19/09/2012

سنڌي ورجيسي ٻوليءَ جو تنقيدي جائزو - انجنيئر عبدالوهاب سهتو (Engr. Abdul Wahab Sahito)

انجنيئر عبدالوهاب سھتو
سنڌي ورجيسي ٻوليءَ جو تنقيدي جائزو

روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جو تازو ڇپيل 118 نمبر ڪتاب، سنڌي ورجيسي ٻولي، پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب جو، انھن پھاڪن ۽ محاورن تي مشتمل ڪتاب آهي، جيڪي اردو ۽ انگريزي ٻولين منجھان، لاڙي لھجي تي اثر پوڻ سبب، سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن.
مذڪوره ڪتاب جي پيش لفظ ۾، ورجيس جي معنى؛ محاورو يا اصطلاح ۽ ورجيسي ٻوليءَ جي معنى: محاوراتي ٻولي ٻڌائي وئي آهي. لغت جي روءِ کان ورجيس لفظ جي معنى لباس پھريل ٻولي، ٺاهه ٺوهه واري ٻولي يا وري سينگاريل ٻولي آھي. ([1])
مٿئين بيان مان، چڱيءَ طرح سمجهه ۾ آيو؛ ورجيس، اصطلاح يا محاوري کي چئبو آهي ۽ نه ڪنھن ٽين شيءِ کي.
صاحبِ ڪتاب اڃا اڳتي لکي ٿو؛ “ورجيسي ٻوليءَ جا ڪيترائي نمونا ٿين ٿا. مثلاً؛ پھاڪا، محاورا، اصطلاح ۽ ٻيون ڪي جڙاوتون، ان سان شامل آهن. پر هي ڪتاب فقط پھاڪن تي مشتمل رکيو ويو آهي.” ([2])
مٿئين بيان مطابق؛ پھاڪا، محاورا ۽ اصطلاح شامل ڪري، ڪتاب جوڙيو ويو آهي. اهو بيان پڻ اڻ چٽو آهي. يا ته پھاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ ورجيس ساڳي ڳالهه آهن يا مڙني ۾ ڪو فرق ضرور آهي. اها ڳالهه اڇي ٿيڻ گهرجي. ڇو جو معاملو ڪجهه منجهيل ٿو لڳي.
ڊاڪٽر مرليڌر جو چئني بابت هيٺيون رايو آهي.
1- پھاڪو:
“اهو مروج استعمال، جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن مان ٺھيل جملو يا جملن جو اهڙو ايڪو آهي، جنھن ۾ وهنواري زندگيءَ جي آزمودن مان حاصل ڪيل ڄاڻُ ڀريو پيو آهي، ۽ جيڪو گهڻو ڪري اکري معنى بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻيءَ معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، تنھن کي پھاڪو چئبو آهي. اکري معنى ۾ ڪتب ايندڙ پھاڪي کي سنڌيءَ ۾ ‘چوڻي’ به سڏيو ويندو آهي.” ([3])
2- چوڻي:
“اهو مروج استعمال، جيڪو بيان ۾ الڳ استعمال ٿيندڙ هڪ پورو جملو يا ايڪو هوندو آهي ۽ پنھنجي اکري معنى ۾ ئي ڪتب ايندو آهي، انھيءَ کي چوڻي سڏبو آهي.”  ([4])
3- محاورو يا اصطلاح:
“اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ اکري معنى بدران، ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنى ڏيندو آهي، انھيءَ کي ‘محاورو يا اصطلاح’ چئبو آهي.”  ([5])
4- ورجيس:
“اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ ان جي اکري معنى ئي گهربل هوندي آهي، تنھن کي ‘ورجيس’ چئبو آهي”.  ([6])
“محاوري وانگر ورجيس پڻ اهڙو ايڪو آهي، جيڪو جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي. ٻنھي ۾ فرق اهو آهي ته محاورو اکري معنى بدران ٻي معنى ڏيندو آهي، پر ورجيس پنھنجي اکري معنى ۾ ئي استعمال ٿيندي آهي.”  ([7])
5- محاوري ۽ اصطلاح ۾ فرق:
“اهو هاڻي مڃجي چڪو آهي، ته دنيا جي هر ٻوليLanguage) ) اُچارن جي فرق، جملن جي صرفي ۽ نحوي اختلافن سبب ڪيترن ئي محاورن (dialect)  ۾ ورهايل هوندي آهي.”  ([8])
لسانيات جي هڪڙن ماهرن جي نظر ۾ محاورو، لھجي (dialect) کي ۽ ٻين جي نظر ۾ اصطلاحن کي ڪوٺيو ويو آهي. جڏهن بنيادي لفظن (Terms) جو تصور (Concept) واضح (Clear) نه هوندو ته پوءِ ٻوليءَ جو زنده رهڻ به مشڪل ٿي ويندو. ڇو جو ان جي محاورن (Terms) کي سمجهڻ وارا گهٽ يعني اٽي ۾ لوڻ برابر هوندا آهن.
بھرحال محاوري ۽ اصطلاح ۾ اهو فرق آهي، جيڪو انگريزي لفظ Term ۽ Idiom ۾ آهي.
جيئن ته مٿين بيانن ۾ “ورجيس” جي چڱي چٽائي نه ٿي سگهي آهي. في الحال مفروضي جي طور تي اسان کيس به هڪ شيءِ تصور ڪيون ٿا، جنھن جو ڪونه ڪو ڪارج آهي. جيڪا جڏهن جملي ۾ استعمال ٿيندي آهي، تڏهن سندس برڪت سان جملو، ورجيسي ٿي پوندو آهي. ائين قبول ڪرڻ سان، اسان لڳ ڀڳ ڪتاب جي مصنف جي راءِ سان متفق ٿي ويا آهيون. يعني ڪتاب ۾ سنڌي ورجيسون استعمال ٿيڻ جي ڪري، ڪتاب کي ‘سنڌي ورجيسي ٻولي’ سڏيو ويو آهي.
مٿين ڳالهه مڃڻ کانپوءِ، يڪدم هڪ ٻي ڳالهه ڪَرُ ٿي کڻي. اُها اِها ته ڪتاب جي آخر ۾ 68 اردو پھاڪا/ ضرب الامثال ۽ (22+488) يا 510 انگريزي پھاڪا (Proverbs) ڏنا ويا آهن. جن کي ڪم ازم ڪم سنڌي نه ٿو چئي سگهجي. جڏهن هڪ شيءِ کي سنڌي ئي نه سڏجي ته پوءِ ان جو نالو ‘سنڌي ورجيسي ٻولي’ ڪيئن ٿيو؟! سمجهه ۾ آيو ته ڪتاب ۾ ڏنل 1800 پھاڪن مان ٽيون حصو، سنڌي نه هئڻ ڪري، ڪتاب جو حصو ئي نه هئڻ کپي ها. انھن کي زبردستيءَ ڪتاب ۾ دٻي ڦسي، ڪتاب کي ضخيم بنائڻ جي اجائي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه باب 38 ۾ 103 محاورا ڏنا ويا آهن. جڏهن ته انھن محاورن منجهه ٻه پھاڪا به شامل ڪيا ويا آهن. 1. ڏنو، ٻنو آهي (38/50) ۽ 2. لوڪ، منھن موڪ  (38/87) ساڳيو جملو پھاڪن ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. (2/30). هڪڙي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته باب 38 ۾ ڏنل ٽڪرا محاورا نه پر ورجيس آهن. (وضاحت هيٺ ڏني وئي آهي). جڏهن ته مصنف، ساڳين ٽڪرن کي، مقدمي ۾ ننڍڙا پھاڪا سڏيو آهي.

ورجيسي جي ڇنڊڇاڻ:
سنڌيءَ ۾ ورجيس تي ڪو الڳ ڪتاب، هيل تائين نه لکيو ويو آهي. اردوءَ ۾ ‘خزانهءِ تلميحات’ جي نالي سان هڪڙو ڪتاب ڇپيل آهي. جيڪو محمود نيازيءَ لکيو آهي، ملڪ بڪ ڊپو لاهور وارن ڇپايو آهي. تلميح کي سنڌيءَ ۾ ورجيس چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ نجي ڪتاب نه هئڻ ڪري، اهو منجهيل سُٽ سلجهي نه سگهيو آهي. الائي ڇو؟ لسانيات جي هر ماهر ورجيس جو نالو ته ورتو آهي، پر وضاحت نه ڪري سگهيو آهي.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (سنتداس پنھومل ڪشناڻي)  جي مھاڳ ۾ به ورجيس کي ايترو واضح نه ڪيو آهي. نه ئي وري انھيءَ ڪوش (Dictionary)  ۾، ڪنھن خاص شيءِ کي ورجيس ڪوٺيو ويو آهي. سڄي ڪتاب ۾ پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون گڏي، گرمڪي الفابيٽ ترتيب تحت رکيون ويون آهن ۽ بس.
ڊاڪٽر مرليڌر، ورجيس لاءِ هيٺيان مثال ڏنا آهن. جيڪي چئن نمونن تي مشتمل آهن.
1- ٻٽا لفظ :
ڏٽو مٽو، ڀاڙو ڀتو، تيوڻ تلھو، ڇوڪر ٻاڪر، جوڙجڪ، اٿ ويھه، لھه چڙهه، اچ وڃ، پنج ڇھه، ٻه ٽي، شربت ٻربت، پاڻي ٻاڻي.
2- ڀيٽ ڏيکاريندڙ لفظي ميڙ (Phrases) :
جيڪي ٻوليءَ ۾ مشھور ٿي چڪا آهن.
اڇو جھڙو کير، ٿڌو جھڙو برف، مٺو جھڙو ماکي، ڪارو جھڙو ڪوئلو، شينھن وانگر بھادر، جبل جيان اڏول، ائين ڀڳو جيئن کاري هيٺان ڪانءُ، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر ڦرندو رهڻ، ڍڳي  وانگر وهڻ.
3- جانورن، پکين جا آواز ڄاڻائيندڙ لفظ :
گڏهه جي هينگ، گهوڙي جي هڻڪار، تتر جي تنوار، ٻليءَ جي ميائون ميائون، ڪڪڙ جي ڪڪڙوڪو يا ٻانگ، ڪتي جي ڀونڪ، ڪانءَ جي ڪان ڪان.
4- اڳياڙين ۽ پڇاڙين وسيلي جڙيل مرتب لفظ :
هر روز يا روز روز (‘هر ڏينھن’ مروج نه ليکبو)
غير ضروري (‘بي ضروري’ صحيح ناهي)
غير واجب (‘بي واجب’ يا ‘ناواجب’ ٺيڪ نه آهي)
ناجائز (‘غير جائز’ يا ‘اڻ جائز’ چوڻ درست نه آهي)
سنجيدگي (‘سنجيدائي’ چوڻ ٺيڪ نه آهي)
تازگي (‘تازائي’ يا ‘تازاڻ’ چوڻ درست نه آهي)
اوسر يا اوڀر (ان بدران ‘اوسراڻ’ يا ‘اوڀراڻ’ چوڻ صحيح روپ نه آهي) ([9])
“روزمره يا بول چال (ورجيس) جي پابندي رکڻ سان ٻولي صحيح ۽ سڀاويڪ بڻجي ٿي. سنڌيءَ ۾ ڇوڪر ٻاڪر بدران ‘ٻاڪر ڇوڪر’ چوڻ، ‘اچ- وڃ’ بدران ‘وڃ-اچ’ چوڻ غلط آهن. ساڳيءَ طرح، ‘گهوڙي جي هڻڪار’ بدران ‘گهوڙي جي هينگ، رنڀ يا آواز’ چوڻ به غلط آهي. هاڻي ثابت ٿيو ته روزمره يا بول چال يعني ورجيس ٻوليءَ جي بيھڪ جو هڪ لازمي جزو آهي.” ([10])
پھاڪن ۽ محاورن جو فرق سمجهائيندي ڊاڪٽر جيٽلي لکي ٿو؛
1- ساهيڙين جي واتان اها ڳالهه ٻڌي، ڪمل پاڻي پاڻي ٿي وئي.
2- سوڍو اٿئي ٻگهلو ڀڳت، کانئس خبردار رهجانءِ.
انھن مثالن ۾ ‘پاڻي پاڻي ٿي وئي’ ۽ ‘اٿيئي ٻگهلو ڀڳت’ اهي محاورا آهن، جيڪي جملي جو هڪ حصو آهن.
پھاڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه لفظ هوندا آهن. جيئن ته؛ قرض، مرض. پر محاورو هڪ لفظ وارو به ٿي سگهي ٿو. جيئن ڪنھن ڇوڪر کي چئجي؛ ‘گڏه! هيڏانھن ته ڌيان ڏي!’ هن جملي ۾ گڏهه (بيوقوف) لفظ محاورو آهي، جيڪو اکري معنى بدران ٻيءَ معنى ۾ ڪتب آيو آهي.” ([11])
“ ‘وات ۾ مڱ پوڻ’ ۽ ‘ٻانھون ڊگهيون هئڻ’ محاورا آهن، جيڪي جملي ۾ ڪتب اچڻ کان اڳ پنھنجي اصلوڪي روپ ۾ مصدر ۾ ختم ٿين ٿا.” ([12])
مٿئين بحٿ مان هڪ ٻي ڳالهه به واضح ٿي پئي ته اصطلاح، جملي ۾ ڪتب اچڻ کان اڳ، پنھنجي اصلوڪي روپ ۾ “مصدر” ۾ ختم ٿئي ٿو. هاڻي سوال ٿو پئدا ٿئي ته، جيڪي محاورا بنا مصدر جي بيٺا آهن، تن کي ڇا چئجي؟
مثال طور؛ گڏهه! ٻگهلو ڀڳت، پٺاڻڪو قرض، پاپ جو گهڙو، ٽڪو ۽ دعا، ٺاٺارڪي ٻلي، ڀاڙ جو ترو، گهوڙي ڪن برابر، ڀت ۾ ڪٻر، ڀڃ ته چٽيان، تيس مار خان، ڦَني خان، لاٽ صاحب، حاتم طائي، وتائي وارا اڳ، ٿوم مان زعفران، انڊ جو بنڊ، گڏهه گاجري مان شاهه تورو وغيره.
اهڙا کوڙ محاورا، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب پاڻ، باب 38 ۾ ‘محاورا’ جي عنوان هيٺ ڏنا آهن. جن جي پويان مصدر لڳل نه آهي. مثال طور؛ اڻ گهڙيو ڪاٺ، اڪ جي ماکي، انڌي جي لٺ، اڳڙين جو گڏو، الٽي گنگا، باغ جي موري، تريءَ تي بھشت، پئسا ئي پاڻيءَ ۾، پيٽ ۾ ڪوئا وغيره. ([13])
مٿين وٿن کي ڊاڪٽر شمس الدين، ‘ننڍا پھاڪا’ به سڏيو آهي. بھرحال پھاڪا، ننڍا يا وڏا تڏهن چئبا، جڏهن پھاڪي هئڻ جي ڪسوٽيءَ تي پورا ايندا. پھاڪي جي ڪسوٽي؛ مڪمل جملو هئڻ آهي. جڏهن ته مٿيان محاورا، مڪمل جملا نه آهن. مصدر سان ختم ٿيڻ ڪري اصطلاح به نه آهن ته پوءِ ڇا آهن؟ دراصل اهي ئي ورجيسون آهن، جن کي اردوءَ ۾ تلميحات سڏجي ٿو.
ورجيس؛ اصطلاح ۽ پھاڪي جي بنيادي اثاث آهي. اصطلاح ۽ پھاڪي کي ٻي معنى وارو جملو بنائڻ ۾، ورجيس جو ڪمال آهي. جنھن جملي يا فقري ۾ ورجيس ناهي، اهو چوڻي ٿي سگهي ٿو، پر اصطلاح يا پھاڪو قطع طور تي نه ٿو ٿي سگهي.
ان جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
ورجيس
اصطلاح /ورجيسي فقرو
پھاڪو/ ورجيسي جملو
اکين کان انڌي
اکين کان انڌي هئڻ
اکين کان انڌي، نالو نور-پري
خانن جي خاني
خاني خانن جي آهي
خانن جي خاني، مانيءَ مان معلوم
شير شاهه جو شڪرو
شير شاه جو شڪرو هئڻ
شير شاهه جو شڪرو، گهر جا ڪڪڙ ماري.
گهر جا ڪڪڙ
گهر جا ڪڪڙ مارڻ
شير شاهه جو شڪرو، گهر جا ڪڪڙ ماري.
ڌوٻڪو ڪتو
ڌوٻڪو ڪتو هئڻ
ڌوٻڪو ڪتو، نه گهر جو نه گهاٽ جو
نه گهر جو نه گهاٽ جو
نه گهر جو هئڻ نه گهاٽ جو هئڻ
ڌوٻڪو ڪتو، نه گهر جو نه گهاٽ جو
هاٿيءَ جا ڏند
هاٿيءَ وارا ڏند ڏيکارڻ
هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ لاءِ هڪڙا، کائڻ لاءِ ٻيا.
وتائي وارا اڳ
وتائي وارا اڳ وٺڻ
اڄ ته وتائي وارا اڳ پيو وٺين (جملو)
ڊينگهرن تي اٽو
ڊينگهرن تي اٽو هارڻ
ڊينگهرن تي اٽو هارڻ مان، هڙ نه حاصل
ٺاٺارڪي ٻلي
ٺاٺارڪي ٻلي هئڻ
ٺاٺارڪي ٻلي، ٺاٺاري جي ٺڪاون تي هريل آهي
ٽڪو ۽ دعا
ٽڪو ۽ دعا چوڻ
اسان جي اوهان کان ٽڪو ۽ دعا (جملو)
کنا کيڙا (ٻن ذاتين جا نالا)
کنا کيڙا ڪرڻ/ ٿيڻ
پاڻ ۾ کنا کيڙا ڪيا اٿائون (جملو)
انود ڪاسائيءَ جي کڏ
انود ڪاسائيءَ جي کڏ هئڻ
هتي انود ڪاسائيءَ واري کڏ لڳي پئي آهي (جملو)
الله ميان جي گانءِ
الله ميان جي گانءِ هئڻ
فلاڻو ته اٿئي، الله ميان جي گانءِ. (جملو)

مٿئين بحث مان سمجهه ۾ آيو ته؛ اهڙا جملا يا فقرا جن ۾ ورجيس استعمال ٿيل هجي، تن کي پھاڪو/ ورجيسي جملو يا اصطلاح/ ورجيسي فقرو چئبو آهي.
مٿئين مختصر تمھيدي اڀياس کانپوءِ، اسان هاڻي سموري ڪتاب جو تنقيدي جائزو وٺون ٿا.
سڄي ڪتاب کي مختلف ورجيسي عنوانن تحت، بنا الفابيٽ ترتيب جي رکيو ويو آهي. وڏي ڳالهه ته هڪ ئي عنوان هيٺ ڏنل پھاڪن جي به الفابيٽ ترتيب نه رکي وئي آهي. جنھنڪري ڪيترن ئي پھاڪن جو ساڳئي باب/ عنوان ۾ ئي ورجاءُ ٿيل آهي.
هيٺ چند مثال پيش ڪجن ٿا. پھاڪي جي آخر ۾ عنوان جو نمبر ۽ پھاڪي جو نمبر ڏنا ويا آهن.

ساڳئي باب ۾ ورجايل پھاڪا:
  1. ماڻھو ماڻھوءَ جو کاڄ آهي.  2/1 ۽ 2/35
  2. پاڻ مرندي ڪھڙا سيڻ؟  3/65  ۽  3/74
  3. پيءُ نه ماري پدڙي، پٽ جنگي جوان/ تير انداز  3/72 ۽ 3/76
  4. پيٽ ڍائو، اکيون بکيون  4/88 ۽ 4/123
  5. ڍڳو نه ڍور، آنڱوٺو پٽيندو چور 9/8 ۽ 9/35
  6. ڀاڳيا ٻڌا وڃن چور ڇٽا وڃن 9/25 ستون قلم گهر کي لاڳو، چور ڀڄي ويا ڀاڳيا قابو.  9/37
  7. ايڏي مار ملندئي، جيڏي اٺ پتڻ تي کائي 21/4 ۽ 12/45
  8. ڳالھين سنديون ڳالھيون، ٽڪن/ ٽڪي سندا موٺ 34/4 ۽ 34/39.
ورجيسي سٽاءُ به ڪنھن منظم ترتيب سان نه رکيو ويو آهي. جنھنڪري ڪيترا پھاڪا، مختلف بابن ۾ ورجايا (Repeat) ويا آهن. چند مثال نموني جي طور تي ڏجن ٿا.
مختلف بابن ۾ ورجايل پھاڪا :
  1. عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿر ته ڪونه ٿيلھيندو ؟ 1/3 ۽ 40/64 
  2. جھڙي آڪھه علوءَ جي، تھڙو پيٽ پنجوءَ جو 1/25 ۽ 40/59
  3. لوڪ، آهي ٻوڪ 2/30 لوڪ، منھن موڪ 38/87.
  4. پئسي سان جا نه ماسي، سا به ماسي 3/18 ۽ 13/88.
  5. پرايو پُٽ، ٽڪو ڏئي کارجي 3/47 ۽ 34/18.
  6. ڀائپي برادريءَ ۾ گهوڙي-ڪن برابر هوندا آهن 3/63 ۽ 22/7.
  7. انھيءَ تريءَ، تيل نه پوندو/ لڳندو 4/20 ۽ 28/18.
  8. ميھار مينھن مان نڪتو ته وڇن ڪھڙي پارت 5/14 ۽ 20/26.
  9. جتي پئي تتي وهاڻي 13/23 . جتي ويٺي، تتي وهامي 14/24
  10. نه هيڊ لڳي نه ڦٽڪي، رنگ به چوکو 14/41 ۽ 30/18.
  11. ارٽ ۾ چموٽي، پيريءَ تائين نه موٽي 14/50، 40/2 ۽ 42/428.
  12. سچ جي ٻيڙي، لڏي لڏي پر ڪڏهن نه ٻڏي 19/2 ۽ 32/16.
  13. ڪوڙ جو مثلو ڪوڙ 19-11 ۽ 37/28.
  14. وَرُ، پنھنجي ڦر کان سڃاڻبو آهي 20/21 ۽ 42/11.
  15. ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي 25/11 ۽ 27/41.
  16. ڪلر کي ڪھڙي پُستي لڳندي  29/14 ۽ 30/19.
  17. پاءُ اٽو سڀڪو کائي ٿو 30/12 ۽ 34/32.
  18. لٺ لڳي پاڻي جدا نه ٿئي 32/1.  لٺين لڳي پاڻي جدا ڪونه ٿيندو آهي. 14/66.
  19. ٻڏڻ ويو وسري، ترڻ آيو ياد 32/21 ٻڏڻ ويو وسري، لڏڻ آيو ياد 36/46.
  20. ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ 34/29 ۽ 36/54.
  21. سچ/ صبر جني جو سير، تير نه گسي تن جو 19/1 ۽ 35/8.
  22. ٽڪي جي رن، ٻه ٽڪا گھلاڻي 12/1 ۽ 40/13.
  23. جيري ڪارڻ، ٻڪري ڪھڻ 1/25 ۽ 40/58.
  24. سڀئي اعلى نور، مٿي جو سور 16/35 ۽ 40/60.
ڪيترين ورجيسن ۽ اصطلاحن کي به پھاڪو ڪوٺي، شامل ڪيو ويو آهي. انھن جا چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:
اصطلاح يا ورجيس وارا فقرا :
  1. گره گره تي واهگرو 1/36 - گره گره تي واهگرو چوائڻ.
  2. ڏاڏو آدم ئي ڪو نرالو آهي 1/40- ڏاڏو آدم ئي نرالو هئڻ.
  3. مڙس ته ڪو دودو آهي 1/50 - مڙس دودوهئڻ.
  4. آيا رام، گيا رام 1/63 - آيا رام، گيا رام ٿي وڃڻ.
  5. جهٽ مڱڻو، پٽ پرڻو 3/36 -  جهٽ مڱڻو، پٽ پرڻو ٿيڻ.
  6. هڪڙو پير ريل ۾، ٻيو پير جيل ۾ 4/4 - هڪڙو پير ريل ۾، ٻيو جيل ۾ هئڻ.
  7. اهو ئي هٿ کير ۾ اهو ئي هٿ نير ۾ 4/17 - اهو ئي هٿ کير ۾ هئڻ ۽ اهو ئي هٿ نير ۾ هئڻ.
  8. انھيءَ تريءَ تيل نه پوندو4/20 -  تريءَ تيل نه لائڻ ڏيڻ.
  9. آڱر رت ۾ ٻوڙي شھيد ٿو سڏائي. 4/26 آڱر ڪٽائي شھيدن ۾ شامل ٿيڻ.
  10. ڪارو منھن، نيرا پير 4/91، ڪارو منھن، نيرا پير ٿيڻ.
  11. رڳو منھن جو مٺو آهي 4/96- منھن جو مٺو هئڻ.
  12. ڏاڙهي مڇ ۾، مڇ ڏاڙهي ۾ 4/104 ڏاڙهي مڇ ۾، مڇ ڏاڙهيءَ ۾ ڏيئي گذارو ڪرڻ.
  13. ڏاڙهي پرائي هٿ ۾ آهي 4/107 - ڏاڙهي پرائي هٿ ۾ هئڻ.
  14. پيٽ ۾ درياء اٿس 4/124 پيٽ ۾ علم جو درياءُ ھئڻ.
  15. پيران لاهي منھن ۾ هڻڻ. 4/126 - پيران لاهي منھن ۾ هڻڻ.
  16. نه انگ تي اڳڙي، نه منھن ۾ نور 4/129- نه انگ تي اڳڙي هئڻ ۽ نه ئي منھن ۾ نور هئڻ.
  17. چورن مٿان مور 9/23- چورن مٿان مور هئڻ.
  18. نه دشمن کي ڀؤ، نه سڄڻ کي آسرو 11/20- نه سڄڻ کي آسرو ھئڻ، نه دشمن کي ڀؤ ھئڻ.
  19. اجهي اولو، ٽڪر ٽولو 13/14 - اجهي اولو هئڻ ۽ ٽُڪر ٽولو هئڻ.
  20. گهڙيءَ ماسو، گهڙيءَ تولو  13/19- گهڙيءَ ۾ ماسو هئڻ ۽ گهڙيءَ ۾ تولو هئڻ.
  21. جمعو جمعو اٺ ڏينھن 13/21- جمعو جمعو اٺ ڏينھن ٿيڻ.
  22. وڃي پنھنجو ڀت گهاٽو ڪر 14/68- پنھنجو ڀت گهاٽو ڪرڻ.
  23. دل ڌوئي دکيءَ ۾ رک 15/7- دل ڌوئي دکيءَ ۾ رکڻ.
  24. بخت کي پيو اٽون هڻي 16/15- بخت کي اِٽون هڻڻ.
  25. مئو سھسائجي، ڏنو نه سھسائجي 17/16- مئو سھائڻ، ڏنو نه سھائڻ.
  26. نڪي مئن گڏ، نڪي جيئرن گڏ 17/18- نه ڪي جيئرن ۾ هئڻ، نڪي مئن ۾ هئڻ.
  27. نه مـَرُ مـَرُ نه جيءَ جيءَ 17/9- نه مرڻ نه جيئڻ.
  28. ڄاڻ ته ڪاري ڍڳي جا مالڪ پھتا 20/9-  ڪاري ڍڳي جا مالڪ پھچڻ.
  29. ساڳئي ڍڳي جا چور آهيون 20/10- ساڳئي ڍڳي جو چور هئڻ.
  30. نه ڏهڻ جو نه ڪھڻ جو 20/20- نه ڏهڻ جو هئڻ، نه ڪھڻ جوهئڻ.
  31. اٺ چڙهئي جُتي گهرڻ 21/24- اٺ چڙهئي جُتي گهرڻ.
  32. وڻ گهوڙو ٻڌڻ نه ٿو ڏئي 22/34-  وڻ گهوڙو نه ٻجھڻ.
  33. گڏهه جو گڏهه 22/40-  گڏهه جو گڏهه هجڻ.
  34. ٻلي ڪوئي وارو ليکو آهي 23/46-  ڪئي ٻليءَ وارو ليکو (هئڻ).
  35. رڳو ميائون ڪري اچان ٿو 23/47-  ميائو ڪري اچڻ.
  36. جيري لاءِ ٻڪري ڪھڻ 25/3 ۽ 40/58- جيري لاءِ ٻڪري ڪھڻ
  37. ڀولڙي جي پڇ ۾ باهه ڏئي تماشو ڏسڻ  27/2-  ڀولڙي جي پڇ ۾ باهه ڏئي تماشو ڏسڻ.
  38. نڪ تي مک به ويھڻ نه ڏي 27/38-  نڪ تي مک ويھڻ نه ڏيڻ.
  39. تر ڇٽجي ته پٽ نه پوي 28/6-  تر ڇٽڻ جيتري جاءِ نه هئڻ.
  40. انڊن جو بنڊن ۾ بنڊن جو انڊن ۾ 29/5-  اُنڊن جو بُنڊن ۾ ڪرڻ ۽ بُنڊن جو اُنڊن ۾ ڪرڻ.
  41. انڊ جو بنڊ 29/6-  اُنڊ جو بُنڊ ڪرڻ.
  42. ڪھڙي باغ جي موري آهين؟ 29-16- باغ جي موري 38/13- باغ جي موري هئڻ.
  43. ڌوڙ پئي اٿس منھن ۾ 29/17- منھن ۾ ڌوڙ پوڻ.
  44. لوڻ وجهي ٿو ڀت-ڀائي ٿئي 30/10 لوڻ وجهي، ڀت ڀائيوار ٿيڻ.
  45. اٽي تي چٽي 35/15-  اٽي تي چٽي هئڻ.
  46. ڀريءَ ٻير هيٺ بک مرڻ 31/23- ڀريءَ ٻير هيٺ بک مرڻ.
  47. نه ڪو ٻن ۾، نه ڪو ٽن ۾ 34/2- نه ٻن ۾ هئڻ، نه ٽن ۾ هئڻ.
  48. پنج ئي آڱريون گيھه ۾ 34/3- پنج ئي آڱريون گيھه ۾ هئڻ.
  49. ڇھه ڪاسي لاهي ٻارنھن ڪاسي وجهڻ 34/6- ڇھه ڪاسي لاهي ٻارنھن ڪاسي وجهڻ.
  50. ٻه به ويون، ڇھه به ويون 34/15- ٻه به وڃڻ ته ڇھه به وڃڻ.
  51. رڳو ٻاهريون ٻنو آهي 35/13- ٻاهريون ٻنو هلڻ/ هئڻ.
  52. ڏٺيسين تنھنجي گهاٽي سرنھن 25/16-  گهاٽي سرنھن ڏسي ڇڏڻ.
  53. رت ڏسي رمي هڻجي 35/18- رت ڏسي رمي هڻڻ.
  54. دٻي ۾ ٺڪريون 40/38-  دٻي ۾ ٺڪريون هئڻ.
اصطلاحن کان علاوه کوڙ ساريون چوڻيون به شامل ڪيون ويون آهن. جن کي پھاڪو قطع طور تي نه ٿو چئي سگهجي. شامل ڪيل چوڻين جا چند مثال نموني جي طور هيٺ ڏجن ٿا.

شامل ڪيل چوڻيون:
  1. ماڻھو ماڻھوءَ جو کاڄ آهي 2/1 ۽ 2/35.
  2. ماڻھوءَ کرڻ جي به ڪا مند هوندي آهي ڇا؟ 2/2
  3. ماڻھو ماڻھوءَ جي آچار 2/3.
  4. ڪميڻي ماڻھوءَ سان هٿ پائي کائجي، وات پائي نه ڳالھائجي 2/4
  5. ڪاٺيءَ جي پور ۽ ماڻھوءَ جي اندر جي ڪنھن کي خبر؟ 2/5
  6. سون پرکجي ڪسوٽي، چاندي پرکجي باهه، ماڻھو تڏهن پرکجي، جڏهن پاڙو پاڙي سان لاءِ. 2/6.
  7. کوهن ۽ ماڻھن جا وات ڪنھن بند ڪيا آهن؟ 2/7.
  8. انسان ريجهائڻ، نانگ ريجهائڻ کان به ڏکيو آهي 2/8
  9. انسان کي هٿ هٿ تي رکي ويھڻ نه گهرجي 2/9
  10. انسان کي پنھنجي کل ۾ رهڻ گهرجي 2/10
  11. انسان خطا جو گهر آهي 2/11
  12. انسان نه ٿڌي سھي نه ڪوسي 2/12
  13. مرد مري مان تي، گانڊو مري نان تي 2/16
  14. عورت جو عقل ڏائي کڙي ۾ ٿيندو آهي 2/17
  15. اڪيلو ماڻھو نه کلندو سونھي نه روئيندو سونھي 2/29
  16. ٻنيون ۽ ونيون، مڙس نه ڇڏيندا آهن 2/23
  17. ماڻھو ٻٽيھه لکڻو پر ڏنڊو ڇٽيھه لکڻو 2/32
  18. ڀائپي برادريءَ ۾ گهوڙي-ڪن برابر هوندا آهن 3/63 ۽ 22/7
  19. خوش رهي پر پنھنجي خرچ تي 3/67
  20. ڀلي توکي ماءُ ڄڻيو 3/68
  21. تنھنجون لتون اسان جون اکيون 4/50
  22. تنھنجو وات گلاب 4/109
  23. زبان ڪجي ته پارجي 4/119
  24. ڄمندي ڄام ڪوبه ڪين ٿيندو آهي 6/12
  25. علم وزير آهي، هنر بادشاهه آهي 6/1
  26. پرپٺ بادشاهن کي به پيون گاريون ملن 6/20
  27. اويلو مھمان، پٽائي پاڻ 11/2
  28. نادان دوست کان، داناءُ دشمن ڀلو 11/9
  29. دوست پرتل ڇڏجي ميڙو متل ڇڏجي 11/16
  30. دوست ٿين هڪڙا زباني، ٻيا ناني ۽ ٽيان وري جاني 11/17
  31. دنيا آهي مانجهاندي جو ماڳ 13/1
  32. دنيا آهي چئن ڏينھن جو چٽڪو 13/2
  33. جھڙو ديس، تھڙو ويس 13/4
  34. پنھنجي گهر جھڙي به ڪا ٻي بادشاهي 13/6
  35. بندو گندو آهي 15/3
  36. جھڙي نيت، تھڙي مراد 15/16
  37. الله سندا آسرا 16/6
  38. زور ماري زور کي 18/1
  39. زور ماري عقل کي 18/4 وغيره.
انھن کان علاوه ڪيترائي ٻيا فقرا به، پھاڪا نه ٿا چئي سگهجن. بھرحال بقايا جن کي پھاڪو کڻي چئون، تن سان ڪھڙي جٺ ٿيل آهي، سا هيٺ بيان ڪجي ٿي.
تنقيدي نقطئه نظر کان، اعتراض جوڳن پھاڪن کي، ٽن نمونن ۾ ورهائي، ترتيب ڏني وئي آهي ته جيئن پڙهندڙ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.
1- غلط متن وارا پھاڪا:  جن جو متن غير مروج- استعمال روپ تي مشتمل آهي.
2- غلط معنى ۽ متن وارا پھاڪا: جن جي معنى غلط ڪئي وئي آهي يا متن ۽ معنى ٻئي غلط لکيا ويا آهن.
3- مبھم متن وارا پھاڪا: جن جو متن ئي سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
هيٺ ترتيب وار ٽنھي جا چند مثال پيش ڪجن ٿا.

1.                  غلط متن وارا پھاڪا:
ڪتاب ۾ ڏنل متن
مروج- استعمال متن
جڳ سان راس پاس، گل فقير کان ٽانڊو 1/18.
جڳ سان راضي پازي، گل فقير سان ٽانڊو.
جھڙي آڪهه علوءَ جي تھڙو پيٽ پنجوءَ جو 1/25 ۽ 40/29
جھڙي آڪھه علوءَ جي، تھڙا پُٽ پنجوءَ جا.
ٻاوا ٻلي، ڍڪي ڀلي 1/29
بابا ولي، ڍڪي ڀلي
(پيءُ ڀلي ولي الله هجي ته به اجائي تعريف نه ڪجيس)
مڙس ڦڏو نه ته آهي جڏو 2/28
مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏي جو جڏو.
ماڻھو ڦاٿو آهي ته ڦٿڪڻ ڪھڙو؟ 2/33
ڦاٿي کانپوءِ ڦٿڪڻ ڪھڙو؟
جيڪو ڀانئين سو ئي ڀاءِ 3/5
جيڪو ڀانئي، سو ڀاءُ.
هتي جن نه ڪن ادي کي عشق انڌو ڪيو 3/8
اديءَ جن کي جن نه ڪن، ادو عشق ۾ انڌو.
ادو به ڍائو ادي به ڍائي 3/9
ابو به ڍائو ادو به ڍائو، اڌ ڪيم هيٺ، اڌ ڪيم مٿي.
ماءُ جي پٺيان ڪو به سکي ڪونه ايندو 3/14
ماءُ جي پيٽان ڪوبه سکي ڪونه آيو آهي.
ماسي ڪاڻي پيار پاڻي، پيتو به انھين افعالين اٿئي 3/19
“ناني ڪاڻي! پاڻي پيار!” چي؛ “ابا! انھيءَ افعالين پيتو به اٿئي!”
ڄڃ ۾ ڄاڻن نه سڃاڻن مان به گهوٽ جي پڦي 3/26
ڄڃ ۾ ڪو ڄاڻي نه سڃاڻي، چي؛ “مان گهوٽ جي پڦي آهيان.”
گهوٽ بدافعالو ڄڃ وائڙي 3/31
گهوٽ چِتو، ڄڃ وائڙي،
ڀيٽيو؛ چِتوءَ کي چٽ ٻڌي ڪاٺ ڪلھي ڪرائجيس 4/128.
غريب جي جوءِ هر ڪنھن جي ڀاڄائي 3/34
غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
سدورو پٽ پينگهي ۾ پڌرو 3/46
(جي ڌيءَ سدوري هوندي ته پينگهي ۾ پڌري نه ٿيندي ڇا؟)
نڀاڳو ٻار، پينگھي ۾ پڌرو، سمھار سنئون، اٿي اونڌو.
ادو خوش رهي پر پنھنجي خرچ تي 3/67
خوش رهه پنھنجي خرچ تي (چوڻي).
ننڍي وڃي نه ماءُ وڏي وڃي نه جوءِ  3/69
ننڍڙي مري نه مايڙي، ٻڍڙي مري نه جوءِ،
ڪنت چوڙيلي نه مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ.
جا منڊي کي بار سا صاحب کي سُٿري 4/6
(جيڪا منڊي کي بار آهي، سا ته سڄي لاءِ به سُٿري آهي .)
جا بندي کي بار، سا صاحب کي سُٿري
نيت بري، هٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڇـُري 4/12
(جملو غير مڪمل هئڻ سبب نه پھاڪو آهي ۽ نه چوڻي آهي).
خيرپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇي ۾ ڇري ([14])
آڱر رت ۾ ٻوڙي شھيد ٿو سڏائي 4/26
آڱر ڪٽائي، شھيدن ۾ شامل ٿيڻ (اصطلاح)
منھنجو اشھد به راضي 4/27
مان اشد راضي آهيان (چوڻي) (اشد؛ تمام گھڻو)
نھن سان ماس ڪونه ڇڄندو 4/28
نھن کان ماس جدا نه ٿيندو.
تنھنجي من، منھنجي ڪن ۾ 4/35
جا تنھنجي من ۾ آهي، سا ئي منھنجي ڪن ۾ آهي.
بي نڪي جو نڪ وڍيو، سوا هٿ ٻيو ئي وڌيو 4/44
(جنھن کي نڪ ئي ناهي، تنھن جو ڇا ڪٽيو؟)
بي نفسي جو نڪ وڍيو، ته سوا هٿ ٻيو وڌيو.
پرائي ۾ اک پنھنجيءَ ۾ هٿ 4/49
پرائيءَ ۾ اکيون، پنھنجي ۾ ھٿ.
انڌو مڱڻھار اڻ ڏٺا ڪري آر 4/54
انڌو مڱڻھار، نه ڏسي ڪري عار.
انڌي جي کڏ ڀرڻ جي ناهي 4/64
انڌي جي کڏ، ڀرجڻ جي ناهي.
پيٽ کائي، اکيون لڄائين 4/79
وات کائي، اکيون لڄائين.
کائجي پيٽ سھائيندو ۽ ڍڪجي لوڪ سھائيندو 4/86
کائجي هڏ/ ھٺ سھائيندو، پائجي لوڪ سھائيندو.
ساڄي هٿ سان ڏجي ته کاٻي کي خبر نه پوي 4/88
(ساڄي هٿ سان ڇا ڏجي، جو کاٻي کي خبر نه پوي؟)
خير، ساڄي هٿ سان ڏجي ته کاٻي کي خبر نه پوي.
ڏند ان جا ڏسجن، جن جي عمر کان واقف نه هجي 4/113
ڏند ان جا پٽي ڏسجن، جنھنجي ڄم کان واقف نه هججي.
جنھنجي ڄم کان واقف، تنھنجا ڏند ڇا پٽي ڏسجن؟
نه انگ تي اڳڙي ۽ نه منھن ۾ نور 4/129
هڪ نور آهي آدمي ته هزار نور آهي ڪپڙو.
کدڙي جي ڪمائي، ڏاڙهي ڪوڙڻ ۾ پوري 4/136
(کدڙا ڏاڙهي ڪوڙيندا آهن ۽ مڇون رکائيندا آهن ڇا؟)
کدڙي جي ڪمائي، ڏاڙهي مڇ جي صفائي.
ڪاڻي پنھنجو ٽيٽ نه ڏسي پر ٻين جي پتليءَ ڏانھن نھاري 4/137
(ڪاڻيءَ کي ٻي اک آهي ئي ڪانه ته ٽيڏ ڇا ۾ ٿيس؟)
ٽيڏي پنھنجو ٽيڏ نه ڏسي، ٻين جي پتلين ڏانھن ڏسي.
ڪوري ڏهي ڇڏي، پر هي ڏهي به نه ڇڏي 5/6
ڪوري ڏهي ته ڇڏي، پر هن اها به نه ڇڏي. ([15])
ڪوئلي جي واپار ۾ هٿ به ڪارو منھن به ڪارو 5/19
ڪوئلن جي دلاليءَ ۾ هٿ به ڪارا ته منھن به ڪارو.
چنڊي مڱڻھار کي، گهور مھل لڳي حاجت 5/18
چنڊي مڱڻھار کي گهور مھل ٽورو لڳي.
سيءُ ۽ واڻيو ڪسر نه ڇڏين 7/10
واڻيو ۽ سيارو، ڪنھن کي ڪسر نه ڇڏين.
چوري ۽ سينا زوري 9/22
هڪڙي چوري، ٻيو سينا زوري.
ڪميني سان گڏ رهي، ڪاٺ نه پوندو ته به ڪوٺائبو ضرور 9/29
(ڪميڻي جو ڪاٺ سان ڇا؟)
چورن سان چاهه پئي، جي من ميڙ ڪيئي،
پوندو ته ڪاٺِ، نه ته ڪوٺائبو ته سھي.
نڪا نماز ئي پڙهون ڪا خطا ئي ٿئي 10/14
(نماز نه پڙهڻ به خطا ڪرڻ ئي آهي.)
نه پڙهئون، نه قضا ڪيون.
ٽڪي جي رن ٻه ٽڪا گيھلاڻي 12/1 ۽ 40/13
(زال وٺڻ کانپوءِ، ڪير به اڄ تائين، گهر ڏانھن گيھلائي نه آيو آهي!)
ٽڪي جي ڪتي، ٻه آنا گيھلاڻي.
ويائيءَ کان وڌيڪ دائيءَ کي 12/6
(ويائيءَ کان وڌيڪ ڇا آھي؟ دائي کي)
ويائيءَ کان وڌيڪ، سور دائيءَ کي.
وقت کي پر لڳل ڪونه ٿيندا آهن 13/17
(پر نه اٿس ته هڪ هنڌ ڇو نه بيٺو آهي، اڏامندو ڇو ٿو وڃي.)
وقت کي پر لڳل آهن.
پڪي گهڙي کي ڪھڙا ڪـَنا پوندا 14/5
پڪي گهڙي کي ڪنا نه پون.
ٺڪر وٺجي ته به ٺوڪي وٺجي 14/14
(ڇا ۾ ٺوڪي وٺجي؟)
ٺڪر جي دانگي وٺجي ته به وڄائي وٺجي.
کچڻي ناهي جا کائي وٺبي 14/19
(ڪھڙي شيءِ کچڻي ناهي؟)
کچڻي کائڻ سولي، ڪم ڪرڻ ڏکيو آھي.
ٿورا ڪڻا ٿالھيءَ ۾ گهڻا 14/22
(ٿالھي ڪرامتي هوندي ته ٿورا ڪڻا، وجهڻ سان گهڻا ٿي پوندا.)
ٿورا ڪڻا، ٿالھيءَ ۾ ڀلا.
ڪِن جو سُٽ منجهي پر هن جي ته ڪپھه منجهي پئي آهي 14/33
ڪن جو سُٽ منجهي، ڪن جي ڪپھه.
سوڙ آهي سيءُ، ناهي سوڙ ناهي سيءُ 14/38
(ڪڏهن کان سوڙ، سيءُ ٿي آهي؟)
آهي سوڙ، آهي سيءُ، ناهي سوڙ، ناهي سيءُ.
جٺ ڦٺ جي ماني، لخ لعنت جو شوروو  14/56
جٺ ڦٺ جي ماني، لک لعنت جو شوروو.
ڪاٺ پرائي ڪلھي تي ڪپھه کان به هلڪو 14/65
(1- ڪاٺ جو مڻ، ڪپھه جي مڻ کان هلڪو آهي؟ 2- پرائو ڪلھو، ڪرامتي ڪلھو آهي، جو ڪاٺ رکڻ سان هلڪو ٿيو پوي؟)
ڪاٺ پرائي ماس ۾/ بونڊ ۾، ڪپھه کان به ڪنئرو.
ڀاڳ ڏئي دٻ ته دال مان ٿئي رٻ  16/18
ڀاڳ ڏئي دٻ ته سيري مان رٻ.
وهي نه وهي وٺ رينگٽ کي  16/30
(ڇا؟ وهي نه وهي!)
نارُ وهي نه وهي، وٺ رينگٽ کي.
گهڻي دعا پٽ برابر 16/31
(دعا، ڪڏهن کان، گهڻي ٿيڻ جي ڪري پِٽَ ٿي آهي؟)
سکڻي دعا، پِٽَ برابر. ([16])
ڪنھن جي ڀاڳ سان ريس ڪانھي  16/33
ڪنھن جي ڀاڳ سان، ڪھڙي ريسَ؟
سڀئي اعلى نور مٿي جو سور 16/35 ۽ 40/60
 .1اعلى نور، مٿي جو سور. .2 آلو نور، مٿي جو سور. ([17])
مئا ويچارا جيئرن وس 17/7
مئا آهن جيئرن جي وس.
دوزخ جو جھڙو هيٺيون طبقو، تھڙو مٿيون 17/11
جتي ستيا ناس، اتي سوا ستياناس. ([18])
زور اڳيان زري نه ٿي هلي 18/2
زور آڏو زاري.
ڪانئر مري موت ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينھن ۾ 18/10
ڪانئر چکن موت، ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينھن ۾. ([19])
سچ جنين جو سير، تير نه گسي تن جو 19/1
صبر جنين جو سير، تير نه گسي تن جو 35/8
ڏٻري ڍڳي تي مڇر گهڻا 20/6
(رڍ، ٻڪري ۽ مينھن وغيره ڏٻرا ٿيندا ته مٿن مڇر نه ٿيندا ڇا؟)
ڏٻري  ڍور تي، مڇر گهڻا.
چاڪيءَ جو ڏاند گهمي گهاڻي ڌاري 20/17 ۽ 40/19
چاڪيءَ ڏاند  وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري.
ويٺلن جون وڇون ۽ ستلن جا پاڏا 20/15
جاڳندن جو وڇون، ستلن جا ڪونھان.
جيڏا اُٺ، تيڏا بار 21/18
جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
بي وس اٺن بار ڇڏيا 21/25
بي وس بار، اٺن به ڇڏيا آهن.
ٻيا سڀ ويٺي ڏڀن اٿي ڏڀي اٺ 21/27
سڀڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اٺ. ([20])
اٺان مينھان دا ڪيھا ميلا، او چرن جهنگ او چرن ٻيلا 21/34
(جهنگ ۽ ٻيلي ۾ ڪھڙو فرق آهي؟)
اٺان ۽ مينھان دا ڪيھا ميلا، او چرن ڊڀ، او چرن ٻيلا.
اٺ تان وڃڻي لٿي ته به چڱي 21/37
ڀريل اٺ تان وڃڻي لٿي ته به اٺ ٿيو هلڪو.
اٺ جي چوري جهڳيءَ ۾ ڇا لڪندي؟ 21/38
اٺ جي چوري پکي ۾ نه لڪي سگهندي.
اٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي؟
عيسى جو گڏهه، مڪي مان ٿي ايندو ته به گڏهه جو گڏهه 22/24
حضرت عيسى جو گڏهه، مڪي وڃي ته به گڏهه جو گڏهه. حضرت عيسى جو گڏهه، مڪي وڃي ته به اٽن هڻڻ کان نه مڙي.
نه ڪتو ڏسندو نه ڀونڪندو  23/13
 (ڇا نه ڏسندو ته نه ڀؤنڪندو؟)
نه ئي ٽڪر ھوندو، نه ئي ڪتو ڏسي ڀؤنڪندو.
بي سرو ڪتو به نه هجي 23/17
(ڪُتا به ڪڏهن سُر سان ڀونڪندا آهن ڇا؟)
 .1بي وڙو، ڪتو به چڱو ناهي. .2 بي وڙو، لوڪ-تڙيو.
گهر ۾ لڀي داڻو به نه، زور ڪانگن کي دعوت ڏيڻ جو 26/3
(گهر ۾ پيل داڻن سان ڪانگن جو ڇا؟)
ڳئيءَ ۾ گونھن نه لڀي، وتي ڪانون کي دعوتون ڏيندو.
ڪانگ کي سور لٿو ته وري ٽان ٽان شروع 26/8
(ڪانگ کي ڇا ۾ ۽ ڪھڙو سور هئو؟)
ڪانگ جي ڳئيءَ مان سور لٿو، ته ٽان ٽان شروع.
نيت جو نانگ کوٽن کي کائي 27/9
نيت آهي نانگ، کوٽن کي ٿي کائي. (چوڻي)
نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي 27/10
اهو ڪم ڪجي جو نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي.
جيءَ ۾ اچين ته آنا لاهين، وڻي ته ٻچا ڏين 27/34
(ڪنھن کي جيءَ ۾ اچي؟)
شينھن شير خدا جو، وڻيس ته ٻچا ڏئي، وڻيس ته آنا لاهي.
زمين سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو 28/3
(ساري زمين ڪڏهن کان سائي ٿي آهي؟)
ٻني سائي جي سائي، گاهيو بکئي جو بکيو.
ٻولين ٻاجهري، ڏين ٻُري 28/8
(ڪير ٻاجهري ٻولي ٻُري ٿا ڏين؟)
شڪارپوري، نيت بُري، ٻولين ٻاجھر، ڏين ٻُري. ([21])
وڃائجي نه ڪک سان ته اڏري پوي نه اک ۾ 29/12
اُچائجي نه ڪک سان، متان اڏري پوي اک ۾.
ڪکين ڪو به ڪونه لکي 29/21
پنھنجي ڪکين، ڪو به نه لکي.
ڏيکارين گجر، وجهن موري 30/3
(ڪير گجر ڏيکاري موري ٿا وجهن؟)
شڪارپوري، نيت بُري، ڏيکارين گجر، ڏين موري. ([22])
اٽو چئي گهوٻاٽو 30/13
(اٽو به ڳالھائي ٿو ڇا؟)
“اٽو!” چي، “گهوٻاٽو!” يا “اٽي جو گهوٻاٽو!”
ماءُ موري پيءُ بصر، ڌيءُ دانا گل زعفران 30/20
ماءُ موري پيءُ بصر، ڌيءُ دا نانءُ؛ گل زعفران.
سچ سير ڪاري ٻڪريءَ جو کير 30/5
(ڪارين ٻڪرين جو کير، ڪڏهن کان سچ جي راهه ٿي آهي؟)
سچ سير؛ ڪاري ٻڪري، اڇو کير.
سج اکين پيو ڏسجي 33/2
سج، اکئين پيو ڏسجي.
سج لٿي کان پوءِ اوڀر ڪانھي 33/5
سج لٿي کانپوءِ اوير ڪانھي.
ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ 34/29  ۽ 36/54
(ڪير ڀريءَ ۾ ۽ ڀاڪر ۾ آهي؟)
ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾ هئڻ (اصطلاح).
انسان ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ (پھاڪو).
اسي مت کسي 34/42
عمر ٿي اسي، مت ٿي خصي.
عمر اسي، مت کسي.
مارڻ واري کان بچائڻ وارو ڏاڍو آهي 36/41
(ماريندڙ ڪمزور ۽ جياريندڙ طاقتوارو آهي ڇا؟).
مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي. (چوڻي)
گهڻي ۾ گهڻي گهرجي 36/56        
(ڇا گهڻي ۾ گهڻي گهرجي؟)
گهڻي کي گهڻو گهرجي. ([23])
هونئن ئي جو نه مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا! 39/5
.1 هونھين هوند مئي، ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
.2 هنھم هُند مئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا  (شاهه، سھڻي)( 6/5)
سڄڻ ۽ ساڻيھه ڪنھڻ اڻاسريءَ وسري! 39/38
“اڻاسريءَ” نه پر “اڻاسيءَ”.
ڪيتم سڀ ڄمار، پر پاندي پوري ڪانه ٿي  39/47
“ڪيتم” نه پر “ڪتيم”.
نڪو ڪٽيو پڳ لٿي، سائين منھنجي ڍڪ ڍڪي 40/62
“نڪو ڪٽيو” نه پر “نڪ ڪٽيو”.
کدڙي جي چٿر ماءُ پـيڻ سان  40/63
“ماءُ پيڻ سان” نه پر “ماءُ ڀيڻ سان”.
آڱر سچا ڪي لوهر سچا 40/65
“آڱر سچا” نه پر “اڱر سچا”.



2.                  غلط معنى ۽ متن وارا پھاڪا:
ڪتاب ۾ ڏنل معنيٰ ۽ متن
مروج استعمال معنيٰ ۽ متن
پھرين پيٽ پنجوءَ جو، پوءِ ٻار ٻچا 1/10  
(حريص ماڻھو هر ڳالهه ۾ پھرين پنھنجو مطلب ڏسندو آهي).
(1- اولاد ته پيارو آهي، پر پيٽ ان کان وڌيڪ پيارو آهي. 2. پھرين پيٽ پنھنجو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ، 3. اول خويش، بعد درويش.)
ڪنن جي ڳالهين مير بجر مارايو.  1/13 
(اجايون سازشون وڏن نقصانن جون حامل آهن).
(1- جيڪي ڳالھيون لڪي/ سرگوشيءَ ۾ چئجن ٿيون، سي نقصانڪار ثابت ٿين ٿيون. 2. ڪنن جو ڪچو نه ٿيڻ گهرجي.)
ميرن کي گهران لڳي 1/14  
(قوم ۾ نفاق ئي مصيبت آڻي ٿو.) 
(1- دشمني، دوستيءَ مان جنم وٺي ٿي.، 2- جهيڙا، گڏ رهڻ سان ئي جنم وٺن ٿا.)
ڄيٺي، سک نه ٻيٺي 1/23
(1- ناشڪرو ماڻھو، هر وقت پيو پنھنجو درد سور بيان ڪندو. 2. ڄيٺي نالي واياڻي هئي، جنھن کي خبر ناهي ته حقيقتاً زماني جي صدمن گهڻو جهوريو هو يا فطرتاً زود رنج هئي، ڪنھن خوشيءَ جي ڪاڄ ۾ ايندي هئي ته به پيئي ٿڌا شوڪارا ڀريندي هئي ۽ ڦري گهري پنھنجي نصيبيءَ جو بيان کڻي ويھندي هئي. (ڏسو ص:19)
ڄيٺو، سک نه ٻيٺو. 
(ڄيٺي/ ڄيٺو؛ جيٺ مھيني ۾ ڄاول. هندن جو عقيدو آهي ته جيڪو هندي ڄيٺ مھيني ۾ ڄمندو، سو سڄي عمر سک سان نه ويھندو.)
بيبي ڀلي ڍڪي ڀلي 1/29 
(وڏي ماڻھوءَ جي به گهڻي تعريف نه ڪجي متان عيب به ظاهر نه ٿي پون.)
(پنھنجي زال ڀلي ڪيڏي به سھڻي هجي پر ٻين سان ان جو تذڪرو نه ڪجي. ان مان گهڻا فتنا اٿي سگهن ٿا. ٻين جي نظرن ۾ ٿي پوندي يا نظر لڳي سگهيس ٿي. هر چڱي شيءِ ڍڪي ڀلي آهي.)
ٻائي جو ٻائو، تيوڻ جو تيوڻ 1/38
(پنھنجو مطلب به پورو ٿيو ۽ دوستن ۾ به رهجي آئي.)
(هڪ شيءِ جو ٻن مطلبن لاءِ استعمال ٿيڻ، جيئن؛ مٺائي ڪي مٺائي، اور دوائي ڪي دوائي.)
حُب علي نه پر بغض معاويه 1/42
(ڪنھن سان محبت با اصول خاطر نه پر، ذاتي عداوت باعث مخالفت ڪري پيو.)
يا حُب علي، يا بغض معاويه.
(1- سڌو سنئون دوست نه هئڻ پر دشمن جو دشمن هئڻ ڪري دوست آهي. 2- ٻنھي جو دشمن ساڳيو آهي تنھن ڪري دوست آهيون.)
مئل کي ماري شاهه شھزور 1/47
(مصيبت ۾ ڦاٿل تي ئي مصيبت ايندي آهي. بي پھچ کي ئي هر ڪو تنگ ڪندو آهي.)
(ڪمزور وغيره کي دٻائي/ تنگ ڪري شھزور ٿيو آهي. ڏاڍن سان پلاند اٽڪائي ته خبر ڏئي ڇڏيندس.)
رانجهو تڏهن بڻيا لانجهو 1/61
آيو مڙس رانجهو، هرڪو ٿيو لانجهو.
(1- جڏهن شير ميدان ۾ لٿا ته گيدي لڪي ويا.  2- جڏهن سج نڪتو ته تارا گم ٿي ويا.)
اهڙي سمي ڪئي نه سومري 1/65  
(اهڙي بي انصافي نه ڪنھن دور ۾ ڏٺي نه ٻڌي)
اهڙي جٺ، نه سمي ڪئي نه سومري.
(1- بي انصافيءَ ۾ حد لنگهي ويو آهي. 2- اڳين جو به رڪارڊ ڀڃي ڇڏڻ.)
خوش رهه ڏومڻي، تنھنجو ڏوم سلامت آيو.  1/67
(بزدل جاکوڙ ۾ شامل ٿي پاڻ تان راڄ کلائيندو).
لک کٽيا ڏومڻيءَ، جو ڏوم سلامت آيو. ([24])
(1- ڏوم؛ مڱڻھار/لنگهو/ جيڪو ٻين جي تعريف يا گلا مان کائي. اهڙو ماڻھو صحيح سلامت گهر موٽي اچي ته جوڻس کي خوش ٿيڻ گهرجي. 2. ڀڏا ڪم ڪرڻ کانپوءِ، سر سلامت هجي ته خوش رهڻ گهرجي.)
لاهي ڇڏ لنگها آريجن مان آسرو  1/68  
(سکڻن دلاسن پٺيان لڳڻ وقت جو ذيان آهي.)
نوٽ: سڄي ڪتاب ۾ ‘زيان’ کي ‘ذيان’ لکيو ويو آهي. ڀيٽيو؛ 10/3،  12/13،  14/7،  22/4،  25/15 ۽ 40/5.
لاهي لنگها ويھه، آريجن مان آسرو،
پني پرائو ڏيھه، اچي کاءُ آريجن ۾. ([25])
(لاڙڪاڻو- ڏوڪري رستي تي آريجا شھر آهي، جتان جي بزرگ مخدوم شھاب الدين دهل وڄائڻ جي منع ڪري ڇڏي. جنھن ڪري مڱڻھار بک مرڻ لڳا ۽ ائين مشھور ڪيائون.)
ڪميڻي ماڻھوءَ سان هٿ پائي کائجي، وات پائي نه ڳالھائجي. 2/4 
(ڪميڻي ماڻھوءَ سان ملجي ڀلي پر ڳالھائجي سنڀالي.)
(ڪميڻي ماڻھو سان وڙهجي ته هٿن/طاقت سان وڙهجي. وات سان/ دليل بازيءَ سان نه. ڇو جو وڙهڻ ۾ شان آهي، گارين ڏيڻ ۾ نه.)
ڀاءُ مِٽُ، ڀاڄائي ساهيڙي  3/3
(تڪليف جو احساس جيترو پنھنجي رت کي ٿيندو، سو ٻئي کي نه ٿيندو.)
(ماءُ پيءُ جيئرا آهن، ته پيڪاڻو گهر پنھنجو پيو لڳندو. سندن مئي پڄاڻان، ڀائرن جي گهر وڃڻ ڄڻ مِٽ جي گهر وڃڻ آهي. ڀاڄائي به سھيلي يا سنگتياڻي هوندي ته اتي وڃڻ وڻندو، نه ته نه.)
لٺ کڻجي ڀاءُ پاران، شاهدي ڏجي خدا ڪرڻ. 3/6
(ٻئي ڪم ۾ ڀاءُ جي طرفداري ڀلي ڪجي، پر شاهدي ڏيڻ وقت خدا جو خوف دل ۾ رکي چئجي.)
(ڀاءُ جي معاملي کي پنھنجو معاملو سمجهي، شريعت تي پابند رهندي ڀاءُ جي مدد ڪجي. شريعت ڀاءُ کي ڏوهي ٺھرائي ته ڀاءُ جي بدران ڏنڊ ڀري ڏجي، شريعت تان هٽي نه وڃجي.)
ادو به ڍائو، ادي به ڍائي 3/9 
(جيڪا اميد ڪئي سون سا به جھڙي پوري ٿي تھڙي نه، اولاد جي اڍنگائي ڏسي مائٽ بي دليءَ مان چوندا آهن.)
ابو به ڍائو، ادو به ڍائو، اڌ ڪيم هيٺ، اڌ ڪيم مٿي
(ٻن ڌرين سان سُوتي پُوتي حال آهر نڀائڻ).
ماءُ نه ويائي ماسي ويائي 3/16 
(ڪنھن ٻئي کي ماءُ وانگر ڪھڪاءُ پئجي ويو اولاد وانگر سنڀالڻ لڳو).
(عورت ويامندي آهي ته سندس ٽۡھل ٽڪور ڀيڻ يعني ڄاول ٻار جي ماسي ڪندي آهي. مطلب ته ماءُ جي ويامڻ سان ماسي ڪم ۾ ڦاسي وڃي ٿي. تنھن ڪري ائين چيو ويندو آهي.)
پوڙهي جي زال پاڙي جو سک 3/35 
(پيرسن ماڻھوءَ جي گهر واري هر ڪنھن ڪم ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.)
مڙس پوڙهو، زال جوان، سمجهه ڪُک جو ڪانُ.
(1- پوڙهي جي زال کي، پوڙهي جي ٽھل ٽڪور مان ئي واندڪائي نه ٿي ملي ته پاڙي وارن جي ڪيئن مددگار ثابت ٿيندي. 2. ڪراڙو مڙس، نوجوان زال جون گهرجون پوريون نه ڪري سگهندو آهي، تنھن ڪري پاڙيوارن لاءِ سک ٿي پوندو آهي. 3. زال ڪراڙي، مڙس جوان، زال جو سک. مڙس ڪراڙو، زال جوان، پاڙي جو سک.)
ڇوڪراڻي پوتي ڪنھن نه ڌوتي 3/50
(نوجواني ۾ ٿيل غلطي جو تدارڪ ڪونھي.)
(ٻارن کي ڪيترو به روڪجي، ٻارائپ/ حرڪتن کان ڪين مڙندا. تنھنڪري ٻارن جون ڳالھيون، دل ۾ نه ڪرڻ گهرجن.)
نه ماما کان ڪاڻو ماما چڱو آھي.  3/59
(نڪمو به پنھنجو چڱو، جنھن مان ھنئين کي مڙئي ڏڍ ته ھوندو.)
“نه ماما” کان “ڪاڻو ماما” چڱو.  
(اڻھوند کان سادي شيءِ به پنھنجي ڀلي.)
انڌي جي جوءِ جو اللھ واھي. 4/65
(بي شرم ماڻھوءَ کي لڄ ۽ شرم ڇا جو؟)
(انڌو؛ محتاج، بي وس يا بيوقوف ماڻھو، پنھنجي عزت جي سنڀال نه ٿو ڪري سگهي.)
ڏس ڪاڻي کان اک ڪاڻي چڱي. 4/74
(غلط راھ ڏسڻ کان بھتر ٿيندو ته راھ ڏسجي نه.)
(ڏِسُ ڪاڻي؛ پنھنجو ڏيس، ديس، وطن بدنام ڪرڻ کان، پنھنجي جسم ۾ اک نه هئڻ وارو عيب چڱو آهي.)
بکئي پيٽ ڀڳت نه ھوءِ 4/85 ۽ 42/333
(پيٽ ۾ بک ھوندي ته ڪو به ڪم پڄي نه سگھندو.)
No Supper, no song
(خالي پيٽ تي راڳ/ سريلو آواز به نه ٿو وڻي.)
کائجي پيٽ سھائيندو ۽ ڍڪجي لوڪ سھائيندو. 4/86 (خوراڪ ڀلي پنھنجي پسند جي کائجي پر لباس اھڙو ڍڪجي، جو ٻين کي به ڀلو لڳي.)
کائجي اهو، جيڪو پيٽ برداشت ڪري سگهي. پائجي اهو، جيڪو ماڻھو سھي سگهن. ([26])
هنرمند جو هنر، بي هنر جي جند 5/21
(هنرمند جيڪو ڪم ويرم ۾ ڪندو، بي هنر ان مان ڦاسي پوندو.)
(1- هنرمند جو هنر وڪامندو آهي ۽ بي هنر جي جان. 2. هنرمند کي هنر جو معاوضو ملي ٿو ۽ بي هنر کي هڏ هڻڻ جو معاوضو ملي ٿو.)
سک سمھن ڪنڀار، چور نه چائن مٽي. 5/30  
(دولت جا چور نه هجن ته دولتمند کي ڪو خوف نه رهي).
سڃي ۽ غريب ماڻھوءَ کي ننڊ سک جي اچي ٿي، ڇو جو کيس مال جي چوريءَ جو الڪو/ ڳڻتي آهي ئي ڪانه.)
اول خويش بعد درويش 8/20 
(مطلبي ماڻھو پھريائين پنھنجو خيال رکندو آهي ۽ پوءِ ڪنھن ٻئي جو.)
(ماڻھوءَ تي پھرين پنھنجي پيٽ ڀرڻ جي ذميواري آهي، بعد ۾ خدا جي راهه ۾ ڏيڻ جي.)
سو چور ئي ناهي، جيڪو پنھنجي جوڻيت نه سڃاڻي.  9/15
(هم جنس پنھنجي هم جنس کي فوراً سڃاڻي وٺندو آهي.)
اهو چور ئي ناهي، جيڪو پنھنجو جوڻيت نه سڃاڻي. ([27])
چونڊيندي چور، وڃي پيا ککرين 9/24 
(ٻئي جو بگاڙڻ بجاءِ پاڻ ئي آزار ۾ پيا.)
چونڊيندي چور، وڃي پيا ککڙين تي.
(چوري ڪندڙ چونڊ ڪندو ته سادي شيءِ به نصيب نه ٿيندس)
ڄٽ جي ڄمار اڍائي کٿا 10/1 
(جاهل ماڻھوءَ جي عمر جِھل ۾ گذري وئي.)
(1- جاهل، نئين شيءِ نه وٺي سگهڻ ڪري، ساڳيءَ شيءِ کي گهڻو چوڙي ٿو. 2. اڻ پڙهئي ماڻھوءَ کي، ڪم علمي سبب، ڦڏا فساد ۽ بيماريون وغيره جام ٿين، ان ڪري عمر گهٽ ٿئيس.)
ڄٽ پڙهيو الله اڙيو يا ڄٽ پڙهيو ملڪ اڙيو  10/5 
(بي علميءَ کان به ڪم علمي وڌيڪ خطرناڪ آهي.)
ڄٽ پڙهيو، ملڪ اڙيو/ جڳ اڙيو. ([28])
(بيوقوف ماڻھو پڙهي ته عوام لاءِ آزار ڪري.)
نيم حڪيم خطرو جان ۽ نيم ملا خطرو ايمان 10/9  (اجائي ڄاڻ جي دعوى ڪندڙ شخص اٽلندو نقصان جو باعث ٿيندو.)
نيم حڪيم خطره جان، نيم ملان خطره ايمان، (فارسي)  (اڌوري ڄاڻ/ علم وارو ماڻھو، تمام گهڻو خطرناڪ هوندو آهي.)
جي اهو پيش امام آهي ته گهڻن جا وضو ڀڄندا.  10/11   (جتي پنھنجي مرضي هلائيندڙ سان پلئو اٽڪندو اتي لاچار عادت مٽائـڻي پوندي.)
اهو پيش امام آهي ته گهڻن جا وضو ٽٽندا. ([29])
(ڏاڍن آڏو، چڱا ڀلا تيڪون هڻندا آهن.)

مسجد ڊهي وئي محراب رهجي ويا 10/15 
(اصل شيءِ ويندي رهي، رڳو نشاني ۽ نالو رهجي ويو.)
(مسجد ڀلي شھيد ٿئي پر محراب وري به ساڳئي هنڌ رهندو. اڳتي وڌي سگهي ٿو، پوئتي نه هٽندو. مطلب: اصول قائم رهندا.)
جڳ مڙيوئي جوابازي ڪن کٽي ڪن هارائي 13/5
(دنيا ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي صرف کيڏ ۽ حرفت تي دارومدار رکي ٿي.)
(هن دنيا ۾ ماڻھن جو پاڻ ۾ ربط رکيو ويو آهي ۽ آزمائش خاطر تڪليفون ۽ آسائشون به رکيون ويون آهن. مڙني امتحانن مان ڪي پار اڪري، کَٽي ويا، ڪي راهه ۾ کُٽي، هارائي ويا.)
اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن ليکي ملڪ جو والي. 14/35  (سچو ماڻھو اجايو ڪوڙو شان برقرار رکي نه سگهندو.)
(ٽرڙو، هلڪڙو، سڃو ماڻھو به، سڃائي، ٺَلِهه تي پيو دڙيون ٽپندو آهي.)
اهي روهيون اهي رونبا 14/47 
(ڀاڳ نه هوندو ته سخت محنت مان به ڪين ورندو.)
اهي روهيون، اهي رنبا.
(ساڳيون ئي بدمعاشيءَ واريون حرڪتون هئڻ).
رک ٽپڙ ته رئي. 14/52 
(جيڪا شيءِ رک سا گم.)
رک ته رئي. (ورجيس)
رک ٽپڙ ته رئي. ([30])
صرفو ڪرين ته پٽ هنڊاءِ 14/58
(بچت ڪرڻ جي خيال کان پنھنجي جيءَ کي نه سڪائجي).
(جيڪڏهن بچت ڪبي ته، پٽ پائڻ جي لائق ٿي پئبو)
غريب جو واهي الله 16/9 
(ڏکئي وقت ۾ غريب جي مدد لاءِ ڪوبه نه ايندو. )
(ڏکئي وقت ۾ ئي خدا تعالى جي مدد پھچندي آهي. جتي دنيا جا سمورا دروازا بند ٿيندا آهن، اتان خدا تعالى جو دروازو کلندو آهي.)
وري کي واٽون، ٿڙيءَ کي ٿاٻا 16/24
(قسمت واري کي هرڪا اهڙي تدبير خيال ۾ ايندي جيڪا کيس منزل جي قريب پھچائيندي، پر بدقسمت انسان کي هر ڀيري اهڙي مت سجهندي جا کيس راهه کان بي راهه بنائي ڇڏيندي.)
ٿـڙيءَ کي ٿاٻا گهڻا، واريءَ کي واٽون گهڻيون . (ٿري چوڻي) 
(واريءَ تي رستا وغيره نه ٺاهي سگهبا آهن، تنھن ڪري، ٿر ۾ واريءَ جي پنڌ واري کي کوڙ رستا نظر ايندا آهن. جيڪڏهن مسافر ٿورو به ٿڙيو ته رڻ ۾ر لي ويندو.)
مردو سرڳ وڃي يا نرڳ هن جو ڪم ڪفن سان 17/4 (ڪم ٺھي نه ٺھي پر لالچي ماڻھوءَ جو واسطو نفعي سان.)
(ڪفن، مُڙدي جي فطري گهرج آهي، تھڙيءَ طرح هر ماڻھوءَ جي فطري گهرج پوري ڪرڻ گهرجي. پوءِ سندس عمل کڻي ڪھڙا به هجن.)
ڏندين ڏاند کرين گابي. 20/5 
(دلي مقصد هڪڙو پر ظاهري ڍونگ ٻيو.)
 (بظاهر مڙس ماڻھو ۽ ڪم پوڻ تي ڀاڙيو ٿي پوي.) ([31])
اٺ پٺيان گهنڊڻي 21/10 
(ڪنھن ماڻھوءَ پٺيان بي سود لڳي پوڻ مان ڇا ورندو؟)
(وڏي مرد سان ننڍڙي ڇوڪري پرڻائڻ.) ([32])

اُٺَ جي چاڙهيءَ تي به لعنت ته لاهيءَ تي به لعنت 21/20  (ٺڳ ماڻھو کڻي ڪھڙي به هلت هلي، ته به مقصد سندس فقط نقصان رسائڻ هوندو آهي.)
(1. وڏن ماڻھن جي دوستي به خراب ته دشمني به خراب. 2. بي وقوف ماڻھوءَ کي دولت وڌي ته به ٻين لاءِ آزار ۽ نقصان پويس ته به ٻين لاءِ آزار.)
گهوڙو وڪڻي ستو هئين ڇا؟ 22/37 
(پنھنجي قيمتي شين جي اون ڪرڻ کان غافل ڇو رهين؟)
 ( ايڏي گھري ننڊ نه ڪرڻ گھرجي.) ([33])
ڪتو به پڇ لوڏي ويھندو آهي.  23/16
(ڏنگي ماڻھوءَ تي به احسان جو اثر ٿيندو آهي.)
ڪتو به جتي ويھندو، اتي پڇ لوڏي، صفائي ڪري ويھندو آهي.
(جتي ويھجي، اتي صفائي سٿرائيءَ سان ويھجي.)
ڪتو به ڏاڙهي ۽ ڦٽ لعنت به پاڻ تي ٿئي . 23/32 
(اهڙو ڪم ڇو ڪجي جنھن مان نقصان ته پھچي پر رسوائي به پنھنجي ٿئي).
ڪتو به ان کي ڏاڙهي، ڦٺ ڦٺ به ان کي ٿئي.
( 1. نقصان به ان جو ٿئي، سوال جواب به ان کان ٿين. 2. نقصان پوڻ واري کي، مال نه سنالڻ تان، هرڪو دڙڪا ڏئي.)
گهڻ پيٽاري ٻڪري کائي وئي ڇار.  25/15 
(ذيان خور نفعي نقصان کي نه ڏسندو آهي.)
گهڻ پٽاڻ بگري، کائي وئي جهار.
(1. گهڻي پٽن واري ماڻھوءَ جي بگري، وکري، پوک کي جهار کائي وڃي ٿي.  2. جيڪو ڪم گهڻن کي سونپيل هوندو، سو به رُلي ويو.)
ڪنھن جي ٻڪري ڪير وجهي گاهه 25/18 
(ڪڏهن ڀلائي به مصيبت ۾ وجهندي آهي.)
(1- هر ڪنھن کي پنھنجي ڪم سان مٿا کٿا ڏيڻا آهن. ٻئي جي بدران ڪيترو ڪم ڪندو. 2. پرائو ڪم ڪير به نه ٿو ڪري.)
ياد ڪندي ٻڪري ڌراڙن جا ڌڪ 25/21 
(بھادريءَ سان ڪيل مقابلا مخالف به وساري ڪونه سگهندو آهي.)
(ٻڪريءَ کي ڌڪ هڻڻ، ڪڏهن کان بھادري ٿي آهي؟)
گرمي سردي مڙسن تي ايندي آهي، ٻڪري به ڌراڙن جا ڌڪ ياد ڪندي. ([34])
ڪوئي جو ڄڻيو ٻر ئي ڳوليندو. 27/7. 
(ناخلف اولاد مائٽ لڄائيندو.)
(ڪُئي جو ڄڻيو والدين وانگر ٻر ڳولھي ٿو، پوءِ ناخلف ڪيئن ٿيو؟)
اولاد والدين تي اڍ ڇڪيندو آهي.
نانگ ويو نڪري ليڪو پيو ڪٽجي. 27/11 
(نقصان پوڻو هو پئجي ويو ۽ هاڻي اجايو پئي هاءِ گهوڙا ٿئي.)
(اصل ڏوهاري يا مجرم، جرم ڪري ڀڄي ويو آهي، هاڻي بيگناهه پيا ٿا ڪٽجن.)
شينھن جي وات مان ڌپ 27/30 
(بدمعاش جي نھٺائي تي ويساهه ڪرڻ جوکو آهي.)
(ڏوهه، ڏوهاريءَ جي چھري مان پيو بکندو آهي.)
پيٽ ۾ لُل ته ڳوٺ ۾ هُل 38/21
(لالچي ماڻھوءَ جي لالچ پوري ٿيندي رهندي ته هو ڪوڙي تعريف ڪرڻ مان ڍاپندو ئي ڪونه).
(.1 ان کي مستي آهي. .2 جنھن کي ماني ڍؤ تي هوندي آ، سو سڄي ملڪ ۾ هُلُ هنگامو وجهيو ويٺو هوندو آهي. جيڪو بک ٿو مري، سو ڪنڊڙي وٺيو ويٺو آهي.)
اٽي تي اٽو، نڪو کارو نڪو کٽو. 30/14
(سڱ ڏيڻ وٺڻ ۾ ڪھڙو عيب.)
(ڏي وٺ/ بدي جي سڱابندي ڪرڻ ۾ ڪا ڪس نه آهي. جھڙي ڀاڄي ڏجي ٿي، تھڙي وٺجي ٿي.)
سڪ تـڙ کان ٻڏ تـڙ چڱي 32/23
(اها خراب حالت به چڱي چئجي جنھن ۾ محنت کانپوءِ ڪجهه هڙ حاصل ٿئي.)
سڪ تور کان، ٻڏ تور چڱي.
(خشڪ ساليءَ کان ٻوڏ چڱي آهي. خشڪ ساليءَ سان قحط پوندو، جڏهن ته ٻوڏ کان پوءِ، فصل زور ڏئي اڀرن ٿا.)
مالڪ وڃي ٻيڙيءَ چڙهيا شاهد وڃن غوطا کائيندا.  32/38  (ڪوڙي ساک وارا ماڳھين ڏجي ۾ پوندا آهن.)
(1. شـاهـديءَ جـھـڙي  اهـم ڪـم نــڪرڻ کانپوءِ، ڪير به ڪونه ٿو پڇي. 2. غرض نڪرڻ کانپوءِ، ڪير به نه ٿو نھاري. 3. هرڪو مطلب جو يار آهي.)
ٿڌو  لوهه ڪٽڻ مان نڪي وري نڪي سري 35/1 
(وجهه وڃائڻ کان پوءِ نڪي وري نَڪي سري).
(1. اڻ مندائتو/ بي وقتائتو، ڪم ڪرڻ مان ڪو به فائدو ناهي. 2. هر ڪم، پنھنجي وقت تي ڪجي.)
ڪاتي هڻيس ته رت ڦڙو نه نڪريس. 35/2 
(ڏک ۽ شرم ۾ صفا ٻڏي ويو آهي.)
(1. تمام وڏو ڪنجوس آهي. 2. فلاڻو اهڙو ڪنجوس آهي، جو ڪاتي هڻيس ته مجال آهي جو رت ڦڙو به نڪريس. 3. ڪنجوس مان، چڱائي جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي.)
رت ڏسي رمي هڻجي 35/18 .  
(بچت ڏسي طلب ڪجي)
(1. رُمي، ان کي هڻبي آهي، جنھن ۾ رت هجي. جنھن ۾ رت ناهي، تنھن مان رت ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. 2. اڳلي جي حال سارو سوال ڪجي.)
حجتي سو لعنتي 36/12.
(گهڻو گھرو پوندڙ ۽ هلڪڙو ماڻھو خوار خراب ٿيندو آهي.)
(1. حجتي؛ حجت/ دليل بازي ڪندڙ. شيطان آدم عليہ السلام کي سجدو نه ڪرڻ وقت دليل ڏنا هئا؛ “مان باهه مان ٺھيو آهيان، آدم مٽيءَ مان، سو کيس ڇو سجدو ڪيان؟” تنھن تي خدا کيس لعنتي ڪري ڇڏيو.) ([35])
ججهي مٺائي ۾ ڪيئان پوندا آهن  36/23 
(گهڻي محبت ڏک جو باعث ٿيندي آهي.)
(ٿوريءَ مٺائي ۾ ڪيئان نه پوندا آهن ڇا؟ هر فضول شيءِ ڏک ۽ غفلت جو سبب بنبي آهي، تان جو وڃي قبر ۾ پھچائي.)
کائجي پيٽ سان سھائيندو ۽ پھرجي لوڪ سھائيندو. 37/2
(کاڌو اهڙو کائجي جو دل کي وڻي ۽ لباس اهڙو پھرجي جو عام کي پسند اچي.)
کائجي هَٺ سھائيندو، پائجي لوڪ سھائيندو. 
(ايترو کائجي، جيترو جسم/ پيٽ برداشت ڪري سگهي. ايترو پائجي جو ساڙ سڙيا ماڻھو سھي سگهن.) ([36])
مڃڻ مراد آهي. 37/13
(صحيح ڳالهه جو اقرار ڪرڻ جي خوبيءَ کي تسليم ڪرڻ ۾ عار نه ڪرڻ گهرجي.)
دشمن جو ڌڪ مڃڻ مراد آهي.
(1- ڇا؟ مڃڻ مراد آهي، جملو مڪمل ناهي.  2. ڌڪ/ خوبي دشمن جي به ڳائجي.)
ڀاڻو هميشه مٺو ڪري ڀوڳجي  37/20 
(مصيبت ۾ صبر ۽ شڪر نه ڪبو ته ٻيو ئي تڪليف وڌندي.)
(ڪنھن جو ڀاڻو مٺو ڪري ڀوڳجي؟)
ڀڳوان جو ڀاڻو، هميشه مٺو ڪري ڀوڳجي.
(ڀاڻو/ قسمت جو لکيو، دل جي خوشيءَ سان قبول ڪجي.)
پوڍائي کان قرض نه کڻجي توڙي لک لٽائي 37/23 
(گلا خور ماڻھوءَ جو احسان ڪڏهن به نه کڻجي.)
(پوءِ ڍائو؛ نو-دولتيو/ جيڪو نئينءَ مان امير ٿيو هجي. سڃي ماڻھوءَ وٽ دولت ته آئي آهي پر اخلاق نه آيو اٿس، تنھن ڪري سندس ٿورو نه کڻڻ گهرجي.)

3.                  مبھم متن وارا پھاڪا ۽ چوڻيون:
4.        جي جھيجا، سي ساريجا. 1/30
5.        اماڻو سماڻو چاچڙ پٽ پرايو. 1/56
6.        مرد آهي ڌڻي لاءِ ۽ عورت آهي رنڌڻي لاءِ. 2/14
7.        باقي وڃ بچيا نانيءَ جا ڪن 3/21
8.        هاڻو هئنئي مِٽُ، ته به اڊڪو لاهه مَ ان جو. 3/62
9.        جھڙو ڊول تھڙو ڍول  4/131
10.     گهر ويٺي، ٻنڀي پيٺي شھنشاهه شي ڪئي.  6/6
11.     هڪ ڀيرو جوڳي ٻه ڀيرا ڀوڳي ٽيو ڀيرو روڳي.  7/7
12.     چور کان ڇٽي گل تان پئي.  9/9
13.     ڪل جو ويري ويريءَ جو واهرو.  11/18
14.     سڃي سنگت سورنھان ڄڻا  11/25
15.     دل کي دل سان راهه ٿيندي آهي.  15/9
16.     هڻ اتان جتان ڪوڙائي نه موٽن.  19/10
17.     اُٺ کي ڪھڙو قدر ڀوڪ جو. 21/14
18.     ڪير چوي مير جي اٺ کي هُلي.  21/21
19.     اٺ لڏي ونگار ۾.  21/23
20.     اٺ جي پڪڙ ۽ عورت جي مڪر کان خدا بچائي.  21/39
21.     گگري سويل پلاڻي 22/47
22.     ڪتو ويو ڪڻيڪ مان نڪري گڏهه جي واڙي ۾. 23/24
23.     ڪڪڙ ٻچن سوڌي انڌي.  27/18 ۽ 40/47
24.     هيڪلو وڻ به ڪانئلو، توڙي هجيس ٿـڙ ٿلھو. 29/1
25.     ڌوڙ پئي اٿس منھن ۾.  27/17
26.     ڳالهه ڳرهي لک جي ڪري ڀري ڪک جي!  34/40
27.     وقت گهڙيءَ جا گهڙيال آهن.  36/36
28.     ڪري ڪير نه ڀري. 36/61

ان کان علاوه سڄي ڪتاب ۾ صورتخطيءَ (Proof) جون بي انداز چڪون آهن. جيڪڏهن ڀلنامو تيار ڪجي ته اهو به پندرھن ويھن صفحن تي مشتمل هوندو. جيتريءَ محنت سان نوان پھاڪا/ چوڻيون گڏ ڪري، ڪتاب جوڙيو ويو هيو، اوتريءَ ئي لاپرواهيءَ سان ڇپايو ويو آهي. پوءِ ”ڏوهي ۾ ڏوهه آهي، يا ساڙهيءَ ۾ سانگهيڙي آهي.“ اها ڳالهه ته خدا ٿو ڄاڻي. باقي ڪتاب سان ليکڪ، پبلشر ۽ پروف ريڊر (جيڪڏهن ڪو آهي) ته گڏجي وڏي جُٺ ڪئي آهي. اميد ته ڪتاب تي نظرثاني ڪئي ويندي ته جيئن ادب جي صحيح ۽ پوري پوري خدمت ٿي سگهي.

مددي ڪتاب:
1.        سنتل، سنتداس پنھومل ڪشناڻي، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا، پي.وي ڪشناڻي ٽرسٽ، پڻي، ڀارت 1993ع.
2.        آڏواڻي، ڀيرو مھل مھر چند؛ گلقند (ٻه ڀاڱا) ڇاپو ٽيون 1940ع.
3.        سائل، سترامداس جڙيا سنگهاڻي؛ دُرن جي دٻلي عرف سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون، جهونا واڙيج، احمد آباد-13، ڀارت 1982ع.
4.        پيسو مل، تيرٿ داس، پھاڪن جي پاٻوهه، بمبئي 1975ع.
5.        سھتو، عبدالوهاب، انجنيئر؛ سنڌي لغات (پھاڪا ۽ چوڻيون) قلمي.


[1]  عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر؛ سنڌي ورجيسي ٻولي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1997، ص:13

[2]  عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر؛ سنڌي ورجيسي ٻولي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1997، ص:13
[3]  جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، جنوري 1996ع، ص:48
[4]  جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، جنوري 1996ع، ص:48
[5]  جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، جنوري 1996ع، ص:25
[6]  جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، جنوري 1996ع، ص:25
[7]  جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، جنوري 1996ع، ص:55
[8]  جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ٿر جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ص:9.

[9]  جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، جنوري 1996ع. ص:67. ۽ ص:68.
[10]  جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، جنوري 1996ع. ص:69.
[11]  جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، جنوري 1996ع. ص:70 ۽ ص:71

[12]  جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، جنوري 1996ع. ص:71.
[13]  عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر؛ سنڌي ورجيسي ٻولي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1997، ص:134 ۽ ص:137
[14]  (1843ع ڌاري جنرل نيپيئر سنڌ تي حملو ڪيو ته ان وقت ميرن جي حڪومت هئي، ميرپور خاص ۽ حيدرآباد جي ميرن سان خيرپور رياست جي ميرن، چڱي مدد نه ڪئي، جنھن ڪري انگريزن کي فتح ٿي. انھيءَ تان هيءَ چوڻي وجود ۾ آئي.)
[15]  (ڏهي؛ ڌاڳي کي ڳنڍ ڏيڻ بعد، پلو ٿورا ڇڏبا آهن ته جيئن، سَٽَ سان ڳنڍ کلي نه وڃي. انھن پلون کي ڏُهي چئبو آهي.)
[16]  سکڻي دعا؛ اها دعا جنھن لاءِ نذرانو نه ڏنو ويو هجي. يا چئبو آھي؛ ٺلھو ڦيڻو، ٻرو ٻيڻو.
[17]  آلو نور؛ نڪمو نوڪر.
[18]  دوزخ جا ست طبق آهن. شعائرالله هئڻ ڪري، انھن جي هتي ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي.
[19]  هڪ دفعو مرڻ کانپوءِ ڪير به جيئرو نه ٿيو آھي. سو ٻيھر ڪيئن مرندو؟
[20]  (ڳئون، مينھن  ۽ ٻڪري وغيره کي، ڏوهو ويھي ڏهي ۽ اُٺ کي بيھي ڏهي)
[21]  (شڪارپور، ڪنھن سمي، واپار جو وڏو مرڪز هئي، اتي جا واپاري/ واڻيا ڏاڍا هوشيار/تکا/ پڪا هئا. انھن جي بدنيتي ڏانھن اشارو آهي.)
[22]  (شڪارپوري واپارين ۽ واڻين جي پڪائيءَ ۽ بدنيتيءَ ڏانھن اشارو.)
[23]  (جنھن وٽ گهڻو آهي، ان کي اڃا گهڻو گهرجي.)
[24]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر؛ پھاڪن جي پاڙ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/ حيدرآباد. ص 118
[25]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر؛ پھاڪن جي پاڙ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/ حيدرآباد. ص 118
[26]  ڪتاب ۾ ڏنل معنى وارو پھاڪو هيئن آهي؛ کائجي من پسند، پائجي لوڪ پسند
[27]  (جوڻيت: جوڻي کڻندڙ، راز ڦاڙيندڙ، سلطاني گواهه، ساڌن سان سنمک، پئنچن سان پورو. جيڪو پنھنجي دشمن يا چغلي هڻندڙ کي نه سڃاڻي، ان کي چوري نه ڪرڻ گهرجي.)
[28]  ڄٽ پڙهيو، الله اڙيو، (هندي) هندو، مسلمان کي ڄٽ ڪوٺيندا آهن، مسلمان پڙهندو ته زبان تي الله الله جو لفظ اٽڪيل هوندس.
[29]  (هڪڙي گهر جي کڏ تان اڌ رات جو ڪڪڙ بانگ ڏني ته ڀرسان لنگهندڙ گدڙ چيس؛ “بانگ ته ڏنئي! هاڻي لھي آءُ ته گڏجي جماعت به ڪيون”. تنھن تي، هيٺ ستل ڪتي ڏانھن اشارو ڪندي، ڪڪڙ چيس؛ “پيش امام کي اٿار ته جماعت ٿا ڪيون.” ڪتي تي نظر پوندي گدڙ رکيو کڙين تي زور. تنھن تي ڪڪڙ. چيس؛ “ڪيڏانھن؟” گدڙ وراڻيو؛ “منھنجو وضو ٽٽي پيو آهي، توهان جماعت ڪيو.” ڪڪڙ موٽ ۾ چيس؛ “اهو پيش امام آهي ته گهڻن جا وضو ٽٽندا.” يعني؛ ڏاڍن آڏو، چڱا ڀلا تيڪون هڻندا آهن.)
[30]  (بد عادتو/ برو فعل ڪرائيندڙ)
[31]  ڏندن ۾ ڏاند ھئڻ؛ ڏسڻ ۾ مڙس ماڻھو ھئڻ. کرين گابي ھئڻ؛ عمل ۾ ماديءَ وانگر ھئڻ.
[32]  ڏنل معنى وارو پھاڪو هيئن آهي، “پٺيان گهنڊڻي ٿي لڳڻ”.
[33]  گهوڙو وڪڻي سمھڻ؛ قيمتي شيءِ کپائي آرام ڪرڻ. پاڻ کي ڳڻتيءَ کان آجو ڪرڻ. جنھن وٽ ڪجهه ناهي، سو بي فڪر رھي ٿو ۽ کيس ننڊ پڻ گھري اچي ٿي.
[34]  هڪڙي همراه، هڪڙي ٻڪري سان بدفعلي پئي ڪئي جو مالڪن اچي موچڙا هڻي، ڌوڙ ۾ ليٽائي، بڇڙو ڪيس ۽ پنھنجي ٻڪري ڪاهي ويا. ان بعد اٿي لٽا ڪپڙا ڇنڊي، منھن جي پڪائي کان چيائين؛ گرمي سردي مڙسن تي ايندي آهي، ٻڪري به ڌراڙن جا ڌڪ ياد ڪندي. مطلب: پنھنجي بيعزتي ڪنھن کي به نظر نه ايندي آهي، ان مان به پنھنجي سرسيءَ جو انومان ڪڍي وٺندو آهي.
[35]  ڪتاب ۾ ڏنل معنى واري چوڻي هيءَ آهي. هجتي؛ لعنتي. يعني هجت، هجائتو، گھرو پوندڙ، پري ٿي ويندو آهي.
[36]  ڏنل معنى واري چوڻي هيءَ آهي. کائجي من پسند، پائجي لوڪ پسند

1 comment:

  1. رياضت ٻرڙو صاحب، منھنجو مضمون بلاگ تي رکڻ جي مھرباني. تمام سھڻو پيو لڳي. اميد ته تنقيد جي ڄاڻوئن کي گھڻو پسند ايندو، خاص طور تي لوڪ ادب جي شاخ پھاڪن ۽ چوڻين سان دلچسپي رکندڙ محقق دوستن لاءِ راھ جي پٿر طور رھنمائي ڪندڙ ثابت ٿيندو.


    انجنيئر عبدالوھاب سھتو.

    ReplyDelete