27/09/2012

جماليات ڇا ٿيندي آهي؟ - ريٽا شهاڻي (Reeta Shahani)

جماليات ڇا ٿيندي آهي؟
ريٽا شهاڻي
اهو سمجهائڻ لاءِ اوهان جي اڳيان هڪ گهٽنا جو بيان ڪريان ٿي.
اسان ۾ ۽ اسان جي نڪ سامهون پر گهڻي مفاصلي تي؛ دور بيٺل اڏول پهاڙ هئا ۽ انهن جي وچ ۾ هئي هڪ گهري کاهي. انهن نيلن جبلن جي ڪن حصن تي ٿڌي ۽ مٺي اُس ڇانيل هئي، ته ڪٿي ڪٿي وري ڪڪرن جا ڪارا ڪارا پاڇا تڙڳي رهيا هئا. پهاڙ جي هڪ اوچي چوٽيءَ تان آبشارن جو جل زوم سان هيٺ کاهيءَ ۾ ڪري رهيو هو. ٻيا ننڍا وڏا جهرڻا به هتان هتان وهي رهيا هئا. ڪٿي ويگ سان پاڻي ڪرڻ سبب اڇي اڇي گجي تيار ٿي رهي هئي ته ڪٿي وري جل جا سنهڙا، سفيد ۽ شفاف ڇنڊا دور دور تائين پهچي رهيا هئا. سورج جا ڪِرڻا پهاڙن ۽ ڇنڊن کي ڇهي، اِندر ڌنشي رنگ پيدا ڪري رهيا هئا. آبشار جي ڪرڻ جو آواز جبلن تي اُس ۽ پاڇن جي راند، پهاڙن مٿان رنگن جي هولي، هڪ عجيب جادوءَ ڀريو ماحول هو.
منهنجي ڪنن تي هڪ عورت جو آواز پيو، ”سٺو نظارو آهي، برو ناهي!“ مون ڇرڪ ڀري پٺ ورائي ۽ ان عورت ڏانهن نهاريو. هوءَ پنهنجي مڙس سان ڳالهائي رهي هئي. مون کي لڳو ڄڻ ان عورت ڪجهه غلط چيو هو، ڇا غلط هو؟ اهڙي نظاري کي صرف سٺو چوڻ مون کي کٽڪي رهيو هو. ان عورت جي اظهار جي شڪستيءَ تي مان افسوس ڪرڻ لڳس. ’سٺي‘ وشيه چوڻ بدران جيڪڏهن هوءَ عاليشان چوي ها يا من موهيندڙ شبد جو استعمال ڪري ها، ته به شايد مون کي اهڙي نراسائي ڪانه ٿئي ها. هن کي اهو منظر پسند آيو هو پر هوءَ پنهنجي پسندگيءَ جي احساس جو اظهار پوريءَ طرح سان ڪانه ڪري سگهي هئي.
جڏهن ڪو خوبصورت منظر ڏسڻ سان، عمدي چيز پڙهڻ سان يا سريلو سنگيت ٻڌڻ سان، من بلند پرواز ڪري ٿو ۽ من ۾ اعليٰ احساس اُتپن ٿين ٿا ته ان جذبي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ اهڙو سوکيم جذبو جيڪو من کي اوچائي عطا ڪري، ڪنهن به ڪلاڪار لاءِ اتم اسٿان والاري ٿو. ان کي انگريزيءَ ۾ سبليميشن، هنديءَ ۾ اورڌو پاتن، سنڌيءَ ۾ جماليات يا بلند پروازي چئي سگهجي ٿو.
پر جمال ٿيڻ لاءِ ڪهڙن گڻن جو هئڻ ضروري آهي؟ اول ته پر جمال شيءِ جو وڏو يا وشال هئڻ ضروري آهي. اسين ساگر يا وڏي نديءَ کي پر جمال چئي سگهون ٿا پر ننڍي واهه يا ڍنڍ کي اها خاصيت عطا نٿا ڪري سگهون. اسين شينهن کي پر جمال چئي سگهون ٿا پر گدڙ يا سهي کي پر جمال نٿا چئي سگهون. ننڍو وڻ سهڻو ٿي سگهي ٿو، پر ان وڻ کي جماليت جو گڻ ڏيڻ لاءِ ان جو وڏو شاهي هئڻ لازمي آهي. سرڳ جو نظارو، وشال نيلو آڪاش، جنهن ۾ بيشمار تارا پيا چمڪن، دور اُفق تائين ڦهليل سمنڊ جنهن جي شيشي مثل چلڪڻي سطح تي لهرون اٿي ۽ ڪري رهيون آهن، سميه جنهن جو اڌ ۽ انت ناهي، انهن سڀني ڳالهين ۾ جماليات جون خاصيتون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ اڻ ڳڻت عڪسن جي وشالتا ۽ ڳوڙهاڻ آهي. ايشور، جيڪو ڏسڻ ته نه ٿو اچي پر جنهن جي شڪتي اپار ۽ اٿاهه آهي، ان کي جليل ۽ جمال جو رتبو مليل آهي.
خوشگوار گڻن کي هن طرح درجيوار ڪري سگهون ٿا: چڱو، موچارو، سهڻو، سوڀائتو، عاليشان ۽ پرجمال. اهي گڻ سدا هوندي به ساڳيا ڪونهن ۽ انهن جون خاصيتون الڳ الڳ آهن. جيڪا شيءِ موچاري آهي، ضروري ناهي ته اها عاليشان هجي، جيڪا ڳالهه سرپائتي آهي ان جو به موچارو هئڻ ضروري ناهي ۽ جيڪا سهڻي هوندي اها هروڀرو پر جمال ڪانه هوندي. پر سهڻي هڪ اهڙو شبد آهي جو نريکش آهي ۽ هر خوشنما چيز سان لاڳو ٿي سگهي ٿو ۽  ڪيو ويندو آهي.
جيون ۽ جماليت صرف محسوس ڪرڻ جي چيز آهي، ان کي اظهارڻ هروڀرو ضروري ناهي، توڙي ان جو صحيح اظهار هر هڪ جي وس جي ڳالهه ناهي، پر ادب ۾ ان جو پنهنجو خاص مقام آهي. ادب ۾ اهو به ضروري ناهي ته جماليات ڀري صورتحال صرف خوبصورت هجي. ان ۾ ٻيا رس اچڻ جائز آهي. ڪجهه ڪروڻا، ڪجهه درد، ڪجهه ويدنا، گهٽن، مجبوري خوف جهڙن جذبن سان به جماليات حاصل ڪري سگهجي ٿي. اڪثر وروڌا اڀياس يا تضاد، جماليات جو جذبو اُڀارڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
روسي ليکڪ ۽ ڪوي ’آئون ترگنيو‘ جڪي هڪ ڪوتا جو انگريزي ترجمو پڙهڻ سان جماليات جو احساس ڪيئن پيدا ٿيو، اهو مان هتي ٻڌائڻ چاهينديس. ان جو تاتپرج، سنڌي نثر ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي.
هڪ شڪاري (خود ليکڪ) ڪلهي تي بندوق رکي جهنگل ۾ شڪار جي تلاش ۾ نڪتو آهي. سندس وڏو ڪتو اڳيان ڊوڙي رهيو آهي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري ناسون ڦونڊاري ۽ وري اڳتي هلي رهيو آهي. اوچتو وڻ جي ٽاريءَ تان مٿان هڪ اکيري مان، هڪ جهرڪيءَ جو ننڍڙو ٻچڙو هلڪي پيلي ڪنٺ وارو، ڪتي جي ٻن قدمن جي دوريءَ تي ڪري پيو. ڪتي پنهنجو وات کوليو. پکيءَ جا ننڍڙا پر بيوسيءَ وچان ڦر ڦر ڪرڻ لڳا. ڪتو هن ڏانهن وڌڻ وارو ئي هو ته اوچتو مٿان وڻ تان هڪ ڪاري ڳچيءَ واري ٻڍڙي جهرڪي هڪ پٿر جيان، زور سان وڃي ڪتي جي ٻوٿ کي لڳي ۽ پوءِ هيٺ ڪري پيئي. ماتا جهرڪيءَ هلڪڙي پر دردناڪ چيخ سان ڪتي جي کليل وات تي وار ضرور ڪيو جيڪو ڪتي لاءِ صرف هڪ ٺونگي مثل هو ۽ پوءِ پنهنجي جگر جي ٽڪر جي ڀر ۾ ڪري پيئي. ٻڍڙي جهرڪيءَ جو سوکيم شرير ڊپ وچان لرزڻ لڳو هو، هلڪڙيون چيخون ڪنٺ مان نڪري رهيون هيون ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌي رهيون هيون ۽ پوءِ... اهي هوا ۾ گم ٿي ويون... چئني طرف خاموشي! ماتا پنهنجي ٻچڙي مٿان پنهنجا پراڻ نڇاور ڪري ڇڏيا.
هن کي اهو ڪتو راڪاس جيڏو ڀاسيو هوندو ۽ سندس وات هڪ اونداهو کوهه... پوءِ به هوءَ ماٺ ڪري ڪانه ويٺي... هڪ زبردست شڪتي جيڪا هن جي وجود کان گهڻي وڏي هئي، هن کان اهو سڀ ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪيو.
ڪتو... اپلڪ آواڪ بيٺو رهيو. هن جا پير از خود ٻه قدم پٺيان هليا ويا. هن به ان ماتر شڪتيءَ کي سڃاتو هو. شڪاريءَ (ليکڪ) به شرڌا وچان پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ها شرڌا ان پکيءَ جي ساهس ۽ ڪروڻاميه ماتر- پريم لاءِ.
ها، ماتا جي پريم موت کي به مات ڪري ڇڏيو.
ڇا اهو واقعو ۽ ان جو ورتانت، جماليت جو احساس اجاگر ڪري ٿو، دل کي چوري ٿو؟ جي ها، ته ڇو؟ ماتا جهرڪيءَ جو قد ۽ بت، سندس پيار ۽ ساهس، قرباني ۽ بيوسي... اهي سڀ ڳالهيون گڏي دل تي تاثير ڇڏين ٿيون پر جهرڪيءَ جي بدران ڪو وڏو پکي هجي ها ته ڇا اها گهٽنا من ۾ ايتري ڪرڻا يا همدردي پيدا ڪري سگهي ها؟ ها، ڪري ها پر شايد ايتري نه.
ته اها ڳالهه واضح ٿي بيٺي ته جڏهن به وروڌي جذبا گڏجي اُٿن ته من ۾ ڪروڻا جاڳي ٿي اٿي ۽ جماليات جو احساس ٿئي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو هاٿيءَ جي اک ۾ ڪک، طوفان ۾ ٻرندڙ ديپڪ، ڪوئي جو شينهن جي ڄار ۾ پنهنجن ڏندن سان ٽڪي کيس آزاد ڪرائڻ واريون ڪهاڻيون يا حقيقتون من کي متاثر ڪن ٿيون.
جڏهن شيخ اياز چوي ٿو:
تون منهنجو آواز آن، تون جي آدي سر،
هينئين مون هرکر، سمنڊ ٻري جيئن ڪوڏ ۾.
هتي ڪويءَ ايشور جي مهما کي ڳاتو آهي، پر اهو به ٻڌايو آهي ته هن ۾ ۽ ايشور ۾ ڪوبه فرق ناهي. ايشور جو آواز آدي سر آهي ۽ اهو ئي ڪويءَ جو آواز آهي. جيئن سرشتيءَ جي شانتيءَ ۾ ايشور جي شڪتيءَ جون لرزشون آهن. اهڙي نموني ڪويءَ جي من ۾ وياڪلتا جون لهرون آهن. اهو من ٻاهران شانت هوندي ائين پيو اٿلي پٿلي جيئن ڪوڏ کي ڪن سان لڳائڻ سان سموري سمنڊ جو آواز سڻائي ڏيندو آهي.
۽ شاعر شيام چوي ٿو:
ٿيو گمراهه روشنيءَ ۾ اهو
راهه اوندهه ۾ جو ڀلي نه سگهيو.
هتي روشني ۽ اوندهه ۾ جيڪو پئراڊاڪس ڪتب آندل آهي سو منجهائيندڙ به آهي ته سهڻو به ٿو لڳي. روشنيءَ ۾ گمراهه ٿيڻ ۽ اوندهه ۾ راهه نه ڀلجڻ واري ڳالهه پڙهندڙن کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ۽ انهن سٽن مان نيون معنائون ڪڍي، جماليت جو احساس ڪرائي ٿي.
جڏهن موهن ڪلپنا پنهنجي جيوني ”بک، عشق ۽ ادب“ ۾، هڪ ڪاري ٻلي ۽ اڇي ٽب جي ڳالهه ڪري ٿو ته اها ڳالهه دل ئي ڇو اٽڪي ٿي بيهي؟ اتي به هن ڪانٽراسٽ وارو طريقو اپنايو آهي. جيتوڻيڪ اهو به سچ آهي ته ليکڪ سوچي سمجهي ائين ڪونه ڪندو آهي، هن کان اهو سڀ پاڻهي ٿي ويندو آهي.
هو لکي ٿو، ”ان گهٽيءَ ۾ ڪا جڳهه ٿي ٺهي، اتي ريتي، سرون ۽ چني جو منو ٽب پيو هو. هڪ ڏينهن ڏٺم هڪ ڪاري ٻلي ٽب ڀرسان ويٺي هئي. اکيون بند ڄڻ عبادت ۾ مشغول هئي. طوفان جي تيزيءَ سان هيٺ جهڪي مون کيس پڇ کان جهليو ۽ کيس چني جي ٽب ۾ وجهي ڇڏيم. ڪڏهن اندر ته ڪڏهن ٻاهر، ڏاڍي جدوجهد ڪيائين. هئي ڪاري ۽ منهن اڇو ٿي ويس. ڪافي وقت کيس ڏٺم، آخر هوءَ ان ٽب ۾ غرق ٿي ويئي.“
۽ پوءِ چوي ٿو، ”زندگيءَ ۾ جڏهن ڪڏهن دک ڏسندو آهيان، جڏهن بيوسيءَ جو احساس من کي سوگهو جهليندو آهي، روشنيءَ جو ترورو ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، من ۾ تازي هوا جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي، تڏهن ذهن جي ڪنڊ مان، من جي عجائب گهر مان اها ٻلي اجاگر ٿيندي، ۽ ٽب مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ٽپا ڏيندي نظر ايندي آهي.“
موهن ڪلپنا ڪاري ٻليءَ کي اڇي چني جي ٽب ۾ ڇو ٻوڙيو هو ۽ پوءِ نازڪ گهڙين ۾ ان کي ور ور ڇو ياد ڪيو هو، ان ڳالهه جي سمجهاڻي هن ڪانه ڏني آهي. اها سچ پچ ٻلي هئي يا ڪو جذبو هو جنهن کي هن دفن ڪيو هو، اهو به هن ڪونه ٻڌايو آهي، ان باوجود يا شايد ان ڪري اها ڳالهه تاثير ڇڏي ٿي.
اتهاس جون اڻ وسرندڙ گهٽنائون به ان ڪري اهڙيون بڻيون آهن جو انهن ۾ اسان کي جماليات جو درشن ملي ٿو.
جڏهن سقراط کي زهر جو پيالو پياريو ويو، جسماني عذابن ۽ ماڻهن جي مخول جي وچ ۾ جڏهن خوشيءَ ۾ ڀرجي چيو، ”مون سموري دنيا تي فتح پاتي آهي“ ته اهي لفظ، سنسار پرجا گهڻي ۾ گهڻا پر جمال لفظ بڻيا. جڏهن منصور کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو ۽ هن ”انالحق انالحق“ ۽ چئي پنهنجا پراڻ تياڳيا، جڏهن ڪرشن پڄارڻ ميرا، ڪرشن جي رت لڳائيندي راڻي جو موڪليل زهر جو پيالو امرت سمجهي کلي کلي پي ويئي، تڏهن اهڙا مثال تاريخ ۾ امر بڻجي پيا.
اٽوٽ ڀڳتي يا پنهنجي وشواس جي شڪتي، انسان ۾ توڙي سندس رچنائن ۾ (جيڪڏهن هو ڪلاڪار آهي) اهڙي جماليات ڀري ٿي ڇڏي جو هو توڙي سندس ڪلاڪرتيون، سنسار کي لوڏي وجهنديون آهن. خود هنن جو آڪار ايڏو وڏو نه هوندو آهي، پر هنن منجهه جا شڪتي سمايل آهي سا وشال هوندي آهي.
ته اهو ظاهر ٿي بيٺو ته نه رڳو ٻاهرين پدارٿي شين جون خاصيتون، جماليات اجاگر ڪري سگهنديون آهن، پر دل جي اندر جا ڪومل پر شڪتيشالي جذبا، جماليات پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن. اهو فنڪار جي هٿ ۾ آهي ته ان کي ڪهڙي نموني پيش ڪري ٿو.

1 comment:

  1. maan ko adeeb ta na ahyain jahal kasim jo ahyain par maan samjhan tho ta jaliyat ji defination ajan sahee namoony thyan ghurjy ha

    ReplyDelete