀلي ته سعيد هيئن هجي:
اخبار ڪا پراڻي، جئن روڊ تي رُلي پئي،
اڄ ڪلهه سعيد جڳ ۾، تون مون کي ائن لڳين ٿو!

هُو جو شاعر سعيد سڏجي ٿو،
تو به رلندي ڪٿي ڏٺو هوندو!
رولاڪي سعيد جو هڪ رنگ آهي، توڻي جو بقول سندس ڀٽائي، سچل ۽ اياز سان هن جي سنگت آهي:
رات، سيارو، مچ چوياري، چوٿين چنڊ، ٻه ٽي ٽانڊاڻا،
ٻُڌن ٻڌائن بيت نوان ٿا، سچل، سعيد، اياز، ڀٽائي.
پوءِ سنگت جي اثر هيٺ سعيد صوفي منش بڻجي وحدت پسي ٿو:
ڀل دوست سوين ئي نانوَ ڏين، پر سچ پڇين ٿو جي،
سعيد اسان کي سادو، صوفي منش لڳو آ، ڪاڪا!

ڪثرت جو هئين ’سعيد‘ قائل،
وحدت هي تو ۾ ڪڏهن لٿي آ!؟
اهو سوال ڇو نه ڪو سوال ئي رهي، پر سعيد وٽ وحدت جو نتيجو هن طرح نڪري ٿو:
ڪئن نه تو کي پٿر چون ماڻهو،
سعيد! تو چپ آ ڪئي ڪيڏي!
سعيد سومري جي هنن غزلن جو فن به ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، جنهن بابت اڻ سڌيءَ طرح ڪجهه ته لکي آيو آهيان. چوڻ جو مطلب ته جڏهن خيالن کي هڪ خاص ترتيب سان پيش ڪجي ٿو ته پوءِ اهو فن ئي ته آهي جيڪو خيالن کي پنهنجي سونهن جو ويس اوڍائي ٿو. تڏهن به، هڪڙي سهڻي ڪتاب جي فن بابت ڪجهه وڌيڪ لکڻ هن ڪتاب جي تقاضا آهي.
غزل جو شعري سٽاءُ جنهن علم تي ٻڌل آهي، تنهن کي ’علم عروض‘ جو نالو ڏنل آهي، جنهن ۾ ڪنهن به غزل جي هر ٻن سٽن جي تور جن اصولن تحت ڪبي آهي، ان کي عروضي ٻوليءَ ۾ بحر ۽ وزن چئبو آهي. بحرُ، ڄڻ ته وسعت ۽ وزن ان وسعت جي هڪ ايڪي (Unit) کي ظاهر ڪري ٿو. اهي بحر بنيادي طور ڪُل اڻويهه آهن جن جا اڻويهه بنيادي وزن آهن، جن مان زحاف ۽ عِلل وسيلي، ڪيترائي وزن جوڙي، انهن کي بنيادي بحرن موجب نالا ڏنا ويا آهن. (ان علم بابت وڌيڪ تفصيل لاءِ مرزا سڪندر علي بيگ جو ڪتاب ’سنڌيءَ جو عروض‘ (1986ع) ۽ ڊاڪٽر احمد جروار ’نذير‘ جو ڪتاب ’ميزان‘ (1996ع) کي پڙهڻ گھرجي.)
سعيد سومري جي پهرين ئي غزلن جي مجموعي جا  134 غزل مختلف بحرن جي لڳ ڀڳ 54 ــ مختلف وزنن تي جُڙيل آهن، جنهن مان صاف پڌرو آهي ته کيس عروضي طور بحرن ۽ وزنن تي ڪيتري نه پختگي آهي. ان موضوع کي تفصيل سان واضح ڪرڻ ۽ لکڻ لاءِ هڪ الڳ مضمون جي گھرج محسوس ٿي رهي آهي.
وزنن کان پوءِ جيڪا سونهن سعيد جي غزلن کي نمايان ڪري ٿي، اها رديفن جي آهي. هتي سعيد جي غزلن مان ڪجهه چونڊ رديفون ڏجن ٿيون، جيڪي ڌيان ڇڪائيندڙ آهن:
 (1) شام جو، (2) لڙڪ، ڏک،انتظار، اوجاڳا، (3) جنم کان، (4) او مٺڙي!، (5) اوندهه ۾، (6) ميز تي، (7) هُو خواب پنهنجا، هي گيت پنهنجا، (8) ٻڏي ويا، (9) وو! (10) الا!، (11) هڪڙي لمحي لئه، (12) رات سڄي، (13) سيءَ ۾ (14) سڄڻي، (15) رستي تي، (16) شام سمي، (17) دل، (18) يرَ! (19) موڪلي ڏيو ، ۽ (20) دُور تائين.  انهن رديفن جي لطف انگيزي تڏهن محسوس ٿي سگھندي، جڏهن غزلن کي پڙهبو.
رديفن کان سواءِ سعيد جا استعمال ڪيل هم قافيا لفظ به توجھه لائق آهن، توڻي جو سعيد جي گھڻن ئي هم قافيا لفظن ۾ بيحد نرمي به آهي. هتي اهي هم قافيا لفظ ڏجن ٿا، جيڪي سعيد جي غزلن ۾ نواڻ ڀريو نڀاءُ رکن ٿا.
(1)   وڻ، اڱڻ، هئڻ، هرڻ، رکڻ، ڪرڻ، وڃڻ، ۽ کڻ.
(2)   ڪمل، ازل، ڪنول، ڀڳل، غزل، پل ۽ جل.
(3)   مَکي، ٻَکي، بکي، رکي، ڪکي، لکي، سکي چکي ۽ پکي.
(4)   ڀرجھلا، جرجلا، هيکلا، ڇلا، گھرگھلا ۽ ڌنڌلا.
(5)   ٻرندڙ، مٽندڙ، مسڪرائيندڙ ، ويندڙ، وسندڙ ۽ رهندڙ.
(6)   اُڊيڙين، ڇيڙين ، کيڙين، سهيڙين، ميڙينِ، پکيڙينِ ۽ جھيڙينِ .
(7)   موهن ــ دڙو ، قربڙو، جھوپڙو، ٿورڙو، ڪڙو ، اوسيئڙو ، ۽ وڙو .
(8)   کرڙي، سهڙي، مٺڙي، رهڙي، تڪڙي، هڪڙي ۽ اڳڙي.
(9)   مڻهيار ، اوتار ، ڪنڀار، پولار، کيڪار ، ماٺار ، اخبار ، منجھدار ، ٻوڏار ، شهڪار ، وسڪار ۽ گھنگار.
(10)  ٺمڪا، نقشا ۽ ٽهڪا.
(11)  اُجاريندينءَ، پڪاريندينءَ، ٻهاريندينءَ ، اڪاريندينءَ، اٿاريندينءَ، ڦلاريندينءَ ۽ اتاريندينءَ.
(12)  شالا، ڀالا، تالا، ڇالا، والا، ۽ نالا.
(13)  گداگر، محور، منور، منڪر، دلبر ۽ سمندر.
(14)  وارڙا، ڪارڙا، ٻارڙا، رابيلڙا، ننڊاکڙا، پيرڙا، وائڙا ۽ آلڙا.
(15)  اڪيلائي، اداسائي، هرجائي، هلڪائي، نرمائي، لالائي، ڀائي ۽ سهائي.
(16) ڪٽِ، وٽ، جھٽ، مٽ، گھٽِ، ڄٽِ ۽ سٽِ .
(17) ڏيئن، درپن ۽ لهجن.
(18) قنديل ۽ رابيل.
(19) بسنتِي، اُمنگِي، اُڪنڊِي، پسندِي ۽ سڳنڌِي.
قافين ۽ رديفن جي سلسلي هيٺ ئي، ڪجهه غزل اهڙابه آهن ، جن ۾ قافيو ۽ رديف هم قافيا لفظ آهن. جيئن ڪجهه سٽون ڏجن ٿيون، جن ۾ اها فني پيشڪش نمايان آهي. پوين ٻنهي شعرن ۾ صرف هم قافيا لفظ ڏنل آهن:
جا ڀاسي هرک جي تاڪئي جيان ٿي،
اها دلڙي اٿئي اڳڙي، او مٺڙي!

منڇر تي پڻڇي جو پاڇو، ڪنهن نه ڏٺو آ، ڪاڪا!
هستي جي بستي سان مستي، گھڙي رڳو آ، ڪاڪا!

باک! ڏئي ٿي لاک اکين جي ساک اها،
هن سج جو ئي هو اوسئيڙو، رات سڄي.
لفظن جي ئي سلسلي هيٺ، ڳچ شعرن ۾ سعيد لفظن کي ڳنڍيندڙ ليڪ وسيلي، جيڪا عموماً ’جو، جي، جون‘ حرف جر جو مفهوم ڏئي ٿي، ڪيترائي مرڪب لفظ ڪتب آندا آهن. جھڙوڪ:
 غمن ــ غار ، کٿوري ــ خواب، لڪ ــ لوءِ، روڳ ـــ رنگت، جوڀن ــ مڻهيار ، ڪيڪ ـــ ڀورا، چوئنري ـــ چائنٺ، خواب ـــ مٽيءَ، من ـــ اميدون، برهه ـــ بت خانو، سچ ــ ٻول، سانوڻ ـــ بدلِي، مور ـــ ٽهوڪا، زندگيءَ ـــ ديوار ۽ انا ـــ پولار وغيره.
فڪري ۽ فني طرح سان ايڏو بهتر هوندي به ڪي ٿورا نُڪتا سعيد سومري کان ڪٿي نه ڪٿي رهجي ويا آهن، يا جن بابت هن وڌيڪ سوچ ويچار نه ڪئي آهي. جيئن سعيد جو هي شعر ڪجهه سخت محسوس ٿئي ٿو ۽ چُڀي ٿو:
نيڻ خالي ٺهن ڪين ٿا ديس جا،
ڪجهه ته خيرات ۾ خواب ڏيندو وڃان!
ديس لاءِ خيرات ۾ خواب ڏيڻ هڪ حساس شاعر کي سونهي نه ٿو. شاعر خيرات ۾ خواب ناهن ڏيندا، پر هُو انهن کي ديس جي بهتر آئيندي لاءِ سوکڙي طور پيش ڪندا آهن.
ان کان سواءِ سعيد جي هيٺين شعر ۾ ’ڪُٺا‘ لفظ گھڻو اڻ وڻندڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ آهي، خصوصاً هوشوءَ ته وڙهندي سنڌ تان سرُ قربان ڪيو هو. شعر هن ريت آهن:
هڪ دنيا ڪُـٺا هن، منصور ۽ هوشو،
ٻي دنيا انهن لئه، آتي به رهي آ!
مون ڪوشش ڪئي آهي ته هن مضمون ۾ سعيد سومري جي ’سرءُ جي اداس سانجھه‘ ۾ ڏنل غزلن جي گھڻن ئي غزلن بابت ويچار ونڊي سگھان، تڏهن به ڪي موضوع هن مضمون جي حدن ۾ اچڻ کان رهجي ويا آهن، جن بابت ڪنهن ٻئي مضمون لکڻ جي گنجائش آهي.
هي مضمون پڄاڻيءَ تي پهچائڻ کان اڳ سعيد سومري جا ڪجهه شعر پيش ڪيان ٿو، جن ۾ گھڻيون ئي سُٺايون آهن:
تنهنجي مُک جي چانڊوڪي کي ڪنهن پاتو؟
لوچيون ٿا کائيندي ٿاٻا، اوندهه ۾!

وقت وانگي اُهو مان به ناهيان رهيو،
بدلجڻ جو ڪئين توکي طعنو ڏيان!

ڀرم پنهنجو رکي سگھيا ناهيون،
توڏي تڏهين اچي سگھيا ناهيون.

تو مون ميڙڻ ئي نه چاهيا،
 نه ته ڪهڙا فاصلا ها!

ماٺ ايڏي ڊگھي ٿي وڃڻي آ،
چُپ ٿيندي، اسان نه سوچيو هو!

آسرن جا امام ڪُهرائي،
وقت جو هر يزيد مرڪي ٿو!

اي مصور! پاڻ سان آهي ستم،
پاڻ تي پنهنجو نه ٿو چهرو ٺهي!

ننڊ هاڻي باوضو ناهي رهي،
خواب تنهنجي سونهن جو ڪيئين لهي!؟

هِن انڌيري ۾ آ خبر ڪنهن کي،
روشنيءَ جو رسول ڪهڙو آ!؟      

سچ لاءِ آڱريون ڪيڏيون
وڍجي وري ڦُٽيون آهن!

اڄ سرءُ جي اداس سانجھيءَ ۾،
ڪائي اڻ تڻ آ، اڻ لکي جيءَ ۾!
سعيد سومري هي غزلَ لکي، سرءُ جي اداس سانجھيءَ ۾، اڻ لکي اڻ تڻ کي گھٽائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. ۽ ان ڪوشش ۾ اسان کي نئين هزارِي (ملينيم) ۾ خوبصورت شاعريءَ جي سوکڙي ڏني آهي. اسان ان سوکڙيءَ کي پنهنجي بُڪ شيلف ۾ هٿ ــ پهچ اندر رکنداسون، ته جيئن ان سوکڙيءَ جي سونهن کي سدائين محسوس ڪندا رهون.
(جنوري 2000ع)

5 comments:

  1. رياضت ٻرڙو صاحب، تمام سٺي ڪاوش آھي. ان شوق کي قائم رکندا اچجو. وچ ۾ ڇڏي نه ڏجوس. اکرن جي سائيز ٿوري وڏي رکندا. سيٽنگ ھونئن ٺيڪ آھي، البته ڪتابن اندر جيئن ھوندي آھي، تيئن رکڻ سان اڃا به وڌيڪ ٺيڪ نظر ايندو. ان تي ڌيان ڏيو.

    انجنيئر عبدالوھاب سھتو.

    ReplyDelete
  2. سر توهان جو مضمون اکين سان پڙهي دل تي رکي ڇڏيو آهي !!

    ReplyDelete
  3. sythee koshish a

    ReplyDelete
  4. پيارا رياضت .. اوهان نهايت ئي ڪارائتو ڪم ڪري رهيا آهيو.. هن قسم جي ڪم جي شديد کوٽ هئي ، اوهان جي جوڙيل هن بلاگ ان کوٽ جو ڪافي حد تائين پورائو ڪيو آهي.. اوهان کي جس هجي. هن ڪم کي جاري رکو

    ReplyDelete
  5. سائين رياضت جو بهترين ڪم

    ReplyDelete