20/09/2012

اوندهه ۾ جيئن سوجهرو - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

رياضت ٻرڙو
اوندهه ۾ جئن سوجھرو
(نالي واري شاعر مختار گھمري جي شاعريءَ بابت ڪجھه رايا)

ٻولي اهڙو وکر آهي جيڪو سماج جي تعمير ۽ ترتيب ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ کان سواءِ سماج ڀڄي ٽُٽي پوي ٿو ۽ پنهنجي جوڙجڪ وڃائي ويهي ٿو. سماج ٽٽڻ جي نتيجي ۾ اهي اهم رشتا ناتا به ٽٽِي پون ٿا جيڪي ٻوليءَ جي ڪري سماج ۾ ٺهيا آهن. ان حوالي سان ٻولي ڄڻ ته ايٽم جو ڪم ڪري ٿي، جنهن کان سواءِ مادي جو هجڻ ممڪن ناهي.
اسان جي خوش نصيبي، جو اسان کي پڻ سنڌي ٻوليءَ جهڙي معتبر ۽ مانائتي ٻولي، ماءُ وٽان ملي آهي، جنهن اسان جي سنڌي سماج کي گذريل پنجن هزار سالن کان به اڳ کان وٺي پئي سنڀاليو، پاليو تاتيو آهي ۽ هڪ اهڙي امانت طور اسان جي هٿن منجھ ارپيو آهي، جنهن کي وڌائي ويجھائي، ايندڙ نسل حوالي ڪرڻ، اسان جو قومي فرض آهي.
ان قومي فرض جي تڪميل ۾ اسان جي اديبن ۽ سُڄاڻ ساڃاهه وَندن پنهنجي وت ۽ وس آهر، پنهنجين ڏکين حالتن باوجود پئي پتوڙيو آهي. اهڙن سڄاڻ ڏات ڌڻين ۾ اسان جي محترم دوست مختار گھمري جو نالو به وسارڻ جوڳو ناهي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار علم ۽ ادب جي واڌ ويجھ ۾ گذاري ڇڏي.
مـرِي جــيءُ ته مـاڻـِـيـيـن، جـانـبَ جـو جــمالُ،
ٿِيين هوند حَلالُ، جي پَـندِ اِها ئي پارِيين. (شاهه)
سائين مختار گھمري جو نئون شعري مجموعو ”سورج مکيءَ کيت“ (مئي 2010ع) سندس زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي تڪميل ڏانهن وڌڻ شروع ٿيو هو ۽ اسان کيس ان مجموعي جو ڪم نڀائيندي ڏٺو، پر افسوس، ته سائين اوچتو وڇوڙو ڪري ويو ۽ ائين هي ڪتاب به پنهنجي سرجڻهار جي ڏک ۾ نامڪمل رهجي ويو، پر وري به ڏاڍو سٺو ٿيو ته سائين مختار گهمري جي ڀاءُ، پُٽ، دوستن ۽ گھڻ گھرن همت ڪئي آهي ۽ سائين مختار گھمري جي پهرين ورسيءَ تي هي ڪتاب ڇپرائي، کيس خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ سندس شاعريءَ کي ڀيٽا ڏني آهي.
ان ڪتاب جي تعارف يا تاثر ۾ سائين مختار جي بيحد ويجھي دوست سائين مقصود گل لکيو آهي: ”سندس (يعني سائين  مختار جو) چوڻ آهي ته مان اتي ئي تنهنجي آس پاس موجود آهيان. ڳوليندين ته ضرور ملي ويندوسانءِ...“ سو مان اڄ هتي ليبر هال لاڙڪاڻي جي هن ڪمري ۾، پنهنجي آس پاس سائين مختار گهمري جو موجودگي محسوس ڪيان ٿو ۽ کيس سندس هن مجموعي ”سورج مکيءَ کيت“ جي ڇپجڻ جون تمام گھڻيون واڌايون ڏيان ٿو.
سائين مختار گھمرو، سچ پچ به ڏاڍو پيارو ماڻهو هو. ان ڪري ئي هُو سڀني سان ڏاڍي پيار سان ملندو ۽ مٺڙو ڳالهائيندو هو. منهنجون ساڻس رتي ديري ۾ 1990ع کان پوءِ، سائين مقصود گل جي ”المنظر ڪتاب گھر“ تي ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ اتي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ڪچهريون ٿيون هيون ۽ مان کيس رتي ديري جو ئي سمجھندو هيس. جيڪڏهن رتي ديري يا سنڌ جي ٻين شهرن کي سائين مختار جهڙا املهه ۽ مانائتا ماڻهو ملندا رهن، ته يقينن اها انهن شهرن ۽ شهر واسين جي خوش نصيبي آهي.
16 جُون تي، منهنجي پياري دوست ۽ مشهور اديب احسان دانش، جڏهن مون کي ٻڌايو ته سچل ادبي مرڪز پاران، سائين مختار جي پهرين ورسي منعقد ٿئي پئي، ته مون کيس چيو ته اهو اسان جو فرض آهي ته پنهنجي سڄاڻ ادبي دوست کي خراج پيش ڪيون. ان فرض تحت ئي مون سائين مختار جي ڪتاب ”سورج مکيءَ کيت“ جو مطالعو ڪيو آهي ۽ ڄڻ ته سندس بي مثال ۽ گھڻ طرفين منظوم سوچن کان، پنهنجي محدود ڄاڻ ۽ سمجھ آهر پِرايو آهي. هتي مان سائين مختار جي ان شعري ڪتاب بابت مختصر طور پنهنجا رايا عرض رکان ٿو.
سائين مختار گھمري جي شاعري گھڻ-صنفي آهي يعني سُر وار بيتن، دوهن، واين، گيتن ۽ غزلن تي مشتمل آهي، جنهن مان محسوس ٿو ٿئي ته کيس مختلف صنفن تي لکڻ جو ڏانءُ حاصل هو ۽ وٽس اها ڏات هئي ته هُو انهن صنفن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري سگھي. هُن انهن صنفن بابت ترتيبوار هڪ هڪ صفحي تي مشتمل ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، آغا سليم، مقصود گل، تاج جويي ۽ شيخ اياز جا رايا به شامل ڪيا آهن ته جيئن پڙهندڙن ۽ خاص ڪري شاعرن کي انهن صنفن بابت مختصر طور ڄاڻ ملي سگھي ۽ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ شوق پيدا ڪري سگھجي، جيڪا سندس سٺي رويي کي ظاهر ڪري ٿي. سائين مختار جا بيت مختلف سُرن، جھڙوڪ ”مير باگو ۽ سونِي“، ”مير علي نواز ۽ بالي“، ”سرلا ۽ سام“، ”امانت ۽ پروين“، ”ڪيڏارو“، سِڪ سفير“، ”سورج مُکي“ ۽ ”گلدستو“ تي مشتمل آهن. هُن انهن سُرن مان، مير باگي ۽ مير علي نواز بابت مختصر معلوماتي ليک ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر عطا محمد حامي جا پڻ شامل ڪيا آهن ۽ ”سرلا ۽ سام“ بابت پاڻ ليک لکيو آهي، ته جيئن سُرن جي پس منظرن کي چِٽو ڪري سگھجي. اها ڳالهه پڻ ساراهه جوڳي آهي، ڇو ته اها اهم ڳالهه آهي ته اوهان پنهنجي ذميواري محسوس ڪري، ان کي وڌ ۾ وڌ سٺيءَ طرح نڀائڻ جي ڪوشش ڪيو.
سُر ”مير باگي ۽ سوني“ مان هي بيت ڏِسو:
* تخت نه گھرجي تاجُ، سونَ ورنِي سِڪ کپي،
    سهڻو پوءِ سماج، سوني تنهنجي ساٿ سان.
هيءَ ڄڻ مير باگي جي خواهش ناهي، پر سائين مختارَ ۽ اسان مان هر هڪ جي خواهش آهي ته سونَ ورني سِڪ ۽ مٺڙي ماڻهوءَ جي ساٿ سان سماج کي سهڻو ٺاهي سگھجي ٿو، سو به اهڙو سماج جيڪو سنڌ جو سماج آهي. ان جو اظهار سائين مختار، هڪڙي ٻئي بيت ۾ هن ريت ڪيو آهي:
* ســـتـــارن جـــي سـنــگ ۾، گـــــذري ويــئـــــي رات،
    تنهنجي منهنجي بات، رهندي ايندي سنڌ ۾.
سائين مختارَ پنهنجي ان سونهن-پسنديءَ کي سُر ”مير علي نواز ۽ بالي“ ۾ هن طرح اڳتي وڌايو آهي:
* جھــاتـي پـائــي جـيءَ ۾، مُرڪـي پيس مـان،
    ويٺو سونهن ڏسان، بالي! دل ڀرجي نه ٿي.
سائين مختارُ سونهن کي محبت سان سلهاڙي ٿو ۽ پريتم جي ظلم تي بي اختيار ٿي، سر ”امانت ۽ پروين“ ۾ چوي ٿو:
* هاريـئه ڇـو تـيـزاب، سُنـدر وَر جِـي سـونهـن تـي،
    محبت مهڻي هاب، ڪيئن ڪئي پروين تو!
پر جڏهن هُو سر ”سرلا ۽ سام“ ۾ محبت جو معراج ڏسي ٿو، ته سندس اظهار بيحد اوچو ٿي وڃي ٿو:
* تو سان رغبت روح جِي، عشقُ عبادت آهه،
    روح رياضت آهه، تنـهنـجِـي پـوڄـا پـاٺ ۾.
 انهن چئني ”داستانِي“ سُرن وارن بيتن ۾ مون کي جنهن شَي جي شدت سان کوٽ محسوس ٿي، سا اها ته ڏاڍو سٺو ٿئي ها جيڪڏهن سائين مختار انهن بيتن کي باترتيب ڪري کڻي ها. ان سان بيتن کي سٽاءُ ملي پئي ها.
ٻين عنوانن هيٺ ”سڪ سفير“، ”سورج مکي“ ۽ ”گلدستي“ مان هيٺيان بيت پڻ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن:
* آءُ وري تـــون آءُ ۽ سنــڌ جــي سـيـنـڌ سـنـوار،
    تنهنجي پيار پچار، رهندي ايندي سنڌ ۾.
* تـــو بـــــــن سـانـــــــورا، ڏُکــنـــــــدي رهــــنـــــــدِي رات،
    آ ته ڏيون ٻئي مات، گڏجي رات اُماس کي.
* ڪاليـجــي ليــڊر، علــم عقــل کان اوپــــرو،
    آڪڙِ، سِيٽ، ڏَمر، ڏيکاري ٿو ڏيهه کي.
بيتن کان پوءِ دوها آهن. دوهو به انتهائي پياري صنف آهي، جنهن جو فني ۽ فڪري ميلاپ انتهائي سهڻو ٿي پوي ٿو جيڪڏهن ان کي تخليقي سوچ وارو شاعر سِرجي ٿو. سائين مختار جا دوها، بنسبت بيتن جي، وڌيڪ دلڪش ۽ وڻندڙ آهن. هن جو اظهار دوهن ۾ وڌيڪ اثرائتو پڻ آهي. ان جي شاهدي سندس سرجيل هي دوها بخوبي ڏين ٿا:
* ڪيئن لڪائين ٿو پيو، نيڻ ڪڪوريا نينهن،
    ڪَــر مــوڙيــا هِن ڪـلپــنا، ڏٺــي ٿـيا هِـن ڏينهن.
* تنهنجي سِڪ جو سوجھرو، آهه ٿيو مختار،
    آجـيــان ۾ آڇـيــان پيـو، پـل پـل اڻ کُٽ پيار.
* مـذهـب نالـي ڪالـهه مچـايـئه، نفـرت جـو آڙاهه،
    روز وڃي ٿو گھٽبو هاڻي، مذهب مان ويساهه.
 هي انتهائي خوبصورت دوها آهن جيڪي سائين مختار سرجيا آهن. ”نيڻ ڪڪوريا نينهن“، ”ڪَر موڙيا ڪلپنا“ ۽ ”سِڪ جو سوجھرو“ خوبصورت ترڪيبون آهن، جيڪي بيحد خوبصورتيءَ سان نڀايون ويون آهن.
سائين مختار جي واين ۾ مون کي نظمن ۽ گيتن جو اندازُ نظر آيو. ٿوريءَ ڪوشش سان انهن کي سٺا نظم بڻائي سگھجي پيو. بهرحال، سائينءَ جي واين ۾ پيار ۽ محبت وارا خيال به پوئيل آهن ته ديس ڌڻين جي ڏتڙيل حالتن جي عڪاسي به ڪيل آهي. ان سلسلي هيٺ سندس سرجيل هيءَ وائي ڏسو:
* راتـاهــا جِت روز لـڳـن ۽ سـورن ۾ سـاڻيـهه هـجــي،
ڪيئن ڀلا پو ماٺ ڪجي!؟
پِيرن ۽ پَرمارن پويان، ماڻهن جِي اُٿ ويهه هجي،
ڪيئن ڀلا پو ماٺ ڪجي!؟
۽ پيار جي نفيس موضوع تي، واين مان منتخب ڪيل هي شعر به ٻڌائڻ چاهيان ٿو:
* مُور نه ٿيندو ماٺو منهنجي،
 اندر جو اتساهه پرين!
مون تي ڪَر ويساهه، پرين!
* اوندهه ۾ جئن سوجھرو، دل ۾ تيئن اُهاءُ،
ساجن سج وڙاءُ.
تـنـهنـجـي نالـي جـو گھڻـو، وڻـنـدو آ ورجــاءُ،
ساجن سج وڙاءُ.
هڪڙي ناتي نينهن ۾، سڀني سان سرچاءُ،
ساجن سج وڙاءُ.
واين کان پوءِ گيت آهن. سائين مختار جي گيتن ۾ مون کي لوڪ گيتن جون ڪيئي جھلڪون نظر آيون. ڪيترن ئي گيتن ۾ لوڪ گيتن وارو ميٺاج، ٻولي ۽ مزاج مليل آهي. خاص ڪري ”بادلو“، ”مند وري“، ”بادليؤ“، ”هل ته هلون هُن پار“ ۽ ”آءُ هلي تون“ لوڪ گيت جي تمام ويجھو آهن. ”بادليؤ“ جو هي شعر ڏسو:
* بـادليــؤ! بــادلـيــؤ! او بادلــيــؤ!
   واهوندي جي ويل اچي وئي،
بادليؤ! بادليؤ! او بادليؤ!
ڏاڍو سهڻو لوڪ گيت آهي، جنهن ۾ احساس ۽ منظرنگاريءَ جو وڻندڙ امتزاج آهي. ”هل ته هلون هُن پار“ گيت جو هي شعر پڻ وڏو ردم، معنى ۽ محبت جو اظهار آهي:
* لـهــــرن وچ ۾ آهه بــتيـلــو،
   سنڌوءَ جل جو سينو ايڏو،
   جـيـڏِي نـيــڻ نـهـار، الا وو!
هل ته هلون هُن پار، الا وو!
سائين مختار جي فڪري اڏام انهن لوڪ گيتن/گيتن ۾ مٿاهين پَــد تي محسوس ٿئي ٿي. منهنجي دل چوي ٿي ته اڃا هڪڙي گيت جو ٿلهه اوهان اڳيان پيش ڪيان، جنهن صفا موهي وڌو آهي:
* مان پيار جـي پنـڌ جـو پانـڌيئــڙو،
   منهنجي من جي منزلَ جانيئـڙو،
او پانڌيئڙو، او پانڌيئڙو.
ڪتاب ۾ آخري صنف غزل آهن، جيڪا شاعر اڪثر ڪري پهريان ڏيڻ پسند ڪندا آهن! غزلن ۾ به سائين مختار پنهنجي ٻوليءَ ۽ انداز کي برقرار رکيو آهي. تمام گھڻا اهڙا شعر انهن غزلن ۾ سمايل آهن جيڪي ”ڪوٽ“ ڪري سگھجن ٿا ۽ مختلف موقعن، مسئلن ۽ مامرن جي لحاظ کان ٺهڪندڙ آهن. انهن مان ڪجھ شعر هتي ڄاڻائڻ ضروري سمجھان ٿو:
* جيــڏي تو ۾ سونهن سندرتا،
    تـــيـــڏي مــون ۾ نينهن نمرتا.
سِڪ ۾ ساهه به سوگھ ٿي ويو،
ڪيــڏو سُـڪ ڪيــو ٿِــي ســرتـــا!
تو وٽ دل ’مختار‘ جي گروِي،
پيــارَ پريــن! ســڀ توکــي پــرتــا.
* شام جي مان پهر پوئين جان،
    هُــو صبح جـي صبــا وانگـــي آ.
* يارُ منهنجي قريب ٿيندو آ،
    حــادثـــــــو عـجــيــب ٿــــيـنــدو آ.
* هڪڙي تنهنجي ماڻي موهيو،
    جيـــون - پـــل رنگــيــن ويــا ٿِي.
نينهن - نشي ۾ گيت لکيم جي،
          الـــفــت جـــــــا آئـــيــــن ويــــا ٿِـــــــــي.
* انسانيت منهنجو ڌرم ۽ دين آ،
    هـي اُنــس الفـــت جـــو امــر آئين آ.
* ڳوٺ منهنجو هيو پراڻو جو،
    سو ته دريا جي پيٽ ۾ آهي.
* مَٽبو هي ’مختار‘ زمانو،
    جاڳي پيا جي ڏاٽا ڏاٽيون.
سائين مختار وٽ آئيندي جي روشن اميد آهي. هن پيار، محبت ۽ نينهن واري سماج جي آس رکِي، ان لاءِ وت ۽ وس آهر ڪوشش ڪئي، ڪجھ ڪامياب ويو، ڪجھ لاءِ پتوڙيندو رهيو ۽ ڪجھ ڪم ۽ ذميواري اسان جي مٿان عائد ڪري ويو آهي، جيڪا اسان کي اوس پوري ڪرڻي پوندي، تڏهن ئي اسان هڪ سٺي ۽ سهڻي، پر امن ۽ ماڻهپي کي پسند ڪندڙ سماج ۾ مانَ ۽ مريادا سان رهي سگھنداسون.
مهرباني.
***
(سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران 25-جُون 2010ع تي، ليبر هال، لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪيل،
نالي واري شاعر مختار گھمري جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيل مضمون)

No comments:

Post a Comment