28/06/2013

هڪ سؤ عظيم ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



جڳ مشهور ليکڪ جان ڪيننگ جو ڪتاب
هڪ سؤ عظيم ڪتاب
رکيل مورائي
سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل هيءُ ڪتاب جنهن جو نالو آهي، ”هڪ سئو عظيم ڪتاب“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ بيمثال پذيرائي ماڻي چڪو آهي. جان ڪيننگ جو سهيڙيل هيءُ ڪتاب دنيا ۾ الڳ الڳ ٻولين ۾ شايع ٿيل اهڙن هڪ سئو ڪتابن جي چونڊ آهي، جن سڀني ڪتابن کي دنيا ۾ مختلف عملن ۽ پهلوئن ڪري گهڻي اهميت وارو ڄاتو ويو آهي، پوءِ به سهيڙيندڙ پنهنجي نوٽ ۾ ايمانداريءَ سان واضح ڪيو آهي ته ڪي ڪتاب اهڙا آهن جن بابت هُن جي شخصي پاسخاطري موجود آهي، تنهن هوندي به هن ڪتاب جي اهميت کي سموري دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي. الڳ الڳ موضوعن ۽ علمن سان واسطو رکندڙ دنيا جا هڪ سئو عظيم ڪتاب، جيڪي هن گڏيل تبصري ۾ شامل آهن، انهن مان ڪيترن سنڌي پڙهندڙن کي پڻ موهيو آهي. جان ڪيننگ ڪتاب ۾ شامل هڪ سئو ڪتابن تي جيڪي تبصرا لکيا آهن، اهي گهڻي ڀاڱي ڪتاب جي سموريت کان پڙهندڙن کي واقف ڪن ٿا، ڪنهن به ڪتاب تي ائين تبصرو لکڻ هر ليکڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي.

بيحد گهڻي مشهور ي ماڻيندڙ هن ڪتاب ۾ جان ڪيننگ اهو پڻ  ڄاڻايو آهي ته هو هرو ڀرو انهن ڪتابن کان متاثر نه آهي، جن وڪري جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هُن ڪتاب جي علمي ۽ تخليقي اهميت تي ڪتابن جي چونڊ ڪئي آهي. سنڌيءَ ۾ هيءُ ڪتاب ترجمو ڪري ڇپائڻ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ هڪ وڌيڪ تعريف جو سبب بڻبو، ساڳئي وقت گهڻي وقت کان پوءِ هڪ اهم ترجمو سنڌي ادب لاءِ پڻ سڀاڳ جي نشاني آهي. سنڌي پڙهندرن لاءِ هيءُ ڪتاب دنيا جي علمن جو هڪ ننڍڙو روشن ڏيئو آهي، جنهن جي روشنيءَ کي هو پڪ سان محسوس ڪندا ۽ ان کي پنهنجي علمي روشني وڌائڻ لاءِ استعمال ڪندا. هن بي بها ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻيندڙ آهي، اسان جو تعريف لائق دوست مترجم محمد احمد منصور عباسي، جنهن گهڻي محنت ۽ محبت مان هيءُ ڪتاب ترجمو ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو گهڻو گهڻو جس لهڻي. کانئس اميد ڪجي ٿي ته هُو پنهنجي امڙ جي ٻوليءَ کي ٻيا به اهڙا بي بها ڪتاب آڇيندو ۽ سنڌي بورڊ هيءُ ڪتاب ڇاپي سنڌي پڙهندڙن لاءِ دنيا جي علمن مان هڪ شاهڪار ڪتاب پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ بورڊ جي انتظاميا گهڻو گهڻو جس لهڻي. پوڻن نون سئو صفحن جو هيءُ شاهڪار ڪتاب سٺي پني تي، پڪي جلد ۽ اکين کي وڻندڙ ميرون رنگ واري ٽائيٽل سان ڇپيل ڪتاب جو مُلهه 700 رپيا آهي، پر سچ اهو آهي ته هيءُ ڪتاب پنهنجي مُلهه کان گهڻو مٿاهون آهي.

No comments:

Post a Comment