02/01/2014

ڊاڪٽر شاد ــ گھڻو رخو محقق - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ جو پيش لفظ
ڊاڪٽر شاد ــ گھڻو رخو محقق
رياضت ٻرڙو
پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جي تون چوندين ماءُ،
تـوکـي اهـڙو ســاءُ، ڏيـنــدي ٻِــي ٻـولـي ڪـٿــي. (اياز)
اسان کي اهو ساءُ، اسان جي سنڌي مادري ٻولي ڀرپوريت سان ڏي ٿي. ’ماءُ‘، ’امڙ‘، ’امان‘، ’آئِي‘، ’آيَـلِ‘، ’جِيجل‘، ’جِيجي‘، ’جِيجان‘... ڪهڙا نه مٺڙا ۽ موهڻا لفظ آهن جيڪي اسان جي هانوَ ۾ پيهي ٿا وڃن!
مـون سـي ڏٺــا مــاءِ، جـنـيـن ڏٺو پـريـن کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي. (شاهه)

اها اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي خوبي آهي جو اها هڪ ئي لفظ جي معنى جا انيڪ ۽ وڻندڙ لفظ اسان کي آڇي ٿي، پر ٻيون پڻ ڪيئي خوبيون ۽ خاصيتون سهڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ هر طرح سمايل آهن، جن مان ڪِن خوبين بابت اسان ڄاڻي سگهيا آهيون، ته ڪجهه بابت کوجنا اسان جا عالم، محقق، اديب ۽ لسانيات جا ماهر ڪري رهيا آهن. انهن سڄاڻ ۽ ڏاهن محققن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڌرتيءَ سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي محققن ڪم ڪيو آهي، جن ۾ خاص طور ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، واحد بخش شيخ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو ۽ آفتاب ابڙو شامل آهن. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ان تسلسل کي سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب، محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ پنهنجي نئين ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ ذريعي اڳتي وڌايو آهي.1950 جي ڏهاڪي ۾ شڪارپور مان لاڙڪاڻي لڏي آيل ڊاڪٽر ”شادَ“ لاڙڪاڻي ۽ ڄامشوري مان تعليم پِرائڻ بعد، تعليم کاتي ۾ 1975ع ۾ ليڪچرر طور اچڻ کان وٺي 2002ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ٿيڻ تائين ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون جي لائق ۽ هوشيار استاد طور پڙهايو، ان دوران 1989ع ۾ هن ڊاڪٽريٽ (پِي ايڇ.ڊِي) جي ڊگري ”مولانا ثناء اللھ ثنائيءَ جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ عنوان تحت نامور محقق ۽ ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ جي باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪئي. رٽائرمينٽ بعد زيبسٽ لاڙڪاڻي ۾ پڻ ڪجھ سال تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون.
لکڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ سڄي ڄمار گذاريندڙ ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ انيڪ اڀياسي مضمون ۽ تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيتوڻيڪ هن ڪوِتا-ڪاڪ جا سير پڻ ڪيا آهن ۽ ڪهاڻيءَ جي ديويءَ کي پڻ ريجهايو آهي. سندس تخليقون ۽ ترجما 14 مختلف ڪتابن جي روپ ۾ پڌرا ٿيل آهن. گڏوگڏ هُو لاڙڪاڻي جي مشهور ادبي اداري ”سچل ادبي مرڪز“ جو روح روان، باني ۽ صدر آهي ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۾ پڻ سرگرم رهيو آهي، جڏهن ته پاڻ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ لاتعداد ادبي ۽ علمي پروگرامن ۾ مختلف حيثيتن ۾ شرڪت ڪئي اٿائون.
ڊاڪٽر ”شاد“ جي هن ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ ۾ 11 مضمون/مقالا شامل آهن، جيڪي موضوعي سٽاءَ موجب ٽن ڀاڱن ۾ ونڊيل آهن. پهرين ڀاڱي ”سنڌي ٻولي“ ۾ 3 مضمون شامل آهن. انهن مان پهرئين مضمون ”ٻولين جا باهمي رابطا (سنڌي ٻوليءَ جو جائزو)“ ۾ مختلف ٻولين جي هڪٻئي تي پوندڙ اثرن ۽ انهن جي ڪارڻن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ عربيءَ، فارسيءَ، انگريزيءَ، هنديءَ ۽ ترڪي ٻولين مان شامل ٿيل لفظن جي مختصر لَڙهي ڏني وئي آهي. ٻئي مضمونَ ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيلهي لفظن جي اهميت“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهم خوبيءَ جو اڀياس ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ لفظ پٺيان ٻيو لفظ ڳنڍجي پهرئين لفظ جي معنى ۽ مفهوم کي وسعت ڏيندو آهي. انهن لفظن مان ”نياڻي سياڻي“، ”ڏُڌ پُٽ“، ”کير کنڊ“، ”هڙئون وڙئون“، ”داڻو پاڻي“، ”مڇي ماني“، ”خون کٿوري“، ”کاٽُو پُٽ“، ”اٽو، لٽو ۽ اجھو“، ”مرڻو پرڻو“ ۽ ”هڻ کڻ“ جي سمجھاڻي ۽ تشريح ڏني وئي آهي. ٽئين مضمون ”هڪ لفظ جون گھڻيون معنائون ۽ هڪ معنى لاءِ گھڻا لفظ“ ۾ ادبي ٻوليءَ جي ٻن معيارن جو مطالعو پيش ڪيل آهي، جنهن موجب سنڌي ٻولي پڻ انهن ٻن معيارن تي، ڄاڻايل مختلف مثالن موجب، پوري لهي ٿي، تنهنڪري سنڌي به معياري ادبي ٻولي آهي.
ٻئي ڀاڱي ”سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا“ ۾ پڻ 3 مقالا شامل آهن. پهرئين مقالي ”سنڌي ٻوليءَ جا ڪجهه منفرد ۽ غير معمولي پهاڪا“ ۾ 38 پهاڪن کي مطالعي هيٺ آندو ويو آهي. ٻئي مقالي ”سنڌي ٻوليءَ ۾ پس منظر تي مشتمل پهاڪا، چوڻيون، محاورا، ورجيسون“ ۾ 23 پهاڪن وغيره جي پس منظر تي روشني وڌي وئي آهي، ته جيئن اسان کي انهن جي جُڙڻ بابت بنيادي ڄاڻ حاصل هجي. ٽئين مقالي ”سنڌي ٻوليءَ ۾ جانورن، پکين ۽ جِيتن سان منسوب پهاڪا“ ۾ 65 پهاڪن کي سهيڙيو ۽ سمجھايو ويو آهي. ڪتاب جو هيءُ ڀاڱو بيحد دلچسپ مطالعي تي مشتمل آهي.
ڪتاب جي ٽئين ۽ آخري ڀاڱي ”سنڌي ٻوليءَ جا اصطلاح“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڌيڪ خوبيءَ ’اصطلاح‘ بابت 5 مضمون/مقالا پيش ڪيل آهن، جيڪي انساني عضوَن، شادي غميءَ سميت ٻين رسمن، انگن وغيره بابت آهن. انهن مضمونن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اِن اهم ذخيري جون انيڪ لسٽون ڏئي، انهن جي معنى لکي وئي آهي. انهن مضمونن ۾ اصطلاحن جي هيءَ سهيڙ پڻ ڏاڍي وڻندڙ آهي.
پڌرو آهي ته ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ جو هي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪندڙ، اديبن، محققن، استادن، شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ پڻ هر طرح لاڀائتو ثابت ٿيندو، شرط فقط اهو آهي ته اهي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان محبت کي من ۾ سمائي هي ڪتاب پڙهن.
علم ۽ تحقيق جي واڌاري لاءِ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ ڪم ڪندي رهي آهي. ڊاڪٽر ”شاد“ جو هي ڪتاب پڻ ان سلسلي جي اهم ڪَڙي آهي.

No comments:

Post a Comment