20/09/2012

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٽيون) - شبير ساگر (Shabeer Sagar)

شبير ساگر
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٽيون)
سنڌ جي تاريخ جو منفرد ڪم
(تبصرو)
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ٽيون جلد ’پ‘ ۽ ’ج‘ ٻن اکرن تي مشتمل آهي. پوين ٻن جلدن جيان جلد ٽيون به تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ ’پ‘ ۽ ’ج‘ سان شروع ٿيندڙ شخصيتن، قومن، قبيلن، ڪتابن، ماڳن، مڪانن، وڻن، ٻوٽن، ريتن رسمن، ملڪن، شهرن، ديهن ۽ ايجادن  وغيره جي مختصر پر انتهائي جامع معلومات ڏني وئي آهي. مختلف شين بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جتي لاتعداد ڪتاب ڏسڻا پون ٿا، اتي هيءَ انسائيڪلوپيڊيا هڪ ئي هنڌ تي وسيع معلومات پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري ٿي. سچ پچ هيءَ تمام وڏو ۽ محنت طلب ڪم آهي ۽ هن سطح جو هن وقت تائين سنڌيءَ  ۾ ڪو ڪم نه ٿيو آهي. اهڙو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي سچ پچ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي موجوده انتظاميه ۽ انسائيڪلوپيڊيا سيڪشن ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ڪارڪن مبارڪن جا مستحق آهن.
اسان وٽ اها پراڻي روايت آهي ته اسان ڪنهن به سٺي ڪم جي تعريف ڪرڻ بدران سڄو زور ان جي خامين ڳولڻ تي ڏيندا آهيون. سٺي ڪم تي اجائي تنقيد جو محاذ کڙو ڪرڻ شايد اسان جو پيشو ٿي ويو آهي. اصل ۾ اهي ماڻهو، جن ۾ ڪم ڪرڻ جي اهليت نه هوندي آهي، اهي ٻئي جي بهتر ڪم کي برداشت نه ڪندا آهن، ان ڪري ساڙ واري طبيعت سبب پروپيگنڊا جو دهل ڳچيءَ ۾ وجهي ميدان تي لهي پوندا آهن. جيڪڏهن تنقيد تعميري ۽ اصلاحي هجي ته ان جي آجيان به ڪجي، پر جيڪڏهن قصو ’نه آپ ڪم ڪريسان نه ٻئي ڪون ڪرڻ ڏيسان‘ وارو هجي ته ڇا ڪجي!
جهڙي نموني انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پوين ٻن جلدن تي ”ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي“ واري نفسيات وارا شخص ميدان تي لٿل نظر آيا، جن جو مقصد ئي هن ڪم کي روڪرائڻ هو، پر باوجود ان جي ٽيون جلد به مارڪيٽ ۾ اچي ويو. عادت کان مجبور اهي ماڻهو يقيني طور هينئر به ميدان ۾ لهي پوندا پر هي تاريخي ڪم ڪندڙن کي ان ڳالهه کان گهٻرائڻ نه گهرجي ۽ کين پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي. جيڪي قدر وارا، مثبت سوچ رکڻ وارا ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جا خير خواهه آهن، اهي ضرور هن ڪم جو قدر ڪندا. هي انتهائي اهم ڪم آهي، باقي جيستائين هلڪين ڦلڪين غلطين جو تعلق آهي ته اهي ڪهڙي ڪم ۾ نه ٿيون ٿين؟ جيڪڏهن ڪم ڪبو ته غلطيون به ٿينديون ۽ ڪم نه ڪبو ته غلطيون ٿينديون ئي ڪو نه. هڪ ئي شيءِ جا ڪيترا پاسا هجن ٿا، هيڏي ساري سنڌ ۽ دنيا جي معلومات ڪوشش ڪري ڏبي، تڏهن به ڪو نه ڪو پاسو ضرور رهجي ويندو. جن به ادارن طرفان جيڪي به ڪتاب ڇپجن ٿا، ڀرپور ڪوششن ۽ وسيلن هجڻ جي باوجود غلطيون بهرحال رهجي وڃن ٿيون، پر ڪجهه غلطين جي ڪري سڄي  ڪم تي لڪير نه ٿي پائي سگهجي.
انسائيڪلوپيڊيا وارو ته ڪم ئي اهڙو آهي، جيڪو مڪمل ٿيڻ جو ئي نه آهي. هي گهڻ-رخو ۽ نهايت وسيع ڪم آهي، جنهن ۾ واڌارا ۽ سڌارا ٿيندا رهندا، نوان نوان جلد ايندا رهندا، غلطيون به ٿينديون، جن جي ايندڙ جلدن ۾ اصلاح به ٿيندي رهندي، ان ڪري اها ايڏي وڏي ڳالهه نه آهي، جنهن تي بي سبب هاءِ گهوڙا مچائي اجايو تماشو ڪجي. جيڪڏهن ڪير غلطين جي نشاندهي ڪري، درستين کان آگاهي ڏئي ٿو ته اهو مثبت عمل سمجهيو ويندو ۽ پڪ ئي پڪ هي تاريخي ڪم ڪندڙ اهڙي عمل جي آجيان ڪندا، پر ان بدران جيڪڏهن ان غلطيءَ کي بنياد بنائي ڪير پنهنجي دل ۾ موجود ڪو وير پاڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهڙي عمل کي ڪير به چڱو نه چوندو. پاڻ وٽ وڏن وڏن عالمن جا ڪتاب ڏسبا ته انهن جي پٺيان به ڀلناما لڳل هوندا آهن، جن ۾ غلطين کي درست ڪيو ويندو آهي. سٺي ڳالهه آهي ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وارا به رهجي ويندڙ غلطين کي نون جلدن ۾ درست ڪندا رهن ٿا. پهرئين جلد جي غلطين ۽ رهجي ويل داخلائن جو ٻئي جلد ۾ ضميمو شامل ڪيو ويو آهي. ٽئين جلد ۾ پڻ صفحي نمبر 645 ۽ 646 تي ضميمو  ڏنل آهي، جنهن ۾ جلد پهرئين ۽ ٻئي جون درستيون ۽ ڪي واڌارا ڏنا ويا آهن. اهڙين هلڪين ڦلڪين غلطين کي درگذر ڪري جيڪڏهن ايمانداريءَ سان ڏسبو ته سنڌ جي تاريخ ۾ هي انتهائي منفرد ڪم ٿي رهيو آهي، ۽ ان ۾ سنڌ جي پوري تاريخ سمائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
پوين ٻن جلدن جيان هن جلد جي چيف ايڊيٽر ۽ نگران اعليٰ پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين آهي، جڏهن ته ايڊيٽر ۽ نگران تاج جويو آهي. کين سنڌ جي ٻن وڏن عالمن سائين محمد ابراهيم جويي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رهنمائي ۽ مشاورت آهي. انسائيڪلوپيڊيا سيل جي ڊائريڪٽر محمد عثمان ميمڻ جي اڳواڻيءَ  ۾ ڪم ڪندڙ سندس ٽيم جنهن ۾: شوڪت چاچڙ، صفدر حسين ميرزا، عامر سيال، واحد پارس هيسباڻي، هيمون ڪالاڻي، تولارام سوٽهڙ، پارسا رضوي، نذير چانڊيو، عنبرين خاصخيلي، علي نواز آريسر، غلام رسول مڱريو، شفيع محمد شاهه، ساجد چانڊيو، سيد سردار علي شاهه ۽ ٻيا شامل آهن، انهن جي محنت اڳين ٻن جلدن وانگر هن جلد ۾ به عيان آهي. اميد ڪجي ٿي ته ايندڙ جلد به اهڙا ئي شاهڪار ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا هوندا.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد ٽئين جي ارپنا سائين محمد ابراهيم جويي جي نالي ڪئي وئي آهي. جديد سنڌي ادب جي معمار ۽ سنڌ دوست ڏاهي جويي صاحب جي خدمتن کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. سائين جويي صاحب جون ڌرتي، ٻولي ۽ ادب لاءِ بي مثال خدمتون آهن، ان کي هن قسم جي مڃتا ڏيڻ به قابل تعريف عمل آهي. اسان پنهنجي هنن عالمن ۽ اديبن کي ٻيو ڪجهه نه ٿا ڏيئي سگهون ته هن قسم جو مانُ ته ڏئي سگهون ٿا.
صرف ٻن اکرن ’پ‘ ۽ ’ج‘ تي 627 صفحا مواد ڏيڻ ڪو معمولي ڪم نه آهي. هي وڏيءَ جفاڪشيءَ جو ڪم آهي، ڪم ڪندڙن کي وڏو جس هجي، ڇو ته چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق هوندو آهي. 700 صفحن تي مشتمل انسائيڪلوپيڊيا جو ٽيون جلد مواد جي حساب سان ته زبردست آهي ئي، پر ڇپائيءَ توڙي لي آئوٽ جي لحاظ کان به اکين کي وڻندڙ آهي. ڪتاب چئن رنگن ۾ آرٽ پني تي ڇپيل آهي ۽ اڪثر داخلائون تصويرن سان ڏنل آهن. واقعي هي هڪ تاريخي ۽ منفرد ڪم آهي، جنهن جي تعريف نه ڪرڻ بُخل ۽ ذهني ڪنجوسي ٿيندي.
ناشر نوٽ ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين نهايت اهم ڳالهيون لکيون آهن، هوءَ هڪ هنڌ لکي ٿي ته: ”پهرئين جلد جي شايع ٿيڻ تي جتي اسان کي تعريفن ۽ مبارڪن جا سوين پيغام مليا، اتي تعميري تنقيد به ٿي، جنهن سان اسان ٻئي جلد کي بهتر بڻائي سگهياسين ۽ ان ۾ رهجي ويل داخلائن جو ضميمو به شامل ڪيوسين. ٻئي جلد ۾ رهجي ويل اهم داخلائون يا ڪي اهم غلطيون هن جلد ۾ درست صورت ۾ ضميمي ۾ ڏنل آهن ۽ اميد آهي ته ايندڙ جلدن ۾ غلطين جو امڪان اڃا گهٽ ٿيندو ۽ ائين وک اڳتي وڌندي رهندي. هونئن به اهو سڀاويڪ آهي ته ڪنهن سرزمين تي ڪچي مٽيءَ ۾ زورائتو قدم رکبو آهي ته ڌوڙ ضرور اڏامندي آهي ۽ اها ڪِن ماڻهن کي اکين ۾ به ضرور لڳندي آهي... پر جيئن جيئن ان تي ٻيا قدم پوندا ويندا آهن ته مٽي ويهي رهندي آهي ۽ اُتي هڪڙو دڳ گهڙجي ويندو آهي، هڪڙي واٽ ٺهي پوندي آهي، جنهن تي سولائيءَ سان هلي سگهبو آهي... اسان هڪ واٽ گهڙي ورتي آهي، جيترو پنڌ اسان جي ڀاڳ ۾ آهي، اسين ڪنداسين. باقي ٻيا اچي اهو دڳ سنڀاليندا ۽ پنهنجي مٺڙي ماءُ ٻوليءَ جو دامن وسيع کان وسيع تر ڪندا.“
اهڙي ئي قسم جي ڳالهه ايڊيٽر تاج جويي به لکي آهي، هو لکي ٿو ته: ”هي هڪ مشڪل ۽ محنت طلب ڪم آهي، پر اسان جي ڪارڪنن هن ڪم ۾ محنت سان گڏ پنهنجي ماءُ ٻوليءَ سان محبت وارو جذبو به قائم رکيو آهي. جيڪڏهن اهل سنڌ جي اها همت افزائي قائم رهي ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پنهنجي هدف کي مڪمل ضرور ڪندي.“
ٽئين جلد جي شروعات ۾ 4 ڊسمبر 2010ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي مهورتي تقريب جون تصويرون ڏيڻ سان گڏ انسائيڪلوپيڊيا سيڪشن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جون تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن، جيڪا ڳالهه به هن ڪتاب جي سونهن کي وڌائي ٿي. مجموعي طور تي انسائيڪلوپيڊيا جو هي ٽيون جلد زبردست آهي، رنگين ۽ آرٽ پيپر تي ڇپيل هن جلد جي قيمت -/1400 روپيا رکي وئي آهي، پر ادارو 30 کان 40 سيڪڙو رعايت ڪندو آهي. ان ڪري ڪتابن سان ذوق رکندڙ ماڻهن لاءِ هي ڪتاب ڪنهن تحفي کان گهٽ نه آهي ۽ سندن ڪتبخانن جي زينت ضرور ٿيڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment