20/09/2012

شاعري ديواني جو خواب آهي - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

جامي چانڊيو

شاعرِي ديواني جو خوابُ آهي!
(رياضت ٻرڙي جي سهيڙيل ڪتاب
”ڏات ڏيئا ٻاريا“ جو مهاڳ)

شاعر  عجيب نه به هجن، پر شاعري بهرحال هڪ عجيب لقاءُ آهي. شاعريءَ جو بظاهر هن دنيا سان ڪو به تعلق نظر نه ٿو اچي ۽ ان جي هر شيءِ تصوراتي ۽ افسانوي لڳي ٿي. شاعريءَ جا تصور، خيال، جذبا، احساس، خواهشون، حسرتون، اُميدون، مايوسيون، حُسناڪيون، خواب، آدرش ۽ ڪردار سڀ افسانوي ۽ تصوراتي نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته عملي زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه ان کان گهڻو مختلف ۽ ڪنهن حد تائين متضاد نظر اچي ٿو. سوال آهي، ته پوءِ آخر شاعريءَ جي اهميت ڇا آهي ۽ ان جو زندگيءَ ۽ سماج ۾ ڪارج ڇا آهي؟ ان سوال تي دنيا ۾ تمام گهڻو لکيو ۽ بحث مباحثو ڪيو ويو آهي ۽ ظاهر آهي ته ان جو ڪوبه حتمي جواب ٿي سگهي ئي نه ٿو. منهنجيءَ نظر ۾ زندگيءَ ۾ رڳو موجود حقيقتون ئي اهم نه آهن. جيئن ڪارل مارڪس چيو هو ته سوال اِهو نه آهي ته دنيا ڇا آهي؟ پر اِهو آهي ته ان کي تبديل ڪيئن ڪجي؟ ايئن سوال رڳو زندگيءَ ۽ سماج جي موجود حقيقتن کي ڀوڳڻ، محسوس ڪرڻ، سمجهڻ، پرکڻ، پروڙڻ ۽ بيان ڪرڻ جو نه آهي، پر سوال اهو به آهي ته دنيا کي ڪيئن هئڻ گهرجي. دنيا ۾ محبت ڪيئن هجي، حُسن ڪيئن هجي، رشتا ۽ رويا ڪيئن هجن، مفاد ۽ ماڻهو ڪيئن هجن، احساس ۽ خيال ڪيئن هجن، زندگي ۽ سماج ڪيئن هجي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته خواب ۽ خوشيون ڪيئن هجن، درد جي لذت، حاصل ۽ لاحاصل ڪيئن هجي؟ اهي سڀ سوال شاعريءَ کان وڌيڪ حَسين انداز ۾ ٻيو ڀلا ڪير ٿو کڻي ۽ بيان ڪري سگهي. شاعريءَ جو زندگيءَ ۾ وڏو ڪارج ئي اِهو آهي ته اُها اُهو ڪجهه ٿي بيان ڪري، جيڪو هن زندگيءَ ۽ دنيا ۾ ايئن موجود ئي نه آهي. ان ڪري سُٺي شاعري ڪڏهن به پراڻي، پاروٿِي، متروڪ يا مُدي خارج نه ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته ان جو مزاج، ڪارج ۽ منصب ئي اهڙو آهي، جو اُها هميشه خوابن جا ڏِيئا ٻاريندي رهي ٿي. ان ڪري رسول حمزا توف شاعرن کي باهه جي رکوالن سان تعبير ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته آڳاٽي زماني ۾ جڏهن باهه ٻارڻ ڏُکي هوندي هئي ته ماڻهن جو هڪڙو مخصوص گروهه هوندو هو، جنهن جو ڪم هوندو هو ته باهه کي وسامڻ نه ڏي. ان ڪري شاعر انساني معاشري جي باهه جا رکوالا هوندا آهن، جيڪي خوابن، خيالن، احساسن ۽ زندگيءَ ۾ نيون نيون حُسناڪيون تخليق ڪرڻ جي اُميد جي باهه کي ڪڏهن به وسامڻ نه ڏيندا آهن.
هيءُ ڪتاب ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ لاڙڪاڻي ضلعي جي چوڏهنِ ”باهه جي رکوالن“ جي شاعريءَ جو هڪ گڏيل مجموعو آهي، جيڪو اسان جي دوست ۽ جاکوڙي ليکڪ رياضت ٻُرڙي ترتيب ڏنو آهي. لاڙڪاڻو سياست، آرٽ ۽ ادب کان ويندي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اڳيان اڳيان رهيو آهي، ان ڪري ان کي ”ساههَ- سيباڻو“ شهر سڏيو ويندو آهي. هن ڪتاب جي ٻي خاص ڳالهه اِها آهي ته ڪتاب ۾ شامل سڀ جو سڀ شاعر نوجوان ۽ نئين نسل سان تعلق رکندڙ آهن. هن ڪتاب جي ٽين خاص ڳالهه مون کي اِها نظر آئي ته سمورن شاعرن جي شاعريءَ تي رومانوي رنگ وڌيڪ حاوي آهي. ظاهر آهي ته رومانويت شاعر وٽ نه هوندي، ته ڀلا ٻيو ڪنهن وٽ هوندي!؟ پر لاڙڪاڻي جو اصل ۾ مزاج ئي اهڙو آهي. لاڙڪاڻي جو پاڻي پيئندڙ ماڻهو غير رومانوي ٿي نه ٿو سگهي، پر ان باوجود هر شاعر جو انداز، اسلوب ۽ رنگ پنهنجو آهي. جڏهن سماجي زندگيءَ ۾ زهر ڀرجي وڃي، ته پوءِ مايوسين ۾ پناهه وٺڻ بجاءِ تصوراتي رومانويت جو موهُه ۽ هڪ روحاني اُتساهَه جو سبب بڻجي سگهي ٿو. عام طور اِهو سمجهيو ويندو آهي ته شايد رومانويت مزاحمت جو رد آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ اسان جهڙن سماجن ۾ جتي محبت هڪ گناهه هجي، اُتي منهنجيءَ نظر ۾ محبت هڪ سماجي بغاوت ۽ مزاحمت به آهي. ڇاڪاڻ ته بغاوت يا مزاحمت رڳو ظاهري، سِڌي ۽ سياسي نه ٿيندي آهي. بغاوت ۽ مزاحمت اڻ سڌي، تخليقي ۽ سماجي ۽ ثقافتي به ٿي سگهي ٿي. اُها تصورن، روين، خيالن ۽ احساسن سان به ٿي سگهي ٿي ۽ محبت کي گناهه جو درجو ڏيندڙ ديس ۾ محبت جو اظهار به بغاوت ۽ مزاحمت جي دائري ۾ اچي ٿو. ان ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته بغاوت ۽ مزاحمت رڳو نفرت سان نه، پر محبت سان به ڪري سگهجي ٿي. هيءُ باهه جي چوڏهن رکوالن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ڏات ڏيئـا ٻـاريـا“ به اهڙو ئي هڪ خوبصورت اظهار آهي.
ڪتاب جو پهريون تخليقڪار، سنڌ جو ناليوارو شاعر سعيد ميمڻ آهي. سعيد سنڌي ادب ۾ اسان جي ٽهيءَ جو خوبصورت شاعر آهي، جنهن نوي جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي شاعريءَ ۽ خاص طور غزل جي جي انفراديت سبب سُٺي شهرت ماڻي. سعيد بنيادي طور هڪ رومانوي شاعر آهي. غزل جي صنف هونئن به پنهنجي مزاج ۾ رومانوي آهي، پر سعيد ان ۾ پنهنجي اظهار ۽ خيال جي جدت سان پنهنجي هڪ نئين سڃاڻپ پيدا ڪئي. مثال طور هو چوي ٿو:
زندگيءَ جون ٻيون تقاضائون به هن،
عشق ئي ناهي ضروري سانورا!

جتي هو ايئن چوي ٿو، اُتي هيئن به چوي ٿو ته:
منهنجي راتين کي اچي مهڪاءِ تون،
جسم آ تنهنجو کٿوري سانورا!

سعيد جي شاعريءَ ۾ مجموعي طور مايوسي ناهي، هو اُتساهه کي وڌيڪ اهميت ٿو ڏئي. مثال طور هُو چوي ٿو:
ڀٽڪندڙ آرزو نيٺ ڇا ٿي گهُري؟
دل وري هلڻ جا حوصلا ٿي گهُري.

سعيد کي پنهنجو خيال پيش ڪرڻ جو ڏانءُ به آهي. سندس هيءُ بند ڏسو:
منهنجي دل ۾ سدائين ٿيون چڀنديون رهن،
ڄڻ ته سينن جون آهن اَڻيون حسرتون!


منهنجو چهرو سمورو پُسائي ويون،
مينهن جون ڄڻ ته آهن ڪڻيون حسرتون!


سنڌ کي جي سُٺي شاعري ٿيون ڏين،
”سعيد“ تنهنجون اسان کي وڻيون حسرتون!
سعيد جي شاعريءَ ۾ رومانويت جو رويو ڪٿي ڪٿي روايتي به آهي، پر ان جي اظهار ۾ بهرحال پنهنجي نواڻ آهي. خاص طور تي ان ۾ اجائي لفظن جي ٺاهَه- ٺُوهَه بجاءِ هو اظهار جي سادگيءَ جي حُسن پر بنيادي طور خيال جي نفاست کي قائم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ٿو ڪري. مثال طور:
ڪري ڇڏيس نه پاڳل، ڪو کيس بدلائي،
ٿي آئيني جي اڳيان، هوءَ ويس بدلائي.

يا سندس هيءُ شعر ڏسو:
انڌيري رات ۽ ڪمري ۾ چارَ چَپَ ويجها،
نرم بدن جي تَپش ۽ مُساڳَ جي خوشبو.
سعيد جو تعلق پورهيت  طبقي سان آهي پر ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ پورهيت طبقي لاءِ خود قياسيءَ بجاءِ ان جي درد جا عڪس ملن ٿا. مثال طور:
جسم سويري ڪم تي، پوياڙيءَ جو موٽَ،
عضوو عضوو چُور ۽ هٿ ۾ ٿورا نوٽَ.
سعيد ميمڻ سنڌي شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر هو پنهنجي شاعراڻي تخيل ۽ فني تخليقي صلاحيت جو ڀرپور اظهار غزل ۽ وائيءَ جي صنف ۾ ئي ڪري سگهيو آهي.
سعيد ميمڻ پنهنجي ٽهيءَ جو هڪ ڀلوڙ شاعر آهي، پر مون سندس ويجهي ماضيءَ جي شاعريءَ مان محسوس ڪيو ته هو هڪ حد تائين جمود جو شڪار پڻ ٿيو آهي. شاعري هر فن جيان مسلسل رياض گهُري ٿي ۽ جيئن ته شاعري رڳو فن نه آهي، پر تخيل، خيال ۽ احساس جو گڏيل امتزاج به آهي، ان ڪري ان لاءِ شاعر کي رياض سان گڏوگڏ مسلسل مطالعو، مشاهدو ۽ زندگيءَ جا متحرڪ ۽ نوان احساس پڻ گهرجن. اميد ته سعيد منهنجيءَ ان راءِ تي ڌيان ڏئي پنهنجي فن ۽ فڪر کي وڌيڪ حُسناڪي ڏيندو.

ڪتاب جو ٻيو شاعر پڻ سنڌ جو هڪ مشهور شاعر جواد جعفري آهي. جواد کي مان هڪ وڏي عرصي کان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهندو رهيو آهيان ۽ سندس شاعري مون کي سدائين وڻي آهي. جواد جعفري بنيادي طور مون کي داخليت ۽ رومانويت جي رنگن جو شاعر نظر اچي ٿو، جنهن جي داخليت به رومانوي آهي ۽ هن جي رومانويت به داخلي آهي. هو اُتساهه معاشري مان کڻڻ بجاءِ پنهنجي داخلي دنيا مان وڌيڪ کڻي ٿو. جواد جي انداز ۾ پنهنجي انفراديت آهي. هو چوي ٿو:
آس هن جي آسرو بڻجي وئي،
ڌرتتيءَ ۾ ڇانورو بڻجي وئي.


رات بجلي بند ٿي وئي اوچتو،
سارَ هن جي سوجهرو بڻجي وئي.


جواد جو اظهار سادو ۽ اوريجنل نظر اچي ٿو، جيڪا سندس شاعريءَ جي هڪ نمايان خوبي آهي.
سالن جا هوءَ سپنا ساڙي و ئي آهي،
منهنجا خط مون آڏو ڦاڙي وئي آهي.


مون کي ئي ڪجهه سمجهائڻ لاءِ هوءَ شايد،
پيرن هيٺان ڦولَ لتاڙي وئي آهي.

يا سندس هيءُ شعر ڏسو:
خوبصورت خطا ٿي رهي آ،
ديدَ هن جي فدا ٿي رهي آهي.


هوءَ جو جوادَ! مُرڪي ملي آ،
درد جي ڄڻ دوا ٿي رهي آ.
·         

عڪس پنهنجو هوءَ کڻي وئي پاڻ سان،
آرسيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

سندس هڪ غزل جا هي ٻه بندَ ڏسو:
ايئن لڳي اڄ بهار جي خوشبو،
ڄڻ ته محبوب جي چِٺي آئي.



مون سان خوابن ۾ ڀي ملڻ اڪثر،
لوڪَ کان هوءَ لِڪي لِڪي آئي.

جواد وايون به سُٺيون لکيون آهن:
سج وانگر سامهون هيو،
ناريءَ جو جوڀن،
منهنجا نيڻ رِجي ويا.


ميڻ جيان هي ماڻڪيون،
هن جو باهه بدن،
منهنجا نيڻ رِجي ويا.
هتي ”نيڻن جو رِجي وڃڻ“ هڪ نئون تصور آهي. ڇو ته نيڻ صرف تڏهن ئي رِجي سگهن ٿا، جڏهن اُهي برف جيان ڄمي ويا هجن ۽ نيڻ برف جيان ڪهڙيءَ حالت ۾ ڄمي ويندا آهن، ان درد ۽ ڪيفيت جو تصور ڪري سگهجي ٿو. ايئن گيت جي گهاڙيٽي ۾ به هن ڪافي نوان تخليقي تجربا ڪيا آهن.
مان سمجهان ٿو ته جواد ۾ اهو ڏانءُ آهي، جو جيڪڏهن هو سماجي ۽ خارجي حقيقتن کي به پنهنجا موضوع بڻائي ته هُو وڏي تخليقي سگهه سان زندگيءَ جي حقيقتن تان پردو کڻي سگهي ٿو. جواد جي شاعريءَ ۾ داخليت پنهنجي پوري حُسناڪيءَ سان موجود آهي، پر جيڪڏهن هو خارجي ۽ سماجي موضوعن ڏانهن به ڌيان ڏيندو ته داخليت ۽ خارجيت جو اهو توازن هن جي شاعريءَ کي وڌيڪ سونهن بخشيندو.

ڪتاب جو ٽيون شاعر مختيار سمون آهي، جيڪو منهنجو پراڻو دوست پڻ آهي. مختيار اسان جو هڪ سُٺو شاعر آهي، جنهن لاءِ ڪتاب جي سهيڙيندڙ رياضت ٻُرڙي لکيو آهي ته هن وڏن سميت ٻارن لاءِ پڻ شاعري ڪئي آهي، پر مان چوندس ته هن ٻارن سان گڏوگڏ وڏيءَ عمر جي اهلِ دل ”ٻارن“ لاءِ به شاعري ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن ماڻهوءَ جي اندر ۾ ”ٻار“ مري ٿو وڃي، اُهو شاعريءَ کي سمجهي ۽ محسوس ڪري سگهي به نه ٿو.
مختيار جي شاعريءَ ۾ داخليت جي ڀيٽ ۾ سماجي سوچ وڌيڪ حاوي آهي، جيتوڻيڪ هن جي شاعري پڻ بنيادي طور رومانوي آهي، پر ان سان گڏ سماجي جاڳرتا جو امتزاج سچ پچ ته سهڻو لڳي ٿو. مختيار جي پنهنجي مزاج وانگر هن جو شاعراڻو انداز به سڌو سنئون آهي. مثال طور:
پيار جي بدلي پيار ٿو چاهين، ڪيڏو سادو آن!
پاڻيءَ تي ليڪا ٿو پائين، ڪيڏو سادو آن!


ماڻهو توکي دانَ ۾ ٽانڊآ کوڙ کڻي ڏيندا،
هر ڪنهن اڳيان هٿ ڦهلائين، ڪيڏو سادو آن!


دنياداريءَ ۾ سڀ ڦاٿل ليڪن تون مختيار!
اکين ۾ اوطاقون ٺاهين، ڪيڏو سادو آن!

مختيار وٽ رومانويت پڻ بيساخته ۽ جدت سان ڀرپور آهي:
تون جو ناهين ته ويران آ زندگي،
تون جتي ٿي رهين اُت شهر ٿا رهن.
     

ڪوئي شعلو آ، چنڊ آ، ڇاهي!
يا ڪو هٽيو نقاب چهري جو.

نينهن وارو نشو لهي ئي نه ٿو،
ٿورو چکيم شراب چهري جو.

مختيار جي شاعريءَ ۾ سماجيت، سماجي شعور ۽ سماج لاءِ ڳوڙهي سوچَ-ويچار جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو.
نِڪر تون ذات مان پرين وڏو پو هي جهان آ،
ڪِري پيو آن کُوهه ۾ قرار جو شڪار ٿي.
مختيار وٽ عام شاعرن جي اُبتڙ مايوسيءَ جو رويو گهٽ نظر اچي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ اميد ۽ اُتساهه جون علامتون ۽ رويا وڌيڪ حاوي آهن. مثال طور هو چوي ٿو:
ڇو اڃا اوندهه رکين ٿو ذهن ۾؟
ڪيڏو آهين روشنيءَ کي ويجهڙو!
مختيار جي شاعريءَ ۾ سياسي سوچ جا اشارا به مسلسل ملن ٿا، جنهن مان نظر اچي ٿو ته هو سياسي طور به پنهنجين حالتن جو ادراڪ رکي ٿو ۽ پنهنجين حالتن کي بطور هڪ شاعر سياسي اک سان ئي ڏسي ٿو. هن جا ڪجهه شعر ڏسو:
ڪهڙو خوش ٿيون حال ته ساڳيو ئي آهي،
بس رڳو سلطان بدلجي آهي ويو.
غير شاعراڻا خيال، تشبيهون، استعارا يا ڪنايا شاعريءَ ۾ نفاست سان بيان ڪري شاعر لفظن، اصطلاحن، شين ۽ ڪردارن جون معنائون ئي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن فيض صاحب ”ڪاروبار“ لفظ کي تخليقي انداز سان استعمال ڪري ان جو رنگ ۽ اثر ئي تبديل ڪري ڇڏيو. مختيار به اهڙا تجربا ڪري ٿو، مثال طور:
پاڻ کڻي ساڻ خوشين جون خبرون،
دردن جي اخبار ڇڏي آ ويو.
مجموعي طور مختيار هڪ سُٺو شاعر آهي ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اڃا وڌيڪ فڪري گِهرائي پيدا ڪري ته هو سنڌي شاعريءَ کي اڃا به وڌيڪ حَسين تخليقون ڏئي سگهي ٿو.

ڪتاب جو چوٿون شاعر نوجوان شاعر ۽ ليکڪ احسان دانش آهي. احسان نه رڳو سُٺو شاعر ۽ ليکڪ پر هڪ نهايت متحرڪ ادبي ڪارڪن به آهي. احسان پنهنجو تعارف پاڻ ئي هيئن ڪرائي ٿو:
منهنجي اندر ۾ جلي ٿو سورج،
مان ڪو اڌ رات جو پهر ناهيان.


پيار جي پارِ ڳولجو مون کي،
ڇو ته ناهيان، مان ستمگر ناهيان!!

احسان دانش به لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين اڪثر شاعرن جيان بنيادي طور رومانوي شاعر آهي، پر هن جي رومانويت ۾ مايوسي، روايتي پِٽڪو ۽ خود قياسي نه پر زندگيءَ جا ڀرپور اهڃاڻ آهن:
ڪائي ڪشتي نه ڪوئي ساحل آ،
تنهنجي نيڻن ۾ ڪو ٻُڏي ويندو.

·         
هاڻي مان خواب ٿو ڏسان، رنگين،
پيار جي هنج ۾ سُتل آهيان.

·         
درد جي ناءُ تي تري ويندس،
زندگيءَ ڏي وري وري ويندس.


هڪ دفعو تنهنجي گرم ٻانهن مان،
آنءُ نڪتس ته پو ٺري ويندس.

·         
چيم مان ڇو الائي ڌنڌلا چهرا پَسان ٿو پيو،
چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃا موسم جهُڙالي آ.
احسان دانش جيئن نثر ۾ مختلف صنفن ۾ لکيو آهي، تيئن هن دوست شاعريءَ ۾ پڻ متفرق صنفن ۾ پنهنجا تخليقي جوهر آزمايا آهن. هن ڪتاب ۾ پڻ هن جا نظم، آزاد نظم، نثري نظم، هائيڪا ۽ ٽيڙو شامل آهن. آگسٽ 2008ع ۾ ٿر ياترا دوران لکيل سندس هڪ ٽيڙو مون کي ڏاڍو وڻيو:
پُسيون نيٺ ڀِٽون،
وَسي پيو وَڏَ-ڦُڙو،
ڄاڻ کُنڀيون نڪتيون.

احسان دانش ۾ جيتري تخليقي صلاحيت آهي، هن کي اوترو پنهنجن موضوعن جو دائرو وسيع ڪرڻ گهرجي، هن جو گهڻو ڌيان رڳو فني تجربن ۽ ڳالهه جي انداز تي نظر اچي ٿو، ان ڪري فني تجربن سان گڏ هن کي موضوعن جي وسعت ۽ گهرائيءَ تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جو معيار ان جي پکيڙ مان نه، پر ان جي اونهائيءَ مان پرکبو آهي.

ڪتاب جي پنجين شاعره سنڌ جي مشهور نوجوان شاعره روبينه ابڙو آهي. مان وڏي عرصي کان روبينه جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ پڙهندو رهيو آهيان ۽ مون تي هن جي شاعريءَ جو هميشه سُٺو اثر ويٺو آهي. کيس لکڻ جو ڏانءُ آهي. سندس مشاهدي ۽ تخيل جي قوت پڻ سُٺي آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌي ادب ۾ جيڪي چند شاعرائون پنهنجي ادبي ۽ تخليقي پورهيي سبب تيزيءَ سان اُڀريون ۽ جن پنهنجو ادبي نانءُ نه رڳو قائم رکيو، پر مسلسل اڳتي وڌايو، انهن ۾ روبينه خاص حيثيت رکي ٿي. روبينه جي شاعري رومانوي به آهي ته وري ان ۾ وطن دوستي، انسان دوستي، فطرت سان پيار ۽ ڪنهن حد تائين روحاني رنگ به نظر اچي ٿو. هوءَ پاڻ پنهنجو تعارف هيئن ڪرائي ٿي:
ميران جهڙيون کوڙ هتي هن،
هڪڙي ناهيان مان ديواني.

·         

ڏسان ٿي پاڻ ۾ سرمستي،
ڪڏهن ”ميران“ ڪڏهن ”مرکان“.
روبينه جا تصور ڏاڍا شاعراڻا ته آهن، پر انهن ۾ گهرائي به آهي. هن ۾ تخيل جي تخليقي اظهار جو سُٺو ڏانءُ آهي. سندس هي ڪجهه شعر ان جا گواهه آهن:
نُور وڃائي ڀي نيرولي،
رنگن جا ئي خواب ڏسي ٿو.

·         
تو، مان آهي پاڻ سڃاتو،
درد دلين جو موهه آ.
·         
ڪري ڪويل ٿي ڪُو ڪُوءَ ۾،
سدا تنهنجي ثنا خواني.
عورت شاعره هئڻ جي ناتي روبينه جي شاعريءَ ۾ سماجي حساسيت جو رنگ نمايان آهي، پر هن جي حساسيت ڪمزور، نٻل ۽ جهُريل نه، پر سگهاري ۽ سماجي طنز ۽ مزاحمت سان ڀريل آهي. هوءَ رومانويت ۽ سماجي جرئت جي امتياز سان هيئن حساسيت جو اظهار ڪري ٿي:
پنهنجي نيڻن جو سرمدي سپنو،
چوڪ تي سنگسار ٿي ويندو.

رنگ سارا صليب تي چاڙهي،
رُوح رقصم بزار ٿي ويندو.

هاءِ نزديڪين جي موسم ۾،
ضبط بي اختيار ٿي ويندو.


روبينه جي رومانوي شاعريءَ جو انداز پڻ ڏاڍو موهيندڙ آهي:
هو جو سرتيون گل هيو گرنار جو،
تنهن بنا مان ڇا ڪيان سنسار جو.

ڪيترو آهين پري، ٿي سوچيان،
ڇا ڪيان مان رُوپَ ۽ سينگار جو.

موت واري موڙ تي آهين مليو،
پر لڳين ٿو زندگيءَ جي پارَ جو.
جيتوڻيڪ تصوف جو اثر ڪلاسيڪيءَ سان گڏ سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ تي پڻ رهيو آهي، خود شيخ اياز ان جو وڏو مثال آهي، پر مون کي لڳي ٿو ته روبينه تصوف جي ابتدائي اثر کان ٿيندي روحانيت ۽ عقيده پسنديءَ ڏانهن مائل ٿي رهي آهي، جيڪو رجحان منهنجيءَ نظر ۾ هن جي خوبصورت شاعريءَ لاءِ نقصانڪار آهي. ”داتا“ ۽ ”مرشد“ جا تصور 21-هين صديءَ جي خوبصورت شاعريءَ لاءِ وڌيڪ فڪري ۽ فني سونهن جو باعث نه بڻبا. تصوف کي اڄڪلهه هونئن به سنڌي شاعريءَ ۾ فيشن طور گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر منهنجيءَ نظر ۾ روبينه جهڙي تخـليقـي شاعـره کـي پنهنجون فڪري وِکون عقيدي پسنديءَ جي رجحان بجاءِ 21-هين صديءَ جي اڳتي وڌيل روشن خياليءَ ڏانهن کڻڻ گهرجي ۽ استعارا، علامتون ۽ اُتساهه به نئين دؤر جي زندگيءَ يا آئيندي جي تخيل مان کڻڻ گهرجن.

ڪتاب جو ڇهون شاعر سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر عادل عباسي آهي. عادل پڻ سنڌيءَ ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن کان مسلسل لکندو اچي ۽ هن شاعريءَ ۾ خاص طور غزل ۽ گيت جي صنف ۾ پنهنجي هڪ منفرد جاءِ ٺاهي آهي. هونئن ته هن ٻين صنفن ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي، پر مون کي هن جا غزل ۽ گيت وڌيڪ وڻيا آهن. عادل جي رومانويت غير روايتي نظر اچي ٿي:
اسان جا گهاءَ تنهنجي هر انياءَ تي به مهڪندا!
ڀلي تون تيرَ، زهر ۾ ڀري اُماڻ، ڇوڪري!
عادل جيئن ته شاعر ۽ ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ هڪ پختو قومي سياسي ڪارڪن به آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ م پختي سياسي سوچ جا اثر ۽ آثار نمايان آهن:
رَتُ جي ڌَپ گهُلي ٿي پيئي اڄ به ڪراچيءَ ۾،
ٿي پئي آهي شهر سڄي جي دهشتگرد هوا.


يا ته اسان جو جوش ويو آ جهُور ڪُراڙو ٿي!!
يا ته گهُلي آ سنڌ سڄيءَ ۾ ڪا نامرد هوا!!!

عادل جي سوچن ۽ روين ۾ ارڏائي آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ سياسي ڪارڪن هئڻ جي ناتي سمجهي ٿو ته سنڌ کي بهادري ۽ سمجهه گڏجي بچائي سگهن ٿيون. هو چوي ٿو:
اسان پيرَ پٿرن کي ارپي ڇڏيا،
هوائون گهُلن پوءِ ٿڌيون يا تَتيون.
هن ڪتاب ۾ عادل جا گيت پنهنجو مَٽ پاڻ آهن. هن گيت ۾ وائيءَ جو رنگ شامل ڪري نوان تخليقي تجربا پڻ ڪيا آهن، جيڪي سندس شاعريءَ ۾ وڌيڪ ترنم ۽ گداز پيدا ڪن ٿا. سندس گيت جو هيءُ بند ڏسو:
تون جي ايندين، منظر مهڪي پوندا ساجن!
سوچن ڦوليا،
نيڻن ڳوليـا،
هر منظر ۾ عڪس اوهان جا ئي مون پاتا
منهنجا ڍوليا!
دل جا سرگم ڇيڙي،
آءُ اسان جي ويڙهي.
عادل جيڪڏهن لوڪ گيتن تي ڌيان ڏي ته هو جديد لوڪ گيت نهايت سهڻا لکي سگهي ٿو. هن جو گيت جو نئون تجربو ۽ انداز تمام سهڻو آهي.

ڪتاب جو ستون شاعر فياض لطيف آهي، جنهن لاءِ ڪتاب جي سهيڙيندڙ رياضت ٻرڙي لکيو آهي ته، ”فياض لطيف سنڌ جي اُنهن شاعرن ۾ يقينن شامل ڪري سگهجي ٿو، جن سنڌي نظم سان خوب نڀايو آهي ۽ پنهنجي مخصوص حُسناڪ انداز سان اِها گهرائي ماڻي آهي، جا نظم جي سڃاڻپ آهي...... فياض لطيف جا موضوعَ محبت، وڇوڙو، انتظار ۽ پرينءَ جي ياد آهن.“
مون فياض جي هن ڪتاب ۾ شاعريءَ کي غور سان پڙهيو آهي ۽ حقيقت اِها آهي ته اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته هن پنهنجو ڀرپور اظهار نظم ۾ ڪيو آهي يا غزل ۾، ڇاڪاڻ ته هن جا غزل به پنهنجو مَٽ پاڻ آهن. فياض هڪ پختو شاعر آهي، جنهن کي غزل ۽ نظم جي صنفن تي مڪمل گرفت نظر اچي ٿي. انسان جا خيال مختلف ٿي سگهن ٿا، پر ان جا احساس ساڳيا هوندا آهن ۽ شاعري بنيادي طور خيالن سان گڏوگڏ احساسن جي ڀرپور ۽ بي ساخته اظهار جو نالو آهي، پر اصل ڳالهه انهن احساسن کي پيش ڪرڻ جي ڏانوَ جي به آهي. فياض وٽ خيالن ۽ احساسن کي پيش ڪرڻ جو نفيس ڏانءُ آهي، جيڪو پڙهندڙ جي دلين جي تارن کي وڃي ڇُهي ٿو. هن جي غزلن جا ڪجهه بند ڏسو:

هوائن ۾ هُلي ويو آ، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو،
پريشان ڀؤنر هن سارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

اکين ۾ کيپَ ٿا مُرڪن، وئي مدهوش ٿي دلڙي،
خماريل چنڊَ ۽ تارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو.
·         
اسان جي پياس کي پنڌ جا انوکا ماڳَ وئي ڏيئي،
اسان جي طلب ۾ بارش، مگر هوءَ آڳ وئي ڏيئي.

اسان لاءِ هيرَ جو جهونڪو، هئي جا موههَ جي موسم،
اسان جي خواب نيڻن کي، ازل جي جاڳ وئي ڏيئي.
·         
تتل واري آ پيرن ۾، مٿان ڪوئي ڪڪر ڪونهي،
اڙي محبوب او جانان! گهڙي کن زلف ئي کوليو.
هونئن عام طرح غزل جو هر بند ٻئي کان مختلف ۽ جدا خيالَ، احساس، منظر يا تصور جو اظهار هوندو آهي، پر غزل ۾ هڪ ڪردار يا تصور کڻي مسلسل غزل لکڻ جو تجربو سُٺو ٿو لڳي، جيڪو غزل کي نظم جو رنگ ڏئي ٿو ڇڏي. فياض لطيف جو هيءُ تجربو به اهڙو ئي وڻندڙ آهي:
سونهن جو سحر آ، هوءَ ڇوڪري،
نسورو قهر آ، هوءَ ڇوڪري.

نه ٻوڙي ٿي، نه چاهي تارڻ پئي،
انوکو بحر آ، هوءَ ڇوڪري.

ڏيئن جي جاڳ وانگي هيءُ جيون،
پرهه جو پهر آ، هوءَ ڇوڪري!!

فياض جا نظم پڻ سُٺا آهن، جن ۾ نه رڳو رواني آهي، پر فني بندشن جو پورو پورو لحاظ ڪيو ويو آهي. نظمُ غزل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏُکي ۽ آزمائيندڙ صنف آهي، ڇاڪاڻ ته نظم جي اُڻت ۾ تسلسل، رواني، خيال جي وهڪ ۽ فني بندشن جو خيال گڏ گڏ ڪرڻو پوي ٿو. سندس هڪ نظم جو عنوان ”حياتي آ ڪنڊي تي ماڪَ جو قطرو“ مون کي بيحد وڻيو. زندگيءَ جي بي ثباتيءَ کي ڪنڊي تي ماڪَ جي ڦُڙي سان تشبيهه ڏيڻ بيحد حَسين ۽ عجيب خيال آهي.
مان سمجهان ٿو ته فياض جا غزل ڳائجڻ گهرجن. اسان وٽ جيترو سُٺو غزل لکيو وڃي ٿو، اوترو ڳاتو نه ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته غزل جهڙي نازڪ صنف کي اهڙي نفاست سان ڪمپوز ڪرڻ ۽ ڳائڻ وارا فنڪار بنهه ٿورا آهن.

ڪتاب جو اٺون شاعر اسان جو نوجوان دوست رضا بخاري آهي، جيڪو پڻ سُٺي شاعري ڪري ٿو ۽ کيس پنهنجي اظهار جو ڏانءُ آهي. هن جي شخصيت ۽ سوچ يا اندر جو جهانُ پڻ سندس هن شعر مان واضح آهي:
ٿو برسات چِٽيان ڪاغذ تي،
۽ آڙاهه ٻري ٿو مون ۾.
رضا جا اڪثر غزل ننڍي بحر ۾ آهن ۽ سندس انداز ڏاڍو سادو ۽ ڇُهندڙ آهي. مثال طور:
جن نه خود کي لڌو،
رهنما ٿي ويا.

جئن اُڏاڻا پکي،
وڻَ دعا ٿي ويا.
يا هو ٻئي هنڌ چوي ٿو:
هي ته ساڳيون ئي صورتون آهن،
آئينن کي ڇو حيرتون آهن!
غزل شاعريءَ جي نهايت نفيس صنف آهي، ان ڪري غزل ۾ مزاحمت جي ڳالهه به نفاست سان ڪبي آهي. رضا بخاريءَ جي نه رڳو سوچ ۾ گهرائي آهي، پر هو ڳالهه کي پيش ڪرڻ جو پنهنجو انداز ۽ هنر به ڄاڻي ٿو:
درد جو آسمان آ مون ۾،
هڪ الڳ ئي جهان آ مون ۾.

اوچتو ئي ڪڏهن ڪندو ڦهڪو،
جيڪو خسته مڪان آ مون ۾.


روبرو آ يقين جي منزل،
پو به ساڳيو گمان آ مون ۾.
رضا بخاريءَ وايون به سُٺيون لکيون آهن. تصوراتي عڪس بنديءَ جي اظهار جي هيءَ وائي مون کي بيحد وڻي، هو لکي ٿو:
ڏس ته چنبيلي لامَ،
جَرَ تي ترندي وڃي!
اوڙهي رنگ جي چُني،
مدهوشيءَ ۾ شامِ،
جَرَ تي ترندي وڃي!

ڇولي ڇولي ٿي لڳي،
ڪنهن نچڻيءَ جي گامِ،
جَرَ تي ترندي وڃي!

ٻيڙي هڪڙي ڪاغذي،
سانڍي ڪي پيغام،
جَرَ تي ترندي وڃي!

مٿين وائيءَ ۾ مشاهدي، تصور ۽ منظر جي حَسين عڪسبندي نظر اچي ٿي ۽ ان کي ئي شاعري چئبو آهي. هو هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو:
ڪُوڙي دنيا ۾ رهي،
ماڻهن جا سينا،
ميرا ٿي ويا هِن!
تون ٿو آئينا اُگهين،
هت سڀ جا چهرا،
ميرا ٿي ويا هن!

رضا تروينيون به سُٺيون لکيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ تصوراتي ۽ تخيلاتي صلاحيت ۽ اُڇلَ پنهنجي پوريءَ سگهه سان موجود آهي. تروين هڪ بيحد مختصر ۽ ٻارن جهڙِي نازڪ خيال صنف آهي. ان کي شاعر کي ايئن سنڀالڻو پوي ٿو، جيئن ڪو غريب گهر ۾ ڪانچ جي شيءِ سنڀاليندو آهي.
سندس هي ڪجهه تروينيون ڏسو:
اُڏي ٿي هيءَ رَئي ڇا لئه،
مسافر! تو نه ڄاتو آ
چوي ٿو ”الوداع“ رستو!


پٿرن جي قيمتن،
آسمانن کي ڇُهيو،
ٿي ويون سستيون دليون.

·         
رات ڀر برسيون اکيون،
ڌوپجي نکري پيو،
درد جو ميرو بدن.
اکين جي ڀرجڻ ۽ برسڻ جي عمل کي به ايئن اُتساهه ۽ وڻندڙ انداز سان پيش ڪرڻ، جو ان مان مايوسيءَ، ويڳاڻپ يا خود قياسيءَ جو احساس نه اُڀري، اِهو شاعر جو ڪمال آهي.

حبدار سولنگي گذريل پندرهن سالن کان مسلسل لکي رهيو آهي ۽ هن کي نه رڳو لاڙڪاڻي ضلعي پر سڄيءَ سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. ٻين ڪيترن دوستن جيان حبدار جو به گهڻو ڌيان غزل جي صنف تي آهي، جيتوڻيڪ هن نظم ۽ آزاد نظم پڻ لکيا آهن. هر شاعر زندگيءَ بابت پنهنجي پنهنجي روش رکي ٿو ۽ حبدار حياتيءَ کي پنهنجي غزل ۾ منفرد انداز ۾ بيان ڪيو آهي:
حياتي ڏات، ڏاهپ ۽ نئون ادراڪ آ ”حبدار“!
حياتي اڻ پڙهيي جي هٿ ۾ اخبار جهڙي آ.

حبدار جا ڪي ڪي خيال ڏاڍا منفرد ۽ ڇُهندڙ آهن، هو جڏهن چوي ٿو:
اوهان جو مُرڪندي گهُورڻ، عجب انعام ئي چئبو،
اوهان جو ٽهڪ ڏيڻ ڊوڙڻ، ڪو ڇلڪيل جام ئي چئبو.

حبدار جي عاشق مزاجي سندس نالي جيان شاعريءَ مان به بلڪل واضح آهي. سندس هيءُ خيال ۽ ان جو اظهار ڏسو:
پرينءَ جو پيار ماڻي، زندگيءَ جو راز ڄاتوسي،
اسان هڪ عشق سان دنيا سڄيءَ جو راز ڄاتوسي.

اسان لفظن سان هن جي سامهون ويهي ڪئي رياضت،
ملي ويو مانُ مَنَ کي، شاعريءَ جو راز ڄاتوسي.
هن وٽ عاشقيءَ جو روايتي تصور گهٽ آهي. هو عاشقيءَ کي هڪ مسلسل پنڌ ٿو سمجهي، جيڪا عشق جي لطيفي روايت آهي. هو چوي ٿو:
نه منزل جي هئي ڪا ڄاڻ اڳ ۾ پاڻ کي ”حبدار“!
ڪئي آ عشق آٰساني، جُڳن کان پنڌ جاري آ!
ڪتاب ۾ حبدار جو نظم ۽ هڪ آزاد نظم پڻ شامل آهي، جيڪي پڻ سُٺا آهن. سندس آزاد نظم جون هي ٻه سٽون سنڌ جي موجوده توڙي تاريخي الميي جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون:
”درد جو درياهه آهي،
سنڌ گهرو گهاءُ آهي.“

ڪتاب جو ڏهون شاعر ساجد سنڌي آهي، جنهن جا ڪتاب ۾ غزل، نظم ۽ ڪجهه چؤسٽا شامل آهن. ساجد هڪ بيحد حساس طبع شاعر لڳي ٿو، جنهن وٽ داخلي، سماجي، رومانوي ۽ ڪٿي ڪٿي سياسي حساسيت جا عڪس پڻ گڏ گڏ نظر اچن ٿا. سندس ڪجهه بند ڏسو:
رات آڌيءَ جو ڏسان ٿو مان وري،
گڏ سُتل ماڻهو- ڪُتا، فوٽ پاٿ تي.
·         
ٻار خوش ٿي کِلي ڪُڏن ٿا پر،
ڪو پکي آ، مري ٿو بارش ۾.
ساجد کي نظم طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته سندس نظمن ۾ روانيءَ ۽ تسلسل جي کوٽ آهي. نظم ايئن هئڻ گهرجي، جيئن مٿان کان پاڻي آبشار مان مستيءَ سان وهندو آهي ۽ ڏسندڙ ۾ سرمستي ڀريندو آهي. نظم ۾ اها رواني خيال ۾ به هئڻ گهرجي ۽ ٻوليءَ توڙي اظهار ۾  به.
رضوان گُل هن ڪتاب ۾ شامل يارهون شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ وڇوڙو هڪ موضوع طور بار بار سامهون اچي ٿو. هونئن وڇوڙو اُتساهه جو محرڪ به بڻجي سگهي ٿو، جي ان کي جدت سان پيش ڪجي، پر رضوان گُل تي ان جو اثر نراسائيءَ جي صورت ۾ پوندي نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هن نظم ۽ آزاد نظم به لکيا آهن، پر هو پنهنجو ڀرپور اظهار غزل جي صنف ۾ ڪري ٿو، شايد سندس خيالن ۽ محسوسات جي ڀرپور ترجماني غزل ئي ڪري سگهي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ سادگي آهي، پر ان ۾ پنهنجو حُسن آهي. هن جا هي خيال ۽ احساس ڪيترا نه سُٺا لڳن ٿا:
پيار ۾ نفرتن کي جاءِ نه ڏي،
باهه پاڻيءَ ۾ ڪيئن ملائيندين!

تنهنجا احسانَ مون اکين تي رکيا،
مون کي ڪهڙي خبر جتائيندين!

    
دل جي راهن ۾ جو رليو ناهي،
زندگيءَ سان ڪڏهن مليو ناهي.

بند پيو آهه هُو ڪتاب جيان،
ڪنهن جي آڏو ڪڏهن کُليو ناهي.
ڪتاب ۾ شامل سندس ٻه غزل اهڙا آهن، جن کي نظم جو عنوان ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهن جو انداز نظم وارو آهي پر اُهي پنهنجي بندش ۽ گهاڙيٽي ۾ غزل ئي آهن. رضوان گل جا ڪتاب ۾ شامل آزاد نظم پڻ سٺا آهن.
بطور هڪ ادبي ۽ فني نقاد جي مان رضوان گُل کي صلاح ڏيڻ چاهيندس ته هُو غزل جي روايتي فڪري ۽ موضوعاتي مزاج جي دائري مان نڪري انهن ۾ وڌيڪ جدت پيدا ڪري. مون کي لڳي ٿو ته هن تي سنڌيءَ جي روايتي غزل گو شاعرن جو اثر گهڻو آهي. رضوان گُل هڪ باصلاحيت تخليقڪار آهي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ پختگي آهي، جيڪڏهن هُو غزل جي روايتي مزاج ۽ موضوع بجاءِ جديد انداز ۽ موضوعن ڏانهن ڌيان ڏيندو ته هن جي شاعريءَ کي اڃا به چار چنڊَ لڳي ويندا.

ڪتاب جو ٻارهون ڪَوي نوجوان شاعر ابرار ابڙو آهي، جنهن جو لاڙو پڻ شاعريءَ ۾ غزل جي صنف ڏانهن آهي. ابرار جو انداز اوريجنل آهي. سندس شاعريءَ ۾ هن جو رويو اُميد پسنديءَ وارو آهي ۽ هن غزل ۾ نيون نيون فني ترڪيبون پڻ استعمال ڪيون آهن:
ڇوڪري روشني لڳي مون کي،
روشني زندگي لڳي مون کي.

آءٌ ترڇي پيو تڪيان هن کي،
هوءَ اُلاري پئي سڳي مون کي.
سڳيءَ جو اولارڻ هڪ سُهڻي ادا آهي، جنهن ۾ نِهارَ جو انڪار نه پر نِهارَ کان حجاب هوندو آهي.
سندس هڪ ٻئي غزل جا ڪجهه بند ڏسو:
وِکريل جنون دل لڳيون ڪاڏي کڻي وڃن؟
صدين جي جاڳ کي اکيون ڪاڏي کڻي وڃن؟

صحرا جي ريت جي مٿان چنڊ- رات ڪانه ٿي،
رڻ جو ڊگهو سفر ڪَتيون ڪاڏي کڻي وڃن؟

اوسيئڙي کي ساٿ جو پاڇو نه ٿو ملي،
منهنجي نهار کي دريون ڪاڏي کڻي وڃن؟

سياري جي رات،  سانت ۽ سوچن جي شور ۾،
بيچين پيار کي بَتيون ڪاڏي کڻي وڃن؟
يا هو هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو:
عاشقيءَ جي پنڌ کي اوندهه ڳهي ٿي ڳوٺ جِي،
رات جا ويران رستا روشنيءَ تي ٿا ڪِرن!

هٿ ٺري ويا هيس ٿڌيءَ رُتِ ۾،
دل ۾ پر ڌرتتي کڻي نڪتي.

باغ جو باغ هن جي نالي هو،
هوءَ هڪ پنکڙي کڻي نڪتي.
ابرار ابڙي هڪ غزل ۾ ڏاڍو سُهڻو تجربو ڪيو آهي، يعني هن غزل ۾ لاڙڪاڻي کي هڪ ڪردار طور به کنيو آهي ۽ قافيي طور به. ساڳيئي قافيي جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ به غزل جي سونهن کي بگاڙي ڇڏيندو آهي، پر ابرار ڪمال ڪاريگريءَ ۽ هنرمنديءَ سان ان جي ورجاءَ ۾ ئي حُسن پيدا ڪري ڇڏيو آهي. مان هتي سندس پورو غزل ٿو ڏيان، ڇاڪاڻ ته ٻيءَ صورت ۾ ان جي حُسناڪي محسوس ڪري نه سگهبي:

نيڻ منهنجا ۽ لاڙڪاڻو هو،
گڏ وڇوڙا ۽ لاڙڪاڻو هو.
بيقرارين جي شام ۾ ڌنڌلا،
سارا رستا ۽ لاڙڪاڻو هو.
هٿَ لُڏيا، ٽرين الوداع ٿي وئي،
اک ۾ ڳوڙها ۽ لاڙڪاڻو هو!
ڪو سُڃاتل نه هو سوا تنهنجي،
کوڙ چهرا ۽ لاڙڪاڻو هو.

آءٌ ڪنهن ياد ۾ وڃايل هوس،
ڀر ۾ رڪشا ۽ لاڙڪاڻو هو.

تنهنجي احساس جي هُئي خوشبو،
ساڻ پاڇا ۽ لاڙڪاڻو هو.

ڪتاب جو تيرهون شاعر اقبال کوکر آهي، جيڪو سهيڙيندڙ رياضت ٻُرڙي چواڻي ته هو هڪ ڪُنڊائتو رهندڙ  نوجوان شاعر آهي. هن جو اهڙو مزاج سندس شاعريءَ مان پڻ پَسي سگهجي ٿو. هونئن به شاعرن کي هڪ حد تائين اڪيلائي ضرور گهرجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اڪيلائي تخيل، تصور ۽ احساس جي ٻَني آهي. توهان هُجومن ۾ تخيل، تصور ۽ احساس جي بلنديءَ تي نه ٿا رَسي سگهو. اقبال کوکر ۾ حساسيت ۽ داخليت نمايان نظر اچي ٿي. هن جا خيال ڪافي منفرد، سادا پر اوريجنل آهن.
هت ٿيا کوڙ گڏ منصور هوندا!؟
تڏهن ئي ٽياس جا ڏيئا ٻرن ٿا.
هتي ”ٽياس جا ڏيئا“ هڪ انوکو تصور نظر اچي ٿو.
هڪ ٻئي هنڌ هُو چوي ٿو:
گُل جي سونهن وڌائي شبنم ”ڳل“ جي موهيڙي،
ساري جڳ جي تو جوڀن ۾، سونهن سموهي، ڙي!

جيئن ڏنو تو رخ تي پردو ايئن لڳو مون کي،
سج جي روشني ڪِرڻن کي آهه روڪيو ڪوهيڙي.

هتي شاعر ”موهيڙي“ ۽ ”ڪوهيڙي“ کي رديف طور به استعمال ڪيو آهي ۽ ساڳئي وقت قافيي طور به.
سندس ڪجهه ٻين غزلن جا ٻيا بند آهن:
ٿو لڳي جيون به سارين جو فصل،
وقت ڀي ڏاندن جيان ڳاهي پيو.

ساٿ سو ئي ڪين مون سان ڏئي سگهيو،
جو ستارا اُڀ تان لاهي پيو.
اقبال کوکر جو رومانس سادو پر خوبصورت ۽ موهيندڙ ٿو لڳي:
رت بسنتي گهٽا نه ٿا چاهيون،
ڪجهه به توکان سوا نه ٿا چاهيون.

منهن مبارڪ گهران ڍڪي نڪرو،
او پرين حادثا نه ٿا چاهيون.
ڪتاب ۾ اقبال جون ٻه سهڻيون وايون به شامل آهن. سندس هڪ وائيءَ جو هيءُ بند ڪيڏو نه سهڻو آهي:
هوءَ جو ڇوڙي وارَ ٿي،
ڪڪرن ڪارن جو،
رنگ بدلجي ٿو وڃي.

ڪتاب جو آخري شاعر، ڪتاب جو سهيڙيندڙ ۽ نوجوان ليکڪ ۽ شاعر رياضت ٻُرڙو آهي. رياضت جيئن ته منهنجو شهر واسي ۽ دوست آهي، ان ڪري مان کيس ننڍپڻ کان سڃاڻان. هو خوشنصيب آهي جو کيس ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جهڙي ڏاهي ماڻهوءَ جهڙو وڏو ڀاءُ ۽ موسيقيءَ جي هڪ اداري جهڙو گهرُ مليو. رياضت جي ادبي ۽ فڪري تربيت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ئي ڪچهرين ۽ محبت ۾ ٿي.
رياضت گذريل ٻن ڏهاڪن کان نثر توڻي شاعريءَ ۾ مسلسل لکندو اچي. هو پنهنجيءَ سوچ ۾ انسان دوست، فڪر ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند ۽ عمل ۾ هڪ جاکوڙي ماڻهو آهي، جيڪا زندگيءَ ڏانهن روِش شايد کيس سندس ڏاهي وڏي ڀاءُ کان ورثي ۾ ملي ۽ هو به ان ريت ۽ روايت سان پوريءَ ريت نڀاءُ ڪندو اچي. رياضت شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سمورين صنفن ۾ پنهنجو اظهار ڪيو آهي، جيڪي هن ڪتاب ۾ پڻ شامل آهن. هن غزل، نظم، وايون، گيت، هائيڪا ۽ ٽيڙو لکيا آهن. هن جا خيال سادا، نفيس ۽ وڻندڙ آهن، جنهن جا ڪجهه مثال هي آهن:
سونهن سجدو گهُريو خدا سامهون،
مون به مصلو گهريو خدا سامهون.

·         
ڳِيچَ ٿي ڳائي سنڌ وطن جا،
پڳلي ڏات اڃا ٻي ڪهڙي!
·         
ٽاريءَ کي صدمو،
خوشبو  وارو گل ڇڻيو،
ناريءَ کي صدمو.

هڪ وائيءَ ۾ هو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌين کي ميار هيئن ڏئي ٿو:
ڌاري ٻوليءَ ۾ پڙهي،
سنڌيءَ کي گمنام،
ڳوٺاڻن ناهي ڪيو.

سندس هڪ تروين آهي:
گلابن ۾ وَسو ٿا پر،
نه ٿَوَ خوشبوءِ جي ڪا سُڌِ،
اوهان رنگين ڪاڳـرَ  هو.

بي روح ماڻهوءَ جي رنگين ڪاڳر سان تشبيهه ڏاڍي ٺهڪندڙ ۽ سُٺي ٿي لڳي. طنز جو هيءُ انداز به ڪيڏو شاعراڻو ۽ نفيس آهي!
مجموعي طور رياضت هڪ سُٺو ۽ روشن خيال شاعر آهي، جيڪو شاعريءَ ۾ ڪارج ۽ مقصديت کي گهڻي اهميت ڏيندي نظر اچي ٿو. هن جا شعر بامعنيٰ آهن، جنهن ذريعي هو واضح پيغام، مشاهدو، تجربو يا خيال ۽ احساس ورڇڻ ٿو چاهي. جنهن ڪري هو هڪ سماجي طور ذميوار شاعر ۽ ليکڪ نظر اچي ٿو.
مجموعي طور هيءُ ڪتاب ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ سنڌي ٻوليءَ جي جديد شعري ادب ۾ هڪ سُٺو اضافو آهي. جيڪڏهن شاعرن جي انفرادي پرک کي پاسيرو ڪري ڪتاب جي مجموعي تاثر کي ڏسجي ته هڪ ڳالهه مون شدت سان محسوس ڪئي ۽ اُها آهي اڄوڪي دؤر جي شاعريءَ ۾ فڪري گهرائيءَ جي کوٽ. اِها راءِ مان هڪ ذميوار ادبي ۽ فني نقاد طور ڏئي رهيو آهيان. اسان جو شاعر مشاهدي، تخيل، منظر نگاريءَ، احساسن جي اظهار توڻي فني تجربن تي ته گهربل ڌيان ڏئي ٿو، جنهن جا عڪس هن ڪتاب ۾ به پَسي سگهجن ٿا، پر اهو فڪر يا Thought طرف گهٽ ڌيان ٿو ڏئي. ياد رهي ته مان نظرين جي نه پر فڪر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. فڪر ادب جو روح ۽ جوهر آهي ۽ جيڪو ادب ۽ فن فڪري طور سگهارو، تخليقي ۽ جدت پسند هوندو، ان جو ٻوليءَ، سماج ۽ پنهنجي دؤر تي اثر وڌيڪ نمايان ۽ گِهرو هوندو. اهو ئي سبب آهي جو اڄوڪي دؤر ۾ وڻندڙ شاعري ته تخليق ٿئي پئي، پر اهڙي شاعري گهٽ سرجي ٿي، جيڪا پنهنجي دؤر تي وڏا اثر وجهي ۽ منهنجيءَ نظر ۾ ان جو بنيادي سبب شاعرن جو فڪري پاسي تي گهٽ ڌيان آهي.
مان هن ڪتاب ۾ شامل سمورن شاعرن ۽ خاص طور ان جي سهيڙيندڙ دوست رياضت ٻُرڙي کي هن ڪتاب جي ترتيب ۽ اشاعت تي دل سان واڌايون ڏيان ٿو.

No comments:

Post a Comment