23/09/2012

شهاب نامو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

شهاب نامو“
(سنڌيءَ ۾ ڇپيل هڪ نئون ڪتاب)
رکيل مورائي
سنڌيءَ ۾ هڪ شاندار ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”شهاب نامو“. ان ئي نالي وارو اردوءَ ۾ غير معمولي مارڪيٽ ڪندڙ ۽ لاتعداد ڇاپا ڇپيل ڪتاب ملڪ جي نامياري ڪاموري، قدرت الله شهاب جي آتم ڪٿا آهي، جنهن کي اردوءَ جي آتم ڪٿائن ۾ هڪ نمايان اهميت حاصل آهي. سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب ايتري مڃتا ماڻي سگهندو، اهو پڙهندڙن جي موٽ تي مدار رکي ٿو. بهرحال لکڻيءَ جي حوالي سان قدرت الله شهاب وٽ جيڪا قدرت هئي، اها اردوءَ جي ئي گهٽ آتم ڪٿائن ۾ ملي ٿي.
سنڌيءَ ۾ آيل ”شهاب نامو“ اسان جي سنڌي ڪاموري آغا شهاب الدين جي آتم ڪٿا آهي. آغا صاحب سنڌ جي هڪ اهم خاندان سان واسطو رکي ٿو ۽ پاڻ به هڪ سنڌ دوست ڪامورو رهيو آهي. هو نه فقط ڪامورو رهيو آهي، پر الڳ الڳ وقتن تي سندس لکيل ڪتاب سندس اندر جي سچائيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جو مثال ڏيئي سگهندا ۽ ساڳئي وقت سندس لکيل هي يادگيرين/ آتم ڪٿائي ڪتاب پڻ سندس اندر جي سچائيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جو ثبوت آهي. خاص طور آغا صاحب جي لکڻيءَ ۾ جيڪو رک رکاءُ ڪيو ويندو آهي اهو نه آهي. هن واقعن کي جيئن محسوس ڪيو آهي ان ئي انداز سان لکيو آهي. لکڻ وقت آغا صاحب ڪنهن به مصلحت کان ڪم نه ورتو آهي. هن لاءِ لکڻ وقت اهو اهم نه آهي ته سندس لکيت ڪنهن کي وڻندي ۽ ڪنهن کي ڪنڊي وانگر ڇپندي ۽ ڪنهن کي ڪانُ تي ڪک ۾لڳندي. اهو سڀ هن ڪتاب ۾ ان ڪري اوتجي آيو آهي، جو اهو سڀ آغا صاحب جي مشاهدي ۾ آيل آهي. آغا صاحب جي سنڌ جي سياست ۽ تاريخ سان به ذهني ويجهڙائي هن ڪتاب مان محسوس ٿئي ٿي. ممڪن آهي ته ڪن واقعن ۽ ڪن شخصن لاءِ هيءُ ڪتاب اڇي چٺي برابر هجي، پر سنڌ لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ دور جي تاريخ جو شاهد ضرور بڻبو، ڇاڪاڻ ته اهو دور آغا صاحب جي هڪ ڪاموري جي حيثيت ۾ خود شراڪت جو دور آهي ۽ ان دور جي ڪن شخصن کي چيڙائڻ جو سبب به هيءُ ڪتاب بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي شخص يا سماج هن ڪتاب ۾ جيئن جو تيئن بنا ڪنهن ٺاهه ٺوهه جي آيا آهن ۽ نهايت جرئتمنديءَ سان انهن کي اظهاريو ويو آهي. ان لاءِ آغا صاحب گهڻو جس لهڻو، ها ان ڪري هن ڪتاب لاءِ اهو چوڻ به مناسب ٿيندو ته سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.
۽ اهڙي سچ چوڻ جي ستي آغا شهاب الدين کي ڄمندي ئي پياري وئي هوندي، ڇاڪاڻ جو آغا صاحب سنڌ جي هڪ نهايت ئي اهم سياستڪار ۽ تعليمدان آغا تاج محمد جهڙي سنڌ-دوست جي گهر ۾ جنم ورتو. ان ڪري سنڌ دوستي هن جي دل ۽ دماغ ۾ گڏوگڏ، رت وانگر گردش ڪندي آهي ۽ جڏهن اها ظاهر ٿي آهي ۽ پني تي اوتجي آئي آهي ته ”شهاب نامي“ جي صورت وٺي بيٺي آهي. ان ڪري هن ڪتاب کي سنڌ دوستيءَ جو هڪ دستاويزي ثبوت به چوڻ گهرجي ۽ هن کان اڳ اهڙا دستاويز آغا صاحب سنڌي ماڻهن کي ڏنا به آهن. هاڻ جڏهن هو پاڻ نه رهيو آهي، تڏهن سندس حياتيءَ جو ڪجهه حصو هن ڪتاب ۾ محفوظ ٿي ويو آهي، جيڪو ڇپيل صورت ۾ کيس ڏسڻ جي خواهش هئي، جيڪا پوري نه ٿي سگهي ۽ انسان جون سڀ خواهشون پوريون به ڪٿي ٿيون ٿين. شايد هي آغا صاحب جي اهڙي ئي خواهش هئي، جنهن لاءِ غالب فرمايو هو ته ”هزارين خواهشين ايسي ڪه هر خواهش په دم نڪلي.“
آغا صاحب جو ساهه ته هليو ويو پر شهاب نامو، اهو ويساهه ڏياري ٿو ته هو شخص عمر جي آخري گهڙيءَ تائين سنڌ سان، سنڌي ادب سان ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندو رهيو ۽ پنهنجي حياتيءَ کي پڻ سنڌيءَ ۾ قلمبند ڪندو رهيو.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ نهايت خوبصورت پڪي جلد ۽ لاجواب ڪاغذ تي ڇپيو آهي، جيڪو آغا صاحب جي فرزند ڊاڪٽر آغا تاج محمد جي ڪوشش سان ئي ڇپيو آهي. سندس خاندان جس لهڻي جن هيءُ سهڻو ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنو آهي. ڪتاب کي سهڻو ڪري ڇاپڻ جو سهرو سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سر تي آهي. ڪتاب تي ڪو به ملهه لکيل نه آهي، ان ڪري ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود نه آهي. مان اهو ضرور چوڻ چاهيان ٿو ته هي املهه ڪتاب ڪنهن به طرح مارڪيٽ ۾ موجود هجڻ هجڻ گهرجي. ٻيءَ صورت ۾ هيءُ پڙهڻ جهڙو ڪتاب پڙهڻ کان رهجي ويندو ۽ ڪجهه شخصي ڪٻٽن جو قيدي بڻجي ويندو ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته آغا شهاب الدين جي روح کي به تڪليف ايندي ۽ ”شهاب نامو“ اها مڃتا به ماڻي نه سگهندو جيڪا هو لهڻي ٿو.

No comments:

Post a Comment